انقلاب لاءِ تعليم ۽ تربيت جي اهميت : مولانا عبيدالله سنڌي
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي قوم پراڻا حڪمت جا اصول وساري چُڪي آهي. هاڻي اها يورپين طريقي (سائنس، ٽيڪنالاجيءَ ۽ جنگي فن) جي نظام حڪومت کي سکي ڪري ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. افغانستان، ترڪي ۽ عربي ملڪ يقيناً سڀ جا سڀ يورپين طريقي تي پنهنجي حڪومتن جي نئين سِر جوڙ جَڪ ڪري رهيا آهن. اسان هتي شاهجهان جي حڪومت کي موٽائي نه ٿا سگهون. بيشڪ روح ساڳيو ئي رهندو، مگر حڪومت جي صورت يقيناً يورپين ٿيندي.
پر ڪانگريس جا عام طرفدار هنن شين کي صحيح طور تي سمجهي نه ٿا سگهن. يورپ ۾ جهڙيءَ طرح انقلاب آيو (بلڪل) اهڙن ئي انقلابن جو هو هتي توقع رکيون ويٺا آهن. ليڪن اسان جو ملڪ يورپ کان ڪيترن ئي بنيادي معاملن ۾ مختلف آهي، يورپ ۾ عام تعليم، پريس جي ترقي ۽ فوجي خدمت جي لازم هجڻ ڪري انقلاب لاءِ ميدان صاف ٿي چڪو هيو. اسان جو عوام علم کان ناواقف ۽ فوجي نظم ضبط (Discipline) کان هزارين ڪوهه پري آهي. ان ڪري اهي يورپ جي طريقي تي انقلاب کي ڪڏهن به سنڀالي نه سگهندا.
اهڙي انقلاب جو موجوده زماني ۾ ٻه ڀيرا تجربو ٿي چڪو آهي. پهريون تجربو روس ۾ ٿيو. روس ۾ عام تعليم گهڻي ڪانه هئي، تڏهن به انقلاب جي پرستارن طئي ڪري ڇڏيو ته هو انقلاب کي ڪامياب بڻائي ڏيکاريندا. پر اُهي سئو فيصد ان ۾ ناڪام رهيا. شڪست کان پوءِ انهن عام تعليم کي بنيادي قرار ڏيندي جبر ۽ ڊڪٽيٽرشپ کان ڪم ورتو. اهڙيءَ ريت ملڪ جو هڪ حصو تيار ڪيائون ۽ ان جي لاءِ انقلابي نظام ۾ مناسب تبديليون آندائون، تڏهن وڃي ڪٿي حڪومت هلائي سگهيا. جيڪي ماڻهو ڪارل مارڪس جا پڪا پوئلڳ آهن، اُهي لينن جي ڪم کي ڪڏهن به تعريف جي نظر سان نه ٿا ڏسي سگهن. لينن ڪافي اهڙيون تبديليون منظور ڪري ورتيون هيون جيڪي ان جي ملڪ لاءِ ضروري هيون. روسي انقلاب کي هندستان ۾ ويهي پڙهندڙ اهڙين ڳالهين کان ڪڏهن به واقف نه ٿا ٿي سگهن.
ٻيو ڀيرو تُرڪيءَ ۾ انقلاب آيو.روسي عوام ۾ ته في الجمله ابتدائي تعليم هئي، پر ترڪي ان کان به ناواقف هيو. مصطفيٰ ڪمال مجبور هيو جو عربي زبان ۽ عربي رسم الخط کي قطعي طور تي ڇڏي ڪري پنهنجي ملڪ واسين کي مادري زبان رومن اکرن ۾ سيکاري. جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڊڪٽيٽرشپ ۽ طاقت جي زور تي تمام جلد هڪ پارٽي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پر اسان جو ملڪ روس ۽ ترڪيءَ ٻنهيءَ کان پوئتي آهي. بيشڪ اسان وٽ هڪ مختصر وچولو طبقو (Middle Class) پيدا ٿي چڪوآهي، جيڪو يورپ جي سمورن علمن کي ڄاڻي ٿو، اهو ئي ڪانگريس کي هلائي ٿو، اهوئي انقلاب جون اميدون رکيون ويٺو آهي. مگر انقلاب عوام جي ڀائيچاري کان سواءِ ڪامياب نه ٿيندو آهي ۽ هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي هندستاني عوام جي ويجهو وڃڻ به پسند نه ٿا ڪن.
