خدا ۽ قوم جا شهيد : گيسپ ميزاني Giuseppe Mazzani
نوجوان ساٿيو!مان جڏهن ڪسنزا (Cosenaza) ۾ شهيد ٿيل بنڊيرا (Bendiera) ۽ ٻين ڀائرن جي حضور ۾ عقيدت جا گُل نڇاور ڪرڻ، هيڏانهن پئي آيس ته، سوچيم پئي ته هِتي ڪيترائي اهڙا ساٿي هوندا، جيڪي بردباريءَ ۽ ڌيرج سان ڪاوڙ کي پاسيرو رکندي مون کان ضرور پڇندا: ”اسين سڀ هتي مارجي ويلن جي ڏک ۾ ماتم ملهائڻ لاءِ ڇو گڏ ٿيا آهيون؟ ڇا پاڻ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شهيد ٿيلن لاءِ پنهنجي عقيدت جو اظهار ائين ڪري سگهون ٿا ته، جنهن ڌرتي ڪيسنزا تي هنن جو رت اُڙهيو هيو يا وينس جو شهر جتي هو ڄاوا ۽ نپنا هئا سي اڃا تائين ڌارين جي قبضي ۾ آهن؟ يا ته انهن کي آزاد ڪرائڻ تائين ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍڻي آهي پر رڳو ويڙهاند ڪرڻي آهي؟“
پر هتي هڪ ٻيو به سوال ٿي سگهي ٿو ته: ”اسان هن مهل تائين سوڀارا ڇو نه ٿيا آهيون؟ ۽ اهو ڇاجي ڪري ٿيو ته اسين جڏهن اتر اٽليءَ ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا هئاسون ته ڏکڻ اٽليءَ ۾ آزاديءَ کي نهوڙيو پئي ويو؟ هيءَ ويڙهه جيڪا آلپس جي جبلن منجهان شينهن جي گجگوڙ وانگر اُٿي هئي، تنهن ايڏي اينگهه ڇو ڪئي آهي؟ عام لوڪن ۾ جيڪا زوردار اٿل ۽ اتساهه پيدا ٿيو هيو، ان جي جاءِ تي مايوسي ۽ نراسائيءَ جا آثار ڇو ٿا ڏسڻ ۾ اچن؟“
مان ان لاءِ پاڻ کان پڇي ڏٺو ته جواب مليو ته ڇا اسين انهن اصولن تي ڪاربند آهيون، جن جي لاءِ اسان جي شهيدن قرباني ڏني هئي؟ ڇا اسان پاڻ ۾ زورائتي ايڪتا پيدا ڪري سگهيا آهيون، جنهن جو هو سبق ڏئي ويا آهن؟ ۽ پنهنجن ڪارنامن ۽ ڪرتوتن تي سوچ ويچار ڪيو آهي يا پنهنجي سوچ ويچار کي پنهنجي ڪرتوتن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو آهي؟ ڇا اسان هنن شهيدن جي قولن ۽ ٻولن تي عمل ڪيو آهي؟ جن جو چوڻ هيو ته آزادي ۽ جدوجهد جو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ آهي ۽ ڄڻ ته ٻئي هڪ آهن. اهڙيءَ ريت ڌڻي سڳورو، جنتا، ڌرتي ماتا ۽ سڄي انسان ذات هڪ ٻئي کان اڻ ڇڄندڙ اسم آهن ۽ اهي هڙئي عنصر رَلجي ملجي سخت ڪشالن کان پوءِ هڪ قوم کي جنم ڏين ٿا. اٽلي به جيستائين متحد نه ٿيندي تيستائين خوشحاليءَ جو ماڳ ماڻي نه سگهندي. ڇو ته قدرت پاران اٽليءَ کي ننڍڙن وڏڙن جي خوشحالي آڻڻ لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي ۽ اها خوشحالي ٻين لفظن ۾ ته سڄي يورپ جي ڀلائيءَ جو سنيهو آهي. هونئن به اسان کي نه رڳو ويڙهاند ڪرڻي آهي پر سوڀ به حاصل ڪرڻي آهي.
