تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

عورت جو حقيقي معاشرتي مقام ۽ مرتبو : محمد انس راڄپر

هڪ خوبصورت باغيچي ۾ دل کي وڻندڙ خوبصورت ٻوٽا لڳايا ويندا آهن، پُرڪشش رنگن وارا، فضا کي مهڪائيندڙ، خوشبو ڦهلائيندڙ ۽ ماحول کي معطر ڪندڙ ٻوٽا. اهڙي قسم جا خوبصورت باغيچا ۽ چراگاهه شهرن ۾ شهرين کي تفريح جو سامان مهيا ڪرڻ لاءِ لڳايا ويندا آهن ته جيئن هرڪو شهري پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين، مصروفيتن ۽ پريشانين جي ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ شام جو پهر هن خوبصورت باغ جي اندر اچي گذاري ۽ پنهنجي ذهن، دل ۽ دماغ کي خوبصورت ۽ معطر ماحول سان شاداب ڪري.
اهڙي خوبصورت باغ جي اندر جڏهن ٻوٽا پراڻا ٿي ويندا آهن، سٺا گل پيدا ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، تڏهن انهن ٻوٽن کي ان هنڌان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ۽ ٻيا نوان ٻوٽا لڳائبا آهن، ڇو ته ان ٻوٽي کي باغ ۾ صرف ان لاءِ سجايو ويو هيو ته اهو ماحول کي خوبصورتي پيو بخشي ۽ سير ڪندڙ جي دل ۾ خوشي پيو پيدا ڪري. جڏهن ٻوٽي جي پراڻي ٿي وڃڻ ڪري ان اها ڊيوٽي ادا ڪرڻ ۾ سستي ڏيکاري ته ان کي ان جڳهه تان هٽايو ويو، ڇو ته ٻوٽي جي اهميت صرف اها هئي ته هو خوبصورت هئڻ ڪري سير ڪندڙ جي دل کي وڻندڙ آهي. ان ۾ نرمي ۽ نزاڪت، خوبصورتي ۽ خوب رنگت جون خصلتون ان جي اهميت جو ڪارڻ آهن ۽ اهو ئي ان جي پيدا ٿيڻ جو مقصد ۽ باغ ۾ هئڻ جو سبب هيو. هاڻي اهو ان ٻوٽي جو مقام ۽ مرتبو آهي جيڪو ان کي ان نسبت جي ڪري مليو آهي ته، آيا اهو سير ڪندڙ جي دل کي وڻي ٿو يا نه؟ اهو مقام، مان ۽ مرتبو ڪيڏو نه حقير آهي.
عام طور چيو ويندو آهي ته عورت کي الله سائينءَ نرم ۽ نازڪ، خوبصورت ۽ خوش رنگت ڪري پيدا ڪيو آهي ته جيئن اها مرد لاءِ تفريح جو سامان مهيا ڪري. مرد جڏهن سڄو ڏينهن محنت ۽ مشقت ڪري معاشي پريشانين جي ڀوڳنا ڀوڳي گهر موٽي، تڏهن هو نرم ۽ نازڪ، خوبصورت ۽ ٻهڪندڙ عورت جي محبوب زلفن ۽ جسم سان کيڏي سڪون ۽ لذت حاصل ڪري پاڻ کي فريش(Fresh) ڪري ۽ عورت کي گهرجي ته مڙس جڏهن گهر موٽي ته هوءَ مڙس لاءِ پاڻ کي سينگاري، سنواري ۽ خوبصورت بنائي، ان جي کاڌي پيتي جو ۽ ان جي پسند جي شين جو اڳواٽ انتظام ڪري ۽ ان جي موٽڻ تي سندس آڌرڀاءٌ ڪري ۽ ان جي مرضيءَ سان سندس سامهون ناز ۽ نخرا ڪري، ان جي پسند جون ادائون ڪري، ان کي خوش ڪري ۽ عورت کي پنهنجي پوري زندگي مرد لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ گهرجي. مڙس جي مرضيءَ کان سواءِ گهر کان ٻاهر نه نڪري، ايتري قدر جو ڪپڙا به پنهنجي مرضيءَ جا نه پائي، پر مڙس جي پسند جا پائي، ڇو ته ان جو سينگار آهي ئي مڙس لاءِ. جيڪڏهن مڙس کي سينگار نه وڻندو، هو پسند نه ڪندو ۽ نه ڏسندو ته شعر جي هڪ سٽ وانگر، ”سنگھار ادھورا رہتا ہے“ وانگر عورت جو سينگار ڪنهن ڪم جو نه رهندو. مطلب ته عورت جو کائڻ ۽ پيئڻ، جيئڻ ۽ مرڻ، پائڻ ۽ ڍڪڻ سڀ ڪجهه مرد لاءِ هجي. باغ جي خوبصورت مکڙيءَ جيان عورت جي اهميت به ان شرط سان مشروط آهي ته اها عورت مرد لاءِ ڪيترو پرڪشش بڻجي ٿي. اهو آهي مقام اسان جي معاشري ۾ عورت جو. جنهن کي اسين نالي ۾ ”اسلامي“ به چئون ٿا ته، ”اخلاقي ۽ فطري“ به چئون ٿا، پر خبر ناهي ته الائي ڇا ڇا ٿا چئون! ان لاءِ اسان وٽ عورت جو اهو ڪم ۽ مقام