ان ۾ شڪ نه آهي ته گانڌي جي انهن سمورين شين کي سمجهي ٿو، پر هو گجرات کان ٻاهر هندستان جي ڪنهن ٽڪري ۾ پنهنجي نموني جي حڪومت نه ٿو ٺاهي سگهي. گانڌي هيٺين طبقي جي خدمت ۽ تربيت لاءِ وچين طبقي کي (جيڪو کيس ليڊر مڃي ٿو) متوجه ڪري سگهي ٿو. اسان ان جو قدر ڪيون ٿا، پر اها انقلاب جي بنيادي اصولن جي ڀيٽ ۾ معمولي درجي جي شيءِ آهي. انسانيت جي عام فائدي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ ئي انقلاب جو اصل بنياد آهي. اها شيءِ گانڌيءَ جي پنهنجي شخصيت ۾ ته ڪمال جي حد تائين موجود آهي، ليڪن ان جي عقيدتمندن ۾ شايد هڪ سيڪڙو به مس هجي. انڪري گانڌي پارٽيءَ جي مصنوعي شور ۽ گوڙ کان اسان متاثر نه ٿا ٿيون.... اسان پنهنجي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن ۾ قرآن حڪيم جي ارشاد مطابق انسانيت جي سڌاري لاءِ قربانيءَ جو جذبو انتهائي آسانيءَ سان پيدا ڪري سگهون ٿا. قرآن ڪريم جو هي مقصد مقرر ڪرڻ لاءِ امام ولي اللهؓ اسان جي نظر ۾ منفرد آهي. تنهن ڪري اسان ان کانسواءِ ڪنهن جي تفسير کي قبول نه ٿا ڪري سگهون.
اسان جهڙيءَ طرح پنهنجي نوجوانن کي قرآن عظيم جي تعليم جي مدد سان هن بلند مقصد ڏانهن وٺي ٿا اچون، اهڙي طرح جيڪڏهن هندو پڙهيل ڳڙهيل نوجوان اسان تي اعتماد ڪري ته اسان ان کي به ولي الله فلاسافي پڙهائي ڀڳوت گيتا جي تعليم ذريعي انهيءَ مقصد ڏانهن وٺي اينداسون. ساڳيو نمونو اسان جي بائبل کي مڃيندڙ قومن سان رهندو. اسان ولي الله فلاسافيءَ مطابق بائبل پڙهائي انهن کي به سموري انسانيت جي مفاد تي گڏ ڪري ڇڏينداسون.
مطلب ته مولانا شيخ الهند اسان کي ٽي شيون ڏسي ويا آهن: پهريون هي ته پاڻ درجهءِ تڪميل ۾ شاه ولي الله جو فلسفو ۽ مولانا محمد قاسمؓ جي حڪمت داخل ڪرايائون. ٻيو سياسي تحريڪ ۾ ديوبندي جماعت سان گڏ علي ڳڙهه پارٽيءَ کي برابريءَ واري درجي تي شامل ڪرڻ منظور ڪيائون، ٽيون هي ته انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گهڙي ڪري ٻاهرين اسلامي ملڪن جي سياست کان علحدگي اختيار ڪري ڪم ڪرڻ جي راهه سمجهايائون.
اسان جي هي چوڻ: ”پهرين يورپين ٿيو“ جو اصل مقصد هي آهي ته اسان پاڻ ۾ جنگي طاقت ۽ حربي قوت پيدا ڪيون. شاه ولي الله پنهنجي ڪتاب ”خير ڪثير“ صفحه 113 ۾ لکي ٿو ته، حڪومت هلائڻ جي صلاحيت هندستان جي مسلمانن کان افعانن ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ شاه عبدالعزيز هڪ خواب به ڏٺو هو. جنهن ۾ امير المومنين حضرت عليؒ جن کين پشتونن ڏانهن توجه ڪرڻ جي تلقين فرمائي هئي. دراصل ان مان مراد فقط جنگي طاقت ۽ حربي قوت آهي. افعانن ۾ جيئن ته وڙهڻ ۽ مڙسي موجودآهي، تنهن ڪري انهن کي هڪ عالم منظم ڪري اسلامي حڪومت جي فوج بنائي پيو سگهي. پر جنهن قوم کان مرڻ مارڻ جي طاقت کسي وئي هجي، اُها ڪڏهن به ترقي نه ٿي ڪري سگهي. اڄ ان جو مثال هندو واڻئي کان ملي ٿو. اهو ڏاڍو حساب ڪتاب جو ڄاڻو آهي، وڏو مالدار آهي، پر حڪومت نه ٿو سنڀالي سگهي ۽ هڪ معمولي سپاهي سندس جائداد تي قبضو ڪري ان جو مالڪ ٿي سگهي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو مان هزارين اختلافن جي باوجود سڪندر حيات خان وزير اعظم پنجاب جي هميشه تائيد ڪندو آهيان جو هو منهنجي قوم کي فوج ۾ موڪلڻ جو حامي آهي. سو مان نوي ڄڻا مري سگهن ٿا، پر ڏهه ڄڻا جيڪي واپس ايندا، اُهي اسانجو اصلي سرمايو ٿيندا، تنهن ڪري اسان پڙهيل ڳڙيل نوجوان طبقي کي مجبور ڪيون ٿا ته اهي يورپين طريقي جا جنگي هنر سکن. مستقبل ۾ هو پنهنجي پورهيتن کي فوجي تعليم ڏئي سگهندا، تنهن ڪري پورهيتن کي به يورپين بڻائڻو پوندو. جيڪڏهن قومي زندگيءَ ۾ پورهيتن جي اهميت جو انڪار ڪيو ويو ته ان جو وجود ئي بيڪار ٿي پوندو. (پورهئي کان نفرت وارا) اُهي لعنت جا جراثيم جيڪي مسجدن ۽ خانقاهُن (درگاهُن) کان ڦهلجن ٿا ۽ قوم کي نامردي سيکارڻ جو نالو انهن اسلام رکيو آهي، مذڪوره وقت اچڻ کان پهريائين اسان کين ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.
