هو مانجهي مرڻا ناهن : وڪٽر هيوگو
”اڄ کان سو ورهيه اڳ هڪ مهان مرد لاڏاڻو ڪيو هيو. هن مڻيادار مڙس جي روانگي ڄڻ ته ورهين جي روانگي هئي، جيڪا محنت ۽ جاکوڙ سان ڀرپور هئي. هن جيڪي ذميواريون نڀايون سي ڏاڍيون وقتائتون ۽ نازڪ هيون، ڇو ته اهي ذميواريون انسان ذات کي سجاڳ ڪرڻ ۽ سنئين راهه ڏيکارڻ لاءِ هيون.
هن هستيءَ جي مٿان ڦٽڪارن جا انبار وسيا ته دعائن جو به وڏڦڙو وسيو. کيس مڪروهه ماضيءَ جي طرفدارن پاران جيڪڏهن بد دعا ملي ته مستقبل طرفان دعا ئي دعا ملي ۽ اهڙي طرح جو پد ماڻڻ پنهنجي جاءِ تي شان ۽ مان وارو سلسلو هيو. موت جي سيج تي به هڪ پاسي ساٿي ۽ نئين ٽهي واکاڻ ڪري رهي هئي ته ٻئي پاسي ماضيءَ مرهيات جا پوئلڳ کيس لعنت ۽ ملامت ڪري رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته هو ماضيءَ جو مخالف ۽ مستقبل جو طرفدار هيو. هو هڪ عام رواجي انسان جي ابتڙ پنهنجي پر ۾ هڪ دؤر هيو. هن کي جيڪي به ڪارج سونپيو ويو هئو سو پنهنجي جاءِ تي انسان ذات لاءِ هڪ سنيهو هيو. هن کي هڪ ذميواري سونپي وئي هئي، جنهن کي هن پنهنجي ڪارائتي سگهه سان توڙ تائين رسايو ۽ پڌري پِٽ نصيب ۽ قدرت جي قانونن جي اپٽار ڪري ڏيکاري.
هن شخص چوراسي ورهين جي ڄمار ۾ جيڪڏهن بادشاهت جي ڦوهه جواني به ڏٺي ته ٻئي پاسي انقلاب جي باک کي به ڦٽندي ڏٺو. جڏهن والٽيئر ڄائو ته لوئيس چوڏهون تخت ڌڻي هيو، ۽ لاڏاڻي وقت لوئيس سورهون تاج پائي چڪو هيو. يعني ته ايڏي وڏي تخت ۽ تاج جا ڏهاڙا هن جي اکين آڏو لنگهي رهيا هئا، ۽ هي ڪفنيءَ ۾ ويڙهيل مرد مٿير پاتال مان ايندڙ ڪرڻن کي ڏسي پسي رهيو هيو. ان کان اڳ جو اسين اڳتي وڌون، اچو ته لفظ پاتال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون. هونئن ته اهڙا اڪيچار ڀلائيءَ جا پاتال آهن جن ۾ بدي به ٻڌي ويندي آهي.
بهرحال، مون جيئن هلندڙ ڳالهه ٻولهه کي ٿوري ويرم لاءِ پاسيرو ڪيو هيو، تيئن مون کي هاڻي اجازت ڏني وڃي ته پنهنجن خيالن کي اڳتي پيش ڪيان. هتي ڪوبه لفظ اياڻو يا عيب دار سمجهي ان لاءِ آخري راءِ ڏيڻ مناسب نه ٿيندي. ڇا لاءِ ته هينئر به هتي اسين هڪ مکيه ذميواري نڀائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اڄ هتي ان لاءِ يڪجا ٿيا آهيون ته انهن ڏاهن جي ڪيل ڪشالن کي واڌايون پيش ڪيون، جن ارڙهين صديءَ ۾ جاکوڙ ڪري اڻويهين صديءَ لاءِ دڳ بڻايو. ان ڪري اسان تي واجب آهي ته اهڙن عالي دماغ، سورهيه سرواڻ ۽ نيڪيءَ جي پتلن کي سلام پيش ڪيون. ڇو ته انهن مهان مردن تمام همت ڀرئي نموني سان هنر ۽ حرفت ڏانهن نوان رستا ڳولهي نه رڳو خوشحالي جو سنيهو آندو پر پنهنجي پورهئي سان انسان ذات ۾ ايڪتا کي وڌايو. ٻين لفظن ۾ اڃا به ايئن کڻي چئجي ته انهن امن ۽ آشتي کي برقرار رکڻ لاءِ جُهد ڪئي. هن سڌريل دور ۾ امن وڏي ۾ وڏي نيڪي آهي ۽ جڏهن ته شر ۽ فساد وڏي ۾ وڏي بدي آهي. ان ڪري اچو ته اڄوڪي شڀ گهڙيءَ ۾ سڄي سنسار کي اوچي ڳاٽ ۽ وڏي واڪ اهو سڀ ڪجهه سُڻايون جيڪو فرانس ۾ چوٻول آهي ۽ اهو چوٻول آهي ته هڪ ئي وڏي سگهه جيڪا سچيتائي، سچ ۽ حق جي پوئلڳ آهي، ۽ واکاڻ جي لائق به آهي، اها آهي ”ذهانت.“
هاڻي مان انقلاب کان اڳ جي سماجي جوڙجڪ بابت ڪجهه ڳالهائيندس جيڪا هيٺين ريت هئي. سماج جي بُڻ بڻياد ۾ عوام هيو. عوام جي مٿان ڪليسا جي شڪل ۾ پادرين جو فڪر سوار هيو ان سان وري پاسي ۾ جُهٽ حڪمران هئا جن جي هٿن ۾ عدل ۽ انصاف جون واڳون هيون. ۽، انساني معاشري جي ان دور ۾ عوام ڇا کي چيو ٿي ويو؟ عوام، جيڪو اياڻ ۽ اڻ ڄاڻ هيو. عقيدو ڇا کي چيو ٿي ويو؟ جيڪو تعصب ۽ ڪٽرپڻ جو ٻيو نالو هيو. ۽ حق ڇا هيو؟ اهو ڄڻ ته نسورو ئي ناحق هيو. اوهان جيڪڏهن ٿڌيءَ دل سان ويچار ڪندؤ ته مٿين ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ مون ڪوبه واڌارو ڪونه ڪيو آهي. مان اڃا به پنهنجي ڳالهه کي حقي ۽ سچي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻه مثال ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس جيئن اُن ويل جي وايومنڊل کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