انهن سورمن جي ڪسنزا ۾ ڏنل ٻليدان کي هاڻي ڪابه هستي لڪائي نه ٿي سگهي ۽ نه وري وينس ۾ ڪا به اهڙي رنڊڪ آهي، جيڪا انهن شهيدن جي يادگيريءَ کي ميساري سگهندي. ۽ اڄ اسين هتي ان لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته انهن سورهيه سرواڻن جي ساراهه ڪيون، ڇو ته ان ۾ ڪو به شڪ شبهو ڪونهي ته اسان جو مستقبل انهن جي قربانين سان لاڳاپيل آهي. ان ڪري اچو ته پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارائتو بڻايون، جيئن شهيدن جا روح به ائين سمجهن ته سندن ڀائر به انهن وانگر قرباني ڏيڻ لاءِ آتا آهن.
مان سمجهان ٿو ته، جن اُتم ۽ اعليٰ اصولن خاطر هنن سورمن سِر ڏنا هئا، ان جي ابتڙ اسان جي نوجوانن ۾ ايڏي ايڪتا ۽ اتساهه پيدا ڪو نه ٿيو آهي. او اٽليءَ جا وارثؤ! هو شهيد جن اعليٰ آدرشن جي پوئواري ڪندي ڪوڙ ۽ ڪانئرائپ کي پاڙون پٽي رهيا هئا، ٻئي پاسي اوهان ۾ اوگڻ واسو ڪندا پيا وڃن. مان پنهنجي چوڌاري ڏسان ٿو ته هڪ قوم مون کي جدوجهد ڪندي نظر پئي اچي ۽ ٻي قوم ويڇن جي ورچڙهيل نظر ٿي اچي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته جوش ۽ جذبي سان بنا ساهيءَ کڻڻ جي جدوجهد ڪرڻ، آزاديءَ لاءِ نعرا هڻڻ ۽ غلاميءَ کي گڏجي ختم ڪرڻ لاءِ اتساهه ته وڌي ٿو پر مون کي اهو به ٻڌايو ته سڄي ملڪ جو روح ڪٿي آهي؟ اها ٻَڌي ڪاٿي آهي، جيڪا ڇڙواڳ ۽ ڇڙوڇڙ تحريڪن کي يڪتا ڪري سگهي؟ اها شڪتي ڪٿي آهي، جيڪا ننڍڙن ميڙاڪن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري وطن دشمن قوتن جو ڪنڌ ڀڃي سگهي؟ مان هتي اچڻ سان قوم جي والي وارثن واتان ٻڌو آهي ته: ”اتر وارن جي اٽلي، رياستن جو وفاق يا شهزادن جو اتحاد“، پر اٽلي! رڳو اٽلي ڪاٿي آهي؟ اهو مون کي سمجهايو وڃي ته اٽليءَ جي نالي سان ڪهڙو خطو آهي ۽ لوڪ راڄ (جمهوريت) واري اٽلي ڪاٿي آهي؟ جنهن خاطر بنڊيرا وارن ساهه صدقو ڪيا ۽ نئين سڀيتا اچڻ جو سنيهو ڇڏي ويا.
ساٿيو! اسان منڍ ۾ جيڪي سوڀون حاصل ڪيون، انهن جي مَن مستيءَ سڀني کي لاپرواهه بڻائي ڇڏيو ۽ اوهان کي سُڌ هئڻ گهرجي ته جيڪي به قومون پنهنجي ماڳ ۽ مڪان کي وساري لاغرض ۽ لاپرواهه ٿي پونديون آهن ته قدرت طرفان اهڙين قومن کي ڪاهليءَ جي سخت سيکت ضرور ملندي آهي. ۽ اسان کي سيکت ائين ملي آهي جو پاڻ ۾ ويڇا وڌي ويا آهن.
