قرآن سمجهڻ ۾ رڪاوٽون : مولانا ابوالڪلام آزاد
صدين کان ڪجهه خاص طرح جا سبب ۽ اثر وجهندڙ شيون وجود وٺنديون ۽ وڌنديون رهيون آهن. جن جي ڪري هوريان هوريان ڏاڪي به ڏاڪي قرآن جي حقيقت نظرن کان گم ٿيندي رهي ۽ هلندي هلندي قرآن حڪيم جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو هڪ نهايت ڪريل قسم جو معيار قائم ٿي ويو. اهو ڪريل معيار صرف معنائن ۽ مطلبن ۾ ئي نه ٿيو پر هر شيءِ ۾ ٿيو، ايستائين جو ان جي ٻولي، ان جي لفظن، ان جي ترڪيب ۽ ان جي بلاغت لاءِ به سوچ سمجهه جي ڪابه بلند جاءِ باقي نه رهي.
هر زماني جو مصنف پنهنجي دؤر جي ذهني آبهوا جي پيداوار هوندو آهي. انهيءَ قاعدي کان صرف اهي ئي دماغ مستثنيٰ ۽ مٿاهون هوندا آهن جن کي مجتهدانه ذوق ۽ سوچ جي قدرتي بخششن عوامي صفن کان جدا ۽ نروار ڪيو آهي. جيئن ته اسان جي نظر ۾ اسلام جي شروعاتي صدين کان وٺي پوين زمانن تائين جيترا به مفسر پيدا ٿيا آهن انهن جو تفسير ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ جو طريقو هڪڙي هيٺ ڪرندڙ ۽ تنزل واري معيار جي لاڳيتي قسم جي هڪ زنجير آهي، جنهن جي هر پوئين ڪڙي پهرين ڪڙيءَ کان ڪريل ۽ هر پهرين ڪڙي پوئين ڪڙيءَ کان چڱيرڙي ثابت ٿي آهي. انهيءَ سلسلي واري زنجير ۾ جيڪي ڪڙيون شروع واري دؤر ڏانهن وڌن ٿيون انهن ۾ حقيقت وڌيڪ چٽي، وڌيڪ بلند ۽ پنهنجي قدرتي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي وڃي ٿي ۽ جيڪي ڪڙيون پوين زمانن ڏانهن هيٺ لهن ٿيون انهن جي حالت اڳين جي ابتڙ ٿيندي وڃي ٿي.
اها صورتحال حقيقت ۾ مسلمانن جي عام طور دماغي تنزل جو لازمي نتيجو آهي. انهن جڏهن ڏٺو ته قرآن جي مٿڀرين سوچن جو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهون ته قرآن کي ان جي بلندين کان ايترو ته هيٺ لاٿائون جو هو (قرآن) انهن جي پوئتي پيل ۽ ڪريل معيار جو ساٿ ڏيئي سگهي.
هاڻي جڏهن اسان چاهيون ٿا ته قرآن کي ان جي حقيقي شڪل ۽ نوعيت ۾ ڏسون ته پهريائين اهي سڀ پردا هٽايون جيڪي مختلف زمانن ۽ مختلف طرفن کان ٻاهران اثر و جهندڙن قرآن تي وڌا آهن، پوءِ اڳتي وڌئون ۽ قرآن جي حقيقت قرآن جي صفحن ۾ تلاش ڪيون.
ڪجهه اهي سبب ۽ اثر جيڪي حقيقت جي سمجهڻ ۾ رڪاوٽ آهن:
اهي مخالف اثر جيڪي هڪ ٻئي جي پٺيان گڏ ٿيل آهن ۽ هر طرف ڦهليل آهن اُهي ٻه يا ٽي نه پر بيشمار آهن؛ سولو ناهي جو اختصار سان اهي بيان ۾ اچي سگهن. پر مون تفسير جي مقدمي ۾ ئي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن کي ٿورن اصولن ۽ نوعن ۾ آڻي سگهان. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان ڀاڱا ۽ دفعات غور ۽ فڪر ڪرڻ جهڙا آهن.
1- قرآن حڪيم پنهنجي جوڙجڪ، پنهنجي طريقي، پنهنجي اندازِ بيان، پنهنجي اندازِ خطاب، پنهنجي استدلال واري طرز ۾ مطلب ته پنهنجي هر ڳالهه ۾ اسان جي گهڙيل، هٿرادو ۽ بناوٽي طريقن جو پابند ناهي ۽ نه ئي ان کي پابند ٿيڻ گهرجي. اهو پنهنجي هر ڳالهه ۾ پنهنجو بنا ملاوٽ وارو فطري طريقو رکي ٿو ۽ اهوئي بنيادي امتياز ۽ نرالو هجڻ آهي، جيڪو انبياءِ ڪرام عليهم السلام جي هدايت واري طريقي کي علم ۽ حڪمت جي بناوٽي ۽ جڙتو طريقن کان نرالو ڪري ٿو.
