قيامت ڪڏهن ايندي؟ (قرآن ۽ سائنس جي روشنيءَ ۾) : پروفيسر ڊاڪٽر فضل ڪريم
(سورة المومن سيپارو 24، آيت 59)
(اي پيغمبر) ماڻهو توکان (قيامت جي) اچڻ واري وقت بابت پڇن ٿا ته، آخر اها ڪڏهن ايندي؟ تون چئُه ته، ان جو علم ته منهنجي پروردگار کي آهي. اهو ئي آهي جو ان کي ان جي وقت تي ظاهر ڪندو. اهو وڏو وزني حادثو آهي جو آسمان ۽ زمين ۾ واقع ٿيندو. اهو (واقعو) اوهان تي اوچتو اچي ڪڙڪندو. (اي پيغمبر) اهي ماڻهو توکان اهڙي طرح ٿا پڇن جو ڄڻ ته تون ان (قيامت جي اچڻ) لاءِ وڏي شوق سان نهاري رهيو آهين. تون کين ٻڌاءِ ته، حقيقت هيءَ آهي ته ان جو علم فقط الله کي آهي. مگر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي هن حقيقت کان بي خبر آهن.
(سورة اعراف سيپارو –9 آيت 187)
تون کين چؤ ته هائو توهان (مرڻ بعد ڪجهه به ٿي وڃو) پٿر تي وڃو، لوهه ٿي وڃو يا ڪا ٻي شيءِ ٿي وڃو جا توهان جي خيال ۾ (ٻيهر زنده ٿيڻ لاءِ) تمام سخت هجي (ته به الله جي قدرت اوهان کي ٻيهر زنده ڪندي) هي ٻڌي هو چوندا ته ڪير آهي جو اهڙيءَ طرح اسان کي ٻيهر جياري ڇڏيندو. تون کين چئه ته اهو ئي (الله) جنهن اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو، (سو ئي اوهان کي ٻيهر جياري اٿاريندو) تنهن تي اهي ماڻهو تنهنجي اڳيان ڪنڌ ڌوڻيندا ۽ چوندا ته ائين ڪڏهن ٿيندو؟ تون چئه ته عجب ناهي ته ان جو وقت ويجهو هجي. (سورة بني اسرائيل سيپارو 15 آيت 50-51)
بيشڪ (مقرر) وقت اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ ته (ماڻهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي ۽) جنهن شخص جي جهڙي ڪوشش هجي تهڙو بدلو کيس ملي. (سورة طھٰ سيپارو 16- آيت 15)
قيامت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. لغت ۾ انهيءَ جي معنيٰ اٿارڻ (مُئلن کي قبرن مان اٿارڻ) ٻيهر زندگي ڏيڻ آهي. پر قيامت جو اصطلاح هن ڪائنات جي مڪمل تباهيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. قرآن حڪيم ۾ سورة قيامت کان سواءِ ڪيترين ئي جاين تي قيامت جي ڏينهن طرف اشارو ڪيو ويو آهي. اولهه جا تارا ڄاڻڪ (Astronomers) اڄ انهيءَ نتيجي تي پڄي رهيا آهن ته هيءَ ڪائنات آخرڪار پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي. پر اڄ کان چوڏهن سؤ ورهيه اڳ قرآن حڪيم چٽو اشارو ڪري ڇڏيو هو ته هي ڪائنات پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي. (يعني آخرڪار قيامت اچي ويندي). جيڪڏهن هي اولهه جا آڪاش ڄاڻڪ (Cosmologists) ۽ تارا ڄاڻڪ قرآن حڪيم جو اڀياس ڪن ها ته شايد گهڻو وقت اڳ ئي ان نتيجي تي پهچي وڃن ها، پر اهو به سائنس دانن جي هڪ گروهه جو نڪته نظر آهي ته هيءَ ڪائنات فنا ٿي ويندي. ٻئي گروهه جو نڪته نظر ان سان ٽڪراءُ ٿو کائي ته ڪائنات ۾ پيدائش (Creation) جو عمل جاري ساري آهي ۽ جاري ساري رهندو ۽ اهي هن ڪائنات جي ڀڄڻ ٽٽڻ يا تباهي جي ڪابه نشاندهي نٿا ڪن.