منهنجا ديس واسيو! ياد رکو ته اٽليءَ جي هيءَ هلچل سڄي يورپ لاءِ ڌڻيءَ سڳوري جي حڪم پٽاندڙ آهي. ان ڪري اسان جي ذميواري آهي ته سڄي يورپ لاءِ خوشحاليءَ جا سرواڻ بڻجون. پر اهو به هينئين سان هنڊائڻ گهرجي ته ڪوڙ ڪُپت واري سياسي طريقي يا بادشاهه گردي ۽ مصلحت پسنديءَ جي منطق تي عمل ڪندي، اسين پنهنجي عوام لاءِ ڪو به سڦلتا ڀريل ڪارج حاصل ڪري نه سگهنداسين. انسان ذات جي بقا، حق جي پوئلڳي ڪرڻ ۾ آهي. ۽ انهن عظيم آدرشن جي پوئواري ڪرڻ سان ئي يورپ جو آئندو سنواري سگهجي ٿو.
اچو ته، اڄ حق ۽ سچ جي راهه ۾ مارجي ويلن جي قبرن تي گڏجي وچن ڪيون ته، تيستائين سک نه سُمهنداسين، جيستائين سچ سوڀارو نه ٿيندو. ڀائرو! ”شهادت“ جو ملائڪ ۽ سوڀ جو مالڪ پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن، پر انهن منجهان هڪ آڪاش ڏي اکيون کُپائي بيٺو آهي ته ٻيو وري ڌرتيءَ کي تَڪي رهيو آهي. ۽ گهڻن جڳن کان پوءِ انهن ملائڪن جون اکيون جڏهن آڪاش ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ملن ٿيون ته ان سنگم جي ڪري هڪ چمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ نئين جُڳ جي شروعات ٿئي ٿي. پوءِ انهيءَ جُڳ منجهه ڪي اهڙا مُڙس سامائجن ٿا، جيڪي پينگهي کان وٺي قبر تائين پيغمبر سڏبا آهن.
مان پنهنجي شهيدن لاءِ ٿورڙن لفظن ۾ گذارش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڇو ته سندن رهڻي ڪهڻي اوهان کان ڳجهي ڪونهي ۽ هنن جي پڻ تواريخ آهي. جنهن حق جي پوئلڳي بنڊيرا وارن ڪئي، سو اڳ به هيو ۽ هاڻي به آهي. ان حق جو بڻ بڻياد سچ تي رکيل آهي ۽ ان سچ جي ذميواري آهي ته ڪوڙ ڪُپت کي نابود ڪري ڇڏي ۽ ها! اهو سچ آهي:اپائڻهار ۽ عوام
اُپائڻهار، هن سماج جو جوڙيل ڍانچي جي چوٽيءَ تي ويٺو آهي، پر سماج جي پيڙهه ۾ اسان جي گڏيل ڀائپي آهي. اپائڻهار- پيءَ ۽ استاد (وانگر) آهي. جڏهن ته عوام سندس قانون ۽ قاعدي جي ترقي پسند تشريح ڪندڙ آهي.
