مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو سياسي ۽ اقتصادي نظريو : نور احمد ميمڻ
قل اعوذبرب الناس ملڪ الناس الهٰ الناس
برب الناس: الاهيات جو اقتصادي نڪتو
ملڪ الناس: الاهيات جو سياسي نڪتو
الهٰ الناس: الاهيات جو سماجياتي نڪتو
اقتصادي نڪتو الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ کي مڃڻ جي تقاضا آهي، جنهن کي مرڪزي حيثيت هن حوالي سان به حاصل آهي ته الله تعاليٰ روحن کان سڀ کان پهريون اقرار به اهو ئي ورتو هو ته ڇا مان توهان جو پالڻهار نه آهيان. سڀني روحن چيو ته هائو سائين تون اسان جو پالڻهار آهين. انسان کان ڌرتيءَ جي مٿان ان عهد جو پهريون ورجاءُ به پالڻهاريءَ جي نالي سان ڪرايو ويو. الحمدلله رب العالمين. سڀ تعريفون ، سڀ نيابتون، سڀ نيازمنديون، سڀ ارپنائون، سڀ ستائشون الله تعاليٰ جي آهن، جيڪو سڀني جڳتن جو پالڻهار آهي. قرآن مجيد جي ابتدا به پالڻهاريءَ جي صفت سان ته قرآن جي انتها به پالڻهاريءَ سان ۽ قرآن جو نزول به پالڻهاريءَ سان. اقرا باسم ربڪ الذي خلق. ان پالڻهار جي نالي سان پڙهه جنهن توکي خلقيو. يعني خدا تنهنجي ڄمڻ کان به اڳ تنهنجي پرورش ۽ نشو نما جو سامان مهيا ڪندڙ هو ۽ تنهنجي وجود کان به اڳ تنهنجو پالڻهار هو.
قل اعوذ برب الناس-چؤ ته مان انسانن جي پالڻهار جي پناهه ۾ ٿو اچان. مولانا عبيدالله سنڌي چواڻي انسان جي اها پناهه جي تقاضا الله تعاليٰ جي ربوبيت جي دشمن اقتصادي فڪرن کان آهي. الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ پالڻهاري جا دشمن فڪر سرمائيداري ۽ جاگيرداري آهن. جيڪي دولت جي چند هٿن ۾ ڪٺي ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا. قرآن دولت جي چند هٿن ۾ ڪٺو ڪري ان جي بنياد تي خرابي ۽ سرڪشي ڪرڻ ۽ انسانيت دشمن سوچ پالڻ، تي ان قسم جي سڀني ماڻهن کي ننديو آهي. قارون ۽ هامان، دولت پرستي جي علامت ۽ مڪي جي مستڪبرين ۽ مترفين يعني سرڪش سردارن ۽ دولتمندن تي قرآن بار بار ڦٽڪار ڪئي آهي ۽ ايمان وارن کي انهن کان بيزار رهڻ ۽ انهن سان ويڙهه ڪرڻ جو حڪم ٿيل آهي. قرآن ان مسئلي کي ايڏي شدت سان انهيءَ ڪري ورتو جو اهي سرڪش ماڻهو الله تعاليٰ جي انهن بندن سان ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ جي سڀ کان اهم ۽ بنيادي تعلق ۽ رشتي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. انهي ڪري اوهان قرآن ۾ ڏسندؤ ته الله تعاليٰ ڪٿي به ايئن نه چيو آهي ته اي پيغمبر! هي سرڪش ۽ هٺيلا ماڻهو ڇاڪاڻ ته مون کي نٿا پوڄين انهيءَ ڪري انهن سان ويڙهه ڪر. بيشڪ الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ بار بار پنهنجي توحيد ۽ عبادت جي تلقين ۽ تقاضا ڪئي آهي، ليڪن اها ان دليل ته جي بنياد تي هڪ خالق، پالڻهار ۽ مهربان جي طور تي انهيءَ جو ئي حق آهي. ان لاءِ الله تعاليٰ هزارين مثال ۽ دليل ڏئي انسان کي متوجهه ڪيو آهي ته جيئن هو پنهنجي فڪري ارتقا ۽ شعور جي روشنيءَ ۾ ان کي پنهنجو خالق ۽ پالڻهار مڃين. ليڪن جيڪا ويڙهه جي ڳالهه ڪيل آهي سا انهيءَ حوالي سان آهي ته اي پيغمبر! جيڪي ماڻهو پنهنجي سرڪشي ۽ هٺ جي ڪري ماڻهن کي الله جي فرمانبرداري ۽ قانون جي طرف اچڻ کان سختيءَ سان روڪين ٿا ۽ پنهنجي فتني باز چالن سان عدل ۽ انصاف تي مبني اهڙي معاشري جي قائم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، جنهن ۾ الله جي پالڻهاري ۽ حاڪميت جو غالب اظهار هجي، سو تون تيستائين انهن سان ويڙهه جاري رک جيستائين انهيءَ فتني جي پاڙ نٿي پٽجي وڃي.