ٽولوز جي شهر ۾ 13 آڪٽوبر 1761ع تي هڪ گهر جي هيٺين طبقي ۾ هڪ نوجوان ٽنگيو پيو هيو. ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿيندا ويا، مذهبي مهندار گجڻ ۽ ڦاٽڻ لڳا ۽ حڪمرانن ترت ئي جانچ پڙتال شروع ڪري ڏني. اهو سنئون سڌو ڦاهو کاڌل هيو، پر ان کي قتل جي شڪل ڏني وئي. ۽ اها سڄي ڦيرگهير ڇا جي لاءِ ڪئي پئي وئي؟ رڳو دين ۽ ڌرم جي ڀلائيءَ خاطر! ۽ جوابدار ڪير هيو؟ پيءُ! هائو پيءُ!! ڇو ته پيءُ پروٽيسٽنٽ فرقي جو هئڻ ڪري، پٽ کي ڪئٿولڪ ٿيڻ کان جهلي رهيو هيو؟ اهو ڏٺو وائٺو انڌير ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي جو ٻُڍو پيءُ، جوان جماڻ پٽ کي ڦاهو ڏئي ماري وجهي. پر انصاف جا اَبا پنهنجي ڪِرت ۽ ڪشالن کي لڳا رهيا. آخرڪار فيصلو ڏنو ويو مارچ مهيني 1762ع ۾، هڪ پير مرد جين ڪالس کي الف اگهاڙو ڪري اڇي کير جهڙي سونهاريءَ سان عوام آڏو موت جي ڦيٿي تي چو کنڀو ٻڌل آندو ويو. هن جي پاسي ۾ ٽي ڄڻا بيٺل هئا. هڪ ماجسٽريٽ ڊيوب نالي جنهن جي زيرنگرانيءَ ۾ سزا جي پيروي ٿيڻي هئي، هڪ پادري سڳورو جنهن جي هٿ ۾ مقدس صليب هئي ۽ هڪ جلاد جنهن جي هٿ ۾ لوهي لٺ هئي. سزا کائيندڙ همراهه جي نظر جڏهن پادريءَ تان ٿيندي لوهي لٺ واري جلاد تي اچي پئي ته هن جون وايون ئي بتال ٿي ويون. جلاد ڀَر ڪري لوهي لٺ قيديءَ جي ٻانهن تي وهائي ڪڍي ۽ ٻانهن ٽڙڪي پئي. شڪار جيئن ته سوگهو ٻڌل هيو سو چري پري ڪونه پئي سگهيو، باقي سور جي ڪري دانهون ۽ آهون ڪرڻ لڳو پئي، جيئن ئي لوهي لٺ جو ڌڪ قيدي کي لڳو پئي تيئن سندس واتان ڪيهون پئي نڪتيون ۽ هو غش کائڻ لڳو. پر ماجسٽريٽ اڳتي وڌي قيدي کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي يا لوڻ سنگهائي سرت ۾ آندو پئي. اهڙي ريت ڪالس کي لوهي لٺ جا اٺ سنڌائتا ڌڪ هنيا ويا ۽ واري واري سان کيس هوش ۾ آندو پئي ويو. آخر اٺن ڌڪن کان پوءِ پادري سڳوري اڳتي وڌي ڪالس جي آڏو صليب جهلي ته جيئن هو ان کي چمي ڏئي پر هن چمڻ جي ابتڙ ڪنڌ ورائي ڇڏيو. ۽ جلاد پنهنجي آخري ڪارروائي ڪئي يعني زوم سان لوهي لٺ جو مٿو ڪالس جي ڇاتيءَ تي وهائي ڪڍيو. هڪ اُڀ ڏاريندڙ ڪيهه اُٿي ۽ ماٺ ٿي وئي. اهڙي ريت ويچاري جين ڪالس جو انت ٿيو.
ان سڄي ڪارروائي ۾ ڀريا ٻه ڪلاڪ کن لڳا. جين ڪالس جي موت کان پوءِ ستت ڳالهه پڌري ٿي پئي ته جوان پٽ آپگهات ڪيو هيو. پر اوستائين هڪ بي گناهه کاڄ ٿي ويو! ڪنهن جو کاڄ ٿي ويو؟ انصاف جي هٿ ٺوڪين چڱن مڙسن جو کاڄ ٿي ويو.
اهڙي ريت هڪ ٻيو قهري واقعو ٿيو، جنهن ۾ وري هڪ پير مرد جي بدران هڪ ڳاڙهو ڳڀرو شڪار ٿيو. اهو هيئن ٿيو جو مٿين حادثي کان پوءِ 1765ع ۾ ايبي ول ۾ هڪ رات سخت طوفان ۽ اوٿر اچي لٿو. ان ڪري پُل جي پلوڙي تي ٽن صدين کان کتل صليب، جنهن کي اندران اڏوهي کائي وئي هئي، تنهن اچي فرش تي ڦهڪو ڪيو. هاڻي چوپچؤ شروع ٿي وئي ته مقدس صليب جي بي حرمتي ڪنهن ڪئي؟ ڇو ته پڪيءَ ريت ڪنهن کي به ڄاڻ ڪونه هئي ته اها هوا جي ڏاڍائي آهي يا ڪنهن واٽهڙو جي حرڪت هئي؟ نيٺ ڪنهن کان ته اهو مهاپاپ ٿيو هوندو؟ ائمينس جي لاٽ پادري صليب جي ڪرڻ کي تمام هاڃيڪار قرار ڏنو ۽ مذهبي لحاظ کان ان سڄي حادثي کي قتل جيترو ڏوهه ڄاڻايو ويو. آخرڪار حق ۽ انصاف جا پڳدار انهيءَ راءِ تي پهتا ته جنهن رات مقدس صليب وارو حادثو ٿيو هيو ان وقت ايبي ول جي پل تان ٻه علمدار بيري ۽ ايلائنڊ نشي ۾ ڌُت، ڳائيندا ۽ ٺٺوليون ڪندا لانگهائو ٿيا هئا.