قرآن حڪيم ۾ قيامت جو ڏينهن مقرر نه ڪيو ويو آهي، پر الله تعاليٰ جل شانھ ان کي ڳجهه ۾ ئي رکيو آهي ته: جيئن هن انساني زندگيءَ جو قافلو هلندو رهي. قيامت ڪڏهن ايندي؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو قدرتي طرح هر مسلمان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندو آهي. دنيا جي پڄاڻيءَ جو هڪ وڏو سبب سج آهي، جيڪو پنهنجي انت کان اڳ ڳاڙهي وڏي تاري (Red Giant Star) ۾ تبديل ٿيندو. هي سندس موت جو پهريون مرحلو آهي ۽ وري ڪائنات جي پڄاڻيءَ ۾ به پهريون سبب سج جي موت کي ڄاڻايو ويو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا ۽ سڄي ڪائنات جي تباهيءَ ۾ سج اهم ڪردار ادا ڪندو. سائنسي حقيقتن ڄاڻائڻ کان اڳ مان هتي قرآن حڪيم جي آيتن جو ترجمو پيش ڪيان ٿو:
”پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟“ سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون ۽ سج گرهبو ۽ سج چنڊ کي گڏ ڪيو ويندو.“
(سورة القيامه سيپارو 29-، آيت 6 کان 9)
۽ پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا ۽ جڏهن آسمان کوليو ويندو ۽ جڏهن جبل اُڏايا ويندا. (سورة المرسلات سيپارو 29-، آيت 8 کان 10)
جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو ۽ جڏهن تارا ڪري ٽڙي پکڙجي پوندا ۽ جڏهن جبلن کي هلايو ويندو. (سورة التڪوير، سيپارو 30- آيت 1 کان 3)
جڏهن آسمان ڦاٽندو ۽ جڏهن تارا ڪِري ٽڙي پوندا ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه ڦاڙي وهايا ويندا. جڏهن (مُئلن کي جيارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون. (سورة الانفطار سيپارو 30، آيت 1 کان 4)
(ياد ڪر) جڏهن آسمان ڦاٽندو ۽ جڏهن زمين ڇڪبي ۽ جيڪي منجهس آهي سو اڇلائيندي ۽ خالي ٿيندي.
(سورة الانشقاق سيپارو 30، آيتون 1 کان 4)
جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح ڌٻايو ويندو ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي. (سورة الزلزال، سيپارو 30، آيت 1 کان 2)
(دلين کي) کڙڪائيندڙ. (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي. جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر ٿيندا ۽ جبل رنگارنگي ان پڃيل جهڙا ٿيندا (تنهن ڏينهن اُها کڙڪائيندي). (سورة القارعه سيپارو 30، آيتون 1 کان 5)
سج جو قسم آهي ۽ سندس مٿي چڙهڻ جو ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان اچي ٿو ۽ ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو ۽ رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي ۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي بنايو اٿس، تنهن جو ۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي وڇايو اٿس، تنهن جو.
(سورة ياسين سيپارو 23، آيت40)
(مٿي ڏنل آيتن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن، جن ۾ حساب جي ڏينهن، قيامت جي ڏينهن، زمين، چنڊ، سج ۽ تارن جي تباهيءَ جو ذڪر آهي.)
انهن آيتن ۾ سج، چنڊ ۽ تارن جو خاص طور تي ذڪر موجود آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هن ڌرتيءَ جي تباهيءَ سان گڏ سج، چنڊ ۽ تارن جو گهرو ڳانڍاپو آهي. تارا ڄاڻڪن جي خيال موجب سڀ کان وڏو تارو، جنهن کي انسان جي اک ڏسي سگهي ٿي، اهو سج آهي. سج جو پنهنجو وشال سرشتو آهي، جنهن کي شمسي نظام (Solar System) يا ”سج جي سرشتي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. زمين ۽ ٻيا اُپ گرهه مثال طور: عطارد، زهره، مريخ، مشتري، زحل، يورينيس، نيپچون ۽ پلوٽو سج جي چوڌاري گهمن ٿا. چنڊ جي پنهنجي روشني يا نور ڪونهي بلڪ هو سج کان روشني يا نور حاصل ڪندو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته، چنڊ جي بي نور ٿيڻ کان اڳ سج جو بي نور ٿيڻ لازمي آهي.
