تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

حسين بن منصور حلاج جي شهادت جو سياسي پسمنظر : امان الله شيخ

پڇيو ئي جان دوست، تان پاهي ڪر پرهيز
جني ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا. (شاهه)

جڏهن اسلام عرب کان ٻاهر پير پاتو ته عرب عالمن ۽ ڏاهن ماضيءَ جي مذهبن، قومن جي ڪمال ۽ زوال، فلسفي ۽ منطق کي نه رڳو عربي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيو، پر ٻين قومن کان ڏاهپ ۽ ڏانءَ سکڻ ۾ ڪوبه عيب ۽ وِڏ محسوس نه ڪئي. ائين انهن عالمن جي محنتن ڪري اسلام به هڪ عالمگير رتبو ماڻيندو رهيو ۽ ٻين مذهبن جي چڱاين کي پاڻ ۾ سموئيندو ويو. انهيءَ اندروني عمل جو نتيجو نڪتو ته اسلام سهپ، رواداري، تقويٰ ۽ تصوف جي لاڙن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو. هونءَ ته تصوف کي عربيءَ ۾ ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ ۾ گهڻن ئي صوفين جو هٿ آهي. پر جنهن شهيد حق ۽ عشق جي امام خانقاه ۽ حجرن ۾ انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي سرعام نروار ڪيو سو، حسين بن منصور حلاج جي نانءَ سان سڏجي ٿو.
حسين بن منصور تصوف جي دنيا جي اها منجهيل ۽ متنازع شخصيت رهي آهي،جنهن کي انهيءَ دور جي صوفي عالمن جهڙوڪ: واصل بن عطا، عبدالله بن حنيف، علامه شبلي، ابوالقاسم نصرآبادي ۽ ٻين روشن خيال ماڻهن ذات الاهيءَ جي ايڪتا جو علمبردار ۽ انسانيت جو عاشق ڄاڻايو آهي. جڏهن ته عالمن جي ٻئي گروه جن ۾ ابو عمر، ابو الحسن، اثنائي، شيخ ابو سعيد ابو الخير، شيخ ابو علي فارمدي ۽ امام يوسف شامل آهن تن کيس ملحد، دهريو، زنديق ۽ ڪافر سڏيو آهي.
حسين بن منصور 858ع ۾ فارس جي علائقي ۾ بينسا شهر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي هڪ ڳوٺڙي صُلور ۾ ڄائو، جيڪو شيراز کان ستن ميلن جي پنڌ تي هيو. بيضا، بصري کان خراسان تائين عباسي فوجين جي هڪ مکيه ڇانوڻي هئي. بيضا ۽ ان جي آسپاس ڳوٺڙن جي رهاڪن جو گذران ايڏو ته مشڪل هيو جو ڪيڏي به محنت ۽ پورهيو ڪندا هئا ته به پيٽ ڀري کائي نه سگهندا هئا، ۽ ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن واپاري قافلن تي راتاها به هڻندا هيا.
انهيءَ سماجي ماحول ۾ حسين بن منصور اکيون کوليون. پڻهس روزگار جي ڳولا ۾ پٽ کي ساڻ ڪري تسترا جي پاسي هڪ ڳوٺ ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪرڻ لڳو، ۽ گهر ۾ پٺيان ننڍڙي حسين کي ڇڏي ويندو هيو، جيڪو پاڙي ۾ ننڍڙن ٻارڙن سان راند روند پيو ڪندو هيو، پر حسين جيئن ئي سانڀر سان ٿيو ته ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، ايڪانت ۾ ڪنهن سوچ ۽ ويچار ۾ ٻڏل ۽ سدائين تجسس ڀريل اکين سان هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو هو. ائين به چيو وڃي ٿو ته حسين ننڍڙي ڄمار ۾ هڪ نقطي تي پهتو، ”حقيقت جي معنيٰ انسان کي ذات خداوندي ئي ڏئي سگهي ٿي“. انهيءَ ذات جي ڳولا ۽ اندروني ڇڪتاڻ جي رد عمل ۾ حسين پنهنجي گهرو تعلقاتن کان به لاپرواهه بڻجي ويو، ۽ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ تسترجي ڳوٺ ۾ حقيقت جي صوفي استاد سهيل بن عبدالله وٽ اچي حاضر ٿيو، جتي ٽي ورهيه لڳاتار پڙهندو ۽ پرائيندو رهيو. پر حسين جي چوڌاري سياسي ۽ معاشي حالتن جي پيڙا کيس وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو هيو، جنهن ڪري بغداد ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي به حسين کي آرام نه آيو، ڇو ته عام لوڪن سان حڪمران طبقي جو ورتاءُ ايڏو ته ايذائيندڙ هيو جو انهيءَ سڄي وهنوار کي ڏسڻ ۽ سهي ويهڻ سندس وس کان ٻاهر هيو، جنهن ڪري بصري ڏانهن منهن کڻي ڪيائين.
بصرو، انهيءَ زماني ۾ سياسي ۽ معاشي هلچل جو مکيه مرڪز هيو. جنهن ڪري ”اخوان الصفا“ وارن جي عقل ۽ ڏاهپ جي بنياد تي تبليغ ۽ لکڻين جو ڳڙهه هيو ته وري ساڳئي وقت حنبلي ۽ معتزله جيڪي نج سياسي تحريڪون هيون سي به اتي وڌيڪ اثرائتيون ۽ منظم هيون. حسين جڏهن بصري پهتو ۽ چوڌاري سياسي ۽ معاشي بدحاليءَ جا ساڳيا پرڪار هيا، ته به عالمن، سياڻن ۽ سياسي تحريڪن جي موجودگيءَ سندس هنئين تي ڇنڊا وڌا. حسين اتي هڪ عالم عمرو بن عثمان وٽ پڙهندو رهيو ۽ ساڳئي وقت سياسي تحريڪن ۽ اخوان الصفا جي عالمن سان به لڳ لاڳاپو وڌائيندو رهيو. انهيءَ سمي بصري ۾ اندروني طور سياسي ۽ معاشي اڻ برابري خلاف دونهين دکي رهي هئي، جنهن اوچتو ڀڙڪو کاڌو ۽ 879ع ۾ نڪري نروار ٿي. ٿيو هيئن جو هٿياربند جدوجهد زيديه زنج ۽ غلامن ۾ سجاڳي جي لهر ٻئي هڪ ئي وقت اڀيون ٿي بيهي رهيون ۽ انهن تحريڪن پنهنجي ايڪتا ۽ سگهه سان جاگيردار آپيشاهي ۽ سندن طرفدارن کي ڌوانڌاڙي وڌو. پر رياستي اقتدار جي مالڪن پنهنجي ساک کي بچائڻ خاطر سلجوقي ڪمانڊرن جي مدد سان بصري ۾ قتل عام ڪرايو، جنهن ڪري سڄي هلچل پٽ وڃي پئي. بصري ۾ جيئن عوامي جدوجهد مات کاڌي ته مقامي گورنر حسين بن منصور کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، ۽ مٿس تهمت هنئي وئي ته بصري جي بغاوت ۾ ڳجهي نموني سندس هٿ هيو. اهڙي طرح حسين بنديخاني ۾ سال کن رهيو پر مٿس تهمت ثابت ٿي نه سگهي، جنهن ڪري کيس آزاد ڪيو ويو. جيئن حسين جيل مان ٻاهر نڪتو ته استاد عمرو بن عثمان نه رڳو کيس رهائڻ کان انڪار ڪيو پر کيس بيٺي پير بغداد وڃڻ جي صلاح ڏني. ائين اوچتو بصرو ڇڏي بغداد روانگيءَ جي حڪم حسين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