متعين ڪرڻ وقت دليل اهو آهي ته، ”عورت ڪمزور آهي، ان ڪري مرد سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي ۽ ٻيو ته تخليق جي اعتبار کان مقصود بالذات مرد آهي. عورت کي صرف مرد جي آسائش لاءِ ان جي پاسيريءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي،“ وغيره تنهن ڪري مٿي ذڪر ڪيل عورت جو مقام ”فطري“ به آهي، ان ڪري ”اسلامي“ پڻ! جڏهن ته قرآن ۾ انسانذات جي تخليق ۾ مرد ۽ عورت کي برابر جو ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو آهي ۽ فرمايو ويو آهي ته، اي انسانو! اسان توهان کي مرد ۽ عورت ٻنهي جي جنسي اختلاط سان پيدا ڪيو آهي. (سورت حجرات آيت 13).
ٻئي هنڌ فرمايائين ته، "خلقکم من نفس واحدۃ و خلق منہا زوجہا" (معني: نفس واحدہ منجهان الله جوڙو پيدا ڪيو آهي). (سوره النساءِ آيت-1) يعني مرد ۽ عورت جي تخليق جو سرچشمو هڪڙو نفس واحد آهي.
قرآن ۾ ڪٿي لکيل آهي ته، عورت مرد جي کاٻي پاسيريءَ مان پيدا ٿيل آهي؟ بلڪه اهو واضح ٿئي ٿو ته تخليق جي اعتبار کان مرد ۽ عورت ٻئي برابر آهن، پر اڃا به انڌ جي گهوڙي تان لهي ٿورو غور ڪجي ته، انسان جي تخليق جا اڪثر مرحلا عورت (ماءُ) جي رحم ۾ طئي ٿيندا آهن ۽ پوءِ پيدائش کان جوان ٿيڻ تائين هر انساني فرد جي تربيت ماءُ جي هنج ۽ ان کان پوءِ ان جي زيرنگراني ٿيندي آهي ته، پوءِ نسلي افزائش، واڌ ويجهه، تعليم ۽ تربيت ۾ وڌيڪ اهم ۽ بنيادي ڪردار عورت جو ٿئي ٿو يا مرد جو؟ انسانذات لاءِ ارتقائي فائدا مرد ۾ آهن يا عورت ۾؟ هوڏانهن الله فرمايو آهي ته،
”جيڪا شيءَ انسانن کي نفعو پهچائيندي، اها ئي زمين تي قائم رهندي.“ (سوره رعد، آيت-17)
عورت وڌيڪ انفع آهي، ان ڪري وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. بهرحال انهن دليلن کان قطع نظر اسان جي معاشري عورت کي جيڪو مقام ڏنو آهي، اهو هي آهي ته عورت صرف جنسي سڪون حاصل ڪرڻ جو هڪ اوزار آهي ۽ بس! ان بيجا تصور جو ردعمل ڇا ٿيو جو يورپ جي عورت ۽ ان جي تقليد ۾ اسان جي معاشري جي عورت پڻ آزاديءَ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ اهو آزاديءَ جو اعلان پنهنجي مقام متعين ڪرڻ لاءِ هئڻ کپندو هو. پر شايد ردِ عمل ۾ عورت گهر جي چار ديواريءَ مان نڪري آئي، برقعي جي بندش کان آزاد ٿي، مڙس جي غلاميءَ کان بغاوت ڪئي. مڙس جي پوئلڳ ۽ تابعدار ٿيڻ ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ کي عقل ۽ راءِ جو مالڪ ثابت ڪيو، حڪومتن جا اهم عهدا سنڀاليا. مطلب ته عورت ڀرپور آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان وهڪري ۾ وهندي يورپ جي عورت وانگر آزاديءَ جون سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون. جنهن سان هن پاڻ کي هڪڙي مرد جي قيد کان آزاد ڪري هزارين مردن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هڪڙي مرد جي جنسي عتاب کان آزاد ٿي پاڻ کي هزارين مردن جي جنسي عتاب هيٺ آڻي ڇڏيو. اڳي عورت جو سينگار هڪ مرد لاءِ هيو، هاڻي هزارين مردن لاءِ آهي. اڳي هڪ مرد ان جي نرم نازڪ جسم ۽ اونداهي رات جيان ڪارن زلفن سان کيڏندو هيو، هاڻي هزارين مرد ان جو لطف وٺڻ لڳا، اڳي عورت جي گلاب کان زياده خوبصورت مکڙيءَ جو لطف هڪ مرد وٺندو هيو، هاڻي باغ جي گلن جيان هر سير ۽ تفريح ڪندڙ ان مان لذتون حاصل ڪرڻ لڳو. عورت پيداواري ذريعن جيان مشترڪ ملڪيت بڻجي وئي.
