اسپينوزا جي مذهب جو فلسفو :
اسپينوزا 1632ع ۾ پيدا ٿيو. هو هالينڊ جي شهر ايمسٽرڊيم جي هڪ يهودي خاندان سان تعلق رکندو هيو. يهودي بنيادي طور تي قدامت پسند ٿيندا آهن. هن جو پيءُ واپاري هيو پر هن کي پيءُ جي ڪاروبار ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. هو پنهنجو گهڻو وقت اڪيلائيءَ ۾ يا آسپاس گذاريندو هيو ۽ پنهنجي قوم جي تاريخ ۽ مذهب جي باري ۾ گهڻي معلومات حاصل ڪندو رهندو هيو. انجيل جي مطالعي کان پوءِ ان جي تفسير ۽ تشريح جو به مطالعو ڪيائين. هن ابن جبرول جي تصوف جي فلسفي جو به مطالعو ڪيو ۽ موسيٰ (قرطبه وارو) جي باطني علم تائين به پهتو. مٿس موسيٰ قرطبي جي ان عقيدي جو تمام گهڻو اثر ٿيو ته خدا ئي ڪائنات آهي ۽ ڪائنات خدا آهي. اصل ۾ اهو اوڀر جو وحدت الوجود جو نظريو هيو. ان نظريي جا اوڀر ۾ عمر خيام، ابن عربي ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف، شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول ۽ سچل سائين پرچارڪ رهيا آهن. هن نظريي موجب سڀ ڪجهه خدا جي ذات آهي ۽ هيءَ سموري ڪائنات ان جي صفتن ۾ شامل آهي جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته خدا جي مرضيءَ کان سواءِ ڪک پن به نه ٿو چري. توهان خدا جي باري ۾ جديد تصور تي جيتري قدر وڌيڪ غور ڪندا ته اها حقيقت اڀري سامهون ايندي ته ”ڪائنات ۽ خدا هڪ ئي آهن.“ ان باري ۾ پروفيسر ايوانس پنهنجي ڪتاب (Theistic Monism) جي 329 صفحي تي لکي ٿو ته ”خدا ۽ ڪائنات ٻه جدا جدا هستيون نه آهن، هڪ ئي توانائي آهي. جيڪا هڪ ئي وقت خدا به آهي ۽ ڪائنات به.“ ان باري ۾ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
هو پڻ ڪونهي هن ري، هي نه هُنهان ڌار،
الانسانُ سِري واَنا سِره پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.
اسپينوزا عيسائي دنيا جي وڏن وڏن مفڪرن جو به مطالعو ڪيو. هن برونو (1600-154ع) جو به مطالعو ڪيو جيڪو اهو باغي هيو جنهن جي بي چين روح کي ڪوه ڪاف جي سڄي برف به ٿڌو نه ڪري سگهي.
هن جي فڪر جي شروعات هيءَ آهي ته مسرت (خوشي) حاصل ڪرڻ ڪردار ۽ سيرت جي انتها آهي ۽ مسرت لذت جي موجودگي ۽ ڏک جي اڻ هوند کي چوندا آهن. پر لذت ۽ ڏک اضافي ڪيفيتون آهن. ”لذت اها آهي ته انسان ڪمال جي هيٺاهين جڳهه کان مٿاهين جڳهه تائين پهچي.“ مسرت طاقت جي واڌاري جو ٻيو نالو آهي. ”ڏک هي آهي ته انسان ڪمال جي مٿاهين جڳهه کان هيٺاهين جڳهه تائين پهچي وڃي.“ اها ئي تبديلي لذت ۽ ڏک آهي. اسپينوزا خدا سان هوشمند محبت جي تعليم ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻهو خدا سان عقلي طور محبت ڪري ٿو، ان وقت حقيقت ۾ اهو ان لافاني ذهن جي حصي ۾ سمائجي وڃي ٿو. خدا سان عقلي طور محبت ڪرڻ سوچ ۽ جذبي جو ميلاپ آهي. تقدس جيڪو خدا سان عقلي محبت جي ڪري ٿئي ٿو، اهو چڱائي آهي. اسين انهيءَ ۾ پنهنجي خواهش تي ڪنٽرول ڪري خوش نه ٿا ٿيون، پر اسان پنهنجي نفس تي ڪنٽرول ڪري خوشي محسوس ڪريون ٿا. هو ان ڳالهه جو منڪر هيو ته بائيبل جو هڪ هڪ لفظ خدا وٽان الهام ڪيل آهي.