بهرحال حسين مونجهه ۽ نراسائيءَ ۾ حضرت جنيد وٽ بغداد اچي پهتو، جنهن کيس ايڪانت ۾ سانت اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ۽ هن همراه سال کن ماٺ سان بغداد منجهه گهاريو پر جيڪا سندس جيءَ کي جهوري لڳل هئي تنهن کيس سانت ٿيڻ نه ڏنو، ڇو ته حڪمران طبقي طرفان جيڪو عام لوڪ سان ڪين جهڙو ورتاءُ ڪيو پئي ويو ان کي سهي ڪونه سگهيو. ان سمي پنهنجن ساٿين سان گڏ 881ع ۾ مڪي روانو ٿي ويو ته جيئن اتي تقريرن ۽ تحريرن وسيلي سماج ۾ ننڍ وڏائي کي ختم ڪرڻ لاءِ اڀار پيدا ڪري سگهي. اتي مڪي ۾ به حسين هڪ ورهيه گذاريو. اتي سڄي عالم مان آيل ماڻهن ۾ به حڪمران طبقو پنهنجن مفادن کي مذهب جي پوشن ۾ بچائيندو پئي آيو، جنهن سندس ذهني ايذاءَ ۾ واڌارو پئي ڪيو. ڇو ته حسين مذهب کي سچي انسان ذات جي ڀلائيءَ جي علامت سمجهندو هو. ۽ ان جي ابتڙ سندس آڏو جيڪي قهري ڪَلُور ڪيا پئي ويا تن کان حسين جهڙو حساس طبع پاڻ بچائي نه سگهيو ۽ اتي مڪي ۾ اڻبرابريءَ خلاف تقرير ڪندي چوڻ لڳو:
” جڏهن دين اسلام طبقاتي ننڍ ۽ وڏائي، رنگ ۽ نسل جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي آهي ته فرد جي شخصيت ۽ حق کي ميسارڻ جو اختيار انسانن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ ۽ رسول امين جي تعليم انسان کي سنئون سڌو رب جليل جي ڳانڍاپي ۾ آڻي ڇڏيو آهي ته هيءُ ٽين ڌر ڪٿان اچي پڌري ٿي آهي؟ جنهن فرد کي روڳي مذهب ۽ سياست جي وهنوار جو پرزو بڻائي ڇڏيو آهي. آدم ته پنهنجي ليکي سڄي ڪائنات جو ايڏو ته ڪارائتو عنصر آهي جو ان جي وجود کي پاڻ ذات خداونديءَ جو پرتوو سمجهڻ گهرجي.“
هاڻي حسين کي مڪي ۾ به ٽڪاءُ نه آيو، سو پنهنجن ساٿين سان گڏجي بغداد موٽي آيو۽ حضرت جنيد آڏو پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ کولي کڻي نروار ڪئي ۽ چوڻ لڳس ”مان ۽ منهنجو محبوب هڪ آهيون، اسين هڪ جسم ۾ ٻه روح آهيون، جيڪڏهن ڪو مون کي ڏسي ٿو ته هن کي به پسي ٿو. ۽ جيڪو هن کي ڏسي ٿو سو ٻنهي کي پسي ٿو.“ حسين جيئن ئي پنهنجي اندر جو اوڳر ڪڍي ظاهر ڪيو ته جنيد چيس، ”ستت ئي ٽياس تي ٽنگيو ويندين ۽ پاڻ کي رت ۾ ريٽو ڪندين“. حسين به ٺهه پهه وراڻيس، ”جنهن ڏينهن مان رت ۾ ونهتل هوندس ته تون به اُن ڏينهن ظاهري لباس پهري نڪري نروار ٿيندين“. ٿيو به ائين جڏهن حسين جي قتل جي فتويٰ خليفي معتصم آڏو آئي ته حڪم ڏنائين ته جنيد جي لکت هئڻ به ضروري آهي، ۽ جنيد فتويٰ ۾ لکيو ته ”ٻاهرن ڏيک ويک ۾ ته هُو سر قلم ڪرڻ جي لائق آهي، باقي اندر جي خبر الله کي.“
حسين بن منصور کي جڏهن جنيد جي وراڻيءَ منجهان به اندر جي ٻرندڙ مچ تي ڇنڊا نه پيا ته جهنگ منهن کڻي ڪيائين.
پئي جنين باس، گنجي ڏونگر گام جي،
ڇڏي سڀ لباس، لوچي لاهوتي ٿيا. (شاهه)
حسين بن منصور سڄا سارا پنج ورهيه ملڪان ملڪ گهمندو ڦرندو رهيو ۽ عام لوڪن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳو. انهن پنجن ورهين ۾ هن خراسان، سنڌ، ملتان، هندستان، چين، سيستان ۽ اهواز ڏانهن سفر ڪيو ۽ ماڻهن جي سمجهاڻيءَ لاءِ ۽ وحدانيت جي پرچار خاطر ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا لکيا. انهن پنجن ورهين واري مدي ۾ حسين بن منصور جي تبليغ جي ڪري جڏهن سندس پوئلڳن جو انگ چڱو خاصو وڌيو ته مخالفن به کيس تنگ ڪرڻ کان وسئون ڪونه گهٽايو. پرساڳئي وقت حنبلي مڪتبه فڪر جي سياسي اڳواڻن حسين جي تبليغ ۽ تقريرن کي سرڪار جي خلاف ڪارائتي هٿيار طور ڪتب آندو. ڇوته انهيءَ مڪتبه فڪر وارن جو مکيه مول متو هئو ته جاگيرداري آپيشاهي ۽ سرمايه داريءَ جي ڏنڀيندڙ سرشتي کي ختم ڪري عقل ۽ ڏاهپ جي بنيادن تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪيو وڃي.
نيٺ حسين ٻيهر 888ع ۾ مڪي ويو ته جيئن پنهجن خيالن جو پرچار وڌيڪ سيبائتي نموني ڪري سگهي. اتي به حسين گهڻيون ئي تقريرون ۽ بحث مباحثا ڪيا. پر هڪ تقرير اتان جي حڪمرانن کي ايڏو ته ڏڪائي وڌو جو حسين جو مڪي ۾ وڌيڪ رهڻ کين جوکائتو لڳو سو کيس جادوگر ۽ فتنه انگيز چئي شهر نيڪالي ڏني وئي. حسين جي انهيءَ تقرير جو تت هن ريت هيو:
”هن ڌرتيءَ جا اصل ۽ حقيقي وارث اهي لوڪ آهن جيڪي ڇوٽڪاري ۽ جياپي وارو سنيهو پنهنجي سيني ۾ سانڀي پاڻ کي عظيم پالڻهار جي پالڻهاريءَ ۾ ارپي ڇڏين ٿا. ۽ پوءِ هو پاڻ به پالڻهار بڻجن ٿا.“
حسين، مڪو ڇڏڻ کان پوءِ پنهنجن ساٿين سان گڏ بصري هليو آيو. پر حڪمرانن کي اچي ڀؤ لڳو ته ڪاٿي وري به حسين سندن لاءِ ڪا اٿل آڻڻ جو سٽاءَ نه ڪري، سو کيس بيٺي پير شهر نيڪالي ڏني وئي. ان کانپوءِ ته هو ملڪان ملڪ گهمندو ۽ تبليغ ڪندو رهيو ۽ سندس اٿ ويهه جا مکيه مرڪز سدائين غريبن ۽ مسڪينن جا پاڙا ۽ وسنديون هونديون هيون. جيئن جيئن حسين پنهنجن اکين سان رياستي حڪمرانن جي عوام تي بي رحميءَ ۽ سفاڪيءَ واري ڀيل ڏسندو پئي ويو تيئن تيئن سندس تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڇوهائي ايندي پئي وئي. حڪمرانن کي ته هونئن ئي حسين ۾ شڪ هوندو هيو ۽ هاڻي ته سندن ويساهه وڌيڪ پختو ٿي ويو ته هي صوفي ۽ سندس ساٿي هنن جي اقتدار خلاف پرچار ڪن پيا. ان ڪري حسين کي ڪاٿي به ترسڻ ڏنو نه پئي ويو، ڇو ته غريبن ۽ ڌتڙيلن جا ڪٽڪ ساڻس گڏجي پئي ويا.