عورت کي ساڳيو جنس لذت حاصل ڪرڻ جي اوزار هجڻ وارو مقام مليو، ڀلا صديون پراڻي غلاميءَ جي زندگي گذاريندڙ عورت ڪيئن ٿي جلدي آزاديءَ جو حقيقي معراج ماڻي سگهي. نتيجو اهو ٿيو جو عورت آزاد ته ٿي پر نفسياتي ۽ ذهني طرح ساڳيو مرد جي غلام. صبح جو ننڊ مان اٿندي باٿ روم ۾ وڃي سوچيندي ته ڪهڙو لباس پائجي، ڪهڙو ميڪ اپ ڪجي، خوبصورت ۽ نرم جسم تي ڪهڙو وڳو سجائجي، جنهن سان وڌيڪ مرد مون ڏانهن متوجه ٿين، پاڻ سٺو ميڪ اپ نه ڪري سگهندي ته بيوٽي پارلر تي وڃي ميڪ اپ ڪرائيندي، ڪپڙن سان مرد وڌيڪ متوجه نه ٿيندا ته ٻئي ڏينهن اڌ اگهاڙو لباس پهري پنهنجي ڪپڙن کان پوءِ جسم جي به نمائش ڪندي. مطلب ته هزار حيلا ڪندي رڳو مرد جي نظر ۾ پاڻ کي سٺو بنائڻ جي لاءِ. معنيٰ هن جي زندگي وري به مرد لاءِ. مرڻ جيئڻ، پائڻ ۽ ڍڪڻ وري به مرد جي لاءِ. عورت جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي ته سڀ کان وڌيڪ مرد کيس پسند ڪن ۽ چاهين، عورت ان کان وڌيڪ مرد جو ٻيو ڪيئن غلام ٿيندي؟ اها ئي ته عورت جي غلامي آهي، ان مان ثابت ٿيو ته عور پنهنجي غلاميءَ سان محبت ڪري ٿي. آزاديءَ سان نه! عورت وري آزادي سمجهيو ئي ان کي آهي ته مرد جي منظور نظر بڻجڻ جي لاءِ ملاقاتن کان وٺي ڪچهرين تائين هر حيلي هلائڻ جي ڀرپور اجازت هجي. اها ئي ان جي لاءِ آزادي آهي. عورت جو آزاديءَ مان مطلب اهو آهي ته هوءَ تعلقات رکڻ لاءِِ مڪمل آزاد هجي، ڪير سمجهائي عورت کي ته آزادي ان کي ڪٿي چئبو آهي، ته هوءَ (عورت) مرد جي هوس گيرين جو رانديڪو بڻجي ۽ ان تي خوش ٿي ويهي ته آءُ آزاد آهيان.