هتي اهو به سمجهائڻ ضروري سمجهان ٿو ته ڪو به حقيقي سماج گڏيل مول ماڻڻ لاءِ بنيادي عقيدي کان سواءِ جالي نه سگهندو آهي. اوهان مذهب کي ئي ڏسو! ان جو بڻ بڻياد به ويساهه جي مَتي تي رکيل آهي. ۽ مذهب، اهي مول مقصد حاصل ڪرڻ جا طور طريقا به ٻڌائي ٿو. پر جيڪڏهن مذهب هڪ اعليٰ مقصد جو سونهون آهي ته سياست وري محنت ۽ جاکوڙ جو رستو آهي. جيئن ڌرتيءَ لاءِ سج هڪ روشني آهي، تيئن جنتا (عوام) جيڪا هِن ڌرتيءَ تي وسي رَسي ٿي، ان لاءِ مذهب هڪ قاعدو يا ضابطو آهي. اهو ضابطو هڪ منش توڙي سڄي آدم ذات لاءِ هڪ جهڙو آهي. اسان کي هتي هونئن به ان لاءِ نه اُماڻيو ويو آهي ته ذاتي خودغرضيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيون، ڇو ته جيڪي به آسائشون ۽ آزاديءَ جا وسيلا مهيا ٿيل آهن انهن جو ڇيهه به ڪونهي، ۽ نه وري انهن وسيلن کي ڌرتيءَ تي ذاتي ۽ شخصي خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻڻو آهي. اسان کي دائمي راحت به تڏهن ملندي جڏهن ڌرتيءَ تي انساني خوشحاليءَ لاءِ ڪيل ڪمائي اسان وٽ هجي. ان هوندي به انفرادي طور اسان کي اجازت آهي ته ان الاهي قانون جي جانچ جونچ سيبائتي ڍنگ سان ڪيون ۽ پوءِ سڄي ڄاڻ جي لاڀ ۽ پيار کي پنهنجن ڀائرن ۾ ونڊيون ۽ ورهايون.
ياد رکو! ته اسان کي هتي ان لاءِ اُماڻيو ويو آهي ته انسان ذات جي وچ ۾ ڀائپي ۽ ايڪتا کي وڌايون. پوءِ اهو ڏينهن اوس (ضرور) ايندو جنهن ۾ اسين سڀ هڪ ڌڻ جي شڪل ۾ هونداسون، ۽ هڪ ئي اسان جو ڌنار هوندو ۽ اهو ڌنار هوندو اُپائڻهار ۽ سندس ضابطا.
ساٿيو! ڌڻيءَ سڳوري سچ ۽ حق جي ڳولا ڦولا ڪرڻ لاءِ اسان کي، نه رڳو قومي روايتون ورثي ۾ ڏنيون آهن پر اسان جي ضمير جو آواز به اڳواڻيءَ ڪرڻ لاءِ ڏنو اٿس. ۽ جتي به اهي ٻئي اسم هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ سندرو سَاهي بيهن ته سمجهڻ گهرجي ته ڪاٿي نه ڪاٿي ڀُل ٿي آهي. ڪنهن به فرد يا سڄي انسان ذات جي ضمير کي جاڳائڻ ۽ دائمي سٻنڌ (ڳانڍاپي) قائم ڪرڻ لاءِ ڪو به مَهان ٻليدان (قرباني) ڏيڻ، ايڏي وڏي ڪارج آڏو تڇ آهي. توڙي جو ڪُڙم، قبيلو، ڪٽنب، شهر، جنم ڀومي ۽ ماڻهپو، اهي سڀ ڌار ڌار کيتر آهن. پر انهن سڀني اسمن ۾ پنهنجي سگهه ۽ سچيتائيءَ کي هڪ وڏي مراد ماڻڻ لاءِ ڪتب آڻي سگهون ٿا. ڌڻي سڳورو انسان ذات جي اڻٽر خوشحاليءَ کي خبرداريءَ سان ڏسي پَسي رهيو آهي ۽ پنهنجن پوئلڳن جي اندر ۾ ذهانت، ويچار ۽ پريم جي مبارڪ خواهشن ۽ جذبن کي جاڳائي رهيو آهي ۽ هڪ سرواڻ جيان سرواڻي ڪري رهيو آهي ته جيئن آدم ذات اجاين کٽراڳن ۾ نه ڦاسي ۽ سنئون سڌو دڳ وٺي هلي.