۽ نيٺ، آخري ڀيرو حسين پنهنجن ساٿين سان گڏ مڪي ڏانهن اسهيو ته اتي حج جي مند ۾ عام لوڪن کي انسان ذات جي ڀلائي واري بنيادي سنيهي ڏانهن ڌيان ڇڪائي سگهي. ائين مڪي ۾ ٻه ورهيه رهي پيو. هڪ لڱا عرفات جي ميدان ۾ چوڻ لڳو:
”يا دليل المتحريين! (حيران ۽ پريشان هئڻ وارن جا رهبر) مان جيڪڏهن تنهنجي نگاهه ۾ ڪافر آهيان ته منهنجي ڪفر ۾ واڌارو ڪر“ ۽ جڏهن اوسي پاسي ڏٺائين ته هر ڪو دعا گهرڻ ۾ محو آهي ته هن پنهنجو ڪنڌ کڻي نمايو، جڏهن سڀ ڪو ٽڙي پکڙي ويو ته ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو: اي رب عظيم! مان توکي روبرو ڏسان پسان پيو. اي سائين! هيءَ مخلوق جيڪا به تنهنجي ساراهه ۽ صفت ڪري ٿي، مان اُنَ ساراهه ۽ شڪر جي مقام وٽ عاجز ۽ نماڻو آهيان. ڇو ته منهنجي واتان تنهنجي صفت ۽ ساراهه جو حق ادا ٿيڻ جي مجال ڪهڙي آهي، تون ته پاڻ پنهنجي صفت ۽ ساراهه آهين.“
هاڻي حسين جنهن ڏاهپ جي ڏاڪي تي پير رکيو هيو. سو نه رڳو اوکو ۽ اڻانگو هيو، پر مجذوبيت ۽ مستيءَ جي لئه ۾ سندس واتان، ”اناالحق .... اناالحق“ جو نعرو گونجڻ لڳو.
هونئن ته حسين بن منصور عام لوڪن ۾ پنهنجو فلسفو ۽ گيان سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا لکيا پر جنهن ڪتاب جي نانءَ سان خاص طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو سو ”ڪتاب الطواسين“ آهي.
حسين انهيءَ ڪتاب ۾ اناالحق جي لاءِ اجهو هينئن چوي ٿو:
۽ مون کين چيو:
”جيڪڏهن اوهان ۾ حق سڃاڻڻ جي شناس ڪونهي، ته پوءِ سندس اهڃاڻ ۽ علامتون سڃاڻو، مان به انهيءَ جو اهڃاڻ آهيان.
انالحق!
۽ اهو ان لاءِ جو مون حق کان منهن نه موڙيو!
مونکي قتل ڪيو!
سوليءَ تي لٽڪائي ڇڏيو!
منهنجا هٿ پير ڪپي ڇڏيو!
پر مان پنهنجي دعويٰ تان نه ڦرندس.“
۽ حسين انهيءَ موج ۽ مستيءَ ۾ جهونگاريندو ساٿين سوڌو بغداد موٽي آيو ۽ غريباڻي محلي ۾ ديرو ڄمائي عام ڪچهرين وسيلي عام لوڪن سان روح رهاڻيون ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري مسڪينن ۽ مظلومن جا انبوه سندس چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا. اهو سڄو لقاءُ ڏسي حڪمران طبقو صوفين جي خانقاهن تي ڏند ڪرٽڻ لڳو، ڇو ته پنهنجي استحصالي سرشتي جي سٽاءُ ۾ کين حسين بن منصور ۽ ٻين صوفين کي وڏي رنڊڪ سمجهيو، ۽ اهڙي ريت سڄي خانقاهي سرشتي کي پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر واري حڪمت عمليءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهڻ لڳا. ان جو مکيه ڪارڻ اِهو هيو ته خانقاهي سرشتي جي جوڙجڪ نج عوامي هئي، ۽ عوام ، حڪمران طبقي جي جبر، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ کان بچڻ خاطر خانقاهن ۾ اچي پناهه وٺڻ لڳو. ۽ اتي انهن مجبور ۽ ستايل ماڻهن کي نه رڳو پيار ۽ پاٻوهه ملندو هيو پر ان سان گڏ مشترڪ لنگر خانن تان پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌو به ملندو هيو. حڪمران طبقو صوفين جي خانقاهي سرشتي ۾ سنئين سڌي هٿ چراند ڪرڻ کان لنوائڻ لڳو ته متان ڪو ممڻ نه مچي پوي سو صوفين کي بازار مان لنگهندي سرڪار جا پڇ لٽڪائو سندن بيعزتون ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا هيا. پالڻهاريءَ جي وحدانيت ۽ انسان ذات سان عشق جي جرم ۾ کين ڪورٽن ۾ گهليو ۽ لتاڙيو ويندو هيو. حضرت جنيد بغداديءَ جهڙي عالم کي بنا ڪنهن سبب جي ڪورٽ گهرايو ويو ته سندس من مستيءَ ۾ گهٽتائي اچي. انهيءَ دؤر ۾ هڪ ڊنگ سرڪاري ڪاموري جي صوفي سمنون سان اڻبڻت ٿي پئي، سو ان ڪاموري هڪ طوائف جي معرفت مٿس بدڪاريءَ جي تهمت هڻائي ۽ چڱن مڙسن به بنا ڪنهن جانچ پڙتال جي صوفي سمنون کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي. ان وقت خليفي جي درٻار جي جوڙجڪ به ڏسبي ته ان ۾ ٻه سنوان سڌا گروهه هئا: هڪ گروهه جو اڳواڻ وزيرِ درٻار علي بن عيسيٰ هئو جيڪو وڌندڙ سياسي ۽ معاشي ڇڪتاڻ کي ڍرو ڪري روشن خيالي ۽ رواداري آڻڻ جو طرفدار هيو ۽ سندس ويجهڙائي حسين بن منصور ۽ حنبلي مڪتبه فڪر وارن سان هئي. ٻيو گروهه جنهن جو سربراهه ابن الفرات ۽ حامد بن عباس هئا سي نه رڳو حسين بن منصور جا جاني دشمن هئا، پر ڪٽرپڻي جي حد تائين عوام دشمن، جابر ۽ ظالم هئا.