هتي عورت کي اهو ٻڌائڻو ۽ سمجهائڻو آهي ته، عورت جو آزاديءَ مان ڇا مطلب هئڻ گهرجي ۽ ان جو ڪهڙو مقام ۽ مرتبو هئڻ گهرجي. ان لاءِ سڀ کان پهريائين عورت کي پنهنجو مقام متعين ڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ ئي عورت جي مڪمل آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. مان پنهنجي مغرب جي پوئلڳي ڪندڙ معاشري جي سامهون هڪ مغربي مفڪر جو حوالو پيش ڪيان ٿو، جنهن کي مون هڪ اردو مضمون تان اخذ ڪيو آهي. نومي وولف آمريڪا جي هڪ مشهور ليکڪا آهي، ان آزادي نسوان تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ان جو پهريون ڪتاب ”دي مٿ“ (The Meth) 1991ع ۾شايع ٿيو هيو. ان ۾ لکي ٿي ته، ”عورت کي حسن جي ديوي بنائي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي، ۽ هي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، عورت جسماني حسن جو سراپا بڻجي مرد جي هٿن ۾ هڪ رانديڪو بڻي رهي.“
قرآن ۾ انسان جي تخليق جو مقصد ”الله جي عبادت ۽ ٻانهپ“ ٻڌايو ويو آهي. ان ۾ عورتون ۽ مرد سڀ برابر آهن. فرض ۽ احڪامن جي بجا آوريءَ جو پڻ ٻنهي کي هڪ جيترو ذميوار بڻايو ويو آهي. مختلف انبياءَ ؑ جي طرفان سماجي، سياسي ۽ انفرادي اصلاح ۽ ظلمن جي خاتمي لاءِ ڪيل جدوجهد جا مثال ڄاڻائي دراصل اهو سمجهايو ويو آهي ته عبادت جو مفهوم رڳو انفرادي اصلاح جي ڪجهه رسمن تائين محدود نه آهي پر اهو زندگي، معاشرت ۽ قوميت کان وٺي بين الاقوامي سڌاري ۽ ترقيءَ تائين ڦهليل آهي. ان کان سواءِ انساني تاريخ اهڙن مثالن سان ڀرپور آهي جنهن ۾ سماج جي سڌاري ۽ تبديليءَ خاطر عورتن مردن سان گڏجي جدوجهد ڪئي آهي. پر اڄوڪي معاشرتي نظام ۾ عورت کي اعليٰ ۽ اتم مقصدن تي قربان ٿيڻ يا انهن جي جاکوڙ لاءِ وقت ڪڍڻ ته ڇا پر انهن لاءِ سوچڻ جي واندائي به عورت کي مشڪل سان ملندي آهي. جيتوڻيڪ ڪيتريون عورتون اعليٰ اخلاقي، سماجي ۽ سياسي قدرن لاءِ جاکوڙي پاڻ کي امر بنائي چڪيون آهن، ان ڪري عورت جي ڪرڻ جو ڪم هن وقت هي آهي ته هوءَ پنهنجو قيمتي وقت، پنهنجي خوبصورتيءَ تي خرچ ڪري مرد جي پنجوڙ ۾ پاڻ کي وڌيڪ سوگهو ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو قيمتي وقت اعليٰ اخلاقي ۽ انساني آدرشن جي لاءِ وقف ڪري ۽ کيس انسانذات جي سماجي ۽ تمدني ارتقا ۾ مرد جي برابر حصو وٺڻ گهرجي ۽ سماج ۾ اعليٰ قدرن کي نافذ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم کي ڪنڊاون ڪپڙن پهرڻ لاءِ تيار رکڻ گهرجي. ان لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ کپي ته عورت کي حسن ۽ خوبصورتيءَ جو مجسمو ۽ جنسي چقمق بڻجڻ نه ڏجي ۽ قرآن مجيد به اهو ئي سبق ڏنو ۽ سمجهايو آهي ته، ”لایبدین زینتھن“ يعني، عورت کي حسن ۽ خوبصورتيءَ جي نمائش نه ڪرڻ گهرجي، جنهن ڏينهن به عورت ”مجمسه حسن“ بڻجڻ واري ذهني غلاميءَ کان آزاد ٿي ته، ان وقت انساني تاريخ جا ڪئين مسئلا حل ٿي ويندا ۽ اهو ڏينهن عورت جي آزاديءَ جي جشن جو ڏينهن هوندو، مرد عورت جي جنسي چقمق واري ڪشش کان بچي ويندو ۽ عورت مرد جي جنسي ۽ شهواني چريائپ کان بچي ويندي، اهو معاشرو حيواني معاشري مان تبديل ٿي حقيقي انساني معاشرو بڻجي ويندو. ڇو ته انساني سماج جي سڌاري واسطي، جنسي توازن لاءِ بهتر اصول اوترا ئي ضرور هوندا آهن، جيترا معاشي اصول هوندا آهن.

(سنڌ فورم، اپريل 1999ع)