انهيءَ ڪري اعوذ برب الناس جو فڪر انسان ذات جي لاءِ ربوبيت ۽ پالڻهاري دشمن طبقن کان الله جي سام ۽ الله جي پناهه ۾ اچڻ جو فڪر آهي. الله جي اها پناهه سڄي انسان ذات لاءِ عام آهي. ۽ ان ۾ معيشت جا سڀني لاءِ هڪ جهڙا حق آهن. انهيءَ ڳالهه جو هڪ پهلو هي آهي ته انسان ذات جي انهن ربوبيت دشمن طبقن ۽ طاقتن جي نفي ڪرڻ ۽ انهن جي طبقاتي ڪردار يا سرڪشيءَ تي انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ انسان ذات جي فطري تقاضا آهي، جنهن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ الله تعاليٰ پنهنجي پناهه ۽ سام کي پنهنجي ٻانهن لاءِ کولي ٿو بيهي. ان جي ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ جي عام نوازشن کي رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ لاءِ جيڪو به قارون يا فرعون بنجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته قدرت جي طرفان هڪ باقاعدي منصوبي ۽ تياريءَ سان پيغمبر کي انسان ذات جي نجات جو ڪم ذمي لڳايو وڃي ٿو، جيڪو انهن کي پهرين للڪار هي ٿو ڏئي ته ”محڪوم بني اسرائيل کي آزادي ڏي.“ اهڙي طرح ملڪ الناس اڪيلي الله جي حاڪميت ۽ بادشاهيءَ جو اعلان آهي. ان اڪيلي الله جي ذات کانسواءِ باقي اختيار امانت آهن، جيڪي الله جي مخلوق جي ڀلائي لاءِ انسان کي (هڪ خليفي يا نائب جي طور تي) سرانجام ڏيڻا آهن. جڏهن انسان ملڪ الناس جي پناهه ۾ اچي ٿو ته دراصل انسان جي لاءِ اها پناهه الله جي حاڪميت دشمن سياسي فڪرن کان آهي. الله تعاليٰ جي حاڪميت ۽ اختيار جي دشمن فڪرن ۾ انساني ملوڪيت (Imperialism)، طبقاتي حاڪميت (Capitalism) ۽ انساني آمريت جون اهي سڀ صورتون اچي وڃن ٿيون، جنهن سان الله جي مخلوق جي مٿان پنهنجي اقتدار ۽ طاقت جي بنياد تي ڏاڍايون روا رکيون وڃن ٿيون. قرآن اقتدار ۽ سگهه جي انسان ڪش استعمال کي نندي ٿو ۽ ان جي لاءِ فرعون، نمرود، شداد ۽ اهڙي قسم جي ٻين سڀني جابرن ۽ مستبد حڪمرانن لاءِ ويڙهه جو حڪم ٿو ڪري. هڪ طرف الله تعاليٰ انسان ذات جي مٿان انهن حاڪماڻن اختيارن جو انسانيت ڪش استعمال ڪندڙن جي خلاف مهاڏو اٽڪائڻ جو حڪم ٿو ڪري ۽ ٻئي طرف ان ويڙهه ۾ پنهنجي پناهه ۽ سام کي پنهنجي ٻانهن لاءِ کولي ٿو بيهي.
الله تعاليٰ جي پنهنجي ٻانهن لاءِ ٽين پناهه ۽ سام الهٰ الناس آهي. انساني سوسائٽي ۾ بت پرستيءَ کان علاوه جيڪي ننڍا ننڍا سوين خدا ماڻهن جي مٿان مسلط ٿيل آهن. ڪي پير جي صورت ۾، ڪي مذهبي پيشوائن جي صورت ۾، ڪي وڏيري جي صورت ۾، ڪي سردار جي صورت ۾، ڪي ڀوتار جي صورت ۾، ڪي حاڪم جي صورت ۾، ڪي ڏهڪاءَ جي صورت ۾، ۽ ڪي خوف جي صورت ۾. انهن سڀني کي ماڻهو انهن جي ئي مفادن جي تڪميل لاءِ يا وري پنهنجي مفادن جي تڪميل لاءِ انهن جي خدا واري درجي تي فرمانبرداري ڪن ٿا. پوءِ انهن کي يا ته فرمانبرداريءَ جي عقيدت ۽ جهالت ڪري خدا پوڄين ٿا يا وري خوف جي ڪري خدا طور پوڄين ٿا. انهن ٽنهي صورتن ۾ هو اڪيلي ۽ حقيقي خدا جي فرمانبرداري ۽ ان جو خوف پاسيرو رکي ڇڏين ٿا. نتيجي ۾ سماج اندر اطاعتن جي انارڪي پيدا ٿئي ٿي. شرڪ ماڻهن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو ۽ خدا تان ڀروسو کڄي وڃي ٿو. جنهن ڪري مشرڪ ماڻهو حد درجي جو بزدل ٿيو پوي ۽ پوءِ ننڍڙين ڳالهين، ننڍڙن فائدن ۽ ننڍڙين مصلحتن تي وڪامي وڃي ٿو. مفاد پرستيءَ جي ڪري ڳيجهو بڻجي زندگي گذاري ٿو ۽ دلاليءَ جو ڪردار سندس مرڪ بڻجي پوي ٿو. زندگيءَ جي مسئلن کي اڪيلي الله جي آسري تي همت ۽ مردانگيءَ سان منهن ڏيڻ جي بجاءِ سيدن، قبرن، مزارن ۽ فنڪارن جي ور چڙهي پنهنجي رهي سهي صلاحيت، موڙي ۽ وقت تباهه ڪري سماج جو ناڪاره