ايبي ول جي عدالت سڳوري به اوترو ئي طاقتور ۽ هٺيلي هئي جيتري ٽولوز جي عدالت. ايئن کڻي چئجي ته ٻنهي عدالتن جا ساڳيا پرڪار هئا. اهڙي نموني عدالت سڳوريءَ ٻنهي عملدارن جي گرفتاريءَ جو فرمان جاري ڪيو. ٻنهي جوابدارن منجهان ايلانڊي ته کسڪي ويو باقي بيري جهلجي پيو. بيري کان عدالت ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنهن ۾ هن باسيو ته نشي جي حالت ۾ راڳ ڳاتو هيم پر پل وٽان ته لانگهائو ئي ڪونه ٿيو هيس. پر ايبي ول جي عدالت کيس موت جي سزا ڏني. بيري ان سزا جي خلاف اپيل ڪئي، جنهن ڪري مٿس نئين سر ڪارروائي هلائي وئي. پر نتيجو نڪتو ته وڏي عدالت به نه رڳو ساڳي سزا کي بحال رکيو، پر انهيءَ سڄي ڪارج کي نيڪيءَ جو عمل ڄاڻايو. پوءِ ته کيس چو کنڀو سوگهو ڪري لوهي زنجيرن ۾ جڪڙي ايبي ول ۾ آندو ويو. مان مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. نيٺ عذاب ۽ ظلم جي گهڙي اچي پهتي. بيريءَ تي هوريان هوريان ايذاءَ جي ڪارروائي کي تکو ڪيو ويو ته جيئن هو پنهنجي زبان سان ڏوهه ۾ شامل هئڻ جي هائوڪار ڪري، ۽ سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا جي هائوڪار ڪري؟ يعني ته هو نه رڳو پل تان لنگهيو هيو پر راڳ به ڳايو هئائين. ايذاءَ جي ان سمي ۾ نيٺ سندس گوڏا ڀڳا ويا. ٻئي ڏينهن 5 جون 1766ع تي بيري کي ايبي ول جي شاهي ميدان ۾ آندو ويو، جتي وِچ تي باهه جا اُلا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. بيريءَ کي مليل سزا پڙهي ٻڌائي وئي. ان کان پوءِ سندس هٿ ڪپيا ويا ۽ انبور سان زبان پٽي وئي. آخرڪار مٿس ڪهل ڪندي، سندس مٿو ڪپي باهه ۾ اڇلايو ويو. اهڙي طرح اڻويهن ورهين جي ڳڀروءَ بيريءَ جو دردناڪ نموني خاتمو ٿيو.
ان کان پوءِ او والٽيئر! تون ئي هئين، جنهن هن ڏاڍ ۽ ڏمر جي خلاف آواز اُٿاريو ۽ تو، ان ظلم ۽ جبر جي ڪاررواين خلاف نئين سر جانچ ڪرڻ جي سختيءَ سان پٺڀرائي ڪئي ته جيئن ظالمن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍاين جا وکا پڌرا ڪري سگهجن. ڇو ته انهن ڪانئرن جي هٿان انسان ذات کي خوار خراب پئي ڪيو ويو. اي مَهان پرش! اسين سڀ توکي ججهيون واڌايون ڏيون ٿا، ڇا لاءِ ته تو آدم ذات جي ڇوٽڪاري لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي هئي.
صاحبو! مون اوهان سڀني جو جن ڀوائتين حقيقتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، اهي مڙيئي ان دور جي بافضيلت سماج ۾ وَهي واپري رهيون هيون. ان وقت جي رهڻي ڪهڻي نه رڳو چڱي چوکي هئي پر روشن خيال به هئي، هڪڙا ماڻهو آيا پئي ته ٻين لاڏاڻو پئي ڪيو. انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه هئي ته اهي روشن خيال شخص پاڻ کان اڳتي ڪجهه سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هئا ۽ نه وري ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسڻ لاءِ دل ڪڍين ٿي. سندن لاپرواهين غفلت جي صورت اختيار ڪئي، نرم ۽ نازڪ خيالن وارا شاعر: سنت ايلور، بوفلرس ۽ برنارڊ جهڙا دل کي موهيندڙ شاعري ڪري رهيا هئا. وارسيلز ۽ پيرس جي شاهي ايوانن ۾ جشن جي ڪيفيت ڇانيل هئي ۽ جڏهن ته جُنون ۽ پاڳلپڻ جي ڪري هڪ مرد کي موت جي ڦيٿي تي چاڙهيو پئي ويو ۽ وري ٻئي پاسي ڪليسائي مهندار هڪ معصوم ڳڀرو جي زبان رڳو راڳ ڳائڻ جي تهمت هيٺ پٽي رهيا هئا.