قرآن جڏهن نازل ٿيو ته ان جي مخاطبن جو پهريون گروهه به اهڙو ئي هو. تمدن جي جوڙيل بناوٽي سانچن ۾ اڃا انهن جو دماغ نه اچي سگهيو هو. هو فطرت جي سڌي سادي فڪري حال تي قناعت ڪندڙ هئا. نتيجو هي نڪتو ته قرآن پنهنجي شڪل ۽ معنيٰ ۾ جيئن به واقع ٿيو هو ٺيڪ ٺيڪ اهڙو ئي انهن جي دل، دماغ ۾ آيو ۽ انهن کي قرآن جي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي محسوس نه ٿي. صحابه ڪرام پهريون ڀيرو قرآن جي ڪا آيت يا سورت ٻڌنداهيا ته ٻڌندي ئي ان جي حقيقت سمجهي ويندا هئا.
پر انهن مهڙين منهدارن جو دور اڃا ختم نه ٿيو هو جو روم ۽ ايران جي تمدن جون هوائون گهلڻ شروع ٿي ويون ۽ پوءِ يوناني علمن جي ترجمن، علمن ۽ فنن جو بناوٽي دؤر شروع ٿي ويو. نتيجو هي وڃو نڪتو ته جيئن جيئن وضعيت ۽ بناوٽ جو ذوق وڌندو ويو، تيئن تيئن قرآن جي فطري اسلوبن ۽ طريقن کان طبيعتون ناواقف ٿينديون ويون. هلندي هلندي اهو وقت اچي ويو جو قرآن جي هر ڳالهه هٿ گهڙين ۽ بناوٽي طريقن جي سانچن ۾ ماپائي وڃڻ لڳي، پر جيئن ته اها انهن سانچن ۾ نه پئي ماپي سگهي ان ڪري قسمين قسمين مونجهارا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ جيتري قدر به انهن کي سلجهائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، مونجهارا اڃا به وڌندا ويا.
فطرت کان جڏهن وٿيرو ٿي وڃبو آهي ۽ بناوٽون جيڏانهن تيڏانهن گهيري وٺنديون آهن ته پوءِ طبيعتون هن ڳالهه تي راضي ئي نه ٿينديون آهن ته ڪنهن ڳالهه کي ان جي قدرتي سادگيءَ ۾ ڏسون ۽ سادگيءَ ۾ اُهي طبيعتون حسن ۽ بلنديءَ جو تصور به نه ٿيون ڪري سگهن. اهي طبيعتون جڏهن ڪنهن ڳالهه کي بلند ۽ شاندار ڏسڻ چاهينديون آهن ته ڪوشش ڪنديون آهن ته گهڻي کان گهڻا بناوٽي ۽ ڪاريگريءَ جا وروڪڙ پيدا ڪن. اهوئي معاملو قرآن کي به پيش آيو. سلف جون طبيعتون بناوٽي طريقن ۾ ڍلجي نه سگهيون هيون ان ڪري اهي قرآن جي سڌي سادي حقيقت کي بي اختيار سڃاڻي ويندا هئا. پر خلف جي طبيعتن تي اها ڳالهه مشڪل اچڻ لڳي ته قرآن پنهنجي سڌي سادي شڪل ۾ پڌرو ٿئي. پوين جي جڙتو سانچن جي پسند ڪرڻ واري طبيعت انهيءَ سادگيءَ تي گذارو ئي نه پئي ڪري سگهي، ان ڪري انهن قرآن جي هر ڳالهه لاءِ بناوٽي ماپا ۽ سانچا تيار ڪرڻ شروع ڪيا ۽ جيئن ته اهي لباس ۽ ماپا قرآن تي پورا نه پئي اچي سگهيا ان ڪري وڏن تڪلفن سان پهرائڻ جي ڪوشش ڪيائون، جنهن جو نتيجو هي وڃي نڪتو ته موزونيت ۽ مطابقت ته باقي نه رهي، پر هر ڳالهه ناموزون ۽ الجهيل ئي رهجي وئي.