1656ع ۾ ڪليسا جي اڪابرن کيس پاڻ وٽ گهرايو. هن تي الزام بدعت جي تبليغ ڪرڻ جو هيو. ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هن کي 500 ڊالر ساليانو وظيفو ان شرط تي پيش ڪيو ويو ته بظاهر هو پنهنجي مذهب تي قائم رهي ۽ ڪليسا جي مخالفت نه ڪري. هن اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي جنهن ڪري 27 جولاءِ 1556ع تي وڏي سنجيده طريقي سان عبراني رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن کي دين جي دائري مان خارج ڪيو ويو، ڪافر، مرتد ۽ زنديق قرار ڏنو ويو. جيتريون به انجيل ۾ بد دعائون هيون هن کي ڏنيون ويون. هن لاءِ ايستائين به چيو ويو ته زمين آسمان جون سڀ لعنتون ان تي نازل ٿين.
يهودين کي تنبيهه ڪئي وئي ته نه ان سان ڪوئي ڳالهائي، نه خط و ڪتابت ڪري، نه ڪوئي ان جي خدمت ڪري ۽ نه ان سان گڏ رهي. سڀ ماڻهو ان کان ٻه وال پري رهن. ڪوبه ماڻهو سندس تحرير جو مطالعو نه ڪري جيڪا ان لکي هجي يا لکرائي هجي.
کيس ملعون قرار ڏيڻ کان پوءِ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو ان ۾ کيس ڪجهه زخم آيا. ان کان پوءِ مسلسل هن اڪيلائيءَ جي زندگي گذاري ۽ گهڻو وقت غور ۽ فڪر ڪندي گذاريو. 1677ع ۾ اسان جو هي عظيم فيلسوف سلهه جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو.
هن جي مرڻ کان پوءِ هڪ نسل تائين سندس نالو ذلت سان ورتو ويندو هيو. کانئس سخت نفرت ڪئي ويندي هئي، ليسنگ ئي اهو ماڻهو آهي جنهن اسپينوزا کي مٿانهين جڳهه تي پهچايو. 1780ع ۾ هن جليل القدر نقاد چيو ته ”جنهن ڏينهن کان مان هوش سنڀاليو آهي، اسپينوزا جو مداح رهيو آهيان ۽ سچ پڇو ته اسپينوزا جي فلسفي کان سواءِ ٻيو ڪوئي فلسفو آهي به ڪونه.“
اسپينوزا جي مرڻ کان ٻه سؤ ورهيه پوءِ ان مقصد لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو هيو ته ان عظيم فيلسوف لاءِ هيگ ۾ مجسمو لڳايو وڃي. 1882ع ۾ ارنسٽ انان ان جي مجسمي جي نقاب ڪشائي ڪئي ۽ هي لفظ چيا ته ”ان ماڻهوءَ تي لعنت هجي جيڪو هتان گذري ۽ ان شريف ۽ فڪرمند فيلسوف جي توهين ڪري.“
اسپينوزا چوي ٿو ته نفرت کي محبت سان ختم ڪري سگهجي ٿو، نفرت جو مقابلو محبت سان ڪري سگهجي ٿو پر هو اهو به چوي ٿو ته طاقت جڏهن بدنيت ماڻهن جي هٿن ۾ هجي ته ماڻهن کي محبت جا سبق پاڙهڻ مان ڪوبه فائدو نه آهي، ڇلڪاڻ ته ظالمن کي محبت سان انهن جي ظلم کان روڪي نه ٿو سگهجي. ڪنهن عملي جدوجهد کان سواءِ انهن کي اقتدار کان هٽائي يا کانئن طاقت کسي نه ٿي سگهجي.“ اهڙي طرح هو ظالم کان حق پنڻ نه پر کسڻ کي عملي طور تي جائز قرار ڏئي ٿو.
اسپينوزا عقل، اخلاق ۽ سياست وغيره تي به ڪتابڙا لکيا پر اسان هتي صرف ان نظريي کي پيش ڪريون ٿا جيڪو بعد جي عالمن ديني فلسفي طور پيش ڪيو.