انسان بڻجي پوي ٿو. اهڙي طرح مشرڪ مان انقلابيت نڪري وڃي ٿي ۽ منجهس رجعت پسندي گهر ڪري ويهي ٿي. انهيءَ نتيجي ۾ ماڻهو ڪوبه انسان دوست بين الاقوامي نظام قائم ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي ٿو. الله تعاليٰ انسان ذات کي جڏهن به ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڏٺو آهي، پنهنجي رحمت ۽ ٻاجهه سان ماڻهن کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ارادو ڪيو آهي. ان ڪري الله تعاليٰ جيئن انسان ذات جي ربوبيت ۽ حاڪميت جي حوالي سان پنهنجي سام ۽ پناهه کولي رکي آهي، ساڳي پناهه ۽ سام پنهنجي الاهيت جي صفت جي حوالي سان به کولي رکي آهي ته ان پناهه ۾ اچي اڪيلي خدا جا ٻانها بڻجي وڃو ۽ هزارين خدائن جي روز روز وارن عذابن کان بچي وڃو. جيڪڏهن اهي هزارين هٿ ٺوڪيا معبود اوهان جي هڪ خدا سان تعلق ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا ته پوءِ اوهان به انهن کي معاف نه ڪيو ۽ هڪ اهڙو نظام ۽ جهان اڏي وجهو جنهن ۾ انهن جا وجود پاش پاش ٿي ڪري پون.
هي ٽي بنيادي نڪتا آهن، جيڪي مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر ۾ هر هنڌ ڪارفرما آهن. انهن ئي نڪتن جي لازمي نتيجي طور اجتماعي کيتر ۾ آزادي ۽ انقلاب، تحريڪون ۽ مساوات، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم، نيشنلزم ۽ بين الاقواميت ۽ انفرادي ميدان ۾ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ سعادت مطلب ته جيڪي به فڪري عنوان آهن سي هنن ٽنهي مرڪزي نڪتن جي تشريح يا ان جا عملي مظهر آهن. قرآن مجيد جي سڄي تفسير کي مولانا سنڌي هنن ٽن نڪتن جي تشريح ڪري لکيو آهي، سندس سڀ تحريرون ۽ تقريرون هن بنيادي فڪر جي چوڌاري ڦرن ٿيون. انهن تحريرن ۽ تقريرن جو تفصيل ايترو ڊگهو آهي جو هن مختصر نشست ۾ انهن جو اختصار سان به احاطو نٿو ڪري سگهجي. مختصر لفظن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي توحيد کي آزادين جو اهڙو فڪر سمجهي ٿو. جنهن ۾ انسان سڀني انساني غلامين مان نڪري هڪ الله جي عبديت ۾ اچي وڃي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي انهن نظرين جي بنياد تي سڄي زندگي هندستاني ماڻهن کي تبديلي ۽ آزادي جي لاءِ منصوبا ۽ عملي طريقا جوڙيندو رهيو ۽ مرڻ گهڙي تائين پنهنجي سڄي عملي زندگي به انهن نظرين لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ گذاريائين.
مولانا سنڌيءَ ننڍي کنڊ هندستان ۾ مٿي ڄاڻايل نڪتن جي بنياد تي اقتصادي ۽ سياسي نظام قائم ڪرڻ گهريو پئي ان سلسلي ۾ سندس جلاوطنيءَ واري دور نالي پڌرو ڪيل منشور هڪ شاهڪار نمونو آهي جيڪو هُن مهاڀارت سرو راجيه پارٽي جي نالي سان1924ع ۾ ترڪي استنبول مان پڌرو ڪيو هو. انهيءَ گهڻ قومي طبقاتي منشور ۾ ننڍي کنڊ جي قومن جي آزادي ۽ انهن لاءِ انصاف ڀرئي معاشري جي قيام لاءِ خاڪو برصغير جي سڀني قومن لاءِ آزادي، خودمختياري ۽ امن سلامتي لاءِ مثالي انقلابي منشور هو، اهو تاريخي دستاويز مرتب ڪري جيئن ئي هندستان موڪليو ويو ته برطانيا سرڪار ان جي عملي تشڪيل کان بيحد خائف ٿي ان تي پابندي وجهي ڇڏي. سڄي هندستان ۾ ايجنسين، فوج ۽ پوليس کي الرٽ ڪري حڪم ڏنو ويو ته انهيءَ منشور جي هڪ ڪاپي به هندستان ۾ تقسيم ٿيڻ نه ڏني وڃي. برطانوي سرڪار سمجهيو پئي ته هندستان جي لاءِ انهيءَ گهڻ قومي طبقاتي منشور کي جنهن نموني عملي تشڪيل ڏئي پيش ڪيو ويو آهي، ان جي عوام تائين پهچڻ سان نه صرف برطانوي استعمار جي ايوانن ۾ زلزلو اچي ويندو بلڪ اهو ئي منشور برطانيا جي سڀني ايشيائي ۽ آفريڪي غلام قومن جي آزادي ۽ ترقيءَ جو آسيس ۽ اميد بڻبو.