تفسير قرآن جو پهريون دؤر اهو آهي، جڏهن اسلامي علمن جي سهيڙ ۽ لکت شروع نه ٿي هئي، ٻيو دؤر سهيڙڻ ۽ لکت جو شروع ٿئي ٿو ۽ پنهنجي مختلف دؤرن ۽ طبقن ۾ لهندو اچي ٿو. اسان محسوس ڪيون ٿا ته اڃا ٻيو دؤرر شروع ٿيو ئي هو ته اهي ماپا ۽ لباس قرآن لاءِ ٺهڻ شروع ٿي ويا، پر انهن جو ڇيهه ۽ توڙ فلسفي ۽ علمن جي عام جام ٿيڻ جو آخري دؤر آهي. اهوئي زمانو آهي جڏهن امام فخرالدين رازيءَ ”تفسير ڪبير“ لکيو ۽ ڪوشش ڪيائين ته سموري جي سموري قرآن کي انهيءَ مصنوعي لباس ۽ ماپن سان سينگاري ڇڏي. جيڪڏهن امام رازيءَ جي نظر مٿينءَ حقيقت تي هجي ها ته ان جو پورو تفسير نه تڏهن به ٻه حصا ته يقيناً بيڪار ٿي وڃي ها.
بهرحال ياد رهي ته بناوٽ جا سانچا جيترا ٽٽندا ويندا، قرآن جي حقيقت اوتري اڀرندي ويندي. قرآن جي انداز بيان بابت ماڻهن کي جيتريون مشڪلاتون پيش آيون آهن اهي صرف هن ڪري جو جڙتو لباسن ۽ سانچن جو گهيراءُ ٿي ويو ۽ فطرت جي سڃاڻ باقي نه رهي.
قرآن جي مختلف حصن ۽ آيتن جي پاڻ ۾ مناسبتن ۽ ربطن ۾ سڀئي مونجهارا صرف هن ڪري ٿيا آهن ته فطرت کان پرانها ٿي وياسون ۽ بناوٽون اسان جي اندر ۾ گهر ڪري ويون ۽ اسان جون طبيعتون هينئر قرآن کي به اهڙي ترتيب واري ڪتابي شڪل ۾ ڏسڻ چاهن ٿيون جهڙي ترتيب اسان پنهنجي ڪتابن کي ڏيون ٿا. قرآن جي ٻوليءَ بنسبت بحثن جا جيترا به ڍير لڳايا ويا آهن اهي به صرف هن لاءِ ته فطرت کي سمجهڻ جي اسان ۾ لياقت باقي نه رهي آهي.
قرآن جي بلاغت جو مسئلو اسان جي دلي ذوق لاءِ ته تمام سولو آهي، پر اسان جي دماغ لاءِ ايترو مشڪل ڇو بنجي رهيو آهي؟ صرف هن ڪري ته بناوٽي ماپن جي جڙتو تارازي اسان جي هٿن ۾ آهي. اسان چاهيون ٿا ته انهيءَ ۾ ئي قرآن جي بلاغت جي ماپ تور ڪيون. قرآن شريف جو استدلال وارو طريقو ڇو پڌرو نه ٿو ٿئي؟ ان جا سمورا دليل ۽ برهان جنهن کي هو ”حجة بالغه“ سان سڃاڻائي ٿو، اهو ڇو لڪي ويا آهن؟ اهو ان ڪري ته بناوٽي اصولن جي گهيراوَ اسان کي منطق جا سانچا ڏئي ڇڏيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته قرآن جي دليلن ۽ برهانن کي به ان ۾ فٽ ڪيون. مطلب ته جنهن به طرف ويندؤ انهيءَ ئي ماجرا کي ڏسندؤ.
