تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

مذهب جي ضرورت (ول ڊيورانٽ جي خيالن جي روشنيءَ ۾) : محمد انس راڄپر

ول ڊيورانٽ پنهنجي ڪتاب The Lessons of history ۾ تاريخ جي مطالعي مان حاصل ڪيل نتيجا مرتب ڪيا آهن. ڪتاب جي آخري مضمون ۾ هن هي تجزيو ڪيو آهي ته ڇا عهد قديم برتر آهي يا عهد جديد، جنهن ۾ هن عهد جديد کي ئي برتر قرار ڏنو آهي. ان لاءِ هن قديم ۽ جديد دورن جي حالتن ۾ ڀيٽ به ڪئي آهي. آخر ۾ لکيو اٿس ته موجوده دور جي ترقي يافته يا برتر هجڻ جو سبب اهو ناهي ته اسين پيدائشي طور تي ماضي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي بنسبت وڌيڪ صحتمند آهيون ۽ زياده عقل مند آهيون. بلڪ هي ترقي ته ان ڪري ئي آهي ته اسان ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ زياده قيمتي، علمي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جا مالڪ آهيون ۽ اسين پيدائشي طور تي ان بلند مقام تي فائز ٿي چڪا آهيون جيڪو اسان جي بقا جي بنياد ۽ استحڪام جي لاءِ علوم ۽ فنون جي جمع ٿيڻ سببان قائم ٿيو آهي. جيئن جيئن تمدني ورثي جي سطح بلند تر ٿيندي ويندي تيئن تيئن ان جي وارث انسانن جو رتبو به بلند ٿيندو ويندو آهي. تاريخ ٻين ڳالهين سان گڏ انهيءَ ورثي جي تخليق، تدوين ۽ ان کي لکڻ جو نالو آهي ۽ ترقي ان ورثي ۾ اضافي ۽ ان جي حفاظت، اشاعت ۽ استعمال کي چيو ويندو آهي. جيڪڏهن تاريخ جو مطالعو اسان محض انساني حماقتن ۽ ڏوهن جي يادگيري ۽ ان جي خلاف تنبيهه سمجهي نه بلڪ تخليق ڪارن جي حوصله افزا يادگيري جي طور تي ڪيون ته ماضي پريشان ڪندڙ ڀوت گهر نظر اچڻ بجاءِ هڪ ملڪوتي شهر نظر ايندو. هڪ اهڙي وسيع ۽ ويڪري مملڪت، جتي هزارين ولي، مدبر، موجد، سائنسدان، شاعر، مصور، موسيقار، عاشق ۽ فلسفي هاڻي تائين زنده ۽ مصروف عمل آهن.
ول ڊيورانٽ جي وضاحت مطابق اسان جي هيءُ تمدن ۽ ترقي اسان جي ابن ڏاڏن جي محنت جو ثمر آهي. ماضيءَ جي گذريل انسانن جو پوکيل فصل جڏهن اسان لڻيو آهي ته ان جي لاڀ ۾ اسان کي هي اسان جي تمدن ۽ ترقي نصيب ٿي آهي. انسان پنهنجي نموني ترقيءَ جي ان سفر ۾ منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئي نظريا تخليق ڪيا ۽ ڪيترا ڪشالا ڪاٽيا، محنتون ڪيون ۽ هر وک پنهنجي مقصد ڏانهن ۽ صحيح سمت ڏانهن کنئي، ڀلي کڻي انسان کي ان سفر جي دوران ڪيئي بحران سامهون آيا ۽ انتشار ۽ فساد جا زمانا ان تي گذريا، ڪوڙ ۽ فريب جي ساٿارين طرفان رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون. انسان جي هر نئين فڪر، نئين نظريي، سوچ ۽ سچ تي انهن وار ڪيا پر نيٺ سچ جي سوڀ انسان کي هن ترقي يافته تمدن جي سوکڙي عطا ڪئي. ان اڻٿڪ جدوجهد ۾ انسان جي هر قسم جي ضرورتن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪيئي تجربا ٿيا: ڪيترن قسمن جي سياسي حڪومتن، اقتصادي اصولن ۽ اخلاقي ضابطن تي عمل ڪيو ويو جن جي نتيجي ۾ سياسي حڪومتن ۾ جمهوريت کي يا وري سوشل ازم جي حڪومتي ۽ اقتصادي نظريي کي مختلف ماڻهن جي سوچن مطابق ڪامياب تجربو سمجهيو ويو. پر ڇا دنيا ۾ ڪو اهڙو ڪامياب ضابطه اخلاق آهي جنهن جي تحت ماڻهن کي اخلاقي ڇڙواڳيءَ کان بچائي سگهجي؟ يورپي قومون جن کي اعليٰ تمدن رکندڙ قومون تسليم ڪيو وڃي ٿو ڇا اهي گذريل اخلاقي ضابطن جي ڀيٽ ۾ ڪو مضبوط ۽ فاتح عالم اخلاقي ضابطو پيش ڪري سگهيون آهن؟ ان جو جواب آهي نه. ول ڊيورانٽ جي بقول ته اسان جي دور تائين تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو نمايان مثال نه ٿو ملي ته ڪنهن معاشري مذهب جي مدد کان سواءِ ڪاميابيءَ سان اخلاقي نظم ۽ ضبط قائم ڪيو يا برقرار رکيو هجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اخلاقي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ لاءِ مذهب جو سهارو اڻٽر آهي ۽ ضابطه اخلاق جي لحاظ کان مذهب کي تاريخ ڪامياب قرار ڏئي چڪي آهي. جڏهن مذهب کي ان معاملي ۾ ڪاميابي نصيب ٿي آهي ۽ ان جي تبادلي ۾ ٻيو ڪوبه اخلاقي ضابطو پيش نه ٿي سگهيو آهي ته پوءِ ڪهڙي سبب جي ڪري مذهب جي خلاف اسان وٺ وٺان لائي ڏني آهي ۽ ڪات ڪهاڙا کڻي مذهب جي پٺيان ڇو پيا آهيون!؟ مذهب کي ناڪاره ڪهڙي استدلال تحت ثابت ڪري رهيا آهيون؟ اها جدا ڳالهه آهي ته روايتي مذهب جي فساد ۽ خرابي ۽ توهم پرستيءَ جي باري ۾ توهان هزار دليل پيش ڪري سگهون ٿا ۽ اها حقيقت به آهي ته مذهب جي نالي ۾ تاريخ ۾ وڏيون زيادتيون ڪيون ويون آهن ۽ مذهبن کان برابر حڪمرانن جي خلاف بغاوتن کي ٿڌي ڪرڻ جو ڪم ورتو ويو آهي.
تنهن هوندي به مذهب جي مثبت پهلوئن تي تاريخ جون ڪيتريون شاهديون پيش ڪري سگهجن ٿيون. ان ڪري مذهب جي نالي تي گهڙيل منفي ڳالهين کي پاسي تي رکي، مذهب جي خلاف پروپئگنڊا ان ڪري نه ڪرڻ گهرجي جو هو اخلاقي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان سلسلي ۾ ول ڊيورانٽ وڌيڪ چوي ٿو ته اسان مذهب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ خوب بغل وڄايون پر ڇا مذهب کان ڌار اسين ڪو اهڙو فطري اخلاق تشڪيل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون جنهن ۾ ايتري قوت هجي جو اهو اسان جي شين جي حصول ۾ جهيڙي جهٽي ۽ جنسي جبلتن تي ڪنٽرول رکي سگهي؟ ته جيئن اسين پنهنجي جبلي تقاضائن جي زير اثر پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي لالچ، ڏوهه ۽ جنسي ڇڙواڳيءَ جي دلدل ۾ نه ڌڪي ڇڏيون. ول ڊيورانٽ جيتوڻيڪ انهن ۽ ڪيترن ٻين سوالن کان پوءِ مذهب کان نجات حاصل ڪندڙ جديد تمدن جي برتري ثابت ڪئي آهي پر پوءِ به هي اقرار ڪري ٿو ته اها اخلاقي بي راهه رويءَ جو خاتمو نه ڪري سگهي آهي. ان جڳهه تان ول ڊيورانٽ جهڙي محقق کي ايئن گذري نه وڃڻ کپي، بلڪ ان مقام تي بيهي سوچڻ کپي ته ان جا نتيجا ڪيترا اگرا نڪرندا ۽ انهن کان بچاءُ ڪيئن ٿيندو. ول ڊيورانٽ پاڻ ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ تمدن جي تباهيءَ جو اهم ترين سبب هي ٻڌائي چڪو آهي ته جڏهن ڪنهن قوم مان اخلاقي ضابطا ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ۽ اخلاقي بي راهه روي پيدا ٿيندي آهي ته ان وقت کان تمدن جي تباهي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ان مان ثابت ٿيو ته اسان جو تمدن جنهن کي اسين ترقي يافته مڃون ٿا ۽ ان تي فخر پڻ ڪيون ٿا اهو پنهنجي تباهيءَ جو سامان پاڻ سان گڏ کنيون ويٺو آهي ۽ ان طرح جنهن تمدن تي اسين خوش آهيون اهو پنهنجو پاڻ اندرئون ئي اندر تباهه ٿي رهيو آهي ۽ اسين بغل ٿا وڄايون ته اسين مذهب کان ڇوٽڪارو وٺي چڪا آهيون ۽ ترقي يافته ۽ متمدن، بلڪ الائي ڇا ڇا ٿي ويا آهيون!!