اهڙي دکدائڪ ۽ ڪين جهڙي سماج ۾ والٽيئر هيڪلو هو. سڀني جُهٽ شڪتين: عدليه، امير شاهي ۽ مرڪزيت، جيڪي اصل مالڪن کي بي سرت بڻايو، انبوهن کي اکين ۾ سرمون پارائي، ڀيانڪ شڪلين واري فوجداري سرشتي کي اهڙي نموني پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻي رهيا هئا جو مال جي مالڪن کي فرمانبرداري ۽ عوام کي چاپلوسي سيکاري پئي وئي ته جيئن حاڪمن کي سجدو ٿئي ۽ انهيءَ سڄي هيراڦيريءَ ۾ مهندارن جو مڪر ۽ جنون به گڏ هيو. مان وري به ورجايان ٿو ته والٽيئر، انهن سڀني براين ۽ بدعتن خلاف جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو هيو، جيڪي گهڻو اڳ پاڻ ۾ ايڪو ڪري هن جهان جي رهواسين خلاف جنگ شروع ڪري چُڪيون هيون. ۽ والٽيئر وٽ انهن بديءَ جي طرفدارن خلاف ڪهڙا هٿيار هئا؟ رڳو هڪ هٿيار! جيڪو هوا کان به هلڪو هيو، پر منجهس کڙڪو ۽ ڪڙڪو وِڄُ کان به وڌيڪ سگهارو هيو ۽ اهو هٿيار هيو قلم... ها رڳو قلم! ان هٿيار سان والٽيئر جنگ جوٽي ۽ سوڀارو ٿيو. اچو ته گڏجي اهڙي مهان مرد کي سوين سلام ڪيون.
والٽيئر سورهيه سرواڻ بڻيو، ڇو ته هن ڏاڍي ٺاهوڪي نموني لڙائي ڪئي. ۽ اها هڪ ڄڻي جي جنگ، گهڻن جي خلاف هئي ۽ ان کي هڪ ڀڀڪيدار جنگ به چئي سگهجي ٿو. اڃا به ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڪ اهڙي جنگ جيڪا ”پابندين“ خلاف ”ويچار“ جي جنگ، ”دليل“ جي ڪٽرپڻ خلاف جنگ، ”نياءَ“ جي ”انياءَ“ خلاف جنگ، ”مظلوم“ جي ”ظالم“ خلاف جنگ هئي ۽ اهڙي ويڙهاند هئي جنهن ۾ چڱائيءَ ۽ نيڪي جو پلڙو مٿڀرو هيو ۽ ان جي سڄي وايومنڊل ۾ والٽيئر هڪ ڪنوار جيان ڪوملتا جو ڀنڊار هيو ته ساڳئي وقت هڪ سورهيه به هيو، هو سچ پچ ته اعليٰ دماغ ۽ ڪشادي دل وارو شخص هيو.
والٽيئر نه رڳو پراڻي ۽ بدبودار سرشتي جي پير کوڙي مخالفت ڪئي، پر ان مٿان سوڀ پڻ حاصل ڪيائين. هن جاگيرداري، هٿ ٺوڪئي عدالت عاليه ۽ مذهبي مهندارن جو هڻي ڍينگو ڍيري ڪري وِڌو. هن عام لوڪ راڄ جي عظمت ۽ عزت وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هو سِرون (Sirven) ۽ مونبيلي (Montabily خلاف ڪالس (Calsas) ۽ بيري (Barree) وانگر سينو ساهي بيٺو. هن هر ڌمڪي، ڏاڍ، جبر ۽ بدناموسيءَ کي نه رڳو سَٺو پر ڏيهه نيڪالي به قبول ڪئي. هو پختي ارادي وارو، اڻٽر ۽ اڙٻنگ پرش (شخص) هيو. هن تشدد تي مُرڪ وسيلي، ظالم حڪمران تي ٽوڪ وسيلي، هوڏ تي اورچائي وسيلي ۽ اياڻپ تي سچ وسيلي سوڀ حاصل ڪئي.
مان ٿورو اڳ ۾ لفظ ”مُرڪ“ چئي آيو آهيان. مان هتي ايئن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته مُرڪ ۽ والٽيئر ۾ گهاٽو سٻنڌ هيو. هونئن به هڪ ڏاهي جي دائمي طور اها ذميواري آهي ته هو صلح جو پرچارڪ هجي ۽ اها خوبي والٽيئر ۾ پڇاڙيءَ تائين رهي. ڪيڏو به اگرو ڪم هجي جيڪو ايئن پيو سمجهه ۾ ايندو هو ته سندس سهپ کان ٻاهر آهي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏاڍي ٿڌائيءَ سان قهر ۽ ڪاوڙ کي پٺيءَ ڀر اڇلائي ڳوڙهي ويچار ۾ پئجي ويندو هيو. ان وقت هن جي اکين منجهان قهر ۽ ڪاوڙ جي ابتڙ دائمي مُرڪ پئي ليئا پائيندي هئي.
هونئن به مُرڪ ڏاهپ ۽ ڏات جي علامت آهي. ان ڪري مان وري به ورجايان ٿو ته اها مرڪ والٽيئر ۾ به سدا حيات هئي. اها مُرڪ: ڪڏهن ڪڏهن ٽهڪن جو روپ سروپ به وٺندي آهي پر ان ۾ ڏاهي جو ڏک ۽ پيڙا به پئي لکندي آهي. اها مرڪ هڪ زورآور ۽ جابر کي پاڻ تي ٺٺولي لڳندي آهي ۽ هيڻي لاءِ هيئين جو ڏڍُ هوندي آهي. اها مرڪ ظالم جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪندي آهي ۽ مظلوم کي اتساهه بخشيندي آهي. اهڙي طرح اها مرڪ اڳرائي ڪندڙ لاءِ ڏوراپو هوندي آهي ته وري نٻل لاءِ ديا جو سنيهو بڻبي آهي. اچو ته سڀئي گڏجي اڳتي وڌون ۽ ان مرڪ کي ماڻيون جنهن جي باک ڪڏنهونڪر ڦٽي چڪي آهي ۽ اها باک سچائيءَ جو سنيهو، ڀلائيءَ جو ڀڻڪو ۽ حق جي علامت آهي. ڇو ته هن پرهه ڦٽڻ جي ڪري وهمن جي محلات ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي آهي. اسين انهن اُڀرندڙ ڪرڻن جي روشنيءَ ۾ نيڪي ۽ بديءَ جي سولائيءَ سان پرک ڪري سگهون ٿا. ان ڪري ايئن چئجي ته اهو مرڪ ڀريو تجلو تمام ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. هي نئون سماج جنهن جو پيڙهه پٿر هڪ جهڙائي ۽ مُروت وارن اصولن تي رکجي چڪو آهي، ان سان ڄڻ ته خوشحالي جي شروعات ٿي پئي آهي. ۽ ان کان سواءِ پنهنجي پر ۾ سهپ، هڪ ٻئي ڏانهن نيڪ نيت، انسان ذات جي حقن جي بحالي، عقل جي سگهه کي سڀ کان مٿانهون ڄاڻڻ، ڪٽرپڻ جي بربادي، بُردباري، سک ۽ امن، اهي سڀئي مُرڪ جي پيداوار آهن.