اهي اصول جيڪي پنهنجي پَرِ ۾ ڄاڻ جا اهڃاڻ، هوڪا ۽ ڳالهه ٻولهه جا ڀَنڊار آهن، انهن جي پيڙهه ۾ ڳنڀير گيان واري هڪ ذميواري، ڌڻي سڳوري پاران فرد ۽ انسانيت جي نانءُ ۾ اٽئلو، ايمائلو ۽ ٻين شهيد ساٿين کي سونپي وئي هئي ۽ اهي هڙئي مانجهي مرد هِن بِرُ ۽ بيزار ڪندڙ جياپي کي خوشحاليءَ ۾ آڻڻ جا سُونهان بڻيا ۽ جڏهن وقت جي حالتن ۽ ڪُجهه ماڻهن ساڻن ڊوهه ڪيو ته اهي عظيم اصول ئي هئا جنهن ڪري هو موت جي آڏو به مرڪندي سينو ساهي بيٺا ۽ ڌرتي دليرن وانگر ڏاڍي بردباريءَ سان اٽلي جي آئيندي کي روشن ۽ لازوال بڻائي ويا. انهن گهوٽن اَڻ موٽن جي روحن جي سگهه، جيڪا پيار جي پيداوار آهي سا اسان جي رسمي ديندارين کان گهڻي مٿانهين آهي. اوهين اهو به ويچار ڪندا هوندؤ ته هو حق جي راهه ۾ مارجي ويل هاڻي اچي اوهان سان روح رهاڻيون ڪندا؟ ته هائو- بيشڪ مون تي ويساهه ڪيو، هو اوهان سان ضرور ڪچهريون ڪندا، پر هڪ ٻيءَ شڪتيءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيندا، نه ان شڪل شبيهه ۾ جنهن ۾ مان اوهان آڏو آهيان.
پيار...ها... پيار ڄڻ ته روحن جي ڌڻيءَ ڏانهن اُڏام آهي. اهو پيار پنهنجي پد ۾ اعلي، اُتم ۽ سونهن جو سينگار آهي، جيڪو ڌرتي ماتا تي ڄڻ مالڪ سائينءَ جو پاڇولو آهي. ان ڪري توهان پنهنجي ڪُڙم قبيلي سان پيار ڪيو، انهن سان پيار ڪيو جيڪي اوهان سان ڏک ، سُک ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، انهن مَماتيءَ وارن سان به پيار ڪيو، جيڪي اوهان جا گهڻ گهرا هئا ۽ اوهين هنن جا گهڻ گهُرا هئا. ان ڪري اچو ته پيار جو درس ڊانٽي کان پرايون ۽ انهن روحن سان پيار ڪيون، جيڪي آسروند آهن. اهو به سُڻي ڇڏيو ته سک ۽ سَرير ماڻڻ لاءِ زمين تي هروڀرو ليٿڙيون به نه پائيون. ڇو ته ماڳ تي رَسڻ لاءِ ايترو هيٺ ڪرڻ به ڪنهن عقلمند کي نه ٿو جُڳائي، ان ڪري اوهين پنهنجي ڪنڌ کي به سنڀاليو. ائين نه ٿئي جو پاڻ پڏائڻ جي مرض ۾ گرفتار ٿي گمراهيءَ جي غار ۾ وڃي ڦَهڪو ڪيو.
پيار هڪ اهڙو طريقو آهي ، جنهن جي ڏي وٺ جي ڪارڻ اسان کي تابناڪ آئيندي ۾ پڪو پختو ويساهه ويهي ٿو. ڌڻيءَ اسان کي پيار جهڙي اُتم سوکڙي ان لاءِ سونپي آهي ته جيئن ٿڪل ۽ ماندن روحن لاءِ هن جڳ ۾ رهبريءَ جو ڪم ڏئي سگهي. پيار چوڌاري هڪ گُل جيان هُڳاءُ ڪري اسري ۽ نِسري ٿو ۽ پنهنجي مکيه مرڪز کي ميساري نه ٿو. ان ڪري اوهان به پيار وسيلي پنهنجي اندر کي آئيني وانگر صاف ۽ شفاف بڻايو ته جيئن پاڻ ۾ سهپَ سگهه پيدا ڪري سگهو. ان لاءِ پاڻ کي ايڏو ته اُتم ۽ اعليٰ بڻايو جو ڪنهن به پرک ۾ اوهان کي پوئتي پير نه ڪرڻو پوي ۽ ڪنهن به هنڌ تي توهان کي لَڄي نه ٿيڻو پوي. هونئن به اها مبارڪ گهڙي ويجهي اچي پَئي آهي، جو زندگي پنهنجي ڦُوهه جوانيءَ سان، ماضيءَ کي پنهنجي ڀرپور ڀاڪر ۾ ڀريندي ۽ ان جي ڳُجهه کي پاڻ سَموئيندي اوهان ڏانهن پئي اچي ۽ اهو ڏهاڙو ڏُور ڪونهي جو اوهين ڏک ۽ پِيڙا جي پاسي ۾ خوشيءَ کي پاڻ ڏانهن وڌندو ڏسندؤ. هن مهل تائين اوهان جيڪي مصيبتون ۽ مامرا پئي سَٺا آهن، انهن جو سُتت ئي انت ٿيڻ وارو آهي.