هتي اسان ان منشور جي ڪجهه حصن کي ورجايون ٿا، جنهن سان مولانا عبيدالله سنڌي جي اقتصادي ۽ سياسي فڪر جا اهم پهلو نروار ٿي اسان جي سامهون اچي ويندا.
”هندستان ۾ هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ جون ڪيئي ڪوششون ڪيون ويون پر انهن مان ڪابه ڪوشش ڦلدائڪ نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته مسئلي جي اصليت ۽ ماهيت تي غور نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته نه صرف انهن ٻن فرقن ۾ پاڻ ۾ اختلاف آهي، پر هر فرقي اندر قومي ۽ معاشرتي ورڇون به موجود آهن.مسلمانن ۾ قومي سوال موجود آهن. جيڪڏهن پنجابي ۽ سنڌي، هندستاني ۽ پٺاڻ، ڪشميري ۽ بلوچي جو قومي سوال موجود آهي ته هندن ۾ بنگالي ۽ بهاري مدراسي ۽ مرهٽي، گجراتي ۽ مارواڙيءَ جو مسئلو ملي ٿو. انهن قومي اختلافن کي مذهبي هڪ جهڙائي نٿي مٽائي سگهي. ان کان پوءِ هر هڪ قوم ۾ طبقاتي تضاد موجود آهي: مالدار ۽ پورهيت، زميندار۽ هاري سرمائيدار ۽ مزدور جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هر هندستاني قوم کي ٻن حريف ۽ مخالف طبقن ۾ آسانيءَ سان ورهائي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري صرف مذهبي بنيادن تي تمام هندستاني مسئلا ۽ خاص طور هندو – مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ سان ڪا ڇوٽڪاري جي راهه پيدا نه ٿي سگهندي، تنهن ڪري اسين پنهنجي پروگرام ۾ مذهب کي انهن مسئلن جي حل لاءِ بنياد قرار نٿا ڏيون ٿا. بلڪ قومي ۽ طبقاتي فرق ۽ اقتصادي ۽ سياسي اصولن سان انهن مشڪلن جو حل پيش ڪريون ٿا. انهيءَ اصول هيٺ مذهبي اختلاف به سهڻي نموني حل ٿي سگهن ٿا. اسين هندستان کي اهڙن ملڪن ۾ ورهايون ٿا، جتي هڪ قوم آباد هجي، جنهن جي ٻولي ۽ تهذيب ۾ هڪ جهڙائي لڌي وڃي. انهيءَ ورڇ کان پوءِ هر هڪ مذهب کي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ اڪثريت حاصل ٿي ويندي، انهيءَ رستي مذهبي وڳوڙن جو چڱي ريت دروازو بند ٿي ويندو. انهن ملڪن جي جمهوريتن ۾ چونڊن لاءِ نمائندگيءَ جو حق مذهبي فرق جي بجاءِ طبقاتي اختلاف جي بنياد تي ڏنو ويندو، انهيءَ ڪري ننڍن مذهبي فرقن جو حق غضب نه ٿيندو. هاڻوڪي صنعتي دنيا سان هندستان جي موجوده ترقيءَ جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه پڌري ٿي وڃي ٿي ته هندستان سرمائيداري نظام جي مطابق ترقي ڪري يورپ ۽ آمريڪا جو پرامن مقابلو به نٿو ڪري سگهي، جيستائين جو انگريز سرمائيدار ۽ شهنشاهيت پسندن جو حريف نه بڻجي. پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۽ ملڪ جي عام رهواسين جو ڀلو انهي نظام ۾ هيٺ رهي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو ترقي يافته نمونو يورپ جي صنعتي ملڪن ۾ موجود آهي. انهي ڪري اسين پنهنجي ملڪ جي سرمائيداري نظام کي ٽوڙي ڪري اهڙي نظام جو بنياد وجهون ٿا، جيڪو پورهيت طبقي يعني ملڪ جي گهڻائيءَ جي ڀلي جو ضامن هجي ۽ انهيءَ پورهيت طبقي جي اقتدار هيٺ هجي. انهيءَ سان اسان جي آزادي جي تحريڪ به پڪ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نظام جي حمايت ۾ جڏهن ملڪ جي عام رهواسين جي همدردي شروع ٿي ويئي ته اها آخر تائين قائم رهندي ۽ اها ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون، جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي 72 سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي ۽ عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزادي جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽي جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا، هيءُ شرط لاڳو ڪيو آهي ته هو پنهنجي ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا، جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙيءَ ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. هندستان جهڙي ملڪ لاءِ دنيا کان الڳ رهڻ ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي هو دنيا کان ڪڏهن الڳ رهيو آهي. هن وقت هندستانين ۾ جيڪا ٻاهرين لاڳاپن کان هڪ قسم جي نفرت ملي ٿي، اها عارضي آهي. هو جيتري قدر سياسي طاقت پنهنجي هٿ ڪندا ويندا، اوتري قدر اهو جذبو گهٽبو ويندو. اسان جي پارٽي هندستان جي ٻاهرين لاڳاپن کي مرحلي وار ڳنڍڻ لاءِ سڀ کان سٺو طريقو ”ايشياٽڪ فيڊريشن تحريڪ“ کي سمجهي ٿي. انهيءَ ڪري اسان ان کي پنهنجي پروگرام جو حصو قرار ڏنو آهي....
