تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

انسانن کي هيرائڻ جو عمل ۽ تنقيدي شعور جي کوٽ جو تاريخي پسمنظر : سبط حسن

شينهن کي پڃري ۾ وجهڻ کان پوءِ سندس آڏو گاهه رکيو ويو ته جيئن هو اهو کائي پنهنجي بک مٽائي. ملازمن چڙيا گهر جي انچارج کي چيو ته شينهن گوشت خور جانور آهي، ڀلا اهو گاهه ڪيئن ٿو کائي سگهي! انچارج جواب ڏنو ته هتي کيس ان تي گذارو ڪرڻو پوندو......!!
پنهنجي آڏو گاهه ڏسي شينهن کي سخت حيرت ٿي. هن چيو ته هو گوشت خور آهي ۽ پنهنجو شڪار پاڻ ڪري کائيندو آهي. جيڪڏهن پنهنجو شڪار جهلڻ جي موڪل نه آهي ته به گهٽ ۾ گهٽ گوشت ته ڏنو وڃي.... ڀلا هي گاهه هتي ڇو رکيو ويو آهي....؟! ملازمن کيس سمجهايو ته هتي کيس گاهه تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو. شينهن اهو ٻڌي سخت بيعزتي محسوس ڪئي ۽ گاهه کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن بکيو رهڻ کان پوءِ شينهن پنهنجي شينهن هئڻ ۽ ان سان لاڳاپيل فخر واري احساس کي الڳ رکي ڪري پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ شروع ڪيو... ”آخر ڍور گاهه کائي به ته جيئرا رهن ٿا ۽ هو جڏهن انهن کي جهلڻ لاءِ ڊوڙي ٿو ته اهي ڪيڏو نه تيز ڊوڙي وٺن ٿا. آخر اها سڄي طاقت انهن ۾ گاهه کائڻ سان ئي ته ايندي آهي.“
شينهن چڙيا گهر جي ملازمن کي گاهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. ملازم انچارج وٽ ويا، انچارج چيو ته شينهن کي چئو ته گاهه ضرور ملندو، پر هاڻي ان لاءِ هڪ شرط آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته شينهن کي ٻليءَ وانگر ”ميائون“ ڪرڻي پوندي. شينهن کي اهو شرط ٻڌايو ويو. شينهن چيو ”ادا مان جهنگ جو بادشاهه آهيان ۽ منهنجي رڙين سان پورو جهنگ ٻري اٿندو آهي، ڀلا مان ڪيئن ٿو ٻليءَ وانگر ميائون ڪري سگهان؟! ايئن ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ناهي....!“
هڪ اڌ ڏينهن گذري ويو ته بک کان شينهن جا تارا ساوا ٿي ويا. هن پنهنجي سموري وڏائيءَ کي وساري پاڻ کي سمجهائڻ شروع ڪيو ته ”ان ريت ”هٺ ڌرمي“ کان ته هو مري ويندو. آخر ميائون ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. ان ۾ رهندو ته ساڳيو ئي شينهن. باقي آواز ڪڍڻ سان ڪو هو ٻلي ٿورو ئي بڻجي پوندو.“ هن ملازمن کي گهرايو ۽ انچارج کي ميائون ٻڌائڻ جو چيائين.
انچارج آيو ته شينهن ان جي آڏو ميائون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. انچارج کيس صلاح ڏني ته هو پنهنجي ميائونءَ کي بهتر ڪري ۽ جڏهن سندس ”ميائون“ ٻليءَ جي ميائون جي ويجهو ٿي وڃي تڏهن کيس گاهه وٺڻ جو حقدار سمجهيو ويندو. شينهن ڏاڍو احتجاج ڪيو پر سندس هڪ ٻه نه ٻڌي وئي.
جڏهن بک کان برو حال ٿي ويو، تڏهن شينهن پنهنجي ڀلائي انهيءَ ۾ ڄاتي ته هو پنهنجي ميائون کي بهتر بڻائي. هن ”رياضت“ شروع ڪئي. هوريان هوريان سندس ميائون چٽي ٿيڻ لڳي. آخر هن وڏي شفاف ڍنگ سان ”ميائون“ ڪري ئي ورتي. انچارج کيس شاباس ڏني ۽ سندس آڏو گاهه وجهڻ جي اجازت ڏني. شينهن گاهه کي وات هنيو، ان کي چٻاڙيائين، گاهه جي رس ۾ کيس ڏاڍو مزو محسوس ٿيو.
جيڪڏهن شينهن بک وگهي مري وڃي ها ۽ گاهه لاءِ ميائون نه ڪري ها ته چڙيا گهر وارا اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ها ته شينهن مري ويندا آهن پر گاهه نه کائيندا آهن ۽ نه ئي ميائون ڪندا آهن. ان ريت ممڪن هيو ته جهنگ جا باقي شينهن گاهه ۽ ميائون جي ذلت کان بچي وڃن ها.
II
جڏهن انسان جانورن کي هيرائڻ جو هنر سکي ورتو ته ان سبب پيداواري وسيلن ۾ واڌارو ٿيو. وسيلن جي گهڻائيءَ وڌ کان وڌ حاصل ڪرڻ جي هوس پيدا ڪئي ته طاقتورن، پاڻ جهڙن انسانن کي به هيرائڻ شروع ڪيو.
جانورن کي هيرائڻ، دراصل انهن ۾ موجود اهم ۽ ڪارائتين فطري صلاحيتن کي مخصوص اشارن جي تابع ڪرڻ هوندو آهي. مثال طور گهوڙي ۾ ڊوڙڻ يا ڇڪڻ جي صلاحيت آهي ته ان کي مخصوص اشارن جي تابع بڻائي هيرايو ويو. ڏاند ۾ بار ڇڪڻ جي صلاحيت کي اشارن جي پابند بڻائي ان کي گاڏي ڇڪڻ يا هر هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڪتي کي ماني ٽڪر ڏنو وڃي ٿو ته منجهس لاڳاپي جي حس جاڳندي آهي. ان حس کي جاڳائي اوهان ان جي ڀونڪڻ ۽ چڪ هڻڻ جي صلاحيت کي ڀليءَ ڀت استعمال ڪري سگهو ٿا. ڪي جانور رڳو ڪهي کائڻ لاءِ پالجڻ لڳا. کين رڍن ٻڪرين وانگر رکي ڌاري سگهبو هو. اهڙن جانورن ۾ فطري صلاحيت محتاجي ۽ خاموشي هوندي آهي.