لاشڪ ته اهو ڏينهن تمام ويجهو آهي جڏهن ڏاهپ ۽ ديا جو راڄ ٿيندو ۽ مون کي پڪو پختو ويساهه آهي ته والٽيئر ان ڏيهه ۾ تارن جي وچ ۾ مرڪندو نظر ايندو.
انسان ذات جا ٻه خدمتگار جن مان هڪ ارڙهن سو ورهيه اڳ ٿي گذريو ۽ ٻيو والٽيئر آهي، انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ازغيبي سٻنڌ ۽ لاڳاپو آهي.
هڪ اُهو هيو جنهن سڏ ڏنو ته اچو ته منافقت خلاف ويڙهاند ڪيون، دغابازيءَ کي پڌرو ڪيون، انياءَ کي نيست ۽ نابود ڪيون، ڪوڙ ڪپت، ڪٽرپڻ ۽ وهم جون پاڙون پٽيون، بديءَ جي بت کي ڀڃي ڀورا ڪيون، نيڪيءَ جو جهنڊو جهولايون، اچو ته مال ملڪيت جي مڳيءَ تي جيڪي ماڻهو مست، عبادتگاهن تي قبضو ڪري پاڻ کي وارث سمجهي رهيا آهن تن کي تڙي ڪڍون. نٻل ۽ ڪمزورن جي سهائتا ڪيون، غريب! جنهن کي چو طرفو مصيبتون ۽ عذاب پيڙي رهيا آهن انهن کي نجات ڏياريون. اهو سڏ ڪندڙ حضرت مسيح هيو ۽ ٻئي پرش جنهن ان سڏ تي وراڻي ڏني سو ڪير هيو؟ اهو ٻيو والٽيئر هيو.
ايئن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته الاهيت ۽ والٽيئر گڏجي اڄوڪي سندر سڀيتا کي جنم ڏنو آهي. ڇا والٽيئر هميشه مُرڪندو هيو؟ ۽ توهان منهنجي ڪٿا ۾ به سمجهي ويا هوندا ته ايئن به هروڀرو ڪونهي! ڇو ته مٺڙي مرڪ سان گڏوگڏ هن کي جوش ۽ جولان به ايندو هيو.
هونئن ڪجهه اهڙا به طور طريقا آهن جيڪي سنئون سڌو اعليٰ اختيارن واري سگهه سان لاڳاپي ۾ رَهن ٿا. اسين اهو به چئي سگهون ٿا ته ڳنڀيرتا هڪ ڏاهي جي مکيه وصف به آهي ۽ ڪنهن به ڏاهي لاءِ بردبار بنجڻ ڪنهن حد تائين ضروري به آهي. ڇو ته ڏاهپ جو واسطو ئي ان ڪارج سان آهي. پر ڪڏهن حق ۽ سچ جي پٺڀرائي ڪندي ماڻهو سخت جذباتي ۽ جوشيلو به ٿي پوندو آهي ۽ حق ۽ سچ جي پاسخاطري ڪندڙ جو اهو بنيادي حق به آهي، ڇو ته طوفاني هوائون جڏهن به گهلنديون آهن ته صفائيءَ جو عمل به شروع ٿي ويندو آهي. مان هتي وضاحت ڪندو هلان ته جوش ۽ جولان ۾ اچي ڪوبه ڪم ڪرڻ منجهان اهو مطلب ڪونهي ته ڏاهو ماڻهو ڪابه اهڙي حرڪت ڪري جنهن سبب هو سماجي جدوجهد جي ٻن مکيه نقطن: حق ۽ آسري جي بنيادن کي ڌونڌاڙي وجهي، ڇاڪاڻ ته اسان اهڙي نياءَ ڪندڙ جي عزت ڪنداسون جيڪو حق ڪري ۽ اهڙي پادريءَ کي به مان ڏيندو جيڪو آسري ۽ اميد جو آسائتو هجي. پر جيڪڏهن حاڪم ڏاڍ جو ڏنڊو کڻي بيهي ۽ مذهبي مهندار پاڻ ئي وائڙي واڇ هجن ته انسان ذات ڪڏهن نه ڪڏهن کين مُنهن تي کتيون ٻڌائيندي ۽ انصاف ڪندڙن کي چوندي ته اسان جو تنهنجي ڪنهن به جوڙيل قانون جو پابند هئڻ ضروري ڪونهي ۽ پادريءَ کي به چوندي ته اسان جو اوهان جي ڪنهن به انڌي عقيدي سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ڇو ته اسان هن ڌرتيءَ تي ڪابه خوشي نه ڏٺي آهي ۽ تون اسان کي اڻ ڏٺي ڏيهه ۾ آرام ۽ فرحت ماڻڻ جا ٺلها دم دلاسا ڏئين پيو. اهڙي سمي ڏاهپ پنهنجي ڦوهه ڀريل جوش ۽ جولان سان ڪر کڻي حڪمران جي هٿ ٺوڪيل اصولن کي للڪاريندي آهي ۽ پادريءَ کي به مَهان شڪتي آڏو رجوع ڪندي آهي.
اهو سڄو ڪارج ۽ ذميواري والٽيئر اُڪلائي ڏيکاري. ڇو ته هو مهان به هيو. والٽيئر ڇا هيو؟ ان لاءِ مان چڱو خاصو ڳالهائي آيو آهيان. هاڻي مان وس آهر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندس ته والٽيئر جي زماني ۾ آسپاس ٻيو ڇا وهي واپري رهيو هيو! اهو ياد رکڻ گهرجي ته عظيم شخصيتون ڪڏهن به هيڪليون ڪونه اينديون آهن. ڪنهن به ٻيلي ۾ وڏا وڻ تڏهن قدآور ڏسڻ ۾ ايندا آهن جڏهن انهن جو ججهو انگ والار ڪيو بيٺو هوندو آهي. اهڙي ريت ارڙهين صديءَ جي ٻيلي ۾ والٽيئر جي چوڌاري به ڪيترن ڏاهن ۽ دانائن جو ميڙو متل هيو. انهن دانائن منجهان مونٽيسڪو (Montesquieu)، بفن (Buffon) ۽ بومارچس (Beaumarchias) آهن ۽ ان ساڳئي دور ۾ والٽيئر کان سواءِ ٻه ٻيون عظيم شخصيتون روسو (Rousseu) ۽ ڊئڊروٽ (Diderot) به آهن. انهن سڀني سياڻن، انسان کي ”دليل“ جي دڳ سان هلڻ جو سونهون ڪيو، ۽ دليل.... انسان جي اندر ۾ حق ۽ سچ ماڻڻ لاءِ نه رڳو اڻ تڻ پيدا ڪئي پر ان ڪري سندن دليون به روشن ٿي پيون. انهن ڏاهن جي جاکوڙ نيٺ رنگ لاتو. اهڙي طرح بفن، فطرت پرستي (Naturelism) جو پايو وڌو. بيو مارچس وري سماج جي گڻن ۽ اوگڻن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ٽوڪ ۽ ٺٺوليءَ جو طريقو ڪتب آندو، جيڪو مشهور ناٽڪ نويس موئليئر (Moliere) جي طور طريقن کان ڌار هيو. ۽ مونٽيسڪو وري قانون جي منجهيل مسئلن کي سونهي سوڌي عوام آڏو آندو. هتي اسان کي روسو ۽ ڊئڊروٽ جي ڪيل ڪمائيءَ کي به وسارڻ نه گهرجي. ڊئڊروٽ وڏو عاقل، کوجي، رحمدل ۽ حق جو طرفدار هيو، جنهن سڄي جاکوڙ ان لاءِ ڪئي ته سچ جي پرک لاءِ ڪي بنيادي متا يڪجا ڪري سگهجن، جنهن ڪري ڄاڻيٽي (انسائيڪلو پيڊيا) جوڙيائين. روسو نه رڳو عورت ذات جي وڏائي جي واکاڻ ڪئي، پر ماءُ کي ته پالنا ڪندڙ جو لقب ڏنائين. روسو ڏاهپ جو ڏات ڌڻي، مهان ليکڪ، دل ۾ درد رکندڙ، انسان ذات جي ڀلائيءَ جو سپنو لهندڙ، سياسي ميدان ۾ حق ۽ سچ جو حامي پهريون پرش آهي جنهن فرانس ۾ پاڻ کي وڏي واڪي شهري سڏايو. هاڻي روسو جيڪڏهن ملڪي مسئلن جي مامري جي واڳ هٿ ۾ کنيو ٽيڪاٽپڻي ڪري رهيو هيو ته والٽيئر مورڳو ئي سڄي جڳ جي مامرن جي واڳ سنڀاليو ڇنڊڇاڻ ڪري رهيو هيو. اڃا به ايئن چئجي ته ڀاڳن ڀري ارڙهين صديءَ ۾ جيڪڏهن روسو عوام جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو ته والٽيئر اڃا به وڏي پيماني تي سڄي انسان ذات جي رهبري ڪري رهيو هيو. اهي مهان ۽ ٻلوان هستيون توڙي جو اڄ اسان وٽ موجود ڪونهن، پر سندن ڪيل محنتن جو ثمر اسان وٽ هڪيو تڪيو آهي ۽ اهو آهي انقلاب!!
هائو! فرينچ انقلاب هنن صاحبن جي محنتن جو نچوڙ آهي. اهو انقلاب هنن جي ٻاريل جوت آهي. اسين انهيءَ انقلاب کي اکين آڏو جتي ڪٿي وڏي شان ۽ مان سان ڏسي پسي رهيا آهيون، جيڪو ماضيءَ جي پڄاڻي ۽ مستقبل جي خوشحاليءَ جو سنيهو آهي. ان ظاهر ظهور روشني، جيڪا انقلابن جو خاص اهڃاڻ آهي، سان اسان ۾ اتساهه پيدا ڪري ٿي ته ان جي پويان لڪل سبب معلوم ڪيون، ۽ اها ڄاڻ حاصل ڪيون ته ڪهڙي ريت هڪ سٽاءَ جي پويان ٻيو سٽاءُ پاڻ پسائي رهيو آهي. ڏسندي خبر پوندي ته ڊانٽن (Danton) جي پويان ڊئڊروٽ نظر پيو اچي، روبس پيري جي پٺيان روسو پيو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ ميراپو جي پوئتان وري والٽيئر پسجي پيو.