ڀائرو! پنهنجي ديس سان پيار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن ڌرتيءَ جي مَهڪندڙ مٽيءَ ۾ اوهان جا وڏڙا سُتل آهن ۽ هتي انهيءَ ٻوليءَ جي ڳالهائڻ جو وهنوار هلي پيو، جنهن جون پاڙون اوهان جي دلين جي اڻ کُٽ اونهائين ۾ کُتل آهن. هيءُ ته اهو ديس آهي جتي اوهين پيار ڀريل ٻولي ۾ ”ڀُڻ.....ڀُڻ“ ڪرڻ سکيا آهيو ۽ هيءُ اهو گهر آهي جيڪو ڌڻيءَ طرفان توهان کي عطا ڪيل آهي. هاڻي اها اوهان جي ذميواري آهي ته هن گهر جا لائق وارث بڻجي ڏيکاريو. ان ڪري نه رڳو اوهان جو نانءُ ۽ نشان روشن ٿيندو پر سڄي سنسار ۾ شان ۽ مان سان ڳاٽُ مٿي ڪري سگهندا. ان لاءِ ضروري آهي ته ديس کي پنهنجون ويچار ڌارائون، پنهنجا صلاح ثَباب ۽ پنهنجو رت ۽ سَت، سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو.
اچو ته هن ديس جي ڪونڊ ڪُڙڇ کي سهڻو ۽ سَرهو بڻايون. جنهن لاءِ اسان جا وڏا اڳڪٿي ڪري ويا هئا، اهو هينئين سان هنڊائي ڇڏيون ته اوستائين پاڻ کي ساهي کڻڻي ڪانهي، جيستائين ڪوڙ ڪُپت، فِتني ۽ فساد کي سڳ سوڌو ڏيهه نيڪالي نه ڏبي ۽ غلاميءَ جون پاڙون پَٽي کيس نيست ۽ نابُود نه ڪبو. اوهان اڍائي ڪروڙ ارڏا اَڙٻنگ آهيو، ايڏي بخشش ڪيل انگ کي چرپر ۾ آڻيو، ذهني شڪستن کي اڃا به وڌيڪ ڪارگر بڻايو، پاڻ منجهس انهن روايتن کي اوسر بخشيو، جنهن ڪري اوهين سڄي يورپ جي قومن جا سرواڻ بڻجي سگهو.
ياد رکو! هڪ چمڪندڙ مستقبل اوهان جي اڳيان آهي، توهان قرب ڪري هِن بهشت جهڙي ڌرتيءَ ڏي اک کڻي ته ڏسو، اوهان کي چوڌاري سڄي يورپ ۾ هيءُ خطو پيار ۽ پاٻُوهه سان مُرڪندي نظر ايندو. جنهن جي هڪ طرف آلپس جبل جا ڏُونگر ڪَر کنيو بيٺا آهن، ته ٻئي پاسي سمنڊ اٿس ۽ سچ پچ ته اهي حدبنديون سچي سائينءَ واندڪائيءَ ۾ ويهي، اوهان جهڙن مانجهين لاءِ جوڙيون آهن، پوءِ توهان کي اها جوڙجڪ قبول هجي يا نه! دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت ڪانهي جيڪا اڍائي ڪروڙ انسانن کي ايڪي ۽ ٻڌيءَ کان باز رکي سگهي. مٿي آڪاش ۾ جيڪي ڪجهه وَهي واپري رهيو آهي سو سڀ آزاد انسانن جي ڪٽيل ڪشالن لاءِ سودمند آهي. ان ڪري روم کي ئي پنهنجي مُڪتيءَ (آزاديءَ) جو مرڪز بڻايو جيڪو سدائين سڄي قوم جو مرڪز رهيو آهي.