هن وقت دنيا جا سڀ سائنسدان خاص طور تي ڌرتيءَ جا ماهر ڄاڻو (Geologists) ۽ تارا ڄاڻڪ اِهو مڃين ٿا ته، زمين تي حياتي صرف سج ۽ انهيءَ جي روشنيءَ جي ڪري برقرار آهي. سج جي تباهيءَ سان شمسي نظام به تباهه ٿيندو، جيڪو سڄي ڪائنات جي تباهيءَ جو سبب بڻبو.
اسلام ۾ قيامت (حساب جي ڏينهن يا حشر جي ڏينهن) تي ايمان آڻڻ ضروري حصو قرار ڏنو ويو آهي. جيئن ته قرآن جي آيتن مان پڌرو آهي ته انسان کي هميشه کان انهيءَ ڳالهه جو تجسس رهيو آهي ته حساب جو ڏينهن (يعني قيامت جو ڏينهن) ڪڏهن ايندو يا اهو ته هن دنيا جو انجام ڇا ٿيندو؟ ڪيئن ٿيندو؟ ۽ ڪڏهن ٿيندو؟ اسان جي اسلامي ڪتابن ۾ انهن جون تشريحون ۽ وضاحتون موجود آهن ۽ انهن مان هڪ نشاني اها آهي ته قيامت جمعي جي ڏينهن ٿيندي يا سج سوا نيزي تي اچي ويندو، وغيره وغيره. پر قيامت جي ڏينهن جو تعين نه ڪيو ويو. مان هتي مذهبي بحث بجاءِ صرف سائنسي حقيقتون پيش ڪندس، جن جي روشنيءَ ۾ پڙهندڙ ڪنهن نتيجي تي ضرور پهچي ويندا.
سج توانائي جو آخري مستقل سرچشمو آهي. ايٽمي توانائي (جيڪا هينئر يا کڻي ايئن چئجي ته هاڻوڪي صديءَ ۾ ڳولي وئي آهي) کان سواءِ انسان جي جياپي کي برقرار رکڻ لاءِ قدرت سج جي توانائي عطا ڪئي آهي. سج جي گرمي ۽ روشنيءَ سان زمين تي عضوي حياتي (Organic life) برقرار رهي ٿي. انهيءَ وسيلي بارش ٿئي ٿي. جنهن سان اسان جا ٻني ٻارا ساوا ستابا رهن ٿا. سج جي ڪري ئي هوائون گهلنديون رهن ٿيون ۽ ان سج ذريعي ئي اسان لاءِ ڪوئلي ۽ تيل جا ذخيرا مهيا ٿيا آهن. مقصد ته انسان جي زندگي سج جي گرمي ۽ روشنيءَ سان برقرار آهي. جيڪڏهن سائنسي نڪته نظر سان اسان جون حياتيون سج سان لاڳاپيل آهن ته انساني ذهن ۾ هيٺ ڏنل ڪجهه سوال اچن ٿا:
1- سج جي توانائيءَ جو سرچشمو ڪهڙو آهي؟
2- سج ڏينهون ڏينهن ٿڌو ٿي رهيو آهي يا گرم؟
3- سج ڪهڙي شيءِ جو ٺهيل آهي؟
4- سج جسامت ۾ گهٽ ٿي رهيو آهي يا وڌي رهيو آهي؟
5- سج جو گرمي پد ڇا آهي؟
6- سج ۾ روشني ۽ گرمي ڪيئن ٿي پيدا ٿئي؟
7- سج جو انت ڇا ٿيندو؟
8- ڇا سج جو قيامت سان لاڳاپو آهي؟
اچو ته انهن سوالن جا جواب ڳوليون! سج جو زمين کان مفاصلو اٽڪل نو ڪروڙ ٽيهه لک ميل آهي، هن جو قطر اٽڪل اٺ لک پنجهٽ هزار ميل آهي ۽ زمين جي قطر کان اٽڪل هڪ سؤ نَوَ ڀيرا وڏو آهي. پر پوءِ به ڪائنات جي ڪجهه ٻين تارن کان گهڻو ننڍو آهي، پر سڀني کان وڏو تارو اِهو ئي آهي، جيڪو زمين جي ويجهو آهي ۽ جنهن کي انساني اک ڏسي سگهي ٿي. هن جي گهاٽائي پاڻي کان 1.41 ڀيرا وڌيڪ آهي. پر هن جي اندرئين مادي جي گهاٽائي (Density) عام ڇپ جي گهاٽائيءَ کان 60 ڀيرا وڌيڪ آهي. هي گردش نه ڪندو آهي، پر پنهنجي ئي مدار تي پنهنجي ئي ڇڪ (Gravity) جي آڌار تي قائم آهي ۽ هن جي ڪميت (Mass) يا مادو زمين جي ڪميت کان (جيڪا 20x10/27 ٽن آهي) 333000 ڀيرا وڌيڪ آهي. هن جي اندرئين حصي جو گرمي پد اٽڪل 1.5 سيڪڙو ڊگري سينٽي گريڊ آهي. (يعني 15 ملين ڊگري سينٽي گريڊ آهي) هڪ بٺي، جنهن جو گرمي پد صرف ٽي هزار ڊگري سينٽي گريڊ هجي، تنهن کي انسان جي اک نٿي ڏسي سگهي، تنهن ڪري انهيءَ حقيقت مان سج جي بي پناهه گرمي پد جو ڪاٿو لڳايو!