تواريخي جُڳن جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لاءِ اسين مختلف دورن کي ماڻهن جي نالن پويان سڏيندا آهيون، جهڙي طرح ٽن ملڪن يونان، اٽلي ۽ فرانس کي ماڻهن جي نالن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ان ڪري اسين هيئن به چوندا آهيون: پيريڪلس جو زمانو، آگسٽس جو زمانو، لوئي ڏهين جو زمانو، لوئي چوڏهين جو زمانو ۽ ساڳئي ريت والٽيئر جو زمانو چئي سگهجي ٿو. انهن نالن سان زماني جي ونڊ ورڇ ڪرڻ وڏو مانائتو ڪم آهي. ڇو ته انهن جدا جدا دورن کي ڌار ڌار شخصيتن جي نالي ڏيڻ سان يونان، اٽلي ۽ فرانس جي سندر سڀيتائن جي واکاڻ ڪرڻ عظيم ڪارج آهي. پر هڪ نڪتو اڃا به وڌيڪ چٽو ڪرڻ ضروري آهي ته والٽيئر کان اڳ جي سڀني دورن تي رکيل نالا انهن ماڻهن جا آهن جيڪي حڪمران طبقي سان واسطو رکندڙ هئا. انهن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ والٽيئر اڃا به وڌيڪ اتم ۽ اعليٰ لڳي پيو، ڇو ته هو جديد آدرشن جو اڳواڻ هيو. ان ڪري والٽيئر سان گڏوگڏ ڄڻ هڪ نئين دور جي شروعات ٿئي ٿي. هن مهل تائين اسين تواريخ ۾ ليئو پائي ڏسنداسين ته حڪمرانن جيڪڏهن ڪوبه چڱو ڪم ڪيو آهي ته ان ۾ به زور ۽ زبردستيءَ جو عنصر شامل رهيو آهي. پر پوءِ روشنيءَ جو اهو ڪرڻو ڦٽو جنهن شاهي تخت ۽ تلوار کي ڀڃي ڀورا ڪري عظيم شڪتيءَ کي آزاديءَ جو روپ بخشيو ۽ ان کان پوءِ عوام قانون ۽ هر هڪ فرد جي حقن جي بحالي کان وڌيڪ اعليٰ اختيار ۽ سگهه واري ٻي ڪابه هستي ڪانهي. انهن حالتن ۾ اسان مٿان به ڪي ذميواريون لازم ٿين ٿيون. اهي هي آهن ته هر هڪ جي حقن جي عزت ڪيون يعني ته انسان جي حيثيت ۾ آدم ذات جي عزت ڪيون، ٻيو ته هر سونپيل ذميواريءَ کي نڀائيون، ايئن کڻي چئجي ته آزاد شهريءَ جي حيثيت کي بحال ڪيون.
اهي سڀئي وصفون گڏي ڏسبيون ته اسان کي والٽيئر جو زمانو سڀني کان مٿڀرو ۽ مانائتو پيو لڳندو، پر ماڳهين فرينچ انقلاب جي مکيه اصولن جو بڻ بڻياد به ان زماني کي چئجي سگهجي ٿو.
ٻه يادگار صديون جن ارڙهين صدي جي حيثيت کي مٿانهون مان بخشيو: انهن منجهان هڪ صديءَ ۾ رابيلي (Rablias) لکڻي ”گارگن تو“ (Gargantua) ۾ حڪمرانن جا ڇوڏا لاٿا ۽ سندن پت وائکي ڪري وڌي، جڏهن ته موئيلئر مذهبي مهندارن جا ”ٽرافو“ (Tartuffe) ۾ وکا پڌرا ڪيا. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ جبر ۽ ڏاڍ تي ڦٽڪار ڪيل ۽ حق جي طرفداري ڏاڍي چٽي طرح ڪيل آهي. اسان جي آڏو اڄ به چيو وڃي ٿو ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. پر ويچار ڪيو ته ٽي سو ورهيه اڳ ان ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ ڪيڏو نه همٿ ۽ مردانگيءَ وارو ڪم هيو.
اڻويهين صدي، ارڙهين صديءَ جي ٿورائتي آهي ڇو ته ارڙهين صديءَ پنهنجون سڀئي محنتون اڻويهين صديءَ جي گود ۾ اچي پرٽيون آهن ان ڪري منهنجي اوهان کي وينتي آهي ته چوڌاري هڪ عظيم خوشحالي آڻڻ جي رمز اڳتي وڌڻ ۾ ئي آهي.
هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي گڏيل ڀائپيءَ وارو پيڙهه پٿر رکڻ گهرجي. هونئن طاقت کي تشدد جو ٻيو نانءُ ڏنو ويو آهي ۽ انصاف جي ڪسوٽيءَ تي پرک ڪري جنگ کي نفرت لائق سمجهيو ويو آهي. ڇو ته انسان جي هيڏي ساري جاکوڙ جي ڪري جنهن سندر سڀيتا جو دور شروع ٿي چڪو آهي ان ۾ ڪيترن ئي وڏ وڏيرن جا پٽڪا ڊهي پٽ پوڻ وارا آهن. اهڙي ڍنگ جون نشانيون تواريخ ۾ اڳ کان موجود آهن. سچ پنهنجي جوڀن سان اُڀري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪوڙ ۽ ڪچ جو سج ٻڏي پيو. ڪيترين حالتن ۾ ڏٺو ويو آهي ته هڪ رهزن ۽ خونيءَ کي سورهيه سرواڻ ڪري ليکيو ويندو آهي، پر اڄ جو ڏاهو انسان چڱيءَ ريت پروڙي چڪو آهي ته ڪوبه ماڻهو ڏاڍو ۽ رهزن بنجڻ سان چڱو مڙس ٿي ڪونه سگهندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن خون ڪرڻ پاپ آهي ته سوين انسانن جو ڪوس ڪرڻ وري ڪهڙي چڱ مڙسائپ آهي؟ ڇا لاءِ ته رهزني ڪرڻ جيڪڏهن شرم جوڳو فعل آهي ته پوءِ ڪنهن به حمله آور کي اسين عزت لائق به ڪونه سمجهون ٿا ۽ اهڙي حالت ۾ هر هڪ مسئلي کي انصاف جي ساهميءَ ۾ توري تڪي ونڊ ورهاست ڪرڻ گهرجي. اهو ان لاءِ ته ماڻهن جو ڪوس پنهنجي پر ۾ نيٺ ڪوس ئي چئبو ۽ رت وهائڻ کي نيٺ رت وهائڻ ئي سڏبو. ڇو ته ٻاهرين طرح ڪوبه پرش پاڻ کي سيزر سڏائي يا نيپولن، پر انهيءَ لازوال هستيءَ کان ڪنهن جا خوني لڇڻ ته ڳجها ڪونهن. پوءِ ڀلي ان آدميءَ جي مٿي تي ڦاهيءَ جي ٽوپ بدران شاهي تاج پاتل ڇو نه هجي!