ڇا اهو ساڳيو مرڪز اڳ ۾ به ٻه ڀيرا يورپ جو مکيه مَڪان نه رهيو آهي؟ هونئن به روم جا ٻه جُڳ پيگن (Pagan) ۽ پيپل (Papal) هڪ ٻئي سان ائين لاڳاپيل آهن، جيئن ڪنهن ڇَٽ ۾ ٻٽو هيرو جُڙيل هجي. اهڙي ريت انهن ٻنهي جڳن مَنجهان ٽيون جَڳ اُسري رهيو آهي. ان روم ۾ پيار ۽ پَوترتا جو شهر (امور) اوهان جي ڏاهپ ڏات جو مرڪز آهي ۽ توهان سڀني کي هڪ ٿيڻ جو سڏ ڏئي رهيو آهي. ڇو ته ان شهر کي مستقبل ۾ ايڪتا جو نشان بڻجڻو آهي، جيستائين اوهين پنهنجي سڄي مُلڪ جا مالڪ نه بڻجو ۽ غاصبن کي پائمال نه ڪيو.
انسان ذات سان پريم ڪيو. اوهين پنهنجي ماڳ ۽ مول کي به تڏهن حاصل ڪري سگهو ٿا جڏهن ڌڻيءَ پاران سونپيل ذميواريءَ کي آدم ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهو. سڳوري سائينءَ هن ملڪ کي هِندوري جيان جوڙيو آهي ۽ انسان ذات کي جيجل ماءُ وانگر تاتيو ۽ پاليو آهي، ان ڪري توهان پينگهي ڄائل ڀائرن سان به اوستائين سچو پيار ڪري نه ٿا سگهو جيستائين مٺڙي ماءُ سان پيار نه ٿا ڪيو. آلپس جي پويان ۽ سمنڊ جي پاسي ڏي ڪيترائي مانجهي مڙس وڙهي رهيا آهن ۽ ڪي وري آزاديءَ جي مقدس لڙائيءَ لڙڻ لاءِ سانباها ڪري رهيا آهن ۽ اڃا به ڪي اهڙا همراهه آهن، جيڪي ٻين ڌار ڌار طريقن سان منزل مقصود ماڻڻ لاءِ، ايڪتا ۽ سَڌارو پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن، ۽ اهڙي سگهه جو بڻ بڻياد وجهي رهيا آهن جيڪا اڳتي هلي هن انڌير نگريءَ جي راڄ کي پاڙان پٽي اڇلائيندي ۽ ڌرتي جي رهواسين جو وري نئين سر ڌڻي سڳوري سان ناتو ڳنڍيندي ۽ هيءَ اها هستي آهي جنهن سان سڄي انسانيت بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي محبت ڪندي. اوهين سڀ هن هستيءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿيو ۽ هوءَ توهان کي پاڻ سان محبت ۾ سوگهو ڪندي. اوهان جيڪڏهن روڪ ۽ رنڊڪ کي توڙي جو اڪيلي سر حاصل ڪرڻ جي شڪتي رکو ٿا ته به ٻين ساٿين جي سهائتا هر هميشه حاصل ڪندا رهو ۽ انهن کي سمجهائيندا رهو ته اها ويرم اچي ويجهو پهتي آهي، جنهن ۾ ڪوڙ ڪپت ۽ سچ حق جي وچ ۾ آخري مَلهه ٿيڻي آهي ۽ اڄوڪي گهڙيءَ تي اوهين جيئن حق جي حمايت ۾ اٿي کڙا ٿيا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح سگهو ئي چوطرف اوهان کي آزاديءَ جا جهنڊا جهُوليندي نظر ايندا.