اسپينوزا ڊيڪارٽ جو هم عصر هيو پر عمر ۾ کانئس ننڍو هيو. هن ڊيڪارٽ جي سڀني تصنيفن جو گهرو مطالعو ڪيو. هڪ طرف هن جي خيالن جو مطالعو انهن تاريخي حالتن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جي زماني ۾ لاڳو هيا. ٻئي طرف سندس تصورن کي انهن اصطلاحن ۾ بيان ڪرڻ پڻ ضروري آهي جيڪي موجوده دور ۾ انهن جي حامين جي نظر ۾ قابل فهم آهن.سنڌيڪار)
انساني زندگيءَ جو اهم مسئلو (جنهن کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چئي سگهون ٿا) اسپينوزا جي نظر ۾ ناڪام خواهشن جي ڪري پيدا ٿيندو آهي (1) جڏهن اسان پنهنجي قسمت ۽ پنهنجي حالت تي غور ڪرڻ شروع ڪيون ٿا ۽ ان جي بهتريءَ جي متعلق سوچيون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته اسان جي دلين ۾ ڪجهه شين يا ڪجهه مقصدن جي تڙپ موجود آهي. اسان کي انهن شين حاصل ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي، ان ڪري اسان کي اهي شيون سٺيون يا ڀليون لڳن ٿيون ۽ اسان ۾ محبت، اميد، خوف ۽ پريشانيءَ جا جذبا اڀرن ٿا. عام طور تي اهي سڀ شيون ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون: دولت، شهرت ۽ شهواني لذت. پر اهي خواهشون حاصل ڪرڻ ۾ اسان کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ڪن حالتن ۾ اهي شيون يا مقصد اسان جي پهچ کان ٻاهر هوندا آهن. انهن جي خواهش اسان جي دل مان ڪڏهن نه نڪرندي آهي، ڀلي اسان کي اهي ڪڏهن به حاصل نه ٿين. ناڪاميءَ جو اهو هڪ عام قسم آهي. ڪن حالتن ۾ اسان پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهيون پر جلدي ان جي ڪشش ختم ٿي ويندي آهي. ملڻ واري خوشي حاصل ٿيڻ ته پري رهيو ڪنهن وقت اسان کي ڪيترن قسمن جي تڪليفن ۽ پريشانين سان پڻ منهن ڏيڻو پوندو آهي. اهو به هڪ ناڪاميءَ جو قسم آهي. اهي ئي اُهي حالتون آهن جن مان انسان ڇوٽڪارو چاهيندو آهي.
اسپينوزا جي نقطه نگاهه کان اهي واقعا ۽ حالتون ان مقصدي الهياتي فڪر جي ترديد ڪن ٿا، جيڪو ڪيٿولڪ مفڪرن ۽ اساسين پيش ڪيو هو (2) ته هيءَ ڪائنات انساني خواهشن جي تسڪين يا انسان جي فائدن لاءِ تخليق نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته ناڪامي ڪڏهن به نه ٿئي ها ۽ ڪڏهن به اهڙيون حالتون پيدا ٿين ها ته اهي تشريح جي قابل ٿي سگهن پيون. هن وقت اها استثنائي حالت نه پر هڪ عمومي حقيقت آهي.(3) اهو صحيح آهي ته جيڪڏهن اسان کي خارجي ثابتيءَ سان معلوم ٿئي ته انهن سڀني ناڪامين جي هوندي هڪ باري ذات موجود آهي جيڪا انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته انهن تلخ تجربن جي باوجود اسان جو عقيدو ڊانواڊول نه ٿيندو. اسان چئي سگهون ٿا ته ڀلائيءَ جو اسان جو تصور اڻپورو آهي ۽ هن ڪائنات جو سڄو عمل مجموعي طور تي اسان جي ڀلائيءَ لاءِ آهي، جنهن کي اسان پنهنجي اڻپوري عقل سان نه ٿا سمجهي سگهون. پر اهو انساني تجربو (رياضياتي نظام جي تعبير جي روشنيءَ ۾) ئي آهي جيڪو اسان کي هن ڪائنات جي صحيح ماهيت جي متعلق صحيح ثابتي ڏئي ٿو، ان ڪري انهن بي شمار ناڪامين کي اسان ڪنهن به طريقي سان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ۽ انهن جي بنياد تي هن ڪائنات جي متعلق نظريو قائم ڪري سگهجي ٿو. اهو نظريو بلڪل سادو آهي. ان کي اسان هيئن بيان ڪري سگهون ٿا ته هن ڪائنات جا واقعا اسان جي ڀلائي لاءِ وجود ۾ نه ٿا اچن پر ان ڪري پيش اچن ٿا ته انهن جو وجود ۾ اچڻ انهن جي فطرت جي ضرورت آهي. انهن جو پيش اچڻ انساني خواهشن ۽ تمنائن جي تابع نه هوندو آهي، پر اهي پنهنجي فطرت جي ڪري و جود ۾ ايندا آهن. اسان جي ناڪامين ۽ اسان ۾ پيدا ٿيڻ وارين تلخين جو سبب صرف هي آهي ته اسان پنهنجي خواهشن، جذبن ۽ اعمالن کي خارجي حالتن جي مطابق نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان کي ڪنهن قابل اعتماد خوشيءَ جو سرچشمو حاصل ٿي ويندو آهي ته ان جو مطلب صرف هي آهي ته اسان ڏاهپ سان يا اتفاقي طور تي ان مصلحتي نظام سان مطابقت پيدا ڪئي آهي.