حامد بن عباس عام ماڻهن جا انبوهه حسين جي چوڌاري گڏ ٿيندا ڏٺا ته هڪدم خليفي معتصم جا ڪن وڃي ڀريا ته هو خلافت عباسيه جو تختو اونڌو ڪرڻ جو منصوبو سٽي رهيو آهي. حامد جي پٺڀرائي درٻار ۽ علمائن جو هڪ گروهه پڻ ڪري رهيو هيو جن جي حسين سان اڻبڻت هئي. نيٺ خليفي اقتدار کسجڻ جي ڀؤ ۾ حسين بن منصور جي گرفتاري جو حڪم ڏنو. حسين جي گرفتاري بغداد ۽ ان جي پسگردائي ۾ ڏاڍو تاءُ پئدا ڪيو ۽ بغاوت جا آثار چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. ڇو ته هڪ پاسي حسين بن منصور جي وحدانيت ۽ مساوات جو سنيهو انقلاب جي علامت بڻجي چڪو هو ته ٻئي پاسي جنبلي تحريڪ وارن جو مطالبو هيو ته محصول ۽ ڍلون گهٽايون وڃن. اڃا به خوفائتو مطالبو جنهن حڪمرانن جي رنڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو سو هيو ته رياستي اقتدار تي مٿين طبقي جي بالادستي ختم ڪري غريبن ۽ مسڪينن کي سياسي ۽ سماجي حقوق ڏنا وڃن. خليفي اهڙي خوفائتي صورتحال ڏسي علي بن عيسيٰ کي گهرايو جنهن حسين بن منصور کي آزاد ڪرڻ ۽ ڍلن ۽ محصول جي چيلهه ڀڃندڙ ٻوجهه کي جهڪو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
اهڙيءَ طرح علي بن عيسيٰ انهن سڀني گروهن سان ٺاهه ۽ ڀائيچاري جون ڳالهيون ڪيون جن کي حڪمران طبقن ۽ سندن ڀڇ لٽڪائن سخت ڏجها ڏنا هئا. ۽ روشن خيال انسانن ۽ غير فرقيواريت جي طرفدارن کي چڱن سرڪاري عهدن تي آندائين. ان سڄي بي چيني ۽ ڇڪتاڻ جي وايو منڊل ۾ ٺاپر آڻڻ ۾ علي بن عيسيٰ جي سمجهه ۽ سچيتائي جو ڪارائتو عمل دخل ليکيو وڃي ٿو، ۽ ائين به سمجهيو وڃي ٿو ته ان سڄي سياسي حڪمت عملي کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ علي بن عيسيٰ جي پٺيان صلاح ۽ ثباب جو مکيه مرڪز حسين بن منصور هيو. علي بن عيسيٰ ۽ احمد قنائي جي درخواست تي حسين بن منصور رياستي اقتدار جي نئين سر جوڙجڪ، عوامي جاڳرتا ۽ وحدانيت تي اڪيچار مضمون ۽ مقالا لکيا. ۽ ان سڄي حڪمت عمليءَ کي سرڪاري رٿابنديءَ جو بنيادي پيڙهه پٿر بڻايو. اهڙي طرح حسين جنهن خوشحال رياست جو خاڪو بڻايو ان جو نچوڙ هيٺينءَ ريت هئو:
”هڪ خوشحال رياست ۾ فرد کي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي. فوج ۽ پوليس کي رياست آڏو جواب ڏيڻ لاءِ ذميوار ڪيو وڃي. خلافت جي مڙني اختيارن کي عام لوڪن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آندو وڃي. وياج ۽ ذخيره اندوزي جي واهپي کي ختم ڪيو وڃي.“
حسين بن منصور جي انهيءَ سٽاءَ تي يهودي سرمائيدارن، مفاد پرستن ۽ عوام دشمن لڏي پنهنجن اقتصادي مفادن کي ڊانواڊول ٿيندو ڏسي پنهنجن دلالن جي معرفت فوجي ڪمانڊرن سان سازش ڪري خلافت کي پنهنجي زير بار رکڻ لاءِ تياريون ڪيون. ٻئي پاسي علي بن عيسيٰ ۽ حنبلي انقلابين پاڻ ۾ ويهي فيصلو ڪيو ته موجوده خلافت ۽ سندس حڪمرانن کي جيستائين دائمي طور اقتدار کان محروم نه ڪبو تيستائين عام لوڪن جي معاشي ۽ سياسي خوش حالي ۾ واڌارو نه ايندو. ۽ حسين بن منصور جي اڳواڻي ۾ نئين انقلابي سرڪار قائم ڪئي وڃي، پر اهو ڪارج غلط رٿابندي، جوش ۽ اٻهرائيءَ جي ڪري وقت کان اڳ وائکو ٿي پيو. نتيجي ۾ انقلاب دشمنن جي وٺ وٺان ڪري سڄي انقلابي سٽاءَ جي خليفي کي کڙڪ پئجي وئي ۽ خليفي هڪدم علي ابن عيسيٰ کي سڀني اختيارن کان محروم ڪري ڇڏيو . انقلابين جو هيئن سڄي سٽاءَ کي ڊهندو ڏٺو ته حسين بن منصور کي چيائون ته تون خلافت جي واڳ سنڀال، پر هن انڪار ڪندي وراڻيو ته، ” حڪمراني ڪرڻ منهنجي مول ۽ متي ۾ شامل ڪونهي“. منصور جي نهڪار، مفاد پرست گروهن جي چالاڪي ۽ رجعت پسندن جي دٻاءَ ڪري انقلابي عنصر نه رڳو پٺتي هٽي بيٺو پر حسين ۽ علي جي طرفدارن کي حڪومت جي اهم عهدن تان هٽايو ويو، پوليس ۽ فوج ۾ به ڦيرڦار ڪئي وئي. رڳو ٻاهرين ڏيکاءَ واسطي علي ابن عيسيٰ کي نائب وزير ڪري رکيو ويو، ۽ جيڪي به اڳ ۾ سڌارا آندا ويا انهن کي رد ڪيو ويو. اڃا به حڪمران طبقي ڊپ جي ڪري حسين بن منصور کي بغداد ڇڏي وڃڻ لاءِ زور ڀريو. حسين بن منصور بغداد ته ڇڏي ويو پر اقتصادي ۽ معاشي بحران اچي ستت ئي منهن ڪڍيو ۽ چوڌاري هنگاما ۽ فساد ٿي پيا، ۽ نتيجي ۾ حنبلي انقلابين اڳتي وڌي، خليفي المقتدر کي تخت تان لاهي ڇڏيو جيڪو ننڍڙي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو هيو. اهڙيءَ طرح انقلابين عوام کي فوج ۽ آپيشاهي کان اچي ڇوٽڪارو ڏياريو، پر انقلابين کان جيڪا وڏي ڀل ٿي سا هيءَ ته بنيادي سڌارا جن وسيلي رجعت پسندن کي نڙيءَ تي ننهن اچي ها سي لاڳو نه ڪري سگهيا، جنهن ڪري عوام دلشڪستو ٿي پيو. تان ته انقلابين کي رجعت پسندن سازش ۽ ڀڄ ڊاهه جي وسيلي رياستي اقتدار کان تڙي ٻاهر ڪري ڇڏيو. ۽ ابن الفرات خليفي المقتدر کي آڻي تخت تي ويهاريو ته جيئن عام لوڪن کي، مذهب ۽ خلافت جي نانءَ ۾ نشو ڏئي کيرو ڪري ڇڏجي.
ابن الفرات سڀ کان پهريائين حسين بن منصور تي اک رکڻ لاءِ خفيه پوليس جو هڪ جٿو ٺاهيو ۽ حامد بن عباس جي مٿان ڊيوٽي رکي وئي ته حسين کي هٿ ڪيو وڃي جيڪو انهن ڏهاڙن ۾ روپوش هيو ۽ پوءِ انقلابين کي ڳولهي ۽ چونڊي مارايو ويو. عوام جي مٿان ڍل ۽ محصول جي اگهه ۾ واڌ آندي وئي. نيٺ ٽن ورهين جي لڳاتار ڳولها کان پوءِ حسين بن منصور کي گرفتار ڪري بغداد جي جيل ۾ رکيو ويو.
حسين سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ ويندا هئا ۽ هڪ ڏهاڙي سندس يار غار ۽ پوئلڳ شبلي جيل ۾ ملاقات ڪندي پڇيس ”اي حسين صبر ڇا آهي؟“ حسين وراڻيس ”صبر اها وٿ آهي جنهن جا هٿ پير ڪپي ڇڏيو، سوليءَ تي چاڙهيوس ته به ڪڇي نه پڇي“.
سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان ڌڙونڍيان، سرناه
هٿ، ڪرايون آڱريون، ڪپجي ويا ڪاند
وحدت جي وهان، جي وياس کي وڍيا. (شاهه)
ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ ابن الفرات، رجعت پسندن جي چرچ تي ڍل ۽ محصول ۾ ٻيهر واڌارو آڻي ڇڏيو جيڪو عوام جي سهپ کان ٻاهر هيو. جڏهن ته حڪمرانن جو چوڻ هيو ته مصر ۾ فاطمين خلاف جنگ سبب خزانو خالي ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سرڪاري انتظام ۽ خرچ پکي هلائڻ واسطي محصول ۽ ڍل ۾ واڌ آڻڻ اڻ ٽر بنجي وئي آهي. هوڏانهن عوام جي اٿل انهن سڀني ڇسن دليلن کي لوڙهي کڻي وئي ۽ ماڻهو رستن تي نڪري آيا. بغداد ۾ اناج جا گودام لٽجي ويا ۽ سالن کان بنديخانن ۾ سڙندڙ بي گناهه قيدين کي آزاد ڪرايو ويو. جنهن جيل ۾ حسين بن منصور بند هيو ان جا به دروازا ڀڳا ويا پر هن نڪرڻ کان انڪار ڪيو. ۽ پوءِ ته بغداد ۾عوام حڪمرانن ۽ سندن حمايتين خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي بيٺا. اهڙي خوفائتي صورتحال ۾ ابن الفرات ۽ حامد جهڙا عوام دشمن ۽ رجعت پسند راتون واهه ڀڄي ويا ۽ عقل جي اٻهري خليفي کي رڻ ۾ رولي ويا. آخرڪار خليفي جي ماءُ، ابن عيسيٰ کي گهرايو ۽ منٿون ميڙون ڪيون ته ڪيئن به اسان جا سر بچاءِ توکي جيئن وڻي حڪومت جو ڪاروبار هلاءِ.