۽ ها- نئين ٽَهيءَ سان به پيار ڪيو ۽ کين آدرشي ۽ عزت ڀريو بڻايو. ان ”آدرش“ اکر ۾ ئي ته ڌڻي سمايل آهي. ۽ اهو آدرش اکر سڀني ملڪن کان مٿانهون، انسان ذات کان مٿڀرو ۽ پنهنجي جاءِ تي سڀني شڪتين جو مکيه مرڪز آهي. اسان جا اهي هڙيئي ساٿي جيڪي لازوال ويچار ڌارائن ۽ آدرشن جي مان شان خاطر ماريا ويا سي سڀ اَمر آهن. ڇو ته انهيءَ سڄي هلچل جي پويان اهي اصول ۽ مَتا آهن جن وسيلي هتان جا رهواسي آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا. اهي هڙيئي اصول اٻهرائيءَ ۽ ڊپ کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيندا.
ٻيو ياد رکو ته هَٺ، وڏائي ۽ لالچ لوڀ ۽ رڳوپاڻ جياپي لاءِ پتوڙڻ جهڙا هٿيار ظالم ۽ سندس ڳيجهو ڪتب آڻي سگهن ٿا، ۽ اوهان به جيڪڏهن اهڙن هٿيارن کي ڪتب آڻي فتح حاصل ڪئي ته، پوءِ سڀاڻي توهان کي به ذليل شڪست ضرور ملندي. پر جيڪڏهن توهان اُتم آدرشن سان هٿياربند آهيو ته ڪو جابر اوهان آڏو سينو ساهي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته خالق، جڏهن روح کي خلقيو هيوتڏهن کيس ڪنوارن ۽ ڪومل سپنن، اتساهه ۽ جوانيءَ جي سگهه سان بهشت ۾ واس ڏئي ڇڏيو هيو. اوهان پنهنجي اصولن پٽاندڙ هر هڪ جي عزت ڪيو. هميشه سچ ڳالهايو، جنهن کي ڌڻي سڳوري اوهان جي دلين ۾ ٽمٽار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هرهڪ ماڻهوءَ سان هڪ جهڙو وَرتاءُ ڪيو، پوءِ اڳلو مانُ ۽ مَريادا ۾ گهٽ ڇو نه هجي. انهن اعليٰ اصولن تي عمل ڪرڻ سان اسان جي هِن ڌرتيءَ کي نه رڳو ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو، پر آزاديءَ جا جهنڊا چوڌاري ڦڙڪندي نظر ايندا ۽ اوهان جي ويساهه ۽ وفاداريءَ جي به هرڪو واکاڻ ڪندو.
هي اُهي اُصول هئا، جن جي خاطر ڪسنزا جي ڳڀرن شهادت ماڻي، اڄ به هتي اهي اصول اسان جي سهائتا ڪري رهيا آهن ۽ انهن شهيدن جا پاڪ روح اسان جي چوگرد ڦيرا پائي رهيا آهن.مان اوهان کي صلاح ڏيان ٿو ته، انهن روحن کي پنهنجي دلين ۾ سانڍي ايندڙ طوفان سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، جيڪو تُرت ئي پهچڻ وارو آهي. مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته جيڪڏهن توهان جي زبان تي انهن شهيدن جو نانءُ دلين ۾ سندن ويساهه ۽ وفاداري سانڀيل هوندي ته سُتت سوڀارا ٿيندا.
شال! ڌڻي سائين اوهان جي سهائتا ڪري ۽ اٽليءَ کي خوشحالي بخشي.
(سنڌيڪار؛ امان الله شيخ ايڊوڪيٽ)