متا ۽ مقصد
(٢)”مهارت ڀارت سرور راجيه پارٽي“ پنهنجي سروراجي اصول جي بنياد تي هيٺين مقصدن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.
(الف) هندستان جي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ، ملڪ ۾ جمهوري نظام قائم ڪرڻ، هندستان جي مختلف ملڪن کي هڪ ملڪ قرار ڏيئي نئين ”هڪ هندستاني قوميت“ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي آزاديءَ جو بنياد نه بنائڻ.
(ب) آزاد هند کي بادشاهت ۽ سرمائيداريءَ کان هميشه لاءِ آجو ڪرڻ ۽ انساني سوسائٽيءَ لاءِ هڪ نمونو بنائڻ.
(ج) سڀني هندستاني قومن کي وفاقي نظام ۾ گڏ ڪرڻ.
(د) ايشيائي قومن ۾ بادشاهت ۽ سرمائيداري خلاف هڪ وفاق ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ پيدا ڪرڻ.
(هه) دنيا جي قومن ۾ اوڀر وارن کي سندن حق ڏيارڻ
(٧)”سروراجيه هند“ کي ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ اهڙن ملڪن ۾ ورهائي ٿي، جتي هڪ قوم آباد آهي، جيڪا هڪ ٻولي ڳالهائي ٿي، جنهن جي معاشرت ۾ عام طور هڪ جهڙائي ملي ٿي. انهن ملڪن مان هر هڪ ”سروراجي ملڪ“ سڏائيندو .
(الف) هڪ ابتدائي تجويز جي طور تي ”مها ڀارت سروراجيه پارٽي“ سروراجي هند (اتر اولهندي ڀاڱي) کي ڏهن سروراجي ملڪن ۾ ورهائي ٿي:
(١) ”ڀارت“ جنهن جي ٻولي هندستاني (اردو) آهي، ان ۾ ٻه درياهه گنگا جمنا ۽ لکنؤ شامل آهن. ان جا مرڪزي شهر دهلي ۽آگرو آهن.
(٢) ڏکڻ اوڀر پنجاب، جنهن جو مرڪزي شهر امرتسر ٻولي پنجابي آهي.
(٣) اتر اولهه پنجاب، جنهن جي ٻولي پوٺوهاري پنجابي آهي ۽ مرڪزي شهر راولپنڊي آهي.
(٤) ڏکڻ اولهندو پنجاب، جنهن ۾ رياست بهاولپور شامل آهي، ان جو مرڪزي شهر ملتان ۽ ٻولي ملتاني پنجابي (سرائڪي) آهي.
(٥) ڪشمير، جنهن جي ٻولي ڪشميري ۽ مرڪزي شهر سرينگر آهي.
(٦) پشتانيه (يا پختونستان) يعني سرحد، جنهن جي ٻولي پشتو ۽ مرڪزي شهر پشاور آهي.
(٧) بلوچستان، جنهن جي ٻولي بلوچي ۽ مرڪزي شهر ڪوئيٽا ۽ قلات آهن.
(٨) سنڌ، جنهن جي ٻولي سنڌي ۽ مرڪزي شهر ڪراچي آهي.
(٩) گجرات جنهن جي ٻولي گجراتي ۽ مرڪزي شهر احمدآباد آهي.
(١٠) راجپوتانه جنهن جي ٻولي هندستاني (هندي) ۽ مرڪزي شهر اجمير آهي.
(ب) هر هڪ سروراجي ملڪ مستقبل ۾ هڪ سروراجي جمهوريه هوندو جيڪو پنهنجي اقتصادي، تمدني ۽ سياسي آزادي محفوظ رکندي ”متوافق جمهوريات هند“ (هند جي جمهوريتن جو وفاق (Indian Federal Republics) لاءِ ايڪوبڻبو.
ميمبر ۽ رضاڪار
(٨) هر هڪ سروراجي ملڪ جو رهاڪو مرد ۽ عورت، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ پنهنجي ملڪ جي سروراجيه پارٽي جو ميمبر ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن هو:
(الف) نيشنل ڪانگريس ڪيڊر مڃيندو هجي.
(ب) سروراجيه پارٽيءَ جي متن، مقصدن ۽ پروگرام کي وفاداريءَ سان مڃيندو هجي.
(ج) پارٽي جي ضابطن جي پابنديءَ جو يقين ڏياريندو هجي.
(د) پنهنجي زندگي جي گهرجن کي پنهنجي ملڪ جي وچولي، زراعت ڪندڙ ماڻهن کان نه وڌائي.
(هه) جيڪڏهن پنهنجي گهرج کان وڌيڪ جائداد اٿس ته پارٽيءَ جي نالي ڪري ڇڏي.