مغربي قومن جي پوئلڳيءَ ۾ اسان جا ماڻهو ته تمدني ترقي، آزادي ۽ مذهب کان ڇوٽڪارو سمجهن ئي جنسي بي راهه روي ۽ اخلاقي ڇڙواڳيءَ کي ٿا. منهنجي هنن سٽن لکڻ جو مقصد اهو ڪونهي ته مان ڪو موجوده سائنسي ترقي، علمي ترقي يا موجوده ترقي يافته تمدن جي مادي سٺائين کي نه ٿو مڃان، پر مان ان جو هزار ڀيرا اقرار ٿو ڪيان ته موجوده تمدن (مادي ترقيءَ جي حوالي سان) انسان لاءِ سهولتن جو ڀنڊار آهي ۽ منهنجي اها خواهش آهي ته هي تمدن اڃا به ترقي ڪري، پر مان اخلاقي ڇڙواڳيءَ جي مهلڪ مرض جي نتيجي ۾ هن متمدن (تهذيب يافته) دنيا جي تباهيءَ جي خطري کان خوفزده آهيان ته ڪٿي اسان جو تمدن جلد تباهه ڪن طوفان جي ور نه چڙهي وڃي. ان پس منظر جي تحت اهو ضروري ٿي پوي ٿو ته اسان پنهنجي تمدن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن اهڙي نظريي جو بنياد مهيا ڪيون جيڪو اهڙن اخلاقي قدرن ۽ مستقل بنيادن تي قائم هجي جيڪي مڪمل طور تي عوام کي رضاڪارانه طور اخلاقي، معاشي ۽ معاشرتي قانونن مٿان عمل ڪرڻ تي آماده ڪري سگهن. انساني معاشري جا ڪجهه اهڙا باريڪ اخلاق به هوندا آهن جن تائين قانون جي رسائي ممڪن نه هوندي آهي. ان لاءِ اخلاقي ضابطن کان مدد وٺڻي پوندي آهي، ان ڪري جڏهن به ڪا قوم اخلاقي ڇڙواڳيءَ ۾ مبتلا ٿيندي آهي ته ان مان انتظامي قانون جو احترام به ختم ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح انهن مان اعليٰ اجتماعي مقصدن تي قربان ٿيڻ جو جذبو گهٽ ٿي ويندو آهي ۽ حقير قسم جي هوس پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ خود غرضي ۽ مفاد پرستي جنم وٺندي آهي. اهڙي قسم جي اخلاقي ڇڙواڳيءَ واري دور جي معاشرتي ابتريءَ جو ذڪر ڪندي ول ڊيورانٽ لکي ٿو ته ان ابتريءَ واري دور ۾ حب الوطنيءَ جا جذبا به ٿڌا ٿي ويندا آهن ۽ تمام گهٽ ماڻهو هي محسوس ڪندا آهن ته پنهنجي ملڪ لاءِ جان ڏيڻ نهايت قابل عزت ۽ عظيم ڪارنامو آهي، بلڪ اڃا به ايئن چئجي ته اهڙي دور ۾ حب الوطني ۽ ملڪي وقار ۽ ناموس کي پنهنجي حقير مقصدن جي حصول جو ذريعو بنايو ويندو آهي. انهن المناڪ ۽ تلخ حقيقتن جو مشاهدو پنهنجي ملڪ جي موجوده حالتن مان سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري جيستائين اخلاقي ضابطي لاءِ ڪو سهارو نه ڳولبو تيستائين حڪومتي نظم ۽ ضبط اهڙي انتشار جو شڪار ٿي ويندو جنهن کي طاقت جي زور تي به ضابطي هيٺ آڻي نه سگهبو. Prof. Howteog جي لفظن ۾ ته جيڪا شيءِ هڪ معاشي نظام کي ٻئي معاشي نظام کان ممتاز بنائيندي آهي اها هي آهي ته ان نظام ۾ اهي ڪهڙا اندر کي اُڀاريندڙ جذبا آهن جيڪي ماڻهن کي ڪم ڪرڻ تي آماده ڪندا آهن. ان ڪري اسان پنهنجي سياسي، اقتصادي ۽ انتظامي لحاظ کان متمدن سماج کي گذريل سماجن جي ڀيٽ ۾ برتر تڏهن ثابت ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان وٽ انهن کان وڌيڪ مضبوط اخلاقي بنياد هجن ۽ اهي مضبوط اخلاقي بنياد مذهب ۾ ئي ڳولڻ سان ملي سگهن ٿا. ان ڪري هت مان مذهب جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