سج جي ٻاهرئين سطح جو گرمي پد صرف ڇهه هزار درجا سينٽي گريڊ آهي، جيڪڏهن خدا نه ڪري ٻاهرئين سطح جو گرمي پد به ساڳيو هجي ها، جيڪو اندرئين سطح جو آهي ته دنيا رک جو ڍير ٿي وڃي ها ۽ ڪٿي به ان جو نالو نشان نه هجي يا جيڪڏهن اتفاق سان ان جي ٻاهرئين سطح جو گرمي پد به ساڳيو ٿي وڃي، جيڪو اندرين حصي جو آهي ته دنيا جون سڀ شيون (ساهواريون يا بي جان، زمين، جبل، وڻ، ٻوٽا، سمنڊ وغيره) ٻاڦ جي شڪل ۾ ختم ٿي وڃن ها ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ڪو وڏو ڪائناتي تارو (Giant Star) سج سان صرف ٿورڙو رهڙجي وڃي ۽ سج جي مٿاهين سطح بصر جي کل وانگر لهي وڃي ته به هيءَ دنيا ڪجهه منٽن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي وڃي، بلڪ رک جو ڍير ٿي وڃي.
تارن جي ماهرن سج جي اندرئين مادي جي جيڪا ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، تنهن موجب سج جي ڪيميائي ترڪيب ۾ نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربن ۽ ڳورا ڌاتو مثال طور: لوهه 2 سيڪڙو، هيليئم (Helium) گيس 25 سيڪڙو ۽ باقي 75 سيڪڙو هائڊروجن گيس موجود آهي. ڌيان ۾ رهي ته اهي سڀ جا سڀ مادا گيس جي شڪل ۾ آهن، ايتري قدر جو لوهه به گيس جي شڪل ۾ آهي. تارن جي ماهرن اهو به ڳولي ورتو آهي ته سج جي پيدائش جو بنيادي جزو هائڊروجن گيس آهي، جيڪا سج اندر ايٽمي حالت (Atomic Form) ۾ قائم آهي ۽ هائڊروجن گيس سج اندر گرمي پد تي لاڳيتو هيليئم گيس ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هائڊروجن سڄي ڪائنات جي تخليق جو هڪ اهم عنصر ئي نه، پر لازمي جزو آهي.
پاڻيءَ ۾ هڪ حصو آڪسيجن ۽ ٻه حصا هائڊروجن موجود آهي. هيليئم جو لفظ يوناني لفظ هيلياس مان ورتو ويو آهي، جنهن جو مطلب سج آهي. يعني سڀ کان پهريائين ان کي سج اندر ڳوليو ويو. اها گيس هوا ۾ به انتهائي گهٽ مقدار ۾ موجود آهي. مثال طور، هوا جي هڪ لک پنجاسي هزار حصن ۾ هڪ حصو هيليئم گيس آهي. هوا ۾ هن گيس جي ڳولا جو اعزاز هڪ انگريز ڪيميادان سر وليم ريمزي کي حاصل آهي، جنهن کي 1904ع ۾ نوبل انعام مليو هيو. هيليئم گيس ڳولڻ جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي:
18 آگسٽ 1868ع تي هندستان ۾ مڪمل سج گرهڻ ٿيو، تنهن ڪري سج جي مٿئين پردي ۾ جيڪو گيس جي حالت ۾ آهي، تنهن ۾ ٻن سائنسدانن فرينڪ لينڊ ۽ لاڪيسر هڪ نئين طيفي ليڪ (Spectral Line) ڳولي، جنهن جو رنگ ڦڪو هيو. انهيءَ کان اڳ اهڙي سڃاتل طيفي ليڪ ڪونه لڌي وئي هئي. هر ڪيميائي عنصر جي پنهنجي هڪ خاص طيفي ليڪ هوندي آهي، جيڪا هڪ اوزار طيف بين (Spectro Scope) جي مدد سان معلوم ڪئي ويندي آهي. تنهن ڪري اهوئي سبب آهي جو انهيءَ نئين طيفي ليڪ کي هڪ نئين عنصر سان تعبير ڪيو ويو. ان عنصر جو نالو سج جي نسبت سان هيليئم رکيو ويو. بعد ۾ ان گيس کي انگريز ڪيميادانن لارڊ ريلي ۽ سر وليم ريمزي تجربيگاهه ۾ ڳوليو ۽ ان جي خاصيتن (Properties) جو اڀياس ڪيو. اڄڪلهه اها گيس تجارتي پيماني تي وڏي مقدار ۾ تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جا ڏاڍا ڪارائتا استعمال آهن. هيءَ گيس هوا کان هلڪي آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه وڏن وڏن هوائي جهازن جي ٽائرن ۾ ڀربي آهي. ان کان سواءِ ميگنيشئم ڌاتو ۽ ان جي جوڙن (Alloys)جي ويلڊنگ ۾ به ڪتب آندي ويندي آهي. سج اندر هائڊروجن لاڳيتو هيليئم گيس ۾ تبديل ٿي رهي آهي. جيئن ته اهو نيوڪليئر عمل آهي، انهيءَ ڪري ان عمل سان بي پناهه توانائي يا روشني پيدا ٿي ٿئي. آخر ۾ اها هيليئم گيس لوهه يا ٻين ڳرن ڌاتن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
جيستائين سج ۾ هائڊروجن موجود آهي، تيستائين اهو اسان کي روشني ۽ گرمي مهيا ڪندو رهندو. دراصل سج جي پيدائش وقت جيڪا هائڊروجن ان جي اندر موجود هئي، سا ئي سندس حياتيءَ جو ڪُل سرمايو آهي، يعني اهو تيل ڪروڙن سالن کان سڙي رهيو آهي. هڪ وقت ايندو جڏهن سج آخر ۾ ڪاري سوراخ (Black Hole) ۾ تبديل ٿي ويندو يا وري نيوٽران تاري جي شڪل ماڻيندو. تارن جي ماهرن جي هڪ محتاط اندازي موجب سج ۾ موجود هائڊروجن جو مقدار وڌيڪ پنج ارب سالن تائين هلندو، جيڪا سج جي باقي وڏي ۾ وڏي ڄمار ليکي وڃي ٿي. پر ٿورو ترسو! اڃا 2 ارب سال ئي گذرندا ته سج اسان لاءِ سهپ جوڳو نه رهندو ۽ جيئن جيئن هائڊروجن جو باقي مقدار هيليئم گيس ۾ تبديل ٿيندو ويندو، تيئن تيئن سج جي تپش ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ جڏهن سج پنهنجي هائڊروجن جو 3/1 حصو استعمال ڪري ڇڏيندو ته قطب خط جتي هاڻي سڄو سال برف ڄميل رهندي آهي ۽ ڏينهن ۽ رات ڇهن ڇهن مهينن جا ٿيندا آهن، اُتي هر قسم جي زندگي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.