اچو! ته سينو تاڻي سچ جي طرفداري ڪيون ۽ ڪوڙ خلاف جهاد ڪيون. پر هي اهو جهاد ڪونهي جنهن ۾ رت ۽ پونءِ جا واهڙ وهي پوندا آهن ۽ نه وري اهو اڻانگو سفر آهي جنهن ۾ ڪشالو ڪرڻ کان پوءِ موت وات پٽيو بيٺو هوندو آهي. اي منهنجون مائرون! هيءَ اها ويڙهاند ڪانهي جنهن ۾ رهزن راهه ويندي اوهان کان ٻار به ڦري ويندا يا ايئن به ڪونه ٿيندو ته ڪا زائفان سور کائي ٻالڪ کي جنم ڏئي ۽ مرد وري جهپڙ هڻي رڳو پاڻ کي ٻار جو وارث ۽ وسيلو سمجهي. هن جنگ جو مکيه مول مقصد آهي ته جيڪو لوچي سو لهي. يعني ته خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻ، پورهيت کي پورهيو ميسر ڪرڻ، ڪارخانن جي پيداوار وڌائڻ، ڏاهي کي ڏاهپ گيان ڏيڻ جو حق، اڃا به ايئن کڻي چئجي ته هي جهان به هڪ تارن ڀريل آسمان وانگر آهي جنهن ۾ هر هڪ انسان کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ کليل آزادي هئڻ گهرجي، جيئن هو ڀوائتن اسرارن جي خلاف جهاد ڪري سگهي. ڇو ته اهي اسرار ئي انسان ذات لاءِ رنڊڪون ۽ جنگ جو ميدان آهن.
اوهان جيڪڏهن نظر ڪري ڏسندؤ ته اهو جنگ جو ميدان اسان جي سامهون آهي ۽ اڄ هتي پيرس جي ميدان ۾ اسين ان لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته انسان ذات جي هن مهل تائين ڪيل جدوجهد لاءِ امن جو سنيهو ڏئي سگهون. اها سوڀ حاصل ڪرڻ اصل ۾ ڄڻ پيرس جي سوڀ آهي.
هاءِ! توڙي جو اڄ اسان جو هتي گڏجڻ هڪ مانائتو ۽ شائانتو ڪارج آهي، ان هوندي به ڏک ۽ ڏاکڙا اڃا ختم نه ٿيا آهن. اڃان تائين افق ۾ ڏکن ۽ ڏولائن جا ڪڪر ڪر کڻي رهيا آهن ۽ آدم ذات لاءِ سور ۽ سختين جي سمي جو انت ڪونه ٿيو آهي. جنگ! انسانيت جي ويري جنگ!! وري به هن امن واري دور ۾ ڪنڌ مٿي کڻي رهي آهي. حڪمران لاڳيتو ٻن ورهين کان اهڙيون شرارتون ۽ سازشون ڪري رهيا آهن ته جيئن دکي انسانيت جي خاتمي لاءِ ڪابه ايڪتا نسري نه سگهي. ڇو ته ڪابه اهڙي ايڪتا حڪمرانن کي هميشه لاءِ نگهوسار ڪري ڇڏيندي. اچو ته انهيءَ ايڪتا کي والٽيئر سان جوڙيون. اڄ جي هن خوفائتي وايومنڊل ۾ اچو ته انسان ذات جي ويرين کي نڙيءَ تي ننهن ڏيون ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو لاءِ گڏجي جدوجهد ڪيون. اچو ته علم جي وڏائي آڏو ڪنڌ جهڪايون. اچو ته انهيءَ ڏاهي جي اصولن جي پيروي ڪيون جيڪو اڄ کان هڪ سو ورهيه اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هيو ۽ پوءِ به سندس ڪيل محنت ۽ جاکوڙ اڄ تائين جيئري جاڳندي آهي. اچو ته ٻين ڏاهن جي ڪيل ڪشالن منجهان به لاڀ حاصل ڪيون جيڪي والٽيئر سان مددگار هئا جهڙوڪ روسو، ڊئڊروٽ ۽ مونٽيسڪو.
هن مهل تائين ظلم ۽ ڏاڍائيءَ جو دنگ ٿي ويو آ هي. هاءِ! وحشي پڻي ۽ جبر ڪلور ڪري ڇڏيا آهن. ان ڪري اچو ته اڻويهين صديءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ارڙهين صديءَ کي سڏ ڪيون، ڇو ته ان صديءَ جا سياڻا سچ جي راهه جا سرواڻ آهن. اچو ته انهن ڏاهن جي ٻڌايل اصولن تي عمل ڪيون. ان کان اڳ جو حڪمران اسان جي مٿان ڪا جنگ مڙهي ڇڏين، اچو ته انسان ذات جي حقن جو پرچار ڪيون. آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيون، عقل ۽ ساڃهه کي شڪتي وان سمجهون، پورهيت جي عزت وڌايون، امن ۽ آشتيءَ جو نعرو هڻون، ۽ ان کان اڳ جو اوندهه ۾ ڀٽڪي پئون پاڻ کي ماضيءَ جي روشنيءَ مان به رهبري حاصل ڪرڻ گهرجي.
(سنڌيڪار: امان الله شيخ، ايڊووڪيٽ)
(سنڌ فورم، ڊسمبر 1999ع)