2- جڏهن ڪنهن ڪتاب جي بنسبت هي سوال پيدا ٿئي ته انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ قدرتي طورتي ان باري ۾ انهن ماڻهن جي فهم ۽ سمجهه کي ترجيح ڏني ويندي جن ڪتاب جي مصنف کان ئي سکيو ۽ سمجهيو هوندو. قرآن ٽيويهن سالن تائين ٿورو ٿورو ٿي نازل ٿيو ۽ اهو جيترو نازل ٿيندو هيو صحابه ٻڌندا هيا، نمازن ۾ ورجائيندا هئا ۽ جيڪو ڪجهه پڇڻو پوندو هو خود حضور ﷺ جن کان پڇي وٺندا هئا. انهن ۾ ڪي شخص خصوصيت سان قرآن سمجهڻ ۾ نرالا هئا ۽ خود حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن انهيءَ ڳالهه جي شهادت ڏني. منهنجي خوش اعتقاديءَ جي بنياد تي نه پر قدرتي طور تي صحابه ڪرام جي فهم کي پوءِ جي ماڻهن جي سمجهه تي ترجيح ڏيڻ گهرجي. پر بدقسمتيءَ سان ائين نه سمجهيو ويو. پوءِ جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي دور جي فڪري اثر وجهندڙن جي ماتحت نيون نيون ڪاوشون ۽ تڪلف شروع ڪيا ۽ سلف جي چٽي تفسير جي خلاف هر طرف قدم وڌايا. چيو ويو ته سلف ايمان ۾ مضبوط آهن پر علم ۾ خلف (پوين) جو طريقو مضبوط آهي. حالانڪ خود سلف جو پنهنجي نسبت هي اعلان هو ته ”ابرهم قلوبا واعمقهم علما“ (يعني دلين جي لحاظ سان وڌيڪ پارسا هئا ۽ علم جي لحاظ کان وڌيڪ گهرا هئا.) نتيجو هي نڪتو ته ڏينهون ڏينهن حقيقت لڪندي وئي ۽ ڪيترن ئي طرفن ۾ هڪ صاف ڳالهه منجهندي منجهندي بلڪل ناقابل حل بڻجي وئي. مصيبت تي مصيبت هيءَ ٿي ته شروع ۾ هڪڙي ڪمزور توجيهه اختيار ڪئي وئي، پوءِ وڌندي وڌندي پري تائين نڪري ويا. پوءِ جڏهن مشڪلاتن ۾ ڦاسي پيا تڏهن نون نون بحثن ۽ ڪاوشن جون ماڙيون ٺهڻ لڳيون. متنن، شرحن، حاشين، تنبيهن ۽ تعليمن جو طريقو هتي به هلي پيو. انهيءَ واڌاري اڃا به مونجهارن تي مونجهارا پيدا ڪيا ۽ ڪن صورتن ۾ ته پردن جا ايترا ته تهه گڏجي پيا جو هڪ کان پوءِ هڪ هٽائيندا وڃو، ”ظلمات بعضها فوق بعض“ جو جهان نظر پيو ايندو.
انهيءَ ڳالهه جي اندازي ڪرڻ لاءِ قرآن جو ڪوبه هڪ مقام وٺو. پهريائين ان جو تفسير صحابه ۽ تابعين جي روايتن ۾ ڳوليو پوءِ بعد جي مفسرن ڏانهن رخ ڪيو ۽ ٻنهي جو مقابلو ڪري ڏسو ته صاف نظر ايندو ته صحابه ۽ سلف جي تفسير ۾ معاملو بلڪل چٽو هو، ۽ پوءِ جي بي مقصد نڪته سازين انهيءَ کي الائي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو ۽ مونجهارو پيدا ٿي پيو. مثال طور سورة بقره جي ابتدائي آيتن جي بنسبت حضرت عبدالله بن عباس ۽ ابن مسعود کان روايت آهي، ته ”والذين يؤمنون بالغيب ويقيمون الصلواة.... الخ“ مان مراد عرب جا اهل ايمان آهن ۽ ”الذين يؤمنون بما انزل اليڪ“ مان اهل ڪتاب. امام ابن جرير به اهوئي تفسير اختيار ڪيو، پر بعد جي مفسرن انهيءَ تي قناعت نه ڪئي ۽ عجيب عجيب بيڪار بحث پيدا ڪيا. نتيجو هي نڪتو ته: ”هديٰ للمتقين“ جي تفسير جو مفهوم بگڙيو، ۽ قرآن ٽن گروهن جي تقسيم ڪري جنهن ڳالهه تي زور ڏنو هو، انهن جي سڄي خوبي ۽ حقيقت گم ٿي وئي.
3- نين مسلم قومن جا قصا ۽ روايتون پهرئين ڏينهن کان ڦهلجڻ شروع ٿي ويون هيون، ان ۾ اسرائيليات يعني يهودين جي قصن ۽ خرافاتن کي هميشه محققن صاف ڪرڻ چاهيو پر حقيقت هيءَ آهي ته انهن عنصرن جا مخفي اثر پري پري تائين داخل ٿي چڪا هئا ۽ ٺيڪ ٺيڪ طور تفسير جي جسم ۾ ٽنبجي چڪا هئا.