ان جو مطلب هي ٿيو ته زمين تي زندگي ايندڙ ٻن ارب سالن کان ڪجهه اڳ ئي ختم ٿي ويندي. ان وقت سج جي گرمي ايڏي تيز ٿي ويندي جو سمنڊ اٻڙڪا ڏيڻ شروع ڪندا. (ايئن ئي مريخ سان ٿي چڪو آهي، جتي زندگيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر اڃا تائين پڪو ثبوت نه مليو آهي.) هن وقت سج جي جسامت ۾ نه هئڻ برابر تبديلي ٿئي ٿي، جڏهن ته هي گذريل ڪروڙن سالن کان چمڪي رهيو آهي. جڏهن هن جي هائڊروجن انتهائي گهٽ ٿي ويندي ته هي جسامت ۾ ڦوڪجڻ (Swelling) يا وڌڻ شروع ڪندو. هن جي جسامت ۾ واڌ پهريون هوريان هوريان ۽ پوءِ وڏي تيزيءَ سان ٿيندي. ايتري قدر جو هي ايڏو وڏو ٿي ويندو جو ٻين اپ گرهن کي هڪ هڪ ڪري ڳهي ويندو. جڏهن سڄي ايٽمي هائڊروجن يا ايٽمي تيل ختم ٿي ويندو ته وري هي ٿڌو ٿيڻ شروع ڪندو ۽ گڏوگڏ سسڻ شروع ڪندو، يعني هن جو ڦوڪيل جسم ڦهلجي ويندو. هن جي رنگ ۾ تبديلي ايندي. مثال طور، سڀ کان پهريائين هن جو رنگ تکي ڳاڙهي مان ڳاڙهاڻ ڀريل تکي نيري (يا صرف تکي نيري) ۾ تبديل ٿيندو ۽ پوءِ پنجاهه ڪروڙ سالن کان پوءِ هن جو رنگ اڇو ۽ وري وڌيڪ ڪروڙين سالن کان پوءِ هن جو رنگ ڪارو ۽ بي نور ٿي ويندو، يعني ڪاري سوراخ (Black Hole) ۾ تبديل ٿي ويندو.
اهي بي نور سج ۽ چنڊ اهڙيءَ ريت خلا ۾ هڪ عرصي تائين گهمندا رهندا. ٿي سگهي ٿو ته، بعد ۾ هي بي نور چنڊ کي به ڳهي وڃي. سج اٽڪل پنج ارب سالن تائين گرمي ۽ روشني ڏيندو رهندو ۽ ايتري ئي عرصي تائين هي دنيا تي چمڪندو رهندو آيو آهي. هڪ محتاط اندازي موجب زمين جي هاڻوڪي ڄمار ٿلهي ليکي 4 ارب 50 ڪروڙ سالن جي لڳ ڀڳ آهي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته سج ڪروڙين ورهين تائين زمين کي پنهنجي روشنيءَ ۽ گرميءَ سان گرمائيندو ۽ روشن ڪندو آيو آهي ۽ ايتري ئي عرصي تائين چمڪندو رهندو، پر زندگيءَ جو انت اڄ کان اٽڪل ٻه ارب سالن کان پوءِ ٿي ويندو، ڇو ته سج جي سهپ کان ٻاهر گرميءَ سان سمنڊ اٻڙڪا ڏيڻ شروع ڪندا ۽ سڄي سامونڊي زندگي به تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. تنهن ڪري عين ممڪن آهي ته، سج جو گرمي پد (گرمائش) ايڏو ٿي وڃي جو بي جان شيون مثال طور، پٿر، ڇپون ۽ جبل به پگهرجي وڃن يا ٻاڦ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وڃن ۽ ڪپهه جي پوپن وانگر اڏرڻ شروع ڪن يا وري سَٽيل ڪپهه وانگر ٿي وڃن جيئن قرآن حڪيم ۾ ارشاد ٿيو آهي:
”۽ جڏهن جبل اُڏايا ويندا. (سورة المرسلات سيپارو 29، آيت 10)
يا ٻي شڪل اها به ٿي سگهي ٿي ته، جڏهن سج انهيءَ سڙيل زمين کي پنهنجي اندر جذب ڪري يا ڳهي ويندو ته ظاهر آهي ته زمين ڌماڪي سان سج سان ٽڪرائبي ۽ پرزا پرزا ٿي ويندي. انهيءَ شڪل ۾ جبل به سٽيل ڪپهه وانگر اُڏامندا. اڄوڪي دور جا سڀ سائنسدان ان حقيقت تي سهمت آهن ته سج ئي زمين جي ۽ ان جي رهاڪن جي خاتمي جو ڪارڻ هوندو ۽ پوءِ شمسي نظام جي تباهه ٿيڻ تي ڪائنات ۾ تجاذبي قوتن جو توازن ڊانوان ڊول ٿي سگهي ٿو جنهن سان ڪائنات جي ٻين حصن ۾ به ڀڃ ڊاهه ٿي سگهي ٿي. ڪائنات جي مڪمل تباهيءَ جي سببن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ سج جو موت سڀ کان وڏو سبب آهي. تنهن ڪري انهن سڀني واقعن ۽ مشاهدن جي بنياد تي اسان چئي سگهون ٿا ته اها ئي قيامت هوندي ۽ اها اهڙي ئي انداز ۾ ايندي، جنهن انداز ۾ قرآن حڪيم جي ڪيترين آيتن ۾ آيو آهي.