ابن عيسيٰ اچڻ سان اعلان ڪيو ته جيڪي به اڳ ۾ عوام دشمن حڪم جاري ڪيا ويا هئا سي سڀ رد سمجڻ گهرجن، اناج جا چوٽ چڙهيل اگهه اڄ کان وٺي لاٿا وڃن ٿا ۽ ذخيره اندوزيءَ جو ڪڌو ڪاروبار نه رڳو غير قانوني آهي پر ان لاءِ سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. ان کان پوءِ هڪ ٻيو حڪم نامو جاري ٿيو ته جن به عوام دشمن لوڪن جيڪا به ويساهه گهاتي پئي ڪئي آهي سا کين معاف نه ڪئي ويندي. پر وري به علي بن عيسيٰ پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهيو. ڇوته رجعت پسند ۽ عوام دشمن ٽولا آخري ضرب لڳائڻ لاءِ اندروني طور خبرداريءَ سان تياريون ڪرڻ لڳا. ان سلسلي ۾ مهري طور ڪتب آڻڻ لاءِ مونس نالي هڪ فوجي جرنيل جي چونڊ ڪئي وئي جيڪو تازو مصر ۾ فاطمين کي ڪچلڻ ۾ سوڀارو ٿيو هيو. مونس کي رجعت پسندن وڏي عزت ۽ احترام سان بغداد ۾ آندو ۽ ابن الفرات ۽ حامد بن عباس به اچي ظاهر ٿيا. ۽ هوريان هوريان سڀئي عوام دشمن ٽولا خليفي کي ويجهو ٿي ويا. ان سان گڏو گڏ عام لوڪن جي چوڌاري جيڪو سماجي ۽ سياسي استحصال جو ڀوت ڏند ڪرٽي رهيو هيو ان کي پردي ۾ لڪائڻ خاطر مذهب ۽ شريعت جي بچاءَ جي واٽ وٺي حسين بن منصور جي مسئلي کي اڳتي وڌائي مونجهاري جي صورتحال پئدا ڪئي وئي. يهودي سرمايه دارن ۽ انهن سان جهٽ ابن الفرات، حامد، مونس ۽ ٻين رجعت پسندن پئسي، طاقت ۽ سازش وسيلي عوام ۾ حسين جي خلاف ايترو ته زهريلو پرچار ڪرايو جو بغداد جي گهٽين ۽ چونڪن تي ابن منصور جي خلاف نعرا لڳڻ لڳا: ”حسين کي سنگسار ڪيو! قتل ڪيو! ڦاهيءَ تي چاڙهيو!“
حسين جي خلاف انهيءَ اوٿر آڻڻ جو اصلي مقصد هيو ته کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائڻ ۽ محصول ۽ ڍل جي اگهن ۾ واڌارو آڻي ڇڏجي. ان ڪري مذهب ۽ شريعت جي آڙ ۾ عوام کي جنون ۽ انتها پسندي جي ڏاگهه تي رجعت پسندن ايڏو ته چوٽ چاڙهي ڇڏيو جو کانئن في الحال سياسي ۽ سماجي ڦرلٽ جي واردات ئي وسري وئي.
ٻئي پاسي عوام دشمنن ۽ رجعت پرستن حسين لاءِ اندروني طور هڪ راءِ فيصلو ڪيو ته کيس قتل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. ڇو ته حسين جو جياپو سندن لاءِ موت ۽ مصيبت جي علامت هئا. ان ڪري پروپيگنڊا جو هٿيار استعمال ڪندي ڀاڙيتو ۽ ويڪائو علمائن جي معرفت حسين لاءِ چيو ويو ته هن جا عقيدا شريعت جي خلاف آهن ۽ هو زنديق، ملحد، ڪافر ۽ واجب القتل آهي. جيل ۾ جڏهن حسين کي چيو ويو ته چئه ” هوالحق“ ته وراڻيائين ته همه اوست (همو سڀ ڪجهه آهي) ۽ ان کان پوءِ چوڻ لڳو ته ”اوهان چئو ٿا ته هو الوپ ٿي ويو آهي، پر حسين رڳو گم آهي ۽ ڪڏهن اٿاهه درياهه به غائب ٿيو آهي؟“
عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو
اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا. (شاهه)
حسين جي انهن گفتن کان پوءِ مخالفن جون چالون ڪامياب ٿيون ۽ هو خليفي جي درٻار ۾ اهڙا ته سگهارا ٿي ويا جو علي بن عيسيٰ به سدس مدد ڪرڻ کان عاجز ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته حسين کي جڏهن پنهنجي خلاف سازش جي سگهاري ٿيڻ جي خبر پهتي ته بنديخاني ۾ زنجيرن ۽ پٿرن سان به موج ۽ مستيءَ ۾ سرشار پسار ڪندو هيو. ان مهل ڪنهن همراهه پڇيس ته ” اي حسين ههڙيءَ اوکيءَ ويل ۾ تنهنجي مستيءَ ۽ لئه جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“ ته وراڻيائين ” مان قربان گاهه ڏي وڃان پيو.“ ۽ پوءِ هيٺيون شعر پڙهڻ لڳو:
نديمي غير منسوب اليٰ شيءِ من الحيف،
سقاني مثل مايشرب کفعل الضيف بالضيف،
فلما دارت الکاس دعا بالنطع والسيف،
کذامن يشرب الراح مع التين بالصيف.
”منهنجو دوست ظلم سان لاڳاپيل ڪونهي. هن شراب اهڙيءَ طرح آڇيو جيئن هڪ مهمان ٻئي کي آڇيندو آهي، جڏهن شراب جا ٻه ٽي دور گذري ويا ته هن تلوار ۽ کٽ گهرائي (جنهن تي سمهاري جوابدار جو ڪنڌ ڪپيو ويندو آهي) ۽ چوڻ لڳو ته سخت هاڙهه ۾ اجگر سان گڏ شراب واپرائڻ وارن لاءِ اها سزا آهي.“
بهرحال حسين بن منصور جي خلاف عدالتي ڪارروائي کي تکو ۽ ستت اڪلائڻ جي عمل کي تيز ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪارج پٺيان مخصوص مقصد هئو ته عوام ۾ وڌندڙ سياسي ۽ سماجي بي آراميءَ کي مذهبي رنگ ڏيئي گروهن جو قبضو مضبوط ڪيو وڃي. ايئن حڪمرانن حسين جي خلاف چوراسي شاهد آندا ۽ سندس خلاف قانوني ماهرن ۽ عالمن جون لکتون پيش ڪيو ويون جن ۾ ڄاڻايل هيو ته سڀئي تقريرون ۽ تحريرون ملحدانه آهن، ۽ مٿس پهرين تهمت هنئي وئي ته حسين چوي ٿو:
الهم الڪعبه (ڪعبي کي ڊاهي ڦٽو ڪيو) پر انهيءَ تهمت تي عالمن جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. ۽ هڪ عالم سڳوري ابن بهلول اختلاف ڪندي چيو ته ان قول مان حسين جي مراد آهي ته اندر منجهان غير غيبت ۽ گندگي ڪڍي صفا ڪيو. باقي عالمن ۾ ابو عمر جيڪو برسر اقتدار گروهه سان ٻٽُ هيو، تنهن کي اچي ڊپ ورايو ته متان سازش جو ڍينگو ڍيري نه ٿي پوي، سو ابن بهلول کي ڪڍي هڪ ٻيو ڪمزور ذهن قاضي ابوالحسن آندو ويو.
اهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي صورتحال ۾ حنبلي انقلابين بغداد ۾ هڙتالون ڪرايون، سرڪار جي رجعت پسندانه ۽ عوام دشمن پاليسين جي کلئي عام مذمت ڪئي وئي ۽ حسين بن منصور جي آزاديءَ جا مطالبا ٿيڻ لڳا. سرڪاري خوشامدڙين کان امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ بيان ڏياريا ويا. حامد انهن هنگامن ۽ هڙتالن کي ختم ڪرائڻ لاءِ مونس کي اشارو ڏنو ته لهي پئه ۽ ائين ڏسندي وائسندي فوج، عوام تي ظلم ۽ تشدد جو ڇيهه ڪري ڇڏيو. ڇو ته هاڻي هڪ پاسي روشن خيال انقلابي، حسين بن منصور جي آزاديءَ لاءِ نڪري نروار ٿيا هئا، ته ٻئي پاسي ابن الفرات، حامد، مونس ۽ يهودي سرمائيداريءَ جي مرڻ جيئڻ جو مسئلو ٿي پيو هيو. حامد، مونس ۽ فوج پوءِ عوامي اٿل ۾ ٺاپر نه آڻي سگهيا، ڇو ته انقلابين جو هڪ اڳواڻ واصل ابن عطا کين هٿ نه پئي آيو جيڪو انهيءَ سڄي هلچل جو مکيه سرواڻ هيو. نيٺ سرڪاري جاسوسن ۽ چاپلوسن ابن عطا کي پڪڙائي وڌو ۽ جڏهن کيس حامد جي اڳيان آندو ويو ته هن چيس ته جيڪڏهن حسين بن منصور جي خلاف شاهدي ڏئين ته توکي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي جان بخشي ويندي. ان تي ابن عطا سورهيائپ سان حامد کي منهن تي کتيون ٻڌائيندي چيو:
”توهان جنهن ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ جبر وسيلي ماڻهن کان ڍل ۽ محصول وصول ڪيو ٿا، سو عمل نه رڳو مذمت جهڙو آهي پر اوهان جهڙن جابرن کي ڪوبه اختيار ڪونهي ته منهنجي سوچ ويچار تي بندش هڻي سگهو ۽ مان سچ پچ ته حسين بن منصور جي پوئلڳيءَ ۾ فخر محسوس ڪيان ٿو.“
حڪمرانن آڏو ابن عطا جي ثابت قدمي ۽ سورهيائپ مورڳوئي سهپ کان ٻاهر ٿي وئي جنهن ڪري حامد مٿس تشدد جو ڇيهه ڪري ڇڏيو، پر ابن عطا ڪنڌ جهڪائڻ جي بجاءِ سر ڏيئي سرهو ٿيو.
سرڪاري علمائن ابن عطا جي مارجڻ کان پوءِ حسين جي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني ۽ ان فتويٰ تي آخري فرمان خليفي کي ڏيڻو هيو. ان ڪري خليفي کي هراس ۾ آڻڻ لاءِ حامد هڪ منصوبي سان جيل منجهان ٽي سئو قيدي ڀڄائي ڇڏيا ۽ تهمت هنئي وئي ته حسين جي ساٿين جيل ڀڃي قيدي ڇڏايا آهن سو امڪان آهي ته وقتائتو قدم نه کنيو ويو ته سرڪار جي خلاف فتنو ۽ فساد وڌي ويندو ۽ خليفي مقتدر ڪنهن وڏي اٿل اچڻ جي ڊپ کان بيٺي پير سزا تي عمل ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. پوءِ ته حامد ۽ سندس ساٿي حسين کي مارڻ جي سانباهي ۾ جنبي ويا ۽ سڄو بغداد جو شهر فوج جي حوالي ڪيو ويو.
هوڏانهن حسين کي جڏهن جيل ۾ آخري فيصلي جي خبر پهتي ته چوڻ لڳو. ”اها گهڙي ترت ئي اچڻ وارا آهي جو رت جي وضوءَ سان عشق جي نماز پڙهندس ۽ شريعت جي حفاظت لاءِ پنهنجو سِرُ ٻليدان ڪندس.“
آخرڪار اڱارو 26 مارچ 921ع تي ڀنڀرڪي مهل حسين بن منصور کي شهيد ڪرڻ لاءِ زنجيرن ۾ جڪڙي آندو ويو. اتي هڪ شخص پڇيس ته ” اي ابن منصور تنهنجو هن وقت ڪهڙو حال آهي؟“ وراڻيائين ته، ”مردن جو معراج سوليءَ تي آهي.“ هوريان هوريان ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿيڻ لڳا. ۽ ان گهڙيءَ حسين پنهنجي قاتلن ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته مون کي شڪراني جون ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ ڏيو. نماز پڙهڻ کان پوءِ هيٺين دعا گهريائين:
”اي منهنجا رب! مونکي ٿورائتو هئڻ جي سگهه بخش، ڇو ته تو پنهنجي تجليءَ جو ڳجهه ٻين کان سانڍي رکيو پر مون تي نروار ڪيئي، ۽ انهيءَ وسيلي کي مون لاءِ جائز قرار ڏنئي، جنهن جي ويجهو ٻين کي اچڻ نه ڏنئي ۽ هنن سڀني بندن تي رحم ۽ ڪرم ڪر، جيڪي تنهنجي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن. هونئن به جيڪو ڳجهه تو مون لاءِ پڌرو ڪيو سو هنن کي به پسائين ها ته پوءِ هي اڄ جو ڪارج ڪير اڪلائي ها. ۽ جيڪڏهن پنهنجو راز مون کان لڪل رکين ها ته مون مٿان به هيءَ آزمائش جي گهڙي نه اچي ها. بس منهنجا ڌڻي! تون جيڪي ڪجهه ڪرين ٿو ۽ جيڪا تنهنجي رضا آهي، ان لاءِ اسين سڀ تنهنجا ٿورائتا آهيون.“
مٿين دعا گهرڻ کان پوءِ حسين بن منصور ٽياس ڏي پنهنجو پاڻ مرڪندي ثابت قدميءَ سان وڌڻ لڳو. اتي پاسي ۾ بيٺل شبلي جيڪو زارون زار روئي رهيو هيو، تنهن سُڏڪندي چيس: ”اي ابن منصور تصوف ڇا آهي؟ مرڪندي چيائين ”اي ڳهيلا ان جو ننڍڙو ۽ پتڪڙو مثال تو آڏو مان آهيان.“
جي تو ڄاتو پاڻ، ته ”آءٌ“ ڪو ٻيوآهيان،
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾. (سچل)
حسين جيئن ئي ٽياس کي ويجهو پهتو ۽ ٽياس کي چمي ڏنائين ته جلاد کيس چوکنڀو کڻي قابو ڪيو ۽ سرڪاري ڪارندن جي هشيءَ، زور ۽ ڏهڪاءَ تي بيٺل عوام کيس پٿر هڻڻ لڳو. اتي شبليءَ کي به ڊپ اچي ورايو ته ڪٿي سرڪاري جاسوس کيس به ڪنهن جنجال ۾ ڦاسائي نه وجهن، سوهن به ڏيکاءَ واسطي حسين کي گلاب جو گل هنيو ۽ هوڏانهن ابن منصور، شبليءَ کي گل هڻندي ڏٺو ته کائنس دانهن نڪري ويئي ته ”اي شبلي تون ..... به“ ۽ شبلي مورڇل ٿي ڪري پيو.