اسپينوزا وٽ ڪائنات جي هڪ خارجي ۽ واجبي ڍانچي جو تصور رياضياتي تصور جي ڪري هيو. اسپينوزا هڪ جديد سائنسدان نه هيو ۽ نه ان جي آڏو اهي قائدا هئا جيڪي مقداري ڪليات جي جڙڻ سان طبعيات کي حاصل ٿي سگهندا هيا. سندس آڏو رياضيات جي اهميت صرف ايتري هئي ته ان سان ڪائنات جي اهڙي تعبير حاصل ٿي جنهن ۾ اها معروض، اڻٽر ۽ غيرجانبدار مصلحت ڪم ڪري رهي هئي. جڏهن اسان هي سمجهون ته هن دنيا جا مختلف واقعا ڪامل حقيقت کان اهڙي نموني صادر ٿيندا آهن، جهڙي طرح ٽڪنڊي جي متعلق مختلف مسئلا (مثال: ان جي ٽن پاسن جو مجموعو ٻن قائمن جي برابر هوندو آهي) ٽڪنڊي جي وصف ۽ ان جي ماهيت مان حاصل ٿيندا آهن ته اسان ان خيال جي متعلق اهو تصور قائم ڪيون جيڪو اسان جي تجربي جي ڪري بلڪل صحيح آهي. جيڪڏهن پنهنجي تجربي سان حاصل ڪيل ان نتيجي کي هڪ عمومي ۽ ڪلي شڪل ۾ پيش ڪريون ۽ دنيا جي هر شيءِ ۽ هر واقعي کي اهڙي نموني سمجهون (جهڙي طرح طامس پنهنجي غائي نظريي جي ماتحت پيش ڪيو) ته خبر پوندي ته اهو ڪم وڏي سولائي سان ڪري سگهجي ٿو، ايستائين جو انسان جا اعمال به جيڪي مقصدي نوعيت رکن ٿا، ان عنوان هيٺ آڻي سمجهي سگهجن ٿا. پنهنجن خواهشن ۽ جذبن جي متعلق به اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اها ان ڪري ظاهر نه ٿيندي ته اها اسان جي ڀلائي لاءِ آهي يقينن گهڻو جلدي اسان اهو محسوس ڪري سگهون ٿا ته انهن مان اڪثر اسان جي لاءِ صحيح معنيٰ ۾ فائديمند نه آهن. پر ان ڪري ته انهن جو ظاهر ٿيڻ ڪجهه مقرر علتن جو نتيجو آهي ۽ جن جو نه هجڻ علتن جي موجودگيءَ ۾ ناممڪن آهي. ان حقيقت کان اسان جي بي خبري ۽ ناواقفيت جو سبب هي آهي ته اسان کي پنهنجي محبت، پنهنجي تمنائن ۽ خواهشن جو شعور ته هوندو آهي پر ان جي سبب کان مڪمل طور تي لاعلمي هوندي آهي. (4)
هاڻي جڏهن اسان پنهنجي ناڪامين تي غور ڪري اهو محسوس ڪريون ٿا ته هيءَ دنيا اسان جي لاءِ نه جوڙي وئي آهي پر مقرر قانونن جي مطابق هلي رهي آهي ته زندگيءَ جو مسئلو ڪهڙي صورت اختيار ڪري ٿو؟ ان جي عمومي صورت هيءَ آهي ته: ڇا اهڙي ڪا سٺي ۽ ڀلي شيءِ آهي، جنهن جي خواهش ۽ تمنا ۾ اسان کي ڪڏهن ناڪاميءَ جو منهن نه ڏسڻو پوي؟ ڇا هي ممڪن آهي ته اسان انهن بي ڪار، عارضي ۽ هر وقت تبديل ٿيندڙ مقصدن (جيڪي اسان کي سولائيءَ سان پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ جذبن کي اُڀارين ٿا) جي جاءِ تي ڪنهن اهڙي مقصد جي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل هجون جيڪو ابدي طور تي نج خير هجي ۽ جنهن جي حاصل ٿيڻ تي اسان ”مسلسل بلند ترين ۽ نه ختم ٿيڻ واري خوشي ۽ سعادت“ حاصل ڪري سگهون. (5) جيڪڏهن اهو ممڪن آهي ته اهڙو عظيم الشان خير ڪٿي ملي سگهي ٿو ۽ ان سان ڪيئن محبت ڪري سگهجي ٿي؟ انهن سوالن جي جواب سان ڇوٽڪاري جي مذهبي تصور جو مفهوم متعين ٿيندو ۽ ان سان اسان کي خبر پوندي ته ڪهڙي نموني اهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ان سوال جي تسلي بخش جواب لاءِ اسان کي ناڪامين جي تجربي جو مطالعو وري ڪرڻو پوندو، يعني ان جو سبب ڇا آهي ۽ ڪهڙي نموني اسان ڪجهه موقعن تي انهن ناڪامين جي تلخ نتيجن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهيون؟ بظاهر ان جو سبب اسان جي جهالت ۽ ناواقفيت آهي. جڏهن اسان ڪنهن اهڙي شيءِ جي تمنا ڪندا ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪندا آهيون جيڪا اسان جي پهچ کان ٻاهر آهي ته ان جو سبب هي آهي ته اسان ان شيءِ کي پنهنجي قوت جي وسعتن جي لحاظ کان جاچيو، پرکيو نه آهي. جيڪڏهن اسان کي انهن شين جي ناقابل حصول هجڻ ۽ انهن سان اسان جي جذباتي ڪشش جي بي ڪار هجڻ جو احساس هجي ها ته اسان انهن جي خواهش ئي نه ڪريون ها ۽ انهن جي بجاءِ اسان جو ڌيان اهڙين شين تي هجي ها، جيڪي اسان جي قبضي ۽ اختيار ۾ هجن. جڏهن اهڙن مقصدن جي ڳولها ڪريون ٿا جن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ملڻ واري خوشي يا اطمينان حاصل نه ٿو ٿئي ته ان جو اهوئي سبب آهي ته اسان انهن کي ۽ پنهنجن جذبن کي صحيح طور تي نه سمجهيو آهي. جيڪڏهن اسان سمجهون ها ته ايترا مايوس نه ٿيون ها پر انهن جي جڳهه تي ٻين مقصدن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ها. (6)
ان مان خبر پئي ته ڇوٽڪاري جو دارومدار علم ۽ خاص ڪري شين جي باري ۾ اسان جي خواهشن ۽ جذبن جي علم تي ٻڌل آهي.