تارا ڄاڻڪن جي حساب موجب قيامت (جنهن کي هو ڪائنات جي تباهي ۽ ڀڃ ڊاهه ٿا چون) ٻه ارب سالن کان پوءِ ايندي، پر هو يقيني طور تي ڪنهن هڪ ڏينهن جو تعين نه ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي وري ڪري سگهندا، پر سائنسي شاهدين ۽ تجربن جي بنياد تي اسان چئِي سگهون ٿا ته، ڪائنات اربين سالن کان پوءِ تباهه ٿيندي.
قرآن حڪيم ۾ ”يوم“ جو لفظ استعمال ٿيو آهي. عربي زبان ۾ ان جي معنيٰ ڏينهن (دنياوي لحاظ کان) آهي، پر اهو ڏينهن يا يوم حساب ڪيترو ڊگهو هوندو، تنهن جو اندازو تارا ڄاڻڪن ۽ آڪاش ڄاڻڪن لاءِ مشڪل آهي. پر ڏينهن جي ڊيگهه هاڻوڪي سال برابر ٿي ويندي، يعني ڏينهن سال تائين ڊگهو ٿي ويندو. قرآن حڪيم ۾ قيامت جي ڏينهن جي ڊيگهه 50 هزار سالن برابر بيان فرمائي ويئي آهي. سورة المعارج ۾ ارشاد ٿيو آهي:
”ملائڪ ۽ روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي پنجاهه هزار ورهيه ٿيندي.“ (سورة المعارج سيپارو 29، آيت 4)
ڇا قيامت اڄ به اچي سگهي ٿي؟ ها! ايئن ممڪن آهي، جيڪڏهن ڪو رولاڪ وڏو تارو سج جي جسامت سان يا ان کان وڏو خلا ۾ گردش دوران اتفاق سان سج سان ٽڪرائجي وڃي ته اڄ ئي قيامت اچي سگهي ٿي ۽ هڪ ڀيرو ماضيءَ ۾ اهڙو تارو سج جي انتهائي ويجهو گذري ويو هو ۽ هاڻي وري اهو ساڳيو تارو ڪنهن به وقت سفر دوران سج سان ٽڪرائجي وڃي ته سج جو سڄو سرشتو تباهه ٿي ويندو. شمسي نظام جي تباهي سڀني انسانن جي تباهي هوندي. يا ايئن کڻي چئجي ته سڄي حياتي تباهه ٿي ويندي. شمسي نظام ۾ تجاذبي قوتن ۾ زبردست خلل پوڻ سان ممڪن آهي ته ڪائنات جو نظام ئي ڀڄي ٽٽي پوي.
اها ئي قيامت هوندي! مرڻ واري لاءِ ته ان وقت قيامت اچي ويندي آهي، جڏهن هو دنيا مان لاڏاڻو ڪندو آهي. ان ڪري ڏاهن چيو آهي ته، ”جان آهي ته جهان آهي.“ ڪائنات ۾ ڪنهن به وقت ڪا اوچتو تبديلي اچي سگهي ٿي، جيئن هيلي جي ڀڇڙ تاري سان ٿي چڪو آهي. تارا ڄاڻڪن جو چوڻ آهي ته عام حالتن ۾ ايئن ممڪن ناهي ته ڪو تارو سج سان اوچتو ٽڪرائجي وڃي، ڇاڪاڻ ته تارو صرف پنهنجي ئي مدار ۾ گردش ڪندو آهي، تنهن ڪري اهو اهڙي رولاڪيءَ جو بار سهي نٿو سگهي.
تنهن هوندي به سائنس جا مفروضا ۽ نظريا آخري ۽ مستقل ناهن، انهن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، جڏهن ته قرآن جا بيان حرف آخر، سچا ۽ مستقل آهن. تنهن ڪري قرآن حڪيم ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. جن جو سائنس اڃا تائين تسلي بخش جواب ڳولي نه سگهي آهي، سائنس اڃا انهيءَ منزل تي ناهي پُڳي ته هوءَ انهن ڳالهين جي صحيح تشريح ۽ وضاحت ڪري سگهي.
(سنڌ فورم، اڪتوبر 1999ع)