جلاد ترت ئي حسين جا هٿ وڍيا ته هو شڪرانا ڪرڻ لڳو ۽ وري پير وڍيائونس. حسين بن منصور هٿن ڪپيل ٻانهون منهن تي ڦيرڻ لڳو ته ڪنهن پڇيس ته ” ڇا ٿو ڪرين؟ ته جواب ڏنائين ته”وضو ڪيان پيو“ ان تي پڇندڙ ٻيو سوال ڪيس ته ” هي ڪهڙو وضو آهي؟“ وراڻيائين:
رڪعات في العشق لايصح وضؤ هماالابدم
”عشق ۾ ٻه رڪعتون لازم آهن جنهن لاءِ حقيقي وضو رت سان ٿيندو آهي.“
جلاد جهپڙ ڏئي حسين جون اکيون ڪڍيون، ۽ جڏهن سندس زبان ڪپڻ لاءِ هٿ وڌايائين ته چوڻ لڳو: ”ٿوري مهلت ڏيوم“ ۽ پوءِ آسمان ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو: ”اي رب ڪائنات! مون کي متان هن مان ۽ مريادا کان محروم رکين جيڪو ورتاءُ تنهنجن بندن مون سان ڪيو آهي.“ ۽ هيٺين آيت پڙهڻ لڳو:
یَسۡتَعۡجِلُ بِہَا الَّذِیۡنَ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ بِہَا ۚ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مُشۡفِقُوۡنَ مِنۡہَا ۙ وَ یَعۡلَمُوۡنَ اَنَّہَا الۡحَقُّ ؕ اَلَاۤ اِنَّ الَّذِیۡنَ یُمَارُوۡنَ فِی السَّاعَۃِ لَفِیۡ ضَلٰلٍۭ بَعِیۡدٍ (سوره شوريٰ آيت 18)
”جيڪي ماڻهو ان (ساعت) بابت ايمان نٿا رکن سي ان (عذاب جي اچڻ لاءِ مسخري طور) تڪڙ لايون ويٺا آهن (ته جلد اچي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي ان گهڙي بابت لرزي رهيا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته يقيناً اها حق آهي (۽ ضروري ايندي).“
انهيءَ آخري ڪلام کان پوءِ حسين جي زبان ڪپي وئي. ۽ سج لٿي مهل سندس سر قلم ڪيو ويو ۽ اُن ويل به هو مرڪي رهيو هو. حسين جي مٿي ڪپڻ وقت ماڻهن ۾ قهرام مچي ويو ۽ شبلي دانهون ڪري چئي رهيو هيو: ”مون ۾ ۽ حسين ۾ ڪوبه وٿي ويڇو ڪونهي، فرق رڳو اهو آهي ته ماڻهن مون کي چريو کريو سڏيو ۽ منهنجي جند بچي وئي ۽ حسين کي عقل مارائي ڇڏيو.
الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏِسن. (شاهه)
ٻئي ڏينهن تي، حسين جي قاتلن محسوس ڪيو ته هيءُ قتل کين ڳچيءَ ۾ پوڻ وارو آهي، سو تڙ تڪڙ ۾ سندس لاش کي ساڙائي ان جي خاڪ درياهه ۾ لوڙاهائي ڇڏيائون.
اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳرن جوڳئيڙن جو،
ساري سنياسن کي، روئيندين تان رو،
پس پاريان تو، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه)
سياسي ۽ معاشي پس منظر ۽ حسين بن منصور:
اسان جيڪڏهن ٿورو گهرائي سان پنهنجي ذهن تي زور ڏينداسين ته اهڙن لازوال انسانن جا نانءَ اڀري ايندا جن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمرانن پنهنجن سياسي ۽ معاشي مفادن خاطر عدالتي سرشتي سان گڏو گڏ، ڏهڪاءَ ۽ تشدد جي هٿيارن کي ڪتب آڻيندي هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي آهي.
جيڪڏهن تواريخ ۾ ٿورو ڪنڌ ورائي ڏسبو ته بدبودار، رجعت پرست ۽ زوال پذير، سماجي ۽ سياسي جوڙجڪ کي بچائڻ خاطر زور، جبر ۽ قهر جو دستور ۽ رسم آد جڳاد کان هلندي پئي اچي. ۽ ان دؤر جا انقلابي ڏاها ۽ سورهيه سپوت ڏاڍ ڏهڪاءَ جي سرشتي کي للڪاريندي ويرم ڪونه پيا ڪن. تواريخ اهڙن املهه ماڻڪن کان وانجهيل ڪونهي، جن ۾ حضرت سقراط ۽ حضرت مسيح خاص طور ذڪر جوڳا آهن جن کي ٻاهرين ڏيک لاءِ عدالتي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو. ساڳيءَ طرح حسين ابن منصور کي حڪمرانن پنهنجي راهه ۾ رنڊڪ سمجهندي مٿس شريعت جي خلاف انحرافي ڪرڻ جي تهمت هڻندي کيس مارايو ته سهي پر خلافت عباسيه اڳتي هلي هڪ اڻٽر تباهيءَ ۽ برباديءَ جي واچوڙي کان پاڻ بچائي نه سگهي.
حسين بن منصور هڪ اعليٰ صوفيءَ جي حيثيت ۾ انساني تواريخ تي جيڪو عظيم احسان ڪيو آهي، تنهن وحدانيت جي نور سان نه رڳو پنهنجي اندر کي اجاڳر ڪيو، پر ان دؤر جي استحصالي سماج جي خلاف جدوجهد پڻ ڪئي ۽ خانقاهن ۽ مدرسن کان ٻاهر نڪري ڏاڍ جي اڳيان سينو ساهي بيٺو.
هاڻي اچو ته حسين جي زماني جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون ڏسون جن کيس قربانيءَ جي انهيءَ معراج تي پهچايو جو سِرَ جو سودو ڪندي به ڪونه گُٿو. هتي هڪ ٿوري وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته ابن منصور کي صوفي ۽ مجذوب سڏيو وڃي ٿو پر ان مان مراد آهي ته صوفيءَ جي لباس ۾ هو نِجُ پِجُ پنهنجي دؤر جي سياسي ۽ سماجي بدحاليءَ جي خلاف احتجاج جو عمل آهي.
حضرت محمدﷺ جن جي لاڏاڻي کان پوءِ اسلامي تواريخ گهڻي ڀاڱي انتشار کان وانجهيل ڪونهي. انهيءَ سڄي آپدا جو مکيه ڪارڻ ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته اسلام جو بنيادي عنصر جيڪو سڄي آدم ذات لاءِ خوشحالي ۽ مساوات جو سنيهو آهي، ان ۾ حڪمرانن پنهنجي منشا سان ڦيرڦار آڻي سڄي وهنوار ۽ واهپي کي ”اسلامي راڄ“ جو نالو ڏنو، جنهن راڄ ۾ نالي ماتر ته سياسي ۽ معاشي برابري جو ذڪر هيو، باقي نه ته خوفائتي رياستي اقتدار جو چنبو مضبوط ڪيل هو. اهڙي سماجي جوڙجڪ کي سگهارو بڻائڻ خاطر حڪمران طبقو ٻه ڪم ڪندو آهي:
-1 جيڪڏهن وٽس هٿيار پنهوار ۽ ماڻهن جو انگ ججهو هوندو آهي ته پاسي وارن ملڪن سان کونس ۽ اڳرائي ڪرڻ ۾ کين ڪوبه عيب نه لڳندو آهي.-2 اڳرائي ڪرڻ کانپوءِ اڳتي هلي حملا ۽ ڪاهون ڪيون وينديون آهن.
انهن طريقن تي عمل ڪندي تڏهوڪن حڪمرانن به ڀرپاسي وارن ملڪن سان کونس ۽ پوءِ ڪاهون شروع ڪيون، جنهن جي موٽ ۾ حڪمرانن ۽ سندن پڇ لٽڪائن کي انهن ملڪن منجهان اڻ ميو ڌن هٿ اچي ويو ۽ هو وڌيڪ سگهارا ٿيندا ويا. انهيءَ طبقي ۾ گهڻي ڀاڱي پنهنجن ذاتي ۽ شخصي مفادن جا پوئلڳ اهل علم، صاحب سياست، فوجي ڪمانڊر، ڪامورا شاهي ۽ سرڪاري واٺا اچي گڏ ٿيا، جن ڦرلٽ، جبر، ڏاڍ ۽ انياءَ سان عام لوڪن جون متيون منجهائي ڇڏيون هيون.