ان استدلال جي صحيح اهميت جو اندازو ان حالت ۾ ٿيندو، جڏهن اسان ان جي ڪيٿولڪ ۽ اساسين جي پيش ڪيل جواب سان ڀيٽ ڪريون. ڇا انساني عقل ان شيءِ جي اهل آهي ته انسان ۽ ان جي دنيا کي سمجهي سگهي؟ ان جو خيال هيو ته هيءَ ڪائنات هڪ مقصد جي تحت هلي رهي آهي ۽ ان ۾ انسان جي حيثيت جيڪڏهن بلند ترين نه ته به بلند ضرور آهي ۽ ان زندگيءَ کي ڪاميابيءَ سان گذارڻ لاءِ عقل سان گڏ آسماني وحي به موجود آهي. ان نظريي جي روشنيءَ ۾ ان جو جواب هڪ جهڙو نه هيو. انساني عقل هڪ حدتائين ته اهل آهي ۽ ان جي حدبنديءَ جو به ڪم ڪري سگهي ٿو، ان حد کان پوءِ اهو مجبور آهي. پروٽيسٽنٽ انتها پسند ماڻهو ته عقل جي اهميت جا تمام گهٽ قائل هيا. انهن جو خيال هيو ته خدا جي تائيد کان سواءِ انساني عقل بي ڪار آهي ۽ غلطيءَ ڏانهن مائل هجڻ جو رجحان رکي ٿو، ان ڪري شروع کان ئي وحي جي حڪمن اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ بهتر آهي. جنهن جي دعويٰ هيءَ آهي ته اهڙي نموني عقل جي غيراهم هجڻ جو اقرار ۽ مقدس سوچ جي ضرورت تي اصرار هڪ عظيم غلطي ۽ ناداني آهي. (7) ان عقليت پسنديءَ جي نظر ۾ مرڪزي نقطو هي آهي: جيڪڏهن حقيقتون ڳولهڻ ۾ انسان جو عقل قابل اعتماد آهي ته ان جي اهليت خدا ئي علم جي برابر آهي. جيڪڏهن هو قابل اعتماد نه آهي ته جڏهن ان عقل جي بنياد تي مقدس سوچ جو اثبات ڪيو ويندو آهي ته وري اهو احساس به غلط تصور ڪرڻ گهرجي. پهرين حالت ۾ ان کي ڪنهن مدد يا اصلاح جي ضرورت نه آهي. ٻي حالت ۾ اهو ڪوبه نتيجو نه ٿي ڪڍي سگهي. ان ڪري پاڻ مقدس سوچ جي باري ۾ ان جو اثبات به غيريقيني هوندو. (8) هاڻي سوال هي آهي ته انساني عقل قابل اعتماد آهي يانه؟ رياضيات سان لاڳاپيل توقعات کي ڏسندي اسپينوزا کي هڪ اعتماد هيو ته ان جو جواب هاڪاري هوندو ۽ ان جو فلسفو ان ئي مثبت جواب تي ٻڌل آهي. انساني فڪر جي صداقت جو آخري معيار مقدس سوچ نه آهي پر اهو معيار آهي جنهن کي اسان ڪاميابيءَ سان رياضياتي استدلال ۾ استعمال ڪندا آهيون. اها آهي انسان جي سمجهه واري شعور جي اها واضح حالت، جڏهن هو شين جي ماهيت جي صحيح سڃاڻپ ڪري ٿو. (9)
اهڙي طرح اسپينوزا جي مذهب بابت فلسفي ۾ مقدس سوچ جي وجود کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ۽ ان ڪري عقل کي ڪنهن فطرت کان ماورا عالم جي مدد حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه رهي. ان جو هي مطلب نه آهي ته انساني ”عقل عالم ڪل“ آهي. ان جي نظر ۾ عقل جون حدون آهن، جنهن کي هو پاڻ محسوس ۽ متعين ڪري ٿو. پر انهن حدن کي مقدس سوچ جي ذريعي پار ڪرڻ جو تصور ترڪ ڪيو ويو. ڪجهه حدون قطعي طور تي ناقابل عبور آهن ۽ جڏهن به اسان ان ۾ وٺجي وڃون ٿا ته اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته انسان پنهنجي ذات ۾ لامحدود نه آهي. اسپينوزا جو خيال آهي ته جڏهن اسان شين جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان جي سامهون انهن جون ٻه حالتون هونديون آهن: يا ته اهي تفڪر جون صورتون آهن يا ڦهلاءُ ۽ حرڪت جون صورتون پر ان مان هي نتيجو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته فطرت انهن ٻن صورتن تائين ئي محدود آهي. ڪجهه حدون جيڪي اسان کي هن وقت ناقابل عبور نظر اچن ٿيون، حقيقت ۾ اسان جي موجوده علمي