قديم دور ۾ انسانن کي هيرائڻ جي عمل ۾ انسان کي جانور جي سطح تائين آڻڻ ئي بنيادي مسئلو هوندو هيو. جيئن ته تنهن وقت جسماني پورهيو ئي پيداواري عمل ۾ ضروري هوندو هيو، تنهن ڪري عام طور انسانن کي جانورن جي متبادل سمجهيو ويندو هو. اهي گهوڙي وانگر ڊوڙندا، ڏاند وانگر بار ڍوئيندا، ڪتي وانگر چؤڪيداري ڪندا، مالڪ جي عزت افزائي لاءِ ڀؤڪندا ۽ ٻين کي ڏاڙهيندا به هئا. خوبصورت پالتو پکين وانگر، انسان به مالڪ جي دل ۽ جسم کي خوش رکندا هئا. اهي سپاهين جي صورت ۾ مرڻ لاءِ به پاليا ويندا هئا.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انسان جي چ‍ؤڌاري موجود پيداواري ماحول ۽ ان سان سندس تعلق ۽ حيثيت ۾ تبديليون اينديون رهيون. صاف ظاهر آهي ته ڍور پاليندڙن ۽ زراعت ڪندڙ ماڻهن جي شعور ۾ (پنهنجي ڌنڌي جي لحاظ کان) فرق هيو. ڍور پاليندڙ، هڪ جاءِ تي رهڻ بدران چراگاهن جي ڳولا ۾ سر گردان رهندا هئا، ان جو بهترين مثال آرين جو آهي. جڏهن هو سنڌو ماٿريءَ جي علائقن ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجي ڍورن چارڻ لاءِ گهمندا وتندا هئا، ان صورتحال ۾ کين هڪ جاءِ تي آباد ٿيڻ جي ضرورت نه هئي. هو کليل آسمان هيٺان رهندا ۽ فطرت سان هڪ ويجهڙائپ ۾ هم آهنگي محسوس ڪندا هئا. تنهن وقت ۾ انهن ۾ تهذيبي جوڙجڪ پڻ ڪونه هئي. معاشري جو بنياد قبائلي لڳ لاڳاپن تي هيو. تنهن ڪري فرد اجتماعي راءِ تحت زندگي گذاريندو هيو. تعلقات جي ان تاڃي پيٽي ۾ جيڪو شعور پيدا ٿيو ان جو بنياد گڏجي ڪم ڪرڻ هيو ۽ ان لاءِ ماڻهن کي هيرائڻ جي گهڻي ضرورت به نه هئي، ڇاڪاڻ ته سمورن ماڻهن جي مفادن ۾ هيڪڙائي ۽ وحدت هئي.
ساڳيا آريائي جڏهن گنگا ۽ جمنا جي ماٿريءَ ۾ پوکي راهي ڪرڻ لاءِ آباد ٿيا ۽ کين ضرورتن کان وڌيڪ پيداوار ميسر ٿيڻ لڳي ته طاقتور گروهن ۾ گهڻائيءَ جي هوس ۽ ان تي ٻڌل هڪ ثقافت اسرڻ لڳي. ان صورتحال ۾ مفادن ۾ وحدت ختم ٿي وئي ۽ گڏوگڏ عمل پڻ موڪلائي ويو. هن نئين صورتحال ۾ اڪثريت وسيلا پيدا ڪندي هئي ۽ هڪ اقليت پنهنجي ساٿاري گروهن سان گڏجي انهن کي وڌ ۾ وڌ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
جڏهن هارين، زرعي مزدورن ۽ هنرمندن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پيداواري وسيلا پيدا ڪرڻ جو ملڪو ماڻي ورتو ته لازمي طور منجهن خود اعتماديءَ تي ٻڌل هڪ شعور به پيدا ٿيو. هي شعور قديم غلاميءَ واري دور جي جسماني مزدوريءَ ڪرڻ وارن کان هر طرح مختلف هيو. مٿي ذڪر ڪيل ڌنڌن سان لاڳاپيل ماڻهن تخليق جي ان عمل کي يقيناً محسوس ڪيو. تجربن ۽ مشاهدن کي سهيڙڻ ۽ انهن مان نتيجا ڪڍڻ، اهوئي اهو عمل آهي جنهن وسيلي انسان فطري ماحول ۾ تبديلي آندي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ شعور کي پڻ بدلايو.
ان نئين صورتحال ۾ انسانن کي هيرائڻ جا اهي طريقا مڪمل طور تي ڪارائتا نه هئا جيڪي غلاميءَ جي ابتدائي دور ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا. مٿي ڄاڻايل تخليقي عمل مان يقين سان تنقيدي شعور به پيدا ٿيو جيڪو (غيرپيداواري) اقليتي گروهه جي مفادن لاءِ سخت خطرو بڻجي پئي سگهيو. اڪثريتي عوام جي پورهئي کي بدستور استعمال ڪرڻ جو هڪ طريقو طاقت ۽ تشدد جو استعمال به ٿي پئي سگهيو. پر رڳو انهن تي ئي دارومدار رکڻ ڪري پورهئي جي فراهمي غيريقيني بڻجي پئي سگهي. پڇاڙيءَ هي حل ڪڍيو ويو ته انهن طريقن سان گڏوگڏ انسانن جي شعور کي اهڙيءَ ريت هيرايو وڃي جو هو رڳو حڪمرانن جي مفادن مطابق ئي سوچين. چئي سگهجي ٿو ته انسانن کي هيرائڻ دراصل سندن دماغي شعور کي پسنديده ماپن ۾ پلٽڻ هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني عمل پاڻ مرادو ان جي تابع ٿي ويندا آهن. ان سموري ڪوشش جو مقصد عوامي سطح تي هڪ مجهول قسم جي سادگي پيدا ڪرڻ هيو. مثال طور اسان جي قديم معاشري ۾ هاري زمين کيڙيندو، ٻج ڇٽيندو، آبپاشي ڪندو ۽ پوک کي جهنگ جي جانورن کان بچائيندو هيو. فصل پچي ويندو هو ته مذهبي رهنما کيس چوندا هئا ته سڄي جوڙ ديوتائن جي مهربانيءَ سان جڙي آهي. جيئن ته بادشاهه ۽ مذهبي رهنما، ديوتائن جا چونڊيل سمجهيا ويندا هئا، تنهن ڪري هو پاڻ مرادو هاريءَ جي پورهئي جي ڪمائيءَ جا سواءِ ڪجهه ڪرڻ جي ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويندا هئا. اهڙيءَ ريت نه رڳو هاري پنهنجي پورهئي جي ڪمائيءَ تان آسرو لاهي ويهندو هو پر ان تخليقي عمل ۽ پورهئي کان به (جنهن جي نتيجي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهندو هو) کيس اوپرو ۽ ويڳاڻو ڪيو ويندو هو. ظاهر آهي ته سندس ذات ۽ زندگيءَ جو اظهار سندس پورهئي جي صورت ۾ ئي ٿيندو هو. انسان جي زندگيءَ جو جوهر پورهئي جي شڪل ۾ آشڪار ٿيندو آهي.