ول ڊيورانٽ لکي ٿو ته مذهبي سخت گيري ۽ مذهبي آزاد روي (جذبن ۽ خواهشن جو تابع هجڻ يا انهن کان مڪمل آزادي) هڪ باهمي ردعمل جي سببان هڪ ٻئي جي پٺيان ايندا رهيا آهن. اصل ۾ ول ڊيورانٽ تاريخ جي هڪ مبصر جي طور تي پريشان حال نظر اچي ٿو. ان ڪري سڀ کان پهريائين مان هي واضح ڪرڻ گهران ٿو ته عام طور مذهب جو تجزيو غلط انداز سان ڪيو ويو آهي. مغربي مفڪر يا اسان جا جديد مفڪر مذهب جي سڀني دورن کي هڪ نظر سان ڏسن ٿا. مذهب جي بگڙيل صورت جي خطرناڪ فساد جي مدنظر هو سموري مذهبي تاريخ کي داغدار ثابت ڪن ٿا. حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ، حضرت محمد ﷺ ۽ اهڙين ٻين عظيم انسانن کي هو عظيم مذهبي اڳواڻ مڃن ٿا، پر هوڏانهن وري مذهب کي مورڳو تنگ نظر ۽ فرقي پرست سمجهن ٿا. ان طرح سندن نظر ۾ حضرت محمد ﷺ، حضرت عيسيٰ ، حضرت موسيٰ وغيره تنگ نظر فرقيوارانه مذهبن جا پيشوا بڻجن ٿا ته پوءِ ڇا اُهي عظيم انسان رهندا؟ جڏهن ته اهي عظيم انسان عظيم ترين فڪرن ۽ نظرين جا پيامبر هيا. قرآن ۾ آهي ته حضرت موسيٰ ٻاهران ڪنهن سفر تان جڏهن موٽيو ۽ پنهنجي قوم کي هڪ نئين توهم پرستي ۽ بت پرستي (ڳئونءَ جي پوڄا) ۾ مبتلا ڏٺائين ته حضرت هارون کي مارڻ لڳو ته پاڻ هنن کي ڇو نه سمجهايو؟ ته حضرت هارون چيس ته مون کي خطرو هيو ته متان فرقن ۾ ورهائجي وڃن (96-20) اهو ٻڌي حضرت موسيٰ بس ڪئي. ڏسو ته هڪ پيغمبر قوم کي بت پرستيءَ کان ان خوف ۾ نه پيو روڪي ته اهي اختلافن ۾ پئجي ويندا ۽ فرعون کان نجات حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي ۽ جڏهن آزاد ٿي ويندا ته ازخود هنن مان توهم پرستيون ختم ڪرڻ آسان ٿي وينديون. ته ڇا فرعون کان پنهنجي قوم کي نجات وٺي ڏيندڙ موسيٰ عليه السلام تنگ نظر فرقيوارانه مذهب جو اڳواڻ هيو؟ ۽ ڇا اهو حضرت عيسيٰ، جنهن هي اعلان ڪيو ته ”اي بار کان دٻيل مزدورو! اچو مان توهان کي آرام ڏيندس.“ تنگ نظر ۽ قدامت پرست مذهب جو اڳواڻ هيو؟ ڇا اهو عيسيٰ تنگ نظر فرقيوارانه مذهب جو اڳواڻ هيو جنهن پنهنجي دور ۾ مذهبي ڪارن ڪرتبن تي هنن لفظن ۾ تنقيد ڪئي ته: ”اهي اهڙا ڳورا وزن، جن کي کڻڻ مشڪل آهي، ٻڌي ماڻهن جي ڪنڌن تي رکن ٿا مگر پاڻ آڱر به هلائڻ نه ٿا چاهين. اهي پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن ڇو ته اهي پنهنجا تعويذ وڏا بنائن ٿا ۽ پنهنجي پوشاڪ جا ڪنارا وڏا رکن ٿا.“ اڳتي انهن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: ”اي ريا ڪار فقيهو! فريسيو! توهان تي افسوس جو توهان بيواهن جي گهرن کي دٻائي ويٺا آهيو ۽ ڏيکاءَ خاطر نمازون ڊگهيون ٿا ڪيو، توهان کي زياده سزا ملندي.“ اڳتي انهن سفيد جبه پوشن کي سفيد قبر سان تشبيهه ٿو ڏئي جنهن جي اندر مردن جا هڏا ۽ نجاست هوندي آهي. (انجيل مقدس) ڇا اهو حضرت محمد ﷺ جيڪو ايران ۽ روم جي شهنشاهن کي لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن توهان منهنجي پروگرام تي ايمان نه آندو ته پوءِ توهان مملڪت ۾ موجود هارين جي استحصال، ظلم ۽ ڪسمپرسي جا ڏوهي ٿيندؤ (اوهان کي انهن جي بغاوت سان منهن ڏيڻو پوندو.) ۽ جنهن پنهنجي دور ۾ ڏاچين چارڻ وارن سادن عربن کي دنيا جي قيادت ڪرڻ جي لائق بنايو. ڇا اهو تنگ نظر فرقيوارانه مذهب جو اڳواڻ هيو؟ جنهن اهڙو نظام حڪومت قائم ڪيو جنهن ۾ هڪ غير مسلم ان وقت جي خليفي حضرت عمر رضه وٽ ٽيڪس جي رقم کڻي اچي ٿو. خليفو پڇيس ٿو ته ڇا هن نظام تو لاءِ ڪجهه ڪيو به آهي؟ اهو غير مسلم چوي ٿو ته اڃا اهڙو موقعو ڪونه آيو آهي. ان تي خليفو چوي ٿو ته تون پنهنجي رقم واپس کڻي وڃ! جيڪو نظام رعيت لاءِ ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي ان کي ٽيڪس وٺڻ جو ڪوبه حق ڪونه ٿو پهچي. ڇا اهو حضرت محمد ﷺ جنهن پنهنجي نظام حڪومت جي سربراهه واري حيثيت ۾ پاڻ کي حاڪم چوائڻ پسند نه ڪيو، اهو تنگ نظر فرقيوارانه مذهب جو اڳواڻ هيو!؟ حقيقت ۾ حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ، حضرت محمد ﷺ ۽ ٻيا ڪيترائي خدا جا رسول جن تي لک لک خدا جون رحمتون ۽ سلام هجن، اهي اوهان کي پنهنجي مشاهدي ۾ آيل اهڙي تنگ نظر مذهب جا نه بلڪ اهو ڪجهه ٻيو هيو جنهن جا هو اڳواڻ هيا. اسان وٽ موجوده ٻيا مذهبي ڪتاب ته ڪيترين ٻولين مان ترجمو ٿي پنهنجي اصل شڪل وڃائي ويٺا آهن باقي قرآن جيڪو پنهنجي اصلي شڪل ۾ بنا تحريف جي موجود آهي ان ۾ ڪٿي به حضرت محمد ﷺ يا ٻين نبين جي پروگرامن کي مذهب نه چيو ويو آهي. قرآن ۾ نبين جي پروگرامن کي ”الدين“ جو نالو ڏنو ويو آهي. دين جو بنيادي پروگرام ”توحيد“ آهي. ان جي معنيٰ هونءَ ته تفصيل طلب آهي پر مختصر لفظن ۾ توحيد خدا کان سواءِ دنيا جي هر قوت جي اطاعت ۽ غلامي (عبديت) کان بغاوت جو نالو آهي. اڄڪلهه مروج لفظ ”آزادي“ به ان ئي معنيٰ جو مظهر آهي پر ان ۾ جيڪڏهن خدا جي اطاعت شامل ڪئي وڃي. ان طرح دين ان انقلابي پروگرام جو نالو آهي جنهن جو مقصد انساني آزادي آهي ۽ ان کان پوءِ ان جي روحاني سرچشمي ”حقيقت الڪل“ جي منزل تي سرفراز ڪرڻ دين جو مقصد آهي. عرف عام ۾ مذهب ان شيءِ جو نالو آهي جنهن ۾ مذهبي پيشوائن، ملن ۽ پيرن، جوڳين، قبرن، ڌاڳا تعويذ ڪندڙن ۽ وري حاڪمن، جاگيردارن، سرمائيدارن، سردارن مطلب ته دنيا جي هر مستبد سرڪش ۽ طاغوتي قوتن جي