4- هڪ طرف ته صحابن ۽ سلف جي روايتن کان غفلت ٿي، ٻئي طرف غيرمحتاط نموني تفسيري روايتون گڏ ڪندڙن جدا مصيبت پيدا ڪئي ۽ هر تفسير جنهن جي سند ڪنهن نه ڪنهن تابعيءَ سان ملائي وئي ان کي سلف جي تفسير سمجهيو ويو.
5- هن صورتحال جو سڀ کان زياده افسوسناڪ نتيجو هي نڪتو ته قرآن جو استدلال وارو طريقو بيڪار قسم جي پري پري وارين نڪتي بازين ۾ گم ٿي ويو. هي ظاهر آهي ته قرآن جي سڀني بيانن جو محور ۽ مرڪز ان جي استدلال وارو طريقو ئي آهي. ان جا اشارا ۽ بصيرتون، ان جا قصا ۽ مثال، ان جا واعظ ۽ حڪمتون، ان جا مقصد ۽ مضمون سڀ انهيءَ شيءِ مان ٽڙن ۽ اڀرن ٿا. هتي هڪ اها استدلال واري صنعت ته ڇا گم ٿي پر ڄڻ ته سڄو گهر ئي ٻهارجي ويو.
”همين ورق ڪھ سيه گشته مدعا اين جا ست“
انبياءِ ڪرام جي استدلال جو طريقو هي نه هو ته منطقي طريقي سان نظري مقدمات ترتيب ڏئي پوءِ انهن جي بحثن ۾ مخاطب کي منجهائڻ شروع ڪن. اهي سڌو سنئون تلقين ۽ تعليم جي فطري طريقي کي اختيار ڪن ٿا، جنهن کي هر دماغ وجداني طور تي سمجهي وڃي ٿو. هر دل قدرتي طور تي قبول ڪري وڃي ٿي، پر اسان جي مفسرن کي فلسفي ۽ منطق جي مشغولين انهيءَ لائق ئي نه ڇڏيو آهي، جو ڪنهن حقيقت کي ان جي سڌي سادي شڪل ۾ ڏسن ۽ قبول ڪن. انهن انبياءَ ڪرام لاءِ وڏي فضيلت هن ۾ ڄاتي ته انهن کي منطقي بڻائجي ۽ کين قرآن جي سموري عظمت هن ۾ نظر آئي ته ان جي هر ڳالهه ارسطوءَ جي منطق واري سانچي ۾ ماپيل هجي. پر اها ان سانچي ۾ ماپي نه پئي سگهي. نتيجو هي نڪتو ته دليلن ۽ برهانن جو سمورو حسن ۽ دلنشيني قسم قسم جي بناوٽن ۾ گم ٿي وئي. حقيقت ته گم ٿي وئي هئي، پر اها ڳالهه به نه بڻجي سگهي جيڪا ماڻهو بنائڻ چاهن پيا. شڪن ۽ گمانن جا بيشمار دروازا کلي پيا، انهن دروازن جي کولڻ ۾ ته امام رازيءَ جو هٿ تمام تيز ثابت ٿيو، پر بند ڪرڻ ۾ اها تيزي نه ڏيکاري سگهيو.
6- اها مصيبت صرف استدلال واري طريقي ۾ ئي پيش نه آئي پر سڀني گوشن ۾ ڦهلجي وئي. منطق ۽ فلسفي جي بحثن نيون نيون اصطلاحون پيدا ڪيون، عربي لغت جا لفظ انهن اصطلاحي معنائن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. جڏهن ته هي ظاهر آهي ته قرآن جو موضوع يوناني فلسفو نه آهي ۽ نه وري نزول قرآن جي زماني ۾ عربي ٻولي انهن اصطلاحن کان آشنا هئي. پوءِ جٿي به قرآن ۾ اهي لفظ آيا آهن انهن جون معنائون اهي نه ٿي سگهيون جيڪي انهن اصطلاحن گهڙڻ کان پوءِ قرار ڏنيون ويون، پر هاڻي انهن جو اهو مفهوم ورتو وڃڻ لڳو ۽ ان جي بنياد تي قسمن قسمن جا بيڪار بحث پيدا ڪيا ويا. جيئن خلود، احديت، مثليت، حجت، برهان، تاويل وغيره جهڙن اهي معنائون پيدا ڪيون جن جو شروع واري زماني ۾ قرآن جي ٻڌندڙن کي وهم ۽ گمان به نه ٿيو هوندو.
7- انهيءَ ٻج جا هي سلا ۽ ٻوٽا آهن جو سمجهيو ويو ته قرآن کي وقت جي (جديد) علمي تحقيق جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. جنهن ڪري هيءَ ڪوشش ڪئي وئي ته بطليموسي نظام، قرآن کي چنبڙايو وڃي. ٺيڪ اهڙي نموني جهڙي طرح اڄڪلهه جي دانش فروشن جي تفسير جو هي طريقو آهي ته موجوده علم هيئت جا مسئلا قرآن سان چنبڙايا وڃن.
8- هر ڪتاب ۽ تعليم جا ڪجهه مرڪزي مقصد هوندا آهن ۽ ان جا سمورا تفصيل انهن جي چوڌاري ڦرندا آهن. جيستائين مرڪز سمجهه ۾ نه ايندا، ايتري تائين دائرن جي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهندي. قرآن جو به اهو حال آهي. ان جا به ڪجهه مرڪزي مقصد ۽ مضمون آهن، جيستائين اهي صحيح نموني نه سمجهيا ويندا ان جي ڪابه ڳالهه صحيح نموني سمجهي نه سگهبي. مٿي بيان ڪيل سببن مان جڏهن ان جي مرڪزي مقصدن جي پڌرائي نه رهي ته لازمي طور ان جو هر گوشو ان کان متاثر ٿيو. ان جو ڪوبه بيان، ڪابه تعليم، ڪوبه استدلال، ڪوبه خطاب، ڪوبه اشارو، ڪوبه اجمال اهڙو نه رهيو جيڪو انهيءَ اثر کان بچي سگهيو هجي. افسوس هي آهي ته اختصار جي تقاضا مثالن پيش ڪرڻ کان مانع آهي ۽ بنا مثال جي حقيقت به نه ٿي چٽي ٿئي. مثال طور آل عمران جي آيت ”وما کان لنبي ان يغل“ (161) جي تفسير کي کولي ڏسو ته ڇا ڇا نه بيڪار بحث ڪيا ويا آهن. يهودين جي هن قول جي تفسير ۾ ته ”يدالله مغلوله“ (مائده 64) ڪهڙن ڪهڙن گوشن ۾ نه نڪري ويا آهن ۽ ڪهڙيءَ طرح بيان جي موقعي ۽ سياق سباق جي صاف صاف مطلب ۽ مقصد کي نظرانداز ڪيو ويو آهي؟
9-قرآن شريف کي صحيح سمجهڻ لاءِ عربي لغت ۽ ادب جو صحيح ذوق پهريون شرط آهي پر مختلف سببن ڪري، جن جي تشريح ۾ وڏو تفصيل آهي، اهو ذوق ڪمزور ٿيندو ويو. ايتري تائين جو اهو وقت به اچي ويو جڏهن مطلب ۽ مفهوم ۾ بيشمار مونجهارا صرف هن ڪري پيا ته عربيت جو ذوق سليم ختم ٿي ويو هو ۽ جنهن زبان ۾ قرآن شريف نازل ٿيو هو ان جي محاورن ۽ رمزن کان امالڪ وڏو سنڌو پئجي چڪو هو. هر دور جو فڪري اثر سڀني علمن ۽ فنن وانگر تفسير تي به اثرانداز رهيو آهي. هن ۾ شڪ ناهي ته تاريخ اسلام جو هي فخر جوڳو واقعو هميشه يادگار رهندو ته علماءِ حق سياسي اثرن سامهون ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن ۽ ڪڏهن به هيءَ ڳالهه گوارا نه ڪئي آهي ته اسلام جي عقيدن ۽ مسئلن تي ان جو اثر پوي. پر وقت جو تاثير صرف سياست جي دروازي کان ئي نه ٿو اچي، پر ان جا نفسياتي اثر وجهندڙ دروازا به بي شمار آهن ۽ جڏهن کلي ٿا پون ته ڪنهن جي بند ڪرڻ سان بند نه ٿا ٿي سگهن. انهن جي غلبي کان عقيدا ۽ عمل محفوظ رکي سگهجن ٿا ۽ انهن کي علماءَ محفوظ ڪيو، پر دماغ محفوظ نه ٿا رکي سگهجن ۽ محفوظ ناهن رهيا. هتي ضرورت مثالن جي آهي، پر ان جا مثال تفصيل طلب آهن ۽ اختصار جي تقاضا انهن جي اجازت نه ٿي ڏئي.
10- چوٿين صدي هجريءَ کان پوءِ اسلامي علمن جي تاريخ جو مجتهدانه دور ختم ٿي ويو ۽ ورلي مثالن کان سواءِ عام شاهراه ”تقليد واري شاهراه“ بڻجي وئي. اها اعصابي بيماري تفسير جي جسم ۾ به پوريءَ طرح داخل ٿي وئي. هر شخص جيڪو تفسير لکڻ لاءِ قدم کڻي پيو ڪنهن نه ڪنهن کي پيشوا طور سامهون رکي پيو ۽ پوءِ اکيون بند ڪري ان جي پٺيان پٺيان هلندو ٿي رهيو. جيڪڏهن ٽينءَ صديءَ ۾ ڪنهن مفسر کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي ته ضروري آهي ته نائينءَ صديءَ جي تفسيرن تائين اها لڳاتار نقل در نقل ٿيندي آئي آهي. ڪنهن به انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي ته ڪجهه گهڙين لاءِ تقليد کان جدا ٿي ڪري تحقيق ڪري ته معاملن جي اصليت ڇا آهي. هلندي هلندي تفسير نويسيءَ جون همٿون ايترو ته پوئتي پئجي ويون آهن جو ڪنهن اڳئين تفسير تي حاشيي چاڙهڻ کان اڳتي وڌي نه سگهيون آهن. بيضاوي ۽ جلالين جا حاشيه ڏسو هڪڙي ٺهيل ٺڪيل جاءِ کي گاري پوچي ڪرڻ ۾ ڪيئن نه قوت تصنيف اجائي وڃائي وئي آهي.
11- زماني جي بد ذوقيءَ به هر غلط سوچ کي مستند قرار ڏ ئي ڇڏيو. جيئن ته اسان ڏسون ٿا ته پوين دؤرن ۾ درس تدريس لاءِ اهي تفسير مقبول ٿيا جيڪي اڳوڻن جي خوبين کان بلڪل خالي آهن. زماني وارن جو اهڙو بڇڙو انتخاب هر علم ۽ فن ۾ جاري رهيو آهي، جيڪو جرجانيءَ کي سڪاڪيءَ تي ۽ سڪاڪيءَ کي تفتازانيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. يقيناً اهڙن جي درٻار کان ئي بيضاوي ۽ جلالين کي پسند ڪرڻ جي سند ملي سگهي هوندي.
12- اڳيان تفسير کڻي ڏسو، جنهن مقام جي تفسير ۾ ڪيترائي قول موجود هوندا، اتي گهڻو ڪري انهيءَ قول کي ترجيح ڏيندا جيڪو ڪمزور ۽ بي موقع هجي ۽ جيڪي به گهڻا قول نقل ڪندا انهن کان بهتر قول ته موجود هوندو، پر انهيءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا.
13- مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جو وڏو دروازو تفسير بالراي سان کلي پيو، جنهن جي انديشي سان صحابه ۽ سلف جا روح به ڏڪندا رهندا هئا. تفسير بالراي جي مطلب سمجهڻ ۾ ماڻهن کان غلطيون ٿيون آهن. ”تفسير بالراي“ جي ممانعت مان هي مقصد نه هو ته قرآن جي مقصدن ۾ عقل ۽ بصيرت کان ڪم نه ورتو وڃي. ڇو ته جيڪڏهن اهو مطلب هجي ته قرآن جو پڙهڻ پڙهائڻ ئي بيڪار ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته خود قرآن جو حال هي آهي جو منڍ کان پڇاڙيءَ تائين سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ هر جڳهه تي مطالبو ڪري ٿو ته ”افلا تتدبرون القرآن ام عليٰ قلوبهم اقفالها“ (سورة محمد 24) اصل ۾ تفسير بالراي ۾ ”راءِ“ لغوي معنيٰ واري ناهي، بلڪ ”راءِ“ شرعي اصطلاح واري آهي ۽ انهيءَ مان مقصد اهڙو تفسير آهي جو هن لاءِ نه ڪيو وڃي ته خود قرآن ڇا ٿو چئي، پر هن لاءِ ڪيو وڃي ته اسان جي ڪا طئي ڪيل راءِ ڇا ٿي چاهي ۽ ڪهڙيءَ طرح قرآن کي ڇڪي تاڻي پنهنجي راءِ جي مطابق ڪري سگهجي ٿو. مثال طور جڏهن عقيدن بابت وٺ وٺان شروع ٿي ته مختلف علم الڪلام وارا مذهب پيدا ٿي پيا، هر مذهب جي مناظري باز هي پئي چاهيو ته پنهنجي مذهب تي ”نصوص قرآنيه“ کي ڪيئن ڦٽ ڪري ۽ هيءَ جستجو نه پئي ڪيائون ته قرآن ڇا ٿو چئي؟ پر ساري ڪاوش هيءَ ڪيائون ته ڪنهن نموني قرآن کي پنهنجي مذهب جو حمايتي ڪري ڏيکارن. اهڙي نموني جو تفسير تفسير بالراي آهي. يا مثال طور فقهي مذهبن جي مقلدن ۾ جڏهن گروهه بندي جا جذبا تيز ٿيا تڏهن هو پنهنجي پنهنجي مسئلن جي وچ ۾ قرآني آيتن کي تاڃي پيٽو بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. هن ڳالهه جو ڪوبه فڪر نه هين ته عربي لغت جي صاف صاف معنائن ۽ اسلوب بيان جو قدرتي مقصد، عقل ۽ بصيرت جو پڌرو فيصلو ڇا ٿو چئي، پر سموري ڪوشش هيءَ هين ته ڪنهن نه ڪنهن نموني قرآن کي پنهنجي امام جي مذهب جي مطابق ڪري ڏيکارن. اهو تفسير، تفسير بالراي آهي يا مثال طور صوفين جو هڪڙو گروهه اسرار ۽ باطنيت جي تلاش ۾ پري وڃي نڪتو ۽ پنهنجي گهڙيل عقيدن ۽ بحثن تي قرآن کي مطابق ڪرڻ لڳو. قرآن جو ڪوبه حڪم ڪوبه عقيدو، ڪوبه بيان معنوي هيرا ڦيريءَ کان نه بچيو اهو تفسير پڻ تفسير بالراي آهي. يا مثال طور قرآن جي استدلال واري طريقي کي منطقي لباس پهرائڻ يا قرآن ۾ جنهن جاءِ تي آسمان ۽ تارن جا لفظ اچن ٿا اتي يوناني علم هيئت جا مسئلا چنبڙائڻ لڳن ٿا، يقيناً اهڙو تفسير، تفسير بالراي آهي يا مثال اڄڪلهه هندستان ۽ مصر جي بعض مجتهد ۽ صاحبِ فڪر هجڻ جي دعويدارن هي طريقو اختيار ڪيو آهي ته زمانه حال جي علمي اصولن ۽ ترقيءَ وارن اصولن کي قرآن مان ثابت ڪيو وڃي يا جديد علمي تحقيقن جو انهيءَ مان استنباط ڪيو وڃي، ڄڻ ته قرآن صرف ان لاءِ نازل ٿيو آهي ته جيڪا ڳالهه ”ڪوپرنيڪس“ ۽ ”نيوٽن“ يا ڊارون ۽ ويلسن بنا ڪنهن الهامي ڪتاب جي ۽ رڳو فلسفه انديشين جي دريافت ڪئي، ان کي ڪجهه صديون اڳي ڳجهارتن وانگر دنيا جي ڪن ۾ ڦوڪي ڇڏيو ويو ۽ پوءِ به اهو صدين تائين دنيا وارن کي سمجهه ۾ نه آيو، ايتري تائين جو هاڻوڪي زماني جا مفسر پيدا ٿين ۽ تيرهن سؤ سال اڳي ٻڌايل ڳجهارت کي حل فرمائن. اهو طريقو به ٺيڪ ٺيڪ تفسير بالراي آهي.
حقيقت جي ڳولا:
هي چند اشارا آهن جيڪي اختصار سبب ۽ موقعي جي تنگيءَ هوندي به قلم حوالي ڪيا اٿم نه ته انهيءَ جو شرح تمام گهڻو ڊگهو آهي.
تو خود حديث مفصل بخوان ازين مجمل
گهٽ ۾ گهٽ هنن اجمالي اشارن مان هن ڳالهه جو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته رستي جي مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جو ڇا حال آهي ۽ ڪهڙي نموني نه وک وک تي پردن کي هٽائڻو ۽ چپي چپي رڪاوٽن سان ٽڪرجڻو پوي ٿو. پوءِ رڪاوٽون ڪنهن هڪڙي طرف کان ناهن آيون ۽ مشڪلاتون به ڪنهن هڪ طرف کان نه آيون آهن. هڪ ئي وقت هر واديءَ جي ماپ ۽ هر گوشي ۾ نظر ۽ ڪاوش ٿيڻ گهرجي، تڏهن وڃي ڪٿي ڪنهن گم ٿيل حقيقت جو سراغ ملي سگهندو.
(سنڌيڪار: عزيز الله ٻوهيو)
(سنڌ فورم، ڊسمبر 1999ع)