پيداواري عمل ۾ پورهئي جي لڳاتار فراهميءَ لاءِ ڌنڌن کي پيداوار سان ڳنڍيو ويو يعني کين اهو باور ڪرايو ويو ته ماڻهن جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ عزت ۽ ذلت جو فيصلو سندن پيدا ٿيندي ئي ٿي ويندو آهي. زندگيءَ ۾ مايوسي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ عدم شموليت جي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ هيءَ اميد پيدا ڪئي وئي ته هو جيڪڏهن هيءَ زندگي پنڊتن جي طئي ڪيل اصولن مطابق گذاريندا ته کين آئندي جي زندگيءَ ۾ بهتر صلي جو موقعو ملي سگهي ٿو. ان نظريي تي يقين ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو وڏي نياز منديءَ سان پنهنجي زندگيءَ جون سموريون قوتون صلاحيتون ان نظام کي برقرار رکڻ تي لڳائن پيا جيڪو کين ڪسمپرسي ۽ محتاجيءَ واري درجي تي جيئري رهڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. ماڻهو پنهنجي مصيبتن جا سبب ڳولڻ ۽ ان نظام کي بدلائڻ بدران ان کي پنهنجي ”تقدير جو لکيو“ سمجهڻ لڳا. انهن نظرين مان هڪ مزاج پيدا ٿيو. جنهن 400 ق. م کان وٺي ارڙهين صديءَ عيسويءَ تائين جي عرصي ۾ هڪ مخصوص اقتصادي نظام کي برقرار رکيو. ان اقتصادي نظام جو بنياد زرعي پيداوار تي هيو.
آرين جي گنگا جمنا جي ماٿريءَ ۾ اچڻ سان جيڪا زرعي معيشت پيدا ٿي ان سان لاڳاپيل آباديءَ ۾ ٻن ٽولن جنم ورتو: هڪ ٽولو هارين، ڪڙمين، غلامن ۽ سندن دنڌوڙي ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هنرمندن تي مشتمل هيو. اهي سڀ ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ ان لحاظ کان ڳوٺ، اقتصادي تناظر ۾ هڪ بنيادي ايڪي جو درجو وٺي ويا. ٻئي ٽولي ۾ حڪمران يا سندن ساٿاري حڪمران شامل هئا. طبقن جي اها صورتحال 600 ق م (آرين جي گنگا جمنا دو آبي ۾ اچي رهڻ) کان 320ع (گپتا سلطنت) جي وچين عرصي ۾ هڪ حتمي صورت اختيار ڪري وئي. ان جو مطلب هي آهي ته ان عرصي ۾ پيداواري نظام پنهنجي ارتقائي عمل مان گذري هڪ اهڙي درجي تي پهچي ويو جتي ان جون پيداواري صلاحيتون پنهنجي عروج کي ڇهي رهيون هيون. ڪنهن به اقتصادي نظام جي پيداواري صلاحيتن جو دارومدار ان سان لاڳاپيل افرادي قوت، ميسر وسيلن ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي هوندو آهي، اُهي اقتصادي عمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان کان پوءِ انهن کي بدلائڻ يا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي وئي. حڪومتي ٽولي کي سندن ضرورتن لاءِ ايترو ڪجهه ملندو هيو جو کين، ان کي بدلائڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. اڪثريتي عوام مخصوص نظرين پٽاندڙ تمام ٿورن وسيلن تي زندگي گذارڻ کي ئي پنهنجو نصب العين سمجهندا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل اقتصادي نظام ۾ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ لاڳاپن کي برقرار رکڻ لاءِ جاگيرداري نظام (Feudal System) مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ان نظام گپتا دؤر ۾ هڪ واضح صورت اختيار ڪئي ۽ ان کي ان کان اڳ ۾ رونما ٿيندڙ ارتقائي عمل جو هڪ منطقي نتيجو چئي سگهجي ٿو. هي نظام پنهنجي ڪردار ۽ حربن جي لحاظ کان اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مزاج رکندڙ هيو. اهو سمورو نظام، رياست کي علائقائي سطح تي اقتصادي ۽ سياسي بنياد مهيا ڪندو هيو ۽ گڏوگڏ ان نظام لاءِ موزون سماجي ۽ انفرادي روين کي برقرار رکندو هيو. اهو نظام ڪٿي جزوي ۽ ڪٿي ڪلي طور اڄ تائين جاري آهي ۽ ان جاگيرداري نظام بادشاهن، انگريزي بيٺڪيت ۽ ان کان پوءِ آمريڪي سامراجيت جي دورن ۾ ان جي هيئت يا جوڙجڪ جي صورت، حڪومتي ٽولن جي ضرورت مطابق بدلجندي رهي، پر عام طور تي ان جو بنيادي ڪردار دستور موجب ساڳيو رهيو. بادشاهن جي دور ۾ جاگيردارن جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ٿينديون رهيون ته انگريزن جي دؤر ۾ کين ذهني محتاجيءَ جي درجي تي رکيو ويو. ان کان پوءِ هو پاڻيهي حڪومتون ٺاهڻ لڳا، پر بدستور وفادارن جي حيثيت کان مٿي نه اٿي سگهيا. ورهاڱي کان پوءِ هو انگريزن بدران آمريڪين جا وفادار بڻجي ويا.
جيئن هڪ ڊگهي عرصي تائين جاگيرداري نظام، اسان وٽ رهندڙ اقتصادي نظام جو بنياد رهيو، تنهن ڪري ان جو اثر اسان جي سماجي ۽ انفرادي روين ۾ لاشعور جي حد تائين لهي ويو. تاريخي طور ان جو مقصد هڪ اقتصادي نظام کي برقرار رکڻ هيو، تنهن ڪري مزاجاً هو تبديليءَ کي پسند نه ڪندو آهي. جمود ۽ سڪون پسندي ان جا پسنديده رويا آهن.
بادشاهن جو دؤر چوٿين صدي قبل مسيح کان وٺي ارڙهين صدي عيسويءَ تائين هلندو رهيو. ان دور ۾ انسانن کي هيرائڻ جا بنيادي پئمانا هڪ جهڙا رهيا. پهرئين بادشاهي دور ۾ مقامي پنڊت ۽ بعد ۾ مسلمان حڪمرانن جي ساٿاري مذهبي رهنمائي ان حربي کي جاري رکيو. حوالا مختلف هئا پر مقصد ساڳيا.
بادشاهن جي دؤر ۾ معاشي نظام جا تاڃي پيٽا مقامي هئا. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اسان جي علائقي جي معيشت هڪ سرمائيدارانه نظام سان ڳنڍجي وئي جيڪو دنيا جي وسيع خطي تي پکڙيل هيو.
ان (سرمائيدارانه نظام سان) الحاق جو مقصد اسان جي معيشت کي بهتر بنائڻ يا عوام جي خوشحاليءَ ڏانهن قدم وڌائڻ نه هيو بلڪ ان جو واحد مقصد اسان وٽ موجود انساني ۽ مادي وسيلن کي انگلستان يا ڪنهن ٻئي هنڌ وڪڻڻ يا انهن مان وڪري لائق شيون ٺاهڻ هيو. انهن ٺاهيل شين جي وڪري لاءِ اسان جي ئي علائقي کي هڪ منڊيءَ جي طور تي استعمال ڪيو ويو. انهن ئي مقصدن تحت سياسي، انتظامي ۽ ٻيا ادارا قائم ڪيا ويا. انهن ادارن ذريعي ڪچو مال ۽ ان کانپوءِ ٺاهيل شين جي کپت مان پيد اٿيندڙ سمورو سرمايو انگلستان منتقل ٿي ويندو هو. سرمايي جي هن منتقليءَ کان پوءِ مقامي معيشت ۾ اڳڀرائپ نه هئڻ برابر رهجي ويندي هئي. انگريزن جي تسلط واري ڊگهي دور ۾ مجموعي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 0.05 سيڪڙي کان وڌي نه سگهي.
انگريزن جي دور ۾ اقتصادي وسيلا، ڪچو مال يا وري اپايل سرمايو، انگريزي حڪومت ۽ ان جي پويان مفاد پرست سرمائيدارن جي استعمال ۾ هليو ويندو هو. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ بادشاهن جي دؤر ۾ اڪثريتت آباديءَ کي هڪ اڌ ويلي جي مانيءَ لاءِ گهٽ درجي وارو اناج ڏيڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه بچندو هو اهو بادشاهه ۽ سندس بيورو ڪريسيءَ جي قبضي ۾ هليو ويندو هو. ٻنهي صورتن ۾ عوام جو اقتصادي نظام سان تعلق ۽ ان ۾ کيس ملندڙ حصو پتي تقريبن ساڳيو رهيو.
انگريزي دؤر ۾ حڪمران طبقو انگلستان ۾ هيو ۽ پنهنجن نمائندن ذريعي هتي حڪومت ڪندو هيو. انگريزن جي نمائندن جو ڪل تعداد ڪجهه سون کان وڌيڪ نه هيو. کين هر صورت ۾ مقامي ماڻهن مان حڪومتي مشينري لاءِ ماڻهن جي ضرورت هئي. ان ضرورت پٽاندڙ انهن هڪ تربيتي نظام جوڙيو جنهن مان هيرايل ماڻهن جو هڪ طبقو پيدا ڪري ورتائون جيڪو شڪلي طور تي ته انهن جهڙو نه هيو پر شعوري سطح تي هي مڪمل طور انهن جو غلام ۽ انگريزن سان وابستگيءَ کي پنهنجي اصل سڃاڻپ سمجهندو هيو.
انگريز، جديد رياستي طريقن يعني انسانن کي هيرائڻ جي نون طريقن کان پوريءَ ريت آگاهه هئا. برطانيا ۾ قائم ٿيندڙ جديد رياستي نظام ان طبقي لاءِ هيو جيڪو صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ اڀريو هيو. اهو طبقو ذاتي ملڪيت کي ”قدرتي قانون“ جو درجو ڏيندو هو. ذاتي ملڪيت وڌائڻ لاءِ جيڪو اخلاقي ضابطو طئي ڪيو ويو ان جو بنياد لالچ ۽ دوکي جي ثقافت تي ٻڌل هيو. ان نظام جي حفاظت لاءِ هڪ تربيتي نظام مرتب ڪيو ويو جنهن مان جينٽلمين پيدا ٿيندا هئا جيڪي فرض جي ادائيگيءَ کي پنهنجو پهريون فرض سمجهندا هئا. فرض طئي ڪيا ويا هئا ۽ انهن جو مقصد ان نظام کي برقرار رکڻ هيو. ان ريت اهي جينٽلمين پنهنجي ”فرض“ جي ادائيگي ڪندي ٻين لفظن ۾ ان نظام جي حفاظت ئي ڪري رهيا هوندا هئا.
اسان وٽ (ننڍي کنڊ ۾) انگريزن جي اچڻ کان اڳ معيشت جو بنياد زراعت تي هيو ۽ پيداواري عمل ۾ مرڪزي ڪردار هارين، مزدورن ۽ هنرمندن جو هيو. انهن سمورن ڌنڌن جي تربيت جو بندوبست خانداني يا استاد شاگرد جي سطح تي هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿيندو رهيو. انگريزن جون اقتصادي ضرورتون ان کان مختلف هيون. جيتوڻيڪ سندن اقتصادي سرگرمين جو بنياد مقامي زراعت تي ئي هيو پر تڏهن به ڪچي مال جي رسد، ڪنٽرول ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي نون ڌنڌن کي فروغ ڏيڻو پيو يا اڳين ڌنڌن کي نئين قالب ۾ لاهڻو پيو. ان ۾ وڪالت، سرڪاري ملازمت (ڪلارڪي، فوج ۾ نوڪري ۽ پوليس وغيره) ۽ هنرمندي ۽ مزدوريءَ جا شعبا شامل آهن. انهن شعبن ۾ ماڻهو گهڻو ڪري مقامي آباديءَ مان ئي ايندا هئا ۽ سندن تربيت لاءِ مقامي سطح تي ادارا قائم ڪيا ويا هئا. سندن تربيت يا کين هيرائڻ لاءِ کين فقط ايترا علم ۽ هنر سيکاريا ويا جيڪي انگريزن جي اقتصادي مشينريءَ لاءِ ڪارائتا هئا.
اجتماعي شعور کي هيرائڻ لاءِ مذهبي ۽ سياسي ماڻهن کي طئي ڪيل حدن ۾ رکيو ويو. مذهبي سطح تي بي عمل لاڙن جي سرپرستي ڪئي وئي ۽ سياستدانن کي پنهنجي ئي طئي ڪيل ”آئيني قاعدن“ کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي سرگرمين کان جدا ڪيو ويو. رياستي قانون، انهن مقصدن تحت ٺهندا هئا.
هيرائڻ جي ٻين حربن ۾ تهذيبي برتريءَ جي مشهوري، حڪومت سان وفاداري يا نمڪ حلالي ۽ ”قانون“ جي پاسداريءَ کي اعليٰ خوبي قرار ڏيڻ جهڙا رويا اهم هئا. انهن کي هر فاتح قوم هٿيار طور استعمال ڪندي آهي. تهذيبي برتريءَ جي مشهوريءَ سان عوام ۾ مقامي تهذيب کي گهٽ سمجهڻ ۽ انگريزي تهذيب سان لڳاءُ پيدا ڪرڻ وارن لاڙن کي هٿي ملي. انگريزي حڪومت بابت هي تاثر پيدا ڪيو ويو ته ڄڻ اها عوام کي نجات ڏياريندڙ آهي. انگريزي تهذيب سان لڳاءُ جي مشهوريءَ جو هڪ اقتصادي پهلو پڻ هيو، ان مشهوريءَ سان عوام ۾ ”ولايتي“ شين جي گهرج وڌي ۽ انگريزي واپار کي هٿي ملي.
1947ع ۾ هڪ علائقي کي بظاهر آزاد ڪري ان کي ”پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو پر هتي رهندڙ اڪثريتي عوام دستور موجب غلام رهيو. اڳ ۾ هو بادشاهن ۽ پوءِ انگريزن جي تسلط ۾ رهيو ته هاڻي وري ساڳي حاڪماڻي روايت پٽاندڙ نون حڪمرانن آڏو کيس جهڪايو ويو. اهي نوان حڪمران انگريزن جا تربيت يافته هئا ۽ سندن عام اخلاقي ضابطو دستور موجب خود غرضي ۽ دوکي بازيءَ (Deception) تي ٻڌل هيو. عوام جو حڪومتي وسيلن ۽ ادارن سان تعلق اڳ وانگر ”مفتوحن“ جهڙو هيو. پاڪستان کي شروع کان ئي ”جمهوريه“ قرار ڏنو ويو، جنهن جو جيتوڻيڪ مطلب هي هيو ته ان ۾ عوام جي حاڪميت هوندي، پر عملي طور تي هميشه مفاد پرست حڪومتون ئي ٺهنديون رهيون جيڪي حڪومتي ٽولي يعني سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي، جاگيردارن يا صنعت ڪارن جون نمائنديون هونديون هيون.
ان دؤر ۾ رسمي ۽ اجتماعي سطح تي هيرائڻ جو عمل ڪنهن به سطح تي بادشاهن يا انگريزن جي دورن کان مختلف نه هيو. ان جو سڀ کان وڏو مثال اهي نظريا آهن جن کي پاڪستان جون ”نظرياتي سرحدون“ قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سڀ کان اهم نظريو عوامي خوشحالي ۽ ان کان پوءِ ادارن جي ترقيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا پئي ٿي سگهيو، پر ان کان هٽي ڪري مجرد ۽ بي عملي وڌائيندڙ نظرين کي حڪومتي سطح تي فروغ ڏنو ويو. ان جي ابتڙ پيدا ٿيندڙ هر راءِ کي سختيءَ سان ڪچليو ويو ۽ ان جو نتيجو هيءُ نڪتو ته ماڻهو بي در گنبد ۾ ويٺي ويٺي حيوانيت ۽ خاموشيءَ جي ثقافت (Culter of Silience) جو حصو بڻجي ويا آهن.
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اسان جي معيشت هڪ وڏي معيشت جو حصو بڻجي وئي هئي. ان الحاق جو مقصد اسان جي وسيلن کي وڏي معيشت جي مفادن لاءِ استعمال ڪري ان جي نشونما ڪرڻ هيو. نتيجو هي نڪتو ته وڏي معيشت جنهن جو مرڪز انگلستان ۾ هيو ترقي ڪندي وئي ۽ اسان جا وسيلا، پيداوار ۽ هتان پيدا ٿيندڙ سرمايو ٻاهر منتقل ٿيندو رهيو. انگلستان انهن ئي وسيلن، پيداوار ۽ سرمائي تي نه رڳو هندستان ۾ نوآبادياتي نظام کي برقرار رکيو بلڪ چوڌاري ملڪن ۾ پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ ڊگهيون جنگيون پڻ وڙهيون. انهيءَ دولت مان برطانيا ۾ صنعتي ترقيءَ کي ٽڪاءُ نصيب ٿيو.
”آزادي“ کان پوءِ پاڪستان جي معيشت برطانيا بدران آمريڪا جي قبضي هيٺ هلي وئي. آمريڪا ٻين عالمي جنگ کان پوءِ هڪ نئين طاقت جي طور تي اڀريو هو. ان نئين طاقت جو بنياد به سرمائيدارانه نظام تي هيو ۽ جنهن جو بنياد دستور موجب حرص (Greed) ۽ حرص کي وسعت ڏيڻ لاءِ دوکي بازي (Deception) تي ٻڌل هيو ۽ ٻنهي گڏجي عدم اطمينان تي ٻڌل ثقافت (Culture of Dis Satistication) کي جنم ڏنو.
ٻين عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ کان وٺي سوويت يونين جي پڄاڻيءَ تائين سرد جنگ جو ماحول رهيو. ان ماحول ۾ ٻه قبضيدار نظام هڪ ٻئي جي اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضرورت مند ملڪن کي استعمال ڪندا رهيا. هو ضرورتمند ملڪن ۾ پنهنجي پسند جون حڪومتون ٺاهيندا ۽ انهن کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومتي ٽولن جي پرورش ڪندا رهيا. ظاهر آهي ته اهو ”ٻن نظرين جو ٽڪراءُ“ ٻڌايو ويندو هو پر پنهنجي جوهر ۾ انهن جي سرگرمين ۾ هڪ خوفناڪ هڪجهڙائي هئي. بهرحال ان ”ٽڪراءَ“ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب ملڪن جي عوام جو ٿيو. پاڪستان ان صورتحال ۾ فرنٽ لائين تي هيو ۽ هتان جي حڪومتي ٽولي جو لاڳاپو آمريڪا سان هيو. ۽ آمريڪي مراعتن ۽ انعامن اڪرامن جو مستحق حڪومتي ٽولي يعني سول ۽ ملٽري بيوروڪريسيءَ کي قرار ڏنو ويو. ان عوام کي بي عمل نظرين ۾ منجهائي ڇڏيو.
سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ترقي يافته ملڪن جي قيادت آمريڪا ڪري رهيو آهي ۽ نوآبادياتي ۽ بعد ۾ سرد جنگ جي شڪار ملڪن جي انساني ۽ مادي وسيلن کي نجي سرمايي ۾ بدلائڻ جي حڪمت عمليءَ تي گامزن آهي. ان حڪمت عمليءَ جي پٺيان اهي بين الاقوامي ڪمپنيون (Multinational Companies) آهن جن جي دولت ڪيترن ئي غريب ملڪن جي مجموعي دولت کان به وڌيڪ آهي. هيءَ اها ئي صورتحال آهي جيڪا نوآبادياتي نظام پٺيان ڪارفرما برطانوي سيڙپڪارن جي هئي.
ان نئين عالمي اقتصادي صورتحال ۾ غريب ملڪن جو عوام هڪ نئين محتاجيءَ (Dependance) جو شڪار ٿي رهيو آهي. اها محتاجي پنهنجي ڪردار ۽ اثر جي حوالي سان نوآبادياتي نظام جي توسيع آهي. نوآبادياتي نظام ۽ بعد ۾ سرد جنگ جي دوران جيئن ته اسان وٽ برطانيا ۽ آمريڪا رياستي ڍانچن ۽ انهن تحت پنهنجي پاليل مخصوص حڪومتي ٽولن جي ذريعي پنهنجا مفاد حاصل ڪيا هئا، هاڻي ڇاڪاڻ ته هو اڃا وڌيڪ وسيع علائقن ۾ سيڙپ ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري رياستي ڍانچن کي گهٽ ۾ گهٽ مؤثر ۽ انهن جي اثر واري دائري کي محدود ڪرڻ جو انتظام ڪيو پيو وڃي. ان لاءِ حڪومتي ادارن جي متبادل طور غير سرڪاري تنظيمن (NGO’s) کي سرگرم ڪيو پيو وڃي. ساڳيا ادارا (مثال طور سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي) جيڪي اڳين دورن ۾ نوآبادياتي نظام ۽ سرد جنگ جي دوران انهن عالمي قوتن جي مفادن جي تحفظ ۾ استعمال ڪيا ويا هاڻي غير موزون ۽ غير ضروري سمجهيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ساڳيا ادارا (اڪثر ملڪن ۾) نئين عالمي حڪمت عمليءَ جي پکيڙ ۾ رڪاوٽ پڻ بڻجي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪري ادارتي گهوٽالو جنم وٺي رهيو آهي.
بين القوامي ڪمپنين جي ٺاهيل مال جي کپت تي ٻڌل نظام لاءِ موزون ماحول ۽ ڪارائتا فرد تيار ڪرڻ لاءِ اهڙي ثقافت کي هٿي ڏني پئي وڃي جنهن جو بنياد وڌ کان وڌ شيون خريد ڪرڻ (Consumerism) تي ٻڌل آهي ۽ ان تي مشتمل نفسيات ۽ رويي جو بنياد عدم اطمينان تي آهي. رياستي ۽ قومي ٻنڌڻ ختم ڪرڻ لاءِ عالمي ڳوٺ (Global Village) ۽ ان سان لاڳاپيل تصورن جي مشهوري ڪئي پئي وڃي. وچين ۽ ان کان مٿئين طبقن ۾ اهڙا تصور يقيناً پرڪشش ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته انهن طبقن جا مزاج بي پاڙا هوندا آهن. اهي ئي ماڻهو اسان جي ملڪي خزاني تي پڙهي لکي آمريڪا جي خدمت لاءِ لڏپلاڻ ڪندا آهن. سڀ کان خراب حالت اڪثريتي آباديءَ جي ٿي رهي آهي جنهن کي صدين کان پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. انهن جي زندگيءَ کي رڳي هڪ اڌ وقت جي مانيءَ تائين محدود رکيو ويو آهي. سندن ٻارن کي تعليم جون سهولتون مهيا نه ٿيون ۽ ڪيترين پيڙهين تائين سندن زندگيون بهتر نه ٿي سگهيون. اڄ جڏهن بين الاقوامي ڪمپنيون گهٽ کان گهٽ سيڙپ سان وڌ کان وڌ مال تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪري رهيون آهن ۽ ان لاءِ کين اعليٰ درجي جي پيشه ور ملازمن ۽ هنرمند ڪارڪنن جي ضرورت آهي... ۽ اڪثريتي عوام (جنهن جا ٻار پرائمري تعليم کان اڳتي نه ٿا وڌي سگهن) مايوسيءَ ۽ نااميديءَ ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿو.
III
هينئر تائين انسان کي هيرائڻ لاءِ جيڪي طريقا اپنايا ويا انهن جو بنياد هن ڳالهه تي هيو ته ”توهان ڪنهن ٻڌايل اصول جي تشريح يا وضاحت ته ڪري سگهو ٿا پر نه ان بنيادي اصول بابت سوال ڪري سگهو ٿا ۽ نه ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪري سگهو ٿا.“ مثال طور بادشاهه يا ٻين نمونن جا حڪمران پنهنجو پاڻ کي الله پاران مقرر ڪيل سمجهن ٿا. هن بيان کي بنيادي حقيقت جو درجو حاصل هيو. ان جي تشريح ته ڪري پئي سگهجي ۽ ان کي مختلف حوالن سان مثال طور مذهب، روايت يا ٻين سماجي تجربن جي حوالي سان مختلف انداز ۾ پيش ته ڪري سگهجي پيو پر ان جي صحيح يا غلط هجڻ جي سوال اٿارڻ جو مطلب موت هوندو هيو. حاڪمانه سماجن ۾ ڪنهن بيان جي صحيح هئڻ جو دارومدار چوڻ واري جي ان سماج ۾ حيثيت تي ٿيندو آهي. بيان کي ان جي حقيقي صورتحال ۾ پرکڻ بغاوت سمجهيو ويندو هو.
حقيقي علم فرد کي سندس تاريخي حيثيت جو شعور ڏيندو آهي. اهو شعور تنقيدي هوندو آهي ۽ ان جو بنياد سوال جواب ۽ پڇا ڳاڇا تي هوندو آهي. جيئن ته ان جو بنياد حقيقي تاريخي حالتن ۾ پوندو آهي تنهن ڪري ان شعور وارو فرد اجتماعي مفاد ۾ تبديليءَ لاءِ پنهنجي چوڌاري حقيقي ماحول سان وابسته ٿي ان کي سمجهندو آهي. ان مان هڪ نئون علم ۽ نئون شعور پيدا ٿيندو آهي جيڪو حڪومتي ٽولي جي آله ڪار علم ۽ شعور جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي. ان جو ابتڙ هجڻ ان ڪري منطقي آهي ڇاڪاڻ ته ان جي پٺيان مفادن جي صورتحال به مختلف هوندي آهي. حڪومتي تربيتي طريقو حالتن ۾ ماٺار، عدم تبديلي يا فقط مفاداتي تبديلي چاهيندو آهي، جڏهن ته سوال جواب ۽ پڇاڳاڇا تي ٻڌل تربيتي طريقو اجتماعي مفادن تحت تبديلي چاهيندو آهي. اچو ته ڏسون ته انهن ٻنهي نظامن جي اثر هيٺ ڪهڙي قسم جي شخصيت ۽ شعور وڌي ويجهي ٿو.
هينئر تائين، تاريخ ۾ هيرائڻ واري عمل جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ان عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ حڪومت جي حڪمرانيءَ واري انداز ۽ حڪومتي ٽولي جي مفادن ۽ ترجيحن کي مرڪزيت حاصل آهي ۽ ٻئي پاسي خاندان ۽ مذهبي رهنما (جيڪي حڪومت جو ساٿ ڏيندا آهن) نه فقط ان شعور کي برقرار رکندا آهن بلڪ نئين ٽهي جي تربيت ۾ بنيادي ڪردار پڻ ادا ڪندا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ رسمون ۽ رواج جيڪي صدين جي مسلس جبر جي نتيجي ۾ ٺهندا آهن ۽ خودڪار مشين وانگر ڪم ڪندي غيرمحسوس طور تي انسانن جي شعور کي خاص سانچن ۾ پلٽيندا آيا آهن اهي سڀ غير رسمي اجتماعي تربيت جا اوزار آهن. رسمي تعليم پنهنجو پاڻ انهيءَ مزاج تحت ڪم ڪندي آهي.
رسمي تعليم جو بنياد حافظي تي رکيو ويو آهي جيڪا ميڪا نيڪي سطح تي ڪم ڪندي آهي. ٻار جي ذهن کي هڪ اهڙو دٻو سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ معلومات کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ ان معلومات کي ضرورت آهر امتحان يا ڪنهن ٻي صورت ۾ اوڳاڇرايو ويندو آهي ۽ بعد ۾ ان معلومات سان ٻار جو تعلق ختم ٿي ويندو آهي. ان ميڪانيڪي عمل ۾ ٻار کي انسان بدران مشين جي سطح تائين ڪيرايو ويندو آهي. حقيقتون يا معلومات، انساني ماحول ۾ ڪنهن سياق ۽ سباق (صورتحال) ۾ ٺهندا آهن. سياق ۽ سباق کان جدا ڪري ڇڏڻ سان ڪابه حقيقت يا بيان بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي.
اها ڳالهه طئي آهي ته سکڻ جي خواهش ٻار ۾ فطري طور تي موجود هوندي آهي. ان خواهش جو اظهار هو تجسس ۽ سوالن جي صورت ۾ ڪندو آهي. تجسس جو تعلق ڪنهن به واقعي يا ڪيفيت جي سبب يا اثر ڄاڻڻ سان هوندو آهي. ڪنهن به واقعي يا ڪيفيت جو سبب يا اثر ڄاڻڻ کان پوءِ ٻار ۾ دريافت ڪرڻ يا حاصل ڪرڻ سان لاڳاپيل خوشيءَ جو احساس پيدا ٿيندو آهي. خوشيءَ جو اهو احساس منجهس وڌيڪ ڄاڻڻ يا دلچسپي پيدا ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آهي.
تجسس (سوال) (Curiousity and Question)، حاصلات جو ادراڪ (دريافت) (Discovery)، خوشيءَ جو احساس (Sense of Achievement and Happiness) (اڃا) وڌيڪ ڄاڻڻ جي خواهش (دلچسپي) تي ٻڌل عمل ايئن ئي هڪ لائين جي آخر ۾ بيهجي نه ٿو وڃي، بلڪ هڪ طرف اهو ماحول سان وابستگي پيدا ڪندو آهي ۽ ٻئي پاسي اهو (سائنسي) عمل ٻار ۾ تنقيدي شعور (Critical Consciousness) جو ڪارڻ پڻ بڻبو آهي. مثال طور جيڪڏهن هڪ ٻار سوال ڪري ٿو ته اسان وٽ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ئي برساتون ڇو پونديون آهن؟ ٻار جو اهو سوال ڪرڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته ٻار چؤگرد ٿيندڙ واقعن تي تنقيدي مشاهدي واري نظر رکي ٿو. اوهان کيس نقشن يا خاڪن جي مدد سان گرمي، سمنڊ مان اٿندڙ آبي بخار، هوائن جو انهن کي ساڻ کڻي مٿي اٿڻ، ڪڪر ٺهڻ، انهن جي چرپر ۽ برسات پوڻ جو عمل ٻڌايو ٿا. کيس سمجهايو ٿا ته ”پاڻيءَ جو هڪ چڪر آبي بخارن کان وٺي برسات پوڻ تائين هلندو رهندو آهي ۽ ان سان زمين تي موجود پاڻيءَ جو مقدار وڌندو ناهي، پر ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ ڪيميائي مادن جي ڪري تمام گهڻو پاڻي گدلو بڻجي ان پاڻيءَ جي چڪر ۾ شامل ناهي ٿي سگهندو. اهي سڀ ڳالهيون هڪ تسلسل ۾ اڳتي وڌنديون رهنديون آهن ۽ تجربي ۾ آيو آهي ته ٻار خود بخود تجويز ڏيندا آهن ته کين هروڀرو پاڻي خراب نه ڪرڻ گهرجي. اها ئي صورتحال سماجي معاملن جي آهي. اوهان کين سببن ۽ ڪارڻن جي تناظر ۾ ڳالهه کولڻ ڏيو ٻار پنهنجو پاڻ باعمل نتيجا ڪڍي وٺندا.
اردگرد جون حالتون پوءِ اهي سماجي هجن، ماحولياتي يا وري طبعياتي... انهن کي سمجهي ٻار کي پنهنجو پاڻ سان، پنهنجي ماحول ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ ادارن سان هڪ وابستگيءَ جو احساس (Sence of Belonging) پيدا ٿيندو آهي. هو پنهنجو پاڻ کي ”ڪُل“ جو هڪ جزو ۽ حصو سمجهڻ لڳندو آهي. اهو تعلق باعمل هوندو آهي جنهن جو بنياد تنقيدي شعور تي ٻڌل هوندو آهي. تنقيدي شعور ڪنهن به عمل، واقعي يا ڪيفيت کي ان جي سببن ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ جو ٻيو نالو آهي. تنقيدي شعور جي صلاحيت فرد کي هلندڙ تاريخي عمل جو هڪ فعال رڪن بڻائيندي آهي.
حافظي تي ٻڌل تعليم ۾ معلومات کي ان جي سببن ۽ ڪارڻن کان الڳ ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، ان ريت ٻار پنهنجن حالتن کان ڪٽجي پنهنجي فطري روين خاص ڪري تجسس ۽ ان جي بنياد بڻجندڙ عمل کان محروم هڪ مصنوعي صورتحال ۾ تعليم حاصل ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته اها فطري روين جي ابتڙ هوندي آهي، ان ڪري ان کي ”غيرانساني صورتحال“ چوڻ غيرمناسب نه ٿيندو. ان صورتحال ۾ تعليم پرائيندڙ ٻار حالتن سان لاڳاپجڻ ۽ انهن کي سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم رهندو آهي. جڏهن هو عملي زندگيءَ ۾ ايندو آهي ته اها ئي محرومي کيس هڪ سٺو ماتحت ته بڻائيندي آهي... پر هو چٽاڀيٽي (Initiative) کان وانجهيل رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته منجهس تنقيدي شعور جي کوٽ هوندي آهي ۽ انهيءَ ڪري منجهس نئين صورتحال کي سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿي سگهندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري هو ڪنهن اداري جو اڳواڻ يا ليڊر بڻجي به وڃي ته هو پنهنجي تربيت جي بنياد تي نئين صورتحال مان نتيجو اخذ ڪرڻ بدران روايت تي هلڻ ۾ سولائي محسوس ڪندو آهي. هو پنهنجي ان شخصي ڪميءَ کي پنهنجي حيثيت سبب مليل اٿارٽيءَ ۽ رعب سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهو طريقو دراصل اصل حالتن ۽ پنهنجي وچ ۾ مفاصلو پيدا ڪرڻ جي منفي ڪوشش هوندي آهي. حافظي جي بنياد تي هڪ بي اختيار (Depependent)ماڻهو پيدا ٿيندو آهي ۽ اهڙو ماڻهو حقيقي حالتن سان لاڳاپجڻ کان سواءِ پراڪسي (Proxy) ۽ مصنوعيت ۾ زندگي گذاريندو آهي.