تشريح: جيستائين پارٽي، ميمبرن جي جائداد کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري تيستائين اها جائداد انهن ئي ميمبرن وٽ رهندي....
(١٩) سروراجي جمهوريه جي پارليامينٽ کي سڀئي قانوني، مالي ۽ عدالتي اختيار حاصل هوندا. انهن جون چونڊون هيٺين طريقي تي عمل ۾ اينديون:
(الف) هر عاقل ۽ بالغ مرد ۽ عورت کي جيڪو ڪنهن اخلاقي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽي نه چڪو آهي ان کي پارليامينٽ جي چونڊن ۾ راءِ ڏيڻ جو حاصل هوندو.
(ج) معاشري جي ٻين طبقن يعني زميندارن، شاهوڪارن، سرمائيدارن ۽ واپارين کي انهن جي ڳاڻاٽي مطابق نمائندگي جو حق ملندو. ڪنهن به صورت ۾ سندن اهميت جي بنياد تي کين سندن ڳاڻاٽي کان وڌيڪ نمائندگي جو حق نه ڏنو ويندو.
(د) انهن مالدار جماعتن مان جيڪڏهن ڪو به طبقو (گروپ) سروراجي جمهوريه جي اقتصادي ۽ سياسي بنيادي اصولن جي مخالفت ڪندو ته هڪ محدود مدت تائين ان جي نمائندگي جو حق کسي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ الڳ قانون ٺاهيو ويندو.
(٢٠) عام فائدي جا سڀئي وسيلا قومي ملڪيت قرار ڏنا ويندا.
(٢١) انفرادي ملڪيت (نقل ٿيندڙ ۽ نقل نه ٿيندڙ) محدود ڪئي ويندي. مقرر حد کان وڌيڪ جائداد قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي.
(الف) گهٽ ۾ گهٽ ملڪيت جي حد مقرر ڪرڻ سروراجيه ڪانفرنس جو ڪم آهي.
(ب) مالدارن تي اضافي ٽيڪس هنئي ويندي، جنهن جي آخري حد پنجاهه سيڪڙو تائين هوندي.
(٢٢) ملڪ جي ايراضي قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي ۽ زمينداري نظام منسوخ ڪيو ويندو. هاريءَ ۽ حڪومت کانسواءِ ڪنهن کي به ايراضيءَ سان تعلق نه هوندو.
(الف) سروراجيه هند جي انهن جمهوريتن ۾ جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي، مهاڀارت سروراجيه پارٽي فاروق اعظم رضه جي فيصلي مطابق زميندارن کي ايراضي جي ملڪيت ڇڏڻ ۽ امام اعظم ابو حنيفه جي فيصلي مطابق هاري کي مزارعت يعني هارپو ڇڏڻ تي مجبور ڪندي. زميندارن کي فقط گورنمينٽ ايجنٽ جي طور تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو (جنهن کي پگهار گورنمينٽ ادا ڪندي.)
(ب) اهڙو ئي طرز عمل ”سروراجي هند“ جي انهن سڀني جمهوريتن ۾ اختيار ڪيو ويندو، جتي اڪثريت جو مذهب ان اصول جي تائيد ڪري ٿو يا سياسي بيداري عام ٿي چڪي آهي.
(ج) جن جمهوريتن ۾ اڪثريت جو مذهب ان جي تائيد نه ٿو ڪري ۽ اتي سياسي بيداري به عام نه ٿي آهي ته انهن جمهوريتن ۾ پهريائين زمين جي ملڪيت محدود ڪئي ويندي ۽ سياسي بيداري عام ٿيڻ تي ايراضيءَ جي انفرادي ملڪيت منسوخ ڪئي ويندي.
(د) هر هاري خاندان کي ايتري قدر زمين ضرور ڏني ويندي، جيتري قدر پاڻ کيڙي سگهي. ان زمين تي انهيءَ خاندان جو دائمي کيڙڻ جو حق اهڙي قانون هيٺ محفوظ ڪيو ويندو جيڪو ”هاري سنگتن“ جي ڪائونسل جي مشوري سان ٺاهيو ويندو.
(هه) حڪومت هاري کان ڪل پيداوار جو پنجون حصو هاري سنگتن جي واسطي سان خراج طور وصول ڪندي.
(و) قومي ملڪيت ۾ ڏنل زمين جو انتظام حڪومت هاري سنگتن جي ڪونسلن جي نگراني ۾ رکندي.
(ز) هاري سنگتن کي سرڪاري امداد بنا وياج قرضن جي صورت ۾ ڏني ويندي ۽ انهن لاءِ زرعي مشينري ادائگيءَ جي نرم شرطن تي مهيا ڪئي ويندي.