اسان جي عام ماڻهن کي تُرڪن وانگر زندگيءَ بسر ڪرڻ سيکارڻ گهرجي. تُرڪن ۾ به اهڙيءَ طرح بي ايمان ماڻهو موجود آهن، جيئن اسان وٽ آهن. پر ترڪي قوم جي ايمان ۾ مجموعي طور تي جنهن کي شبهو ٿي سگهي ٿو، اُهو احمق آهي. هاڻي ترڪن پنهنجو قومي طريقو يورپين ازم بڻائي ورتو آهي. اسان ان مسلم قوم جي ترقي يافته نموني وانگر پنهنجي قوم کي تيار ڪرڻ گهرون ٿا. ليڪن وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو انهن حقيقتن کان اسان جا وڏا وڏا عالم ناواقف آهن. هن وقت انهن کي واقف ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان گهرون ٿا ته انهن کي انتهائي نرم زبان ۾ هي ڳالهيون سمجهائي ڇڏيون پر اسان جي قوم ۾ هڪ ضدي عنصر به موجود آهي، اهو مسلمانن جي هر تباهيءَ کي قبول ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي پراڻي طرز ۾ ڪنهن به تبديليءَ جو روادار نه ٿو ٿي سگهي. اسان انهن جي مُنهن نه ٿا چڙهئون ۽ جڏهن موقعو مليو ته اسان انهن کي ختم ڪري ڇڏينداسون.
اهي لفظ چئي مان پنهنجي ذهنيت جي ترجماني نه ٿو ڪيان پر مون کي معلوم آهي ته هندستان ۾ انقلاب ايندو، مان اصل ۾ ان انقلابي جماعت جي ترجماني ڪري رهيو آهيان. مان روس ۽ ترڪيءَ ۾ انقلابي جماعتن جو ڪافي تجربو ڪيو آهي. اهي سڀئي هڪ ئي نظريي تي هلي رهيا آهن. انهن جون ٻوليون مختلف آهن. انهن جا مذهب مختلف آهن، پر معاشرت جو طريقو سڀني ۾ مشترڪ آهي.
اسان وٽ سمجهدار طبقي کي هتي هڪ شبهو هوندو آهي ته انگريزي ڪاليجن ۽ انگريزي دفترن مان اسان جو نوجوان سواءِ يورپين فيشن جي ٻيو ڪجهه نه ٿو سکي سگهي. ان سمجهدار طبقي ڏٺو ته هي نوجوان ملازمت سان پئسا ڪمائي ٿو ۽ پنهنجون ضرورتون ايتري قدر وڌائي ٿو جو پيءُ ڏاڏي جي ملڪيت به انهيءَ فيشن پرستيءَ تي ختم ٿو ڪري ڇڏي ۽ پوءِ نزاڪت، بزدلي ۽ نامرديءَ جو پورو پورو نمونو ٿو بڻجي پوي، ۽ ڏينهن رات اها رٽ لڳايون ويٺو آهي ته يورپين ٿيڻ کان سواءِ انسان، انسان نه ٿو سڏائي سگهي. اسان کي پاڻ ان ٽولي سان پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪافي واسطو پوندو رهيو آهي. اسان پنهنجي آڳاٽي هندستاني زندگيءَ ۾ کانئن نفرت ڪندا هئاسون ۽ پنهنجي قوم کي ان يورپي اثر کان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئاسون.