اسلام بنيادي طور پيڙيل ۽ پٺتي پيل طبقن جي خوشحاليءَ جي طرفداري ڪري ٿو، پر عباسي حڪمرانن جي صاحبيءَ ۾ معاشي اڻ برابري ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهندي پئي وئي، ۽ غلامن جو واپار ڍڳن ۽ ڍورن وانگر عام جام هيو جنهن تي ڪابه پابندي پيل ڪانه هئي. ان کان سواءِ مٿين طبقي جي عياشيءَ لاءِ ٻانهين ۽ ٻانهن جي سکيا جا خاص ادارا قائم ٿيل هئا ۽ رياستي خزاني جو قبضو يهودي وياج خورن جي هٿ ۾ هيو جيڪي مڙني وسيلن ۽ پورهيتن جي رت ۽ پونءِ جي ڪمائي کي هڙپ ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهي رهيا هئا. اهي عوام دشمن ٽولا عام لوڪن تي ٽئڪس ۽ محصول مڙهڻ وقت فوجي ڪمانڊرن ۽ پوليس کي به ڀاڱي ڀائيوار رکندا هئا ته جيئن آئيءَ ويل ڏاڍ ۽ جبر وسيلي عوام کي هيسائي سگهجي، ان ڪري پيڙيل ۽ مظلوم طبقن جي حالت ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي وئي.
ٻئي پاسي جڏهن ڪجهه سمجهدار صوفين ۽ ڏاهن انهيءَ وڌندڙ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شريعت جي نالي ۾ انتهاپسنديءَ جو پرچار ڪندڙن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ اهڙا فقهي حڪم جيڪي عقل ۽ علم جي تورتڪ ۾ غلط هئا، جي مخالفت ڪئي ته موٽ ۾ حڪمران طبقو جنهن جا شخصي مفاد خطري ۾ پئجي رهيا هئا تن اهڙن صوفين جي نه رڳو مخالفت ڪئي پر مٿن تشدد ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. آخرڪار سرڪاري چغلن ۽ جاسوسن ايڏي ته باهه ٻاري ڏني جو صوفي ۽ سمجهدارن، معاشري جي زوال ۽ بدحاليءَ کي ڏسي جهنگلن ۽ جبلن ڏانهن منهن کڻي ڪيو. ان ڀاڄ جو هڪ ٻيو به مکيه ڪارڻ هيو ته صوفين ۽ ڏاهن جي گهرن ۽ آستانن جي چوڌاري سرڪاري خابرو پيا لامارا ڏيندا هئا. جنهن ڪري جبر ۽ تشدد جي اهڙي وايو منڊل ۾ هر هڪ پرش مونجهه ۽ ٻوسٽ ۾ ڦاٿو پيو هيو ۽ خاص ڪري هيٺيون طبقو جنهن کي سياسي ۽ اقتصادي ڦرلٽ نستو ۽ بي حال ڪري وڌو هيو ۽ سندن محلن ۽ پاڙن ۾، بيروزگاري ۽ مفلوڪ الحالي وبائي شڪل اختيار ڪئي هئي انهن جي اندر ۾ نفرت ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪا ڏيئي رهي هئي. انهيءَ سڄي بدحاليءَ جو مکيه ڪارڻ رياستي انتظاميه جي جبر ۽ تشدد سان ڀرپور عوام دشمن حڪمت عملي هئي ۽ موٽ ۾ انتها پسند لاڙا رکندڙ تحريڪون عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳيون، جهڙوڪ: قرامطه تحريڪ، ان دور جي عوام دشمن معاشرتي ۽ سياسي جوڙجڪ جو جواب هئي جنهن کي لاشعوري طور هيٺين طبقي جي پٺڀرائي به حاصل هئي. ان تحريڪ سان لاڳاپيل فرد نه رڳو آپيشاهي جي مخالفت ڪرڻ لڳا پر پنهنجي انتها پسنديءَ ۾ اسلامي تعليم جي ڪجهه بنيادي نڪتن کان به انڪار ڪرڻ لڳا.
اها هئي ان زماني جي بني عباس حڪمرانن جي سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ، جنهن کي ملان ۽ ٻيا مت موڙهيل ۽ عقل کان پيدل گروهه، ”اسلام جي عظيم الشان سلطنت“ جو نانءُ ڏيئي شوڪارا پيا ڀريندا هئا.
هاڻي اسان جي آڏو سوال اڀري ٿو ته حسين بن منصور جي هيڏي ساري قرباني، جدوجهد جو نتيجو هڪ وڏي اٿل ۽ انقلاب جي صورت اختيار ڪرڻ جي ابتڙ رجعت پسندن ۽ عوام دشمن گروهن جي سازش جو شڪار ٿي ويو، سو ڇو؟
ان لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪي به عوام دوست انقلاب آيا آهن ته انهن انقلابن کي موثر بنائڻ ۽ توڙ رسائڻ ۾ هيٺ ڄاڻايل علامتن جو هئڻ ضروري آهي ۽ ڪنهن به هڪ علامت جي کوٽ انقلابي لاڙن لاءِ نه رڳو هاڃيڪار پر وڏي رنڊڪ ثابت ٿيندي آهي:
1. نظرياتي طور هٿيار بند هئڻ.
2. انقلابي حڪمت عملي
3. عام لوڪن سان لڳ لاڳاپا.
هاڻي اچو ته انهن ڪسوٽين تي پرکي ۽ پرجهي ڏسون. سڀ کان پهريائين ڏسبو ته حسين بن منصور نظرياتي طور تي پرچار ڪيو ۽ ڪتاب لکيا جنهن ۾ پنهنجي دؤر جي سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ خلاف ته ڳالهايو، پر انقلابي حڪمت عمليءَ لاءِ پنهنجو طريقو واضح نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري صوفي ۽ انقلاب دوست ماڻهن تي جڏهن به رياستي عذاب ۾ واڌارو ٿيو پئي ته هڙنئي همراهن ٻين طبقن سان عملي طور وابستگيءَ کي وڌيڪ ڪارج وارو بنائڻ جي ابتڙ پاڻ کي پاسيرو رکيو جيڪا صوفين جي وڏي ڀُل چئي سگهجي ٿي.
حسين بن منصور جي دؤر ۾ حڪمرانن جي شخصي حاڪميت ۽ استحصالي سرشتي انسان جي مان ۽ مرتبي جي نفي ڪندي کيس ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪَلَ جو هڪ پرزو بڻائي ڇڏيو هو. اهڙي قهري ۽ ٻاٽ اونداهيءَ ۾ حسين وڏي واڪي چوي ٿو ته مان هن سماج جو فرد آهيان تنهنڪري پنهنجي شخصيت ۽ حقن جو پاڻ ئي والي وارث آهيان. منهنجو وجود نيڪي ۽ ڀلائيءَ جي وڏي ۾ وڏي علامت آهي. انڪري حسين بن منصور جو انساني تواريخ تي وڏي ۾ وڏو ٿورو آهي ته هن انسانن کي پنهنجي مان ۽ مرتبي جي سڃاڻپ ٻڌائي هڪ عظيم سياسي، سماجي ۽ اخلاقي انقلاب آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن جي راءِ ۾ ذهني انقلاب ئي عملي انقلاب اچڻ جو سنيهو آهي. ڇو ته سوچ ويچار ئي انقلاب لاءِ راهه هموار ڪندي آهي.

[b]مددي ڪتاب
[/b]
1. Shaikh Mohd Ashraf: Farid-u-Din
by Dr. Bankey Behary
2. Naqash-e-Awal: Gilani Kamran Anal Haq.
Reconsidered
3. Georges- Unwin A.J. Arberry Sufism.
4 ”منصور حلاج“ محمد صالح ڀٽي (سنڌي) = حيدرآباد سنڌ
5 حسين بن منصور حلاج خورشيد نعيم ملڪ (اردو)= سنگ ميل پبليڪيشن لاهور
6 ”طواسين“ ترجمون: عتيق عثماني= المعارف لاهور
7 حسين بن منصور. لوعي ماسينيون، ترجمو: ڊاڪٽر صابر آفاقي، المعارف لاهور
8 ”امام انقلاب“ يونس اديب= ادبستان لاهور
9 ”تاريخ الخلفاءِ“ جلال دين مليوسي= مدينه پبليشنگ ڪمپني ڪراچي
10 ”تاريخ اسلام“ عبدالرحمان شوق = ملڪ دين محمد لاهور

(سنڌ فورم، جون 2000ع)