(٢٣) وياجي ڏي وٺ بلڪل بند ڪئي ويندي، پورهيت طبقي جا پراڻا قرض معاف ڪيا ويندا. ضرورتمندن لاءِ امداد يا قرض بنا وياج ڏيڻ جو مستقل انتظام هوندو.“
مٿئين منشور جي روشني ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي ۽ اقتصادي فڪر جا هيٺان نڪتا چٽا ٿي سامهون اچن ٿا:
١- مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ جو پهريون مفڪر آهي، جنهن جديد قومي تصور جا بنياد (ٻولي، تهذيب، اقتصادي مفاد ۽ جاگرافي حدون) وجهندي هندستان کي گهڻ قومي ملڪ قرار ڏنو ۽ مذهبن جي بنياد تي ٻه قومي ملڪ هئڻ جي سختيءَ سان نفي ڪئي. جيڪي ماڻهو ان وقت انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ٻه قومي نظريي جي سائي ۾ هندستان جي تقسيم جي تحريڪن ۾ حصو وٺي رهيا هئا تن لاءِ ان وقت ئي شديد تنبيهون ڪيون. گڏوگڏ مولانا سنڌي، سنڌ جي مستقل ملڪ هئڻ ۽ ان کي عالمي برادريءَ ۾ پنهنجو تشخص قائم ڪرڻ جو نه صرف فڪر ڏنو پر ان لاءِ ڀرپور ڪوششون به سرانجام ڏنيون.
٢- هندستان جي ماڻهن لاءِ سندن خوشحاليءَ واسطي اقتصادي برابري جو اهڙو معاشي نظام تجويز ڪيو، جيڪو عالمي شعور سان سلهاڙيل ۽ سندن مقامي حالتن مان ئي جنم ورتل هجي. اهو ڪنهن به اقتصادي مفروضي جي اڻ مٽ اصولن جي ور چڙهي ڪنهن به مرحلي تي مفلوج نه ٿي وڃي، بلڪه وقت، زماني ۽ حالتن جي مطابق هندستان لاءِ خوشحاليءَ جا نت نوان امڪان پيدا ڪرڻ جي گنجائش رکندو هجي.
٣- هندستان جي سڀني قومن ۽ مذهبن جي پاڻ ۾ رواداري، محبت ۽ انساني ايڪتا کي قائم رکڻ جا عملي خاڪا مرتب ڪري ڏنا.
٤- هندستان جي قومن جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي قائم رکڻ ۽ انهن جي خوشحاليءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايشياٽڪ فيڊريشن جي قيام سان انهن جو عالمي ڪردار مؤثر ڪرڻ جون حڪمت عمليون جوڙيون.
مختصر طور مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو فڪر قومن جي فڪري وجود کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن جي سياسي ۽ اقتصادي حيثيت کي برابريءَ جي بنياد تي قائم رکڻ واري نڪتي تحت بين الاقواميت جي تعمير ڪرڻ ذريعي سموري انسان ذات کي پنهنجي دامن ۾ کڻي وٺي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت سندس فڪري تعليم جي روشنيءَ ۾: ”خدا پرستي ۽ انسان دوستي“ انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان مٿاهون نصب العين، مقصد ۽ ڪارج بيهن ٿا. جڏهن ته ان فڪر جي عملي مظهر طور بيان ڪيل منشور جي روشني ۾ (١) قومي آزادي، (٢) اقتصادي برابري (٣) مذهبي رواداري ۽ (٤) عالمي ڀائيچارو، جدوجهد، انقلاب ۽ آزادي جا بنيادي اصول بيهن ٿا.
مولانا عبيدالله سنڌي سڄي عمر انهن اصولن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. انگريزن ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سندس سوچ ۽ فڪر جو عوام سان هرگز لاڳاپو نه ٿئي. 1924ع ۾ سروراجيه پارٽي جي پيش ڪيل منشور کان وٺي هندستان موٽي اچڻ تائين برطانوي سرڪار جي انهن پيدا ڪيل رڪاوٽن جو هڪ ڊگهو تفصيل آهي. اڻويهه سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي اچڻ تي برطانوي سرڪار پنهنجي مُهرن جا ڪٽڪ جانثارن جي صورت ۾ سندس پويان لڳائي ڇڏيا. جن نه صرف ان فڪر کي عوام تائين رسائڻ جا ڪي به اسباب پيدا ٿيڻ نه ڏنا بلڪ آهستي آهستي مولانا سنڌيءَ کي خوراڪ ۾ زهر (Slow Poison) ڏيندا رهيا ۽ آخرڪار ننڍي کنڊ جو هي انقلابي اڳواڻ زهر جي انهيءَ روڳ سبب بيمارين جي ور چڙهي ويو. ننڍي کنڊ جي سياست ۾ انگريزن نئين اسلامي رياست جي فريب سان پنهنجي مقصد جا ماڻهو پيدا ڪري ورتا. ڇاڪاڻ ته قومي طبقاتي بنيادن تي عظيم تر هندستان يا يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف انڊيا جو قيام سڄي دنيا ۾ انگريزن جي مفادات لاءِ خطرناڪ هو. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ايشياٽڪ فيڊريشن جي تحريڪ هئي جيڪا دنيا تان مغرب جي غلبي ختم ڪرڻ جو منصوبو هو. انگريزن جي پيدا ڪيل مولوين، سيدن ۽ جاگيردارن بهرحال انگريزن کي هند جي مسلمانن جي تقسيم آسان ڪري ڏني. تقسيم کان پوءِ هن خطي ۾ جيڪا اٿل پٿل آئي، تنهن هتان جي جدوجهد، علم، سماج، تهذيب ۽ تمدن جي سڀني شاندار روايتن ۽ ورثي کي نهوڙي رکيو. مولانا عبيدالله سنڌي کي جيئن زندگي ۾ ئي انگريزن عوام جي ويجهو ٿيڻ نه ڏنو ۽ مرڻ کان پوءِ به ان جا پوئلڳ پڻ سندس فڪر کي عوام تائين رسائڻ ۾ ناڪام رهجي ويا. ان جي باوجود به هو مٿڀرو مڙس دنيا جو انقلابي پنهنجي فڪر ۾ جيئن کرو ۽ کليل هو تيئن ان تي پاڻ عملي طرح ڪاربند رهڻ ۽ انقلابي جدوجهد جي ڪري نه صرف سنڌ جي عوام بلڪ ننڍي کنڊ جي سڀني غلام قومن جي ماڻهن وٽ بيحد عزت ۽ مڃتا جو مقام رکي ٿو.