پهچ جي ڪري آهن. جڏهن اهي اسان تي لاڳو ٿين ٿيون، ته اسان جو فرض آهي ته اسان ڪوبه اهڙو طريقو ڳولهيون جنهن سان اسان شين جي ماهيت جا نوان پهلو ڳولهي پنهنجي موجوده علم ۾ واڌارو ڪندا رهون. ان مذهب جي فلسفي جي مطابق (ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ نقطه نگاهه جي خلاف) انساني عقل جي پهچ ڪافي پري تائين آهي، جنهن ڪري اسان نجات جي راهه تي هلي سگهون ٿا. اهڙي طرح جيڪڏهن اسان مقدس سوچ جي مدد وٺڻ ڇڏيون ته نتيجو خطرناڪ نه نڪرندو. اهو علم جيڪو انسان جي هٿ وس آهي، ابدي ۽ نج خير جي انڪشاف جي چاٻي مهيا ڪري سگهي ٿو، پر اهو ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ ان لاءِ ٻن قسمن جي علم جي ضرورت آهي. اسان پنهنجي ماحول سان لاڳاپيل آهيون ۽ ان ماحول جون مختلف شيون اسان جي جذبن کي اُڀارين ۽ خواهشون پيدا ڪن ٿيون. ان حيثيت ۾ اسان کي پنهنجي ذات جي علم جي ضرورت آهي، ٻئي طرف اسان کي هن ڪائنات جي متعلق علم جي ضرورت آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ علت جو قانون اسان جو راهه نما هجڻ گهرجي. نظري ۽ علمي ٻنهي حيثيتن ۾ اسان کي هي محسوس ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن شيءِ جو صحيح علم، اهڙو علم جنهن جي ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي ان جي وجود جي مطابق ڪري سگهون. اهو علم جنهن ۾ انهن جزوي علتن جو به علم شامل هجي. فرض ڪيو ته اسان ڪنهن اهڙي مقصد جي ڳولها شروع ڪيون جنهن جي حصول جو انحصار ان معلول جي نه ظاهر ٿيڻ تي هجي ته اسان ان علم جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ڪوشش ۽ پنهنجي مقصد کي بدلائي سگهون ٿا ۽ ان جي جڳهه تي اهڙن مقصدن ڏانهن ڌيان ڏئي سگهون ٿا جن جو حصول علت ۽ معلول جي سلسلي جي تقاضائن مطابق هجي. ان سان هي ثابت ٿئي ٿو ته اهڙو علم خود هڪ مؤثر علت آهي. ڪنهن خارجي واقعي جي علت نه پر داخلي پسند ۽ ناپسند جي فيصلي جي علت. جڏهن اسان شين جي ماهيت کي پنهنجي جذبن سان تعلق جي حيثيت ۾ سمجهون ته ان جو هي نتيجو نڪري ٿو ته اسان جي جذبن ۾ هڪ تبديلي پيدا ٿيندي آهي. اهي جذبا جيڪي انهن سان ناموافق هجن ختم ٿي ويندا آهن يا گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ جيڪي باقي بچندا آهن اهي عقل جي هدايت جي تابع ٿي هلندا آهن. (10)
علم ۽ تفهيم جا اهي ئي ٻه پهلو آهن، جن جي اسان کي ضرورت آهي. علتي علم (يعني سببن جو علم) حاصل ڪرڻ ۽ ان جي مدد سان پنهنجو پاڻ کي ڪائنات سان مطابق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي هن ڪائنات (مجموعي حيثيت ۾) جي ماهيت جي هڪ واضع علم جي ضرورت آهي. اسان کي سٺي نموني سمجهڻ گهرجي ته هي ڪائنات مقصدي يا معياري نه آهي، جيڪا اسان جي ڪمزورين يا ڪوتاهين ۾ اسان جي مدد ڪندي آهي، پر هي هڪ رياضياتي نظام آهي جنهن ۾ معلول پنهنجي علت سان اهڙي طرح ملندو آهي جهڙي طرح هڪ رياضياتي مسئلو پنهنجي سچائي ۽ پنهنجي وصف جي ڪري ملندو آهي. ان ڪري اسپينوزا جي نظر ۾ مابعدالطبيعي ڏاهپ هڪ قسم جو علم آهي جنهن کان سواءِ نجات ممڪن نه آهي. (11) جڏهن اسان ”ڪل“ جي متعلق هي علم حاصل ڪريون ته پنهنجو پاڻ کي ان جي مطابق ڪيون ته اسان پنهنجي نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو آهي. انفرادي شين جي متعلق اسان جو علم ڪيترو ئي حقير ڇو نه هجي، اها تبديلي ۽ ترميم ڪيئن عمل ۾ اچي سگهي ٿي؟ ان جو ذڪر هاڻي ڪيو ويندو پر ٻئي طرف ان ڪل جي علم کان سواءِ اسان کي خارجي شين جي متعلق پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي جذبن جي خاص علم جي به وڌ کان وڌ ضرورت آهي، ته ڪهڙي طرح ان علم جي روشنيءَ ۾ اسان انهن شين ۾ مناسب ۽ ضروري تبديلي ڪري سگهون ٿا.