سوال جواب ۽ پڇاڳاڇا تي ٻڌل تعليم ۾ اڳواٽ ڪو بيان يا حقيقت طئي ناهي هوندو، ان ۾ حالتن ۽ واقعن کي ان جي حقيقي صورتحال ۾ رکي ڪنهن اڳواٽ طئي ڪيل مفاد يا تعصب کان سواءِ ظاهر ٿيڻ ڏنو ويندو آهي. پر ان عمل ۾ سڀ ماڻهو برابريءَ جي بنياد تي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۾ حصو وٺندا آهن. ڇاڪاڻ ته اڳواٽ طئي ڪيل نتيجا ۽ مفاد ان صورتحال ۾ ڪٿي به ويجهو ناهن هوندا، تنهن ڪري ان عمل ۾ هر فرد انڪساريءَ ۽ نهٺائيءَ سان حصو وٺندو آهي. ان کي اميد هوندي آهي ته ان گڏيل عمل مان بهتر نتيجا حاصل ٿيندا. اها سراسر انساني صورتحال هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سموري عمل جو مرڪزي مقصد يا نڪتو صحيح ترين حل حاصل ڪرڻ هوندو آهي.... ضروري ناهي ته اهو پسنديده به هجي، ناڪاميءَ کي به متوقع نتيجو سمجهي سگهجي ٿو.... ڇاڪاڻ ته انساني صورتحال ۾ اهو لازمي عنصر جو درجو رکي ٿي. جيڪڏهن ناڪاميءَ جي منطقي حقيقت کي سمجهي وٺجي ته ناڪاميءَ جو خوف ۽ ان جي اثر هيٺ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت مفلوج ناهي ٿيندي بلڪه انسان لڳاتار ڪوشش ڪندو رهندو آهي.
حافظي جي بنياد تي ٺهندڙ مزاج بنيادي طور آمريت وارو يا حاڪمانه هوندو آهي. ان جي اطلاعن جو وهڪرو مٿان کان هيٺ طرف هوندو آهي. ان ۾ فرد آزاد انسانن بدران هڪ اوزار جي طور تي تيار ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اطلاعن تي ٻڌل ”علم“ جو ساڻس تعلق مجهول وسيلي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي هوندو. ان تربيتي صورتحال ۾ انسان ۾ تجسس واري فطري اهليت کي دٻايو ويندو آهي. ان ڪري اها صورتحال غيرانساني صورت اختيار ڪري وٺندي آهي. ”علم“ جي رسد ۾ فطري آمادگي نه هجڻ سبب تدريسي يا تربيتي ماحول ۾ جبر واري ڪيفيت گهر ڪري ويندي آهي. تربيت وارو اهو ماحول بذات خود جبر ۾ زندگي بسر ڪرڻ ۽ ان کي برداشت ڪرڻ جي حيلي سازين لاءِ مخصوص ذهن ٺاهيندو آهي. تدريس ۽ تربيت جو طريقو رڳو علم ۽ هنر سکڻ جو ذريعو ناهي هوندو پر اهو هڪ مزاج پيدا ڪندو آهي. مثال طور سوال جواب ۽ پڇاڳاڇا جو طريقو اجتماعيت کي فروغ ڏيندو آهي ته وري حافظي تي ٻڌل طريقو پنهنجي جبر سبب فرد کي موٽائي آڻي کيس پنهنجي ذات ۾ گم ڪري ڇڏيندو آهي. پڇاڳاڇا ۽ سوال جواب تي ٻڌل اجتماعيت ۾ فرد، ٽولي جو هڪ حصو هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي انفراديت به برقرار رکندو آهي. ان عمل ۾ فرد ٻين جي ذات جو اقرار ڪندو آهي. ذات جو اقرار هڪ ميڪانيڪي عمل نه هوندو آهي جو رڳو ٻئي جي ڳالهه کي ٻڌجي يا برداشت ڪجي، پر ان ۾ انساني پهلو نروار ٿيندو آهي. شخصي طور تي ممڪن خرابين ۽ خوبين کي اجتماعيت جو لازمي عنصر سمجهيو ويندو آهي. مطلب هي آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو غلطي يا ڪوتاهي ڪري سگهي ٿو ته ايئن ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. اهڙي ماحول ۾ ”مافوق البشر“ انسان يا ان سان منسوب تصور جنم نه وٺندا آهن، ”هيرو“ پيدا ناهن ٿيندا ۽ رهنما عوامي حسن (Senses)سان لاڳاپيل رهندا آهن. پڇاڳاڇا ۽ سوال جواب تي ٻڌل ذات جي اقرار وارا رويا وسيع تر معنائن ۾ ”محبت“ جي مترادف قرار ڏئي سگهجن ٿا.
حافظي جي بنياد تي ٺهندڙ ماحول، سلامتيءَ جو احساس پيدا ٿيڻ ناهي ڏيندو. ان جو وڏو سبب حالتن سان مجهول تعلق ۽ هر وک تي مٿان ملندڙ امداد جي توقع آهي. حافظي جي طريقي سان محتاجيءَ ۽ عدم اعتماد وارو شعور پيدا ٿيندو آهي. اهو ئي شعور واضح ۽ پراعتماد روين بدران سازش، ٺڳيءَ ۽ اجتماعي مفادن کان هٽي ڪري تڪڙي ۽ سطحي مواد لاءِ موقعي پرستيءَ کان ڪم وٺڻ کي فطري رويو سمجهندو آهي. اهي سڀ انفراديت پسند شخصيت جون خاصيتون آهن ۽ جڏهن ته اجتماعي راءِ (General Will) تي ٻڌل رويا سڀني لاءِ سٺا هوندا آهن ۽ ان مان ٺهندڙ ماحول ۾ جبلي خواهش اؤسر نه وٺندي آهي. انفراديت پسند روين ۾ جبلي خواهش حيوانيت واري ثقافت پيدا ڪندي آهي ۽ تشدد ان ثقافت کي برقرار رکندو آهي.
تاريخ ۾ جاري انسانن کي هيرائڻ واري جنهن عمل جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، ان مان مجهول سادگي پيدا ٿيندي آهي، جيڪا حالتن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ کي بهترين خوبي سمجهندي آهي. ان سان اڪثريتي عوام گهٽ ۾ گهٽ وسيلن تي سماج جي ڪناري تي زندگي گذاريندو آهي. ڪناري تي رهندي هو تاريخي عمل کان الڳ ٿلڳ ۽ ويڳاڻپ واري شعور تي جيئرا رهندا آهن، جيتوڻيڪ زندگيءَ جي چرپر انهن جي ئي پورهئي جي دم سان جاري ساري هوندي آهي.
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ماڻهو پنهنجي گهر ۽ پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ پڇاڳاڇا ۽ سوال جواب تي ٻڌل رويا اپنائين. پنهنجي ٻارن، گهر ڀاتين ۽ ٻين واسطيدارن ۾ ان ثقافت کي فروغ ڏين. ان تي عمل ڪرڻ سان ڪجهه ڏينهن ۾ ئي خوشيءَ ڀريون تبديليون اينديون. هڪ ٻئي سان تعلق ۾ اعتماد پيدا ٿيندو. اتان ئي هڪ وڏي تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿي. رسمي تعليم جي سطح تي تعليمي مرحلا، نصاب سازي، درسي ڪتاب، تدريس، امتحاني نظام ۽ تعليمي انتظام کي پڇاڳاڇا ۽ سوال جواب تي ٻڌل ثقافت پٽاندڙ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. اهو فقط عوام جي اصرار ڀري ڪوشش تي ئي ممڪن آهي. حڪمران عوام کي هيرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اهو صديون پراڻي روايت جو حصو آهي ۽ هو اهو سوچي سمجهي ڪري رهيا آهن.

(سنڌ فورم، جنوري2003ع)