انگريزن جي دور ۾ جنهن غلامي، روڳ ۽ عذاب ۾ ننڍي کنڊ جون قومون ڦاٿل هيون، سي طوق اڃا خلاصا نه ٿيا آهن. بلڪ انهيءَ عرصي جي زيان ٿي وڃڻ ڪري ننڍي کنڊ جي قومن جيڪي عذاب ۽ سو ر سٺا آهن سي انساني ظلم جي تاريخ ۾ يورپ واري ڪاري دور کان گهڻا گهرا آهن. ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڏو نقصان اسان سنڌين جو ٿيو آهي. مولانا عبيدالله سنڌي اها صورتحال ان وقت ئي محسوس ڪري ورتي هئي ته ننڍي کنڊ ۾ سامراج جي سگهاري ٿيڻ سان ان جو سڀ کان وڏو نشانو سنڌ بڻبي. انهيءَ ڪري مولانا عبيدالله سنڌي جيئن ئي هندستان موٽيو هو ته هن سنڌ کي پنهنجي عمل جو مرڪز بڻايو هو. هُن جڏهن ڏٺو ته انگريز لازمي طرح هندستان کي تقسيم ڪرڻ جي هوڏ ۽ ضد تي قائم آهن، تڏهن هُن سنڌ جي تڏهوڪي وزيراعليٰ شهيد سنڌ الله بخش سومري کي آماده ڪيو هو ته هو سنڌ انگريزن کان ائين الڳ ۽ آزاد ڪري وٺي جيئن انگريز برما ۽ سيلون کي هندستان کان الڳ آزادي ڏيڻ جو طئه ڪري چڪو آهي. پر ڇاڪاڻ جو انگريزن هندستان جي تقسيم ذريعي هتان جي قومن کي قيمون ڪباب بنائڻ جو جيڪو عهد ڪري ڇڏيو هو، انهن ان تي عملدرآمد کي وڏي مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان پورو ڪري ورتو. نتيجي ۾ گذريل پنجاهه سالن ۾ سنڌ جي مٿان جيڪو وهيو واپريو آهي ان جا تفصيل اسان سڀني کي معلوم آهن.
اسلام آباد جي توسط سان پنجاب سامراج جي قومي غلامي، اسلام آباد، جي ايجنسين، بيورو ڪريسي ۽ انهن جي مقامي دلالن، نالي ماتر حاڪم طبقي، وڏيرن، سرمائيدارن، مذهبي پيشوائن، پيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي سوين غلامين هتان جي عوام جي عضوي عضوي کي ڏنڀي رکيو آهي ۽ سنڌ سنڌ کي نهوڙي رکيو آهي. انهن سڀني استحصالي طبقن جي مکامکي هتان جي عوام جو آجپو ۽ وقار تباهه ڪري انهن کي اقتصادي بدحالي جي اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، جتان ماڻهن کي نڪرڻ جو ڪوبه گس نه ملي سگهيو آهي.
اهڙي طرح تعليم جي تباهي، اخلاقي ڏيوالپڻي۽ فرقيواريت جي زهر اسان جي اجتماعي سوچ۽ ڌارا جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي ۽ آخر ۾ وڏين چالاڪن ۽ عيارين سان اسان جي تشخص جا سڀ نشان مٽائي دنيا جي قومن ۾ اسان کي هيڪلو ڪري ڇڏيو ويو آهي.
هي سڄي صورتحال اسان کي وري هڪ اهڙي انقلاب مان گذارڻ جي گهرجائو آهي، جيڪو انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي قومن کي حقيقي آزاديءَ جي صورت ۾ ڏيارڻ چاهيو هو. اسان پنجاهه سال اوندهه واريون هٿوراڙيون هنيون آهن ۽ هينئر اچو ته اسان مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر جي روشنيءَ ۾ انقلاب جي انهن امڪانن کي يقيني بڻائي وٺون.
(سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڊيارو جي پاران ١١ اپريل ١٩٩٨ع تي ڪنڊيارو شهر ۾ ڏنل ليڪچر)
(سنڌ فورم، جون 1998ع)