هاڻي اسان زندگيءَ جي اهم ترين مسئلي ڏانهن اچون ٿا، جيئن اسپينوزا ان کي پيش ڪيو ۽ ڪهڙي نموني مٿئين بحث جي روشنيءَ ۾ ان جو جواب سامهون آيو.
اسان جي سامهون مسئلو هي هيو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته اسان انسان جي لاءِ ڪنهن اهڙي خير جي نشاندهي ڪريون، هڪ اهڙي شيءِ کي متعين ڪريون، جنهن سان اسان جو جذباتي لاڳاپو اهڙو هجي جو اسان کي ان مان ڪڏهن به ناڪامي يا مايوسيءَ جو تجربو نه ٿئي. هڪ اهڙو خير جنهن سان اسان جي محبت ڏينهون ڏينهن وڌنڌي وڃي ۽ جنهن جي ڪري اسان کي ڪامل ترين، بلند ترين ۽ هميشه رهڻ واري خوشي ۽ سعادت نصيب ٿئي. اسان ڏسي چڪا آهيون ته علم، خاص طورتي مابعدالطبيعاتي ۽ نفسياتي علم، ان خير ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ڇو ته ان علم جي ڪري عارضي ۽ ناپائدار مقصدن ڏانهن اسان جو ڌيان هٽي ويندو آهي. ان بحث کي جاري رکندي اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته اهو علم پاڻ اهو خير آهي، جنهن جي اسان کي ڳولها آهي. ڇو ته ناقابل اعتماد جذباتي خواهشن کي فتح ڪرڻ جو صحيح رستو ان ئي علم جي ذريعي حاصل ٿيندو آهي ۽ ان جي ڪري ئي اسان کي خواهشن ۽ انهن سان لاڳاپيل جذبن جي خبر پوندي آهي. ان جي مدد سان اسان هي سمجهون ٿا ته هڪ جذبو ايئن ئي پيدا نه ٿيندو آهي پر ان جو ڪونه ڪو خاص سبب ضرور هوندو آهي ۽ ٻئي طرف اسان کي خبر پئجي ويندي آهي ته پائدار خوشيءَ جي حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ ان جذبي جي تمنا هڪ ڌوڪي کان وڌيڪ نه آهي. ان ئي سبب ڪري هي علم اسان کي اهڙن جذبن سان لاڳاپي رکڻ کان روڪي ٿو ۽ ان جي جڳهه تي وڌيڪ معقول مقصدن سان دل لڳائڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ان سان هڪ قسم جو اطمينان ۽ سڪون ۽ قوت جو احساس پيدا ٿيندو آهي. اها خوشي ڪائنات ۾ علت ۽ معلول جي قانون کان مڪمل طور تي واقفيت جو نتيجو آهي. ان ڪري هي علم اسان جي ذهن ۾ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي خوشي ۽ قوت جي زيادتيءَ سان ڳنڍجي ويندو آهي. ان تلازم جيڪو اسان جي عمر جي ڪافي حصي تائين ڦهليل هوندو آهي، اسان پاڻ ئي علم جو قدر ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ۽ ان سان ان شيءِ جي به جنهن سان واقفيت اسان کي علم جي ذريعي ئي حاصل ٿيندي آهي. يعني رياضياتي قانون جو لزومي نظام جيڪو هن ڪائنات ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اسان جا جذبا ۽ اهي شيون جيڪي انهن جذبن کي اُڀارين ٿيون، موجود آهن ۽ ان لزوميت جي ڪري پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن. آخرڪار اهو نه تبديل ٿيندڙ نظام اسان جي خوشيءَ جو باعث ٿيندو آهي. ان ڪري اسان جي دل ۾ ان جي قدر ۽ قيمت به پيدا ٿي ويندي آهي. اسان نه صرف ان کي سمجهي وٺندا آهيون، پر ان سان محبت ڪرڻ به سکي وٺندا آهيون. اهو خير جنهن سان اسان کي ڪڏهن ناڪامي نه ٿيندي آهي، موجودات جي لزومي نظام جو علم آهي ۽ ان علم تي ٻڌل صداقت ۽ حقيقت سان محبت. (12)