غلامي، اطاعت ۽ انهن جي رضا ۽ ظلم کي رضا الاهي ۽ تقدير سمجهي ان تي راضي رهڻ ۽ صبر ڪرڻ نه صرف جائز پر مذهبي فرض هجي. عام رواجي مذهب هميشه حڪمرانن جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ دين هميشه ظالم حڪمرانن جي خلاف بغاوت ڪئي آهي. مذهب بقول نيپولين جي غريبن کي اميرن جي قتل عام ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ دين هميشه اميرن، سردارن ۽ حڪمرانن جي پٽڪن ۾ هٿ وڌا آهن. مذهب هميشه سرڪش اميرن ۽ سردارن وٽ رهيو آهي ۽ دين کي هميشه غريبن قبول ڪيو آهي. ان ڪري هر دور جي سردارن، اميرن ۽ وڏيرن مذهب جو تحفظ ڪيو آهي ۽ دين جي مخالفت ڪئي آهي. حضرت ابراهيم نمرود جي خدائي اختيارن جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي ته ان جي مخالفت نمرود ۽ ان جي درباري سردارن ڪئي. حضرت موسيٰ فرعون جي خدائي اختيارن جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي ته ان جي مخالفت فرعون ۽ ان جي پارليامينٽ جي اميرن ڪئي. جنهن کي الله تعاليٰ ”قال الملاُ من قوم فرعون“ سان ياد ڪيو آهي. عيسيٰ عليه السلام جي مخالفت سندس وقت جي حڪمرانن ۽ انهن جي درٻاري اميرن ڪئي ۽ انهن ئي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڦاسيءَ جو منصوبو رٿيو. ان وقت جا مذهبي پيشوا ان ڪيس ۾ سڀ کان اڳڀرا هيا. حضرت محمد ﷺ جن جڏهن دين جو ڪم شروع ڪيو. تڏهن غريب ان جي چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا ۽ مڪي جا سردار پنهنجا ڪم ڇڏي ان جي مخالفت ۾ لڳي ويا. هر طرف کان ناڪاميءَ کان پوءِ آخري حربي طور دين کي مسخ ڪرڻ جي خيال سان دين جي قيادت کي خريدڻ جي به ڪوشش ڪيائون. پاڻ سڳورن کي سرداريءَ جون آڇون ڪيائون پر ان ۾ به ناڪام ٿيا ته پوءِ چيائون ته ڀلا اسان کي ان دين ۾ شامل ڪيو ۽ دين جي ڪجهه شقن ۾ جيڪي اسان جي خلاف آهن انهن ۾ ترميم ڪيو. قرآن ۾ آهي ته انهن چيو آيات بقرآن غير هذا او بلده من تلقاءَ نفسي (يعني) اهو قرآن ڇڏي ڪو ٻيو قرآن آڻ يا ان ۾ پنهنجي طرفان تبديلي ڪر! پاڻ سڳورن فرمايو: مون کي خدا جي عذاب جو خوف آهي مان ايئن نه ٿو ڪري سگهان. قرآن انهن سردارن جي لاءِ الملاُ، طاغوت ۽ اولي النعمه جو لفظ استعمال ڪيو آهي. ان ڳالهه جي ثبوت ۾ ٻيا به ڪيترا ئي مثال ۽ شاهديون پيش ڪري سگهجن ٿيون پر مضمون جي طوالت جي خوف کان انهن کي ڇڏيون ٿا. بهرحال اها مختصر وضاحت هن ڳالهه جي ثبوت لاءِ ڪافي آهي ته دين غريبن جو محافظ ۽ بالادست طبقي ۽ سرڪش امير طبقن جي لاءِ غضب جو نشانو رهيو آهي ۽ مذهب بالادست طبقي جو محافظ رهيو آهي. جڏهن به ڪنهن خطي ۾ ظلم ۽ فساد ٿيندو آهي، انسانيت ظلم جي چڪي ۾ پيسجي رهي هوندي آهي، ماڻهن کي غلام بڻائي رکيو ويندو آهي ۽ انهن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو ويندو آهي ته ان وقت ملاءَ اعليٰ (آسماني روحاني قوتون) انهن غريب ۽ بي پهچ انسانن جي نصرت، مدد ۽ تائيد ان صورت ۾ ڪنديون آهن ته پيغمبر ۽ انهن جا ساٿاري هي اعلان ڪري نڪري ايندا آهن ته ”نريد ان نمن عليٰ الذين استضعفوا في الارض ونجعلهم ائمه ونجعلهم الوارثين.“ (5-28) (يعني: اسين چاهيون ٿا ته جن ماڻهن کي ڌرتيءَ تي ڪمزور ڪري ڇڏيو ويو آهي انهن کي طاقت بخشيون ۽ زمين جي اڳواڻي ۽ مالڪي انهن جي هٿن ۾ ڏيون.) ۽ هي اعلان ڪندا آهن ته ”يتضع عنهم اِصرهم والاغلال التي ڪانت عليهم.“ (158-7) (طويل ترين غلامي جي ڪري انهن جي ذهنن تان غلامي جي ثقيل ۽ ڳرن بارن ۽ انهن جي ڳچيءَ ۾ پيل ڳٽن کي لاهي ڦٽو ڪرڻو آهي) ۽ ايئن پيغمبرن انسانيت کي ظلم ۽ جبر کان نجات ڏياري ۽ انسانيت جي اعليٰ مقام تي انهن بگڙيل انسانن کي پهچايو، جيڪي اڳي حيواني زندگي گذاريندا هئا. پيغمبرن جون اهي اسڪيمون ڪامياب ٿيون ته وري انهن کي ناڪام ڪندڙ ڌريون ٻيهر سرگرم ٿيڻ شروع ٿيون ۽ پوءِ انهن جڏهن دين جي پروگرام سان ٽڪرايو ته انهن دين جي مخالفت جي شروعات دين ۾ شامل ٿي انهن جي اصولن کي غير مؤثر بنائڻ سان ڪئي ۽ انهن اصولن جي پس منظر ۾ جيڪي حڪمتون رکيل هيون انهن کي هنن ديني اصولن مان خارج ڪيو. ان طرح ديني قدر ۽ اصول حڪمتن ۽ مقصديت کان کوکلا ٿي ويا. ان ئي هنڌان دين پنهنجي اصل حيثيت وڃائي فرسوده مذهب ۾ تبديل ٿي ويو. اهو دين جيڪو زيردست ۽ مظلوم طبقي جو محافظ ۽ انهن جي نجات جو پيغام کڻي ايندڙ هيو. اهو بالادست ۽ امير طبقي جو محافظ (مذهب) بڻجي ويو ۽ زيردست ۽ غريب طبقي جي استحصال جو بهترين ذريعو بڻجي ويو.
دين جي مخالفن دين کي اهڙي نموني سان مسخ ڪرڻ جي حرفت هن ڪري استعمال ڪئي ته جيئن غير محسوس نموني تحريف ڪري ديندارن جي اشتعال انگيز ردعمل کان بچي سگهجي ۽ ظاهربين ۽ سطحي نظر رکندڙ ماڻهن کي دين ۽ مذهب جي فرق جي خبر نه پئجي سگهي. ان طرح دين جا اعليٰ قدر تاريخ انسانيت جي اعليٰ ورثي مان اهڙي طرح غائب ٿي ويا جو وري ڪڏهن به ڪنهن دور ۾ انسانيت ان ورثي جو لاڀ حاصل نه ڪري سگهي.
مان پنهنجي ان تجزيي جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن تاريخ جو هي تجزيو پيش ڪيان ته غلط نه ٿيندو ته تاريخ دين ۽ مذهب جي ڪشمڪش جو نالو آهي. ڇاڪاڻ ته دين ڦريل طبقي جي مفادن جو محافظ نظريو آهي ۽ مذهب بالادست ۽ ڦورو طبقي جي مفادن جو محافظ آهي. ان ڪري ٿوري فرق سان منهنجو تجزيو ڪارل مارڪس جي تاريخ جي طبقاتي تجزيي جي عين مطابق آهي. ”ٿوري فرق سان“ مون ان ڪري چيو ڇاڪاڻ ته دين ۽ مذهب جي ڪشمڪش ۾ اخلاقي نظم ۽ ضبط ۽ اخلاقي ڇڙواڳيءَ جي ڪشمڪش به شامل ٿي وڃي ٿي جڏهن ته ڪارل مارڪس وٽ ڪي به مستقل اخلاقي قدر نه آهن.
ايران جي انقلابي دانشور ڊاڪٽر علي شريعتي پڻ مذهب جي باري ۾ انهن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ان اوريجنل مذهب ۽ مسخ شده مذهب جي اصطلاح ڪتب آندي آهي. هن اُن صورتحال کي ”مذهب مخالف مذهب“ ڪوٺيو آهي. علي شريعتي جو چوڻ آهي ته مذهب شروع ۾ هڪ انقلابي تحريڪ هيو جنهن جو مقصد طبقاتي معاشري کي بتدريج غيرطبقاتي معاشري ۾ تبديل ڪرڻو هئو. پوءِ صاحب اقتدار، صاحب مال ۽ دولتمند طبقي پنهنجي مفادن خاطر مذهب جي پيشوائن جي ملي ڀڳت سان مقدس ڪتابن جا اهڙا تفسير ڪرايا جو سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي انبيائن ۽ الاهي حڪيمن جو ڏنل مذهب عقيدن جي مابعد الطبعياتي تعبيرن، رسمن ۽ ظاهري احڪامن جي ادائگيءَ تي زور جي ڪري بي روح رسمن جو مجموعو ۽ مذهبي گروهه بنديءَ جو آکاڙو بڻجي ويو. اهو ئي تاريخ تي گهڻو عرصو غالب رهيو آهي ۽ هاڻي به اهوئي مسخ شده مذهب رائج آهي. پر قرآن مجيد جي حفاظت جو ذمون جيئن ته الله تعاليٰ پاڻ کنيو آهي ان ڪري دين جي حقيقي فڪر جي اُها ترقي يافته شڪل پنهنجي اصلي لفظن ۾ موجود آهي. انهيءَ انسان دوست فڪر جي پرچار ۽ تشريح نه صرف ٿيندي آئي آهي بلڪه ان روڳي مذهبيت جو مقابلو به ڪيو آهي.
جيڪڏهن دين (اوريجنل مذهب) هر دور ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان ان فرسوده مذهب سان مقابلي لاءِ صف آراءَ نه ٿيندو اچي ها ته شايد اڄ اسان جنهن تمدن جي برتري تي فخر ٿا ڪيون اهو اسان جي نصيب ۾ نه اچي ها. هونءَ به تعصب جي نظر کان هٽي ڪري جيڪڏهن ڏسبو ته حضرت محمد ﷺ جو آندل اسلامي انقلاب قديم غيرمهذب ۽ اڄوڪي مهذب جي وچ ۾ حد فاصل جي طور تي نظر ايندو ۽ محمد ﷺ مهذب دور جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ اتاهون کان ئي مهذب دور جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. ان ڪري هي دعويٰ ڪرڻ سؤ سيڪڙو صحيح ٿيندي ته مختلف ديني تحريڪن ۽ انقلابن انسانيت جي ارتقا ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجو هي تمدن جيڪو انسان جي هزارها سالن جي تاريخي جدوجهد جو ثمر آهي، ان جي بچائڻ ۽ ان کي ڊگهي عرصي تائين قائم رکڻ لاءِ دين جي اخلاقي ضابطن، اصولن مستقل قدرن کان فائدي حاصل ڪرڻ کان نٽائڻ ۽ ڪيٻائڻ نه گهرجي ۽ مذهبي تنگ نظري کان بچڻ جي چڪر ۾ دين جهڙي تاريخ جي عظيم ورثي ۽ خدائي نوازش کان محروم بڻجي وڌيڪ تنگ نظري جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي. ڊاڪٽر علي شريعتي جي هن چتاءَ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي ته ايندڙ صدي اوريجنل مذهب ۽ مسخ شده مذهب جي وچ ۾ جنگ جي صدي هوندي. ان طرح ول ڊيورانٽ جي هن قول ته، ”مذهب ۽ مذهبي سخت گيري ان دور ۾ پروان چڙهندي آهي، جڏهن سماجي ۽ معاشي قانون ۽ معاشرتي اصول ۽ انهن کي نافذ ڪرڻ وارو نظام ڪمزور ٿي ويندو آهي.“ جو اطلاق به مسخ شده مذهب تي ٿيندو. مذهب جي باري ۾ جيڪي به ڳالهيون مشهور آهن، اهي سڀ مسخ شده مذهب جو ڪرشمو آهن. انهن سڀني مذهبي بدمعاشين سان اوريجنل مذهب (دين) جو ڪوبه تعلق نه آهي. ان ڪري موجوده تمدن کي برقرار رکڻ لاءِ ته ان کي اخلاقي ۽ نظرياتي طور پختو بنياد مهيا ڪرڻ لاءِ دين (اوريجنل مذهب) کان استفادو حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي.

(سنڌ فورم جون 1998ع)