هاڻي اسان جي ذهنيت هيءَ ٿي چڪي آهي ته اسان ان نازڪ جسم ماڻهن جي بجاءِ پنهنجي پورهيتن کي يورپين بڻايون ٿا. اسان جو ”يورپين ازم“ جو پهريون تجربو غلط ۽ بي فائدي ثابت ٿيو. اسان پنهنجي قوم جي ڪارڪن عنصر کي جيڪو اسان جي ملڪن ۾ گهڻو ڪري پورهيت آهي، اقتصادي مصيبتن ۾ جڪڙيل ڏسئون ٿا. ان کي انهن مصيبتن کان نجات ڏيارڻ قوم جي تشخص لاءِ ضروري آهي ۽ ان جي نجات جو ٻيو ڪوبه ذريعو ناهي سواءِ ان جي جو هي عنصر پنهنجي سڌاري لاءِ اٿي بيهي. پر ان سڌاري لاءِ ان کي تعليم ڏيڻ ضروري آهي. سرمائيدار حڪومت تعليم قوم جي ڪجهه فردن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي ۽ هي ناممڪن آهي جو اسان پنهنجي پورهيتن کي ڪاليج جو گريجوئيٽ بڻائي سگهون. مگر يورپ جي طريقي تي پورهيتن کي تعليم يافته بڻائي سگهجي ٿو. ليڪن سڀ کان پهريائين انهن کي پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ پڙهڻ سکڻ گهرجي. اسان ٽائپ رائيٽر مشين جي ذريعي پنهنجي ٻارن کي ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ پڙهڻ سيکاري سگهون ٿا. سپاهي ٿيڻ لاءِ ايتري ئي تعليم ضروري آهي. هن تعليم تي ايترو خرچ به نه ٿو اچي، جيترو ڪاليج ۾ گريجوئيٽ بڻجڻ تي اچي ٿو ۽ نه انسان فيشن پرستيءَ جو شڪار بڻجي نزاڪت ۽ بزدليءَ جو نشانو بڻجي سگهي ٿو.....
جنهن وقت اسان پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ پڙهڻ سکي وياسون ته هر ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ مرڪزي پريس ڪافي آهي. اتان ماهوار رسالا نڪرندا، هفتيوار پرچا هوندا، روزنامه هوندا ۽ هر شخص پنهنجي زبان ۾ گهر ويٺي پڙهي سگهندو. قومن کي اهڙيءَ طرح تعليم ڏيڻ جي سهولت جيئن هن زماني ۾ موجود آهي، اڳئين دؤر ۾ ڪنهن جي خيال ۾ به نه هئي، تنهن ڪري ان مان اسان کي فائدو وٺڻ گهرجي.
مٿي ذڪر ڪيل دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ منهنجو پنهنجو ذاتي ٻيو پروگرام به آهي. مان گهٽ ۾ گهٽ قرآن عظيم جي چاليهه سورتن جو تفسير ڪري ان کي قوم جي مادري زبان ۾ پريس جي ذريعي انهن جي گهرن ۾ پهچائيندس، ان کان پوءِ کين ڪوبه دجال دين کان ڀٽڪائي نه سگهندو، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي دجاليت تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا هجن. منهنجي زندگيءَ جو آخري مقصد اها ئي آخري شيءِ آهي. پر اهو پهريائين تعليم تي ڇڏيل آهي. ان ڪري مان ان تي زور ڏيندو آهيان. هاڻي ان کان بهتر ڪوبه ٻيو پروگرام هجي ته منهنجا مخاطب اهو منهنجي آڏو آڻين. مان ان کي مڃيندس.
مسلم ليگ جي ميمبرن جون اسڪيمون، جيڪي سڄي عمر انگريزي دفترن ۾ ڪم ڪندا رهيا يا ڪنهن عالم جون تجويزون جيڪو گذريل وڏن (سلف) جي طريقي جو ته ماهر آهي پر ان يورپ جو هڪ حرف به نه ٿو ڄاڻي، جنهن سمورين اسلامي سلطنتن کي هضم ڪري ڇڏيو آهي. مطلب ته انهن ماڻهن جون اسڪيمون ۽ تجويزون جيڪي خالد بن وليد ۽ فاروق اعظم جو نالو وٺي پيش ڪيون وڃن ٿيون، مان نه ٿو ٻڌڻ چاهيان. فاروق اعظم کي سمجهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ شاهه ولي الله جي حڪمت کي سمجهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن سندس حڪمت جو هڪ صفحو به جيڪو غور سان پڙهندو اهو يورپ کي سڀ کان پهريائين سمجهندو. اهي سلف جو نالو وٺندڙ ويچارا عام طور تي حقيقت کان بي خبر آهن.
(سنڌيڪار: عبدالستار سهتو)
(سنڌ فورم، جون 2001ع)