اهو صحيح آهي ته شروع شروع ۾ ان قسم جي خير سان اسان جي دلچسپي ايتري نه پئي ٿي سگهي جنهن سان اسان کي متوقع خوشي يا راحت نصيب ٿي سگهي. جتي جذبا ۽ خواهشون اڪثر ناڪاميءَ ڏانهن وٺي ويندا آهن، انسان جي دل ۾ حرارت پيدا ڪندا ۽ ان کي ڪيترن ئي قسمن جي اعمالن تي اڪسائيندا آهن، اتي صداقت ۽ حق ۾ دلچسپي هڪ بدمزه ۽ ڪمزور شيءِ آهي. اسان کي انهن خواهشن ۽ تمنائن جي مونجهاري واري ماهيت جي خبر هوندي آهي، پر ان جي ظاهري ڪشش اسان کي ڌوڪو ڏيندي آهي ۽ وري ان ڪائنات جي لزومي نظام کان (جنهن جي ڪري اسان کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو) اسان کي محبت جي بجاءِ نفرت پيدا ٿي ويندي آهي. هڪ ماڻهو ڪنهن عورت سان تمام گهڻي محبت ڪندو آهي، پر اها عورت ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪندي آهي يا ڪجهه عرصي جي اميد ڀريل ملاقاتن کان پوءِ ڪجهه اهڙيون حالتون ٿي وينديون آهن، جن جي ڪري انهن جي شادي ناممڪن ٿي ويندي آهي. ان جو سولو ردعمل هي نه هوندو آهي ته انسان حق ۽ صداقت سان محبت ڪرڻ شروع ڪري پر هو قسمت جي خلاف بغاوت لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي سان محبت ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته جيئن شايد کيس اتي سڪون حاصل ٿئي. ان جي باوجود انسان مجبور آهي ته هو ان علت ۽ معلول جي نظام سان هم آهنگي پيدا ڪري ۽ ان مان سبق سکي. ان سان نفرت ڪري زندگي گذارڻ ممڪن نه آهي. حق ۽ صداقت سان نفرت ڪرڻ غيرمعقوليت جي انتها آهي، جيڪو شايد ڪنهن سمجهدار انسان کان ممڪن نه آهي. ان مذهب جي فلسفي لاءِ جنهن جو هتي ذڪر ٿي رهيو آهي، هي هڪ مرڪزي نڪتو آهي.
اهڙن مثالن مان هي واضح ٿئي ٿو ته ڇوٽڪاري جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ڪافي نه آهي ته اسان کي زندگيءَ ۾ ناڪامين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي. اسان جي رهنمائيءَ جي لاءِ مابعدالطبيعاتي علم جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ اسان ان توقع تي زندگي گذارينداسين ته هن ڪائنات کي ڪجهه غيرمعقول خواهشن ۽ تمنائن کي پورو ڪرڻ گهرجي. پر جيڪڏهن اسان کي ان حقيقت جي خبر هجي ته هيءَ ڪائنات هڪ اهڙي طريقي مطابق هلي رهي آهي جنهن ۾ ڪنهن بي معنيٰ تبديليءَ جو امڪان نه آهي ۽ ان جو نظام بلڪل رياضياتي قسم جو آهي جيڪو جبر ۽ لزوم جي اصولن جي پيروي ڪري رهيو آهي، ته وري هو پنهنجي روزمره جي ڪمن ۽ اعمالن کي ان جي مطابق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اهڙي نموني ناڪامين ۽ نامرادين مان مايوس ۽ دلبرداشته ٿيڻ بدران ان کي فطري امر سمجهي زندگي گذاريندو. ان جي جذبن ۽ فهم ۽ عقل جي ڪري هڪ تبديلي پيدا ٿيندي ۽ ان سان قوت ۽ آزاديءَ ۾ واڌارو محسوس ٿيندو. هر ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ کان پوءِ ان علم سان جيڪو سبق حاصل ٿيندو، ان سان هو ان علم ۽ غيرجانبدار نظام سان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محبت ڪرڻ شروع ڪندو. سڀني عارضي ۽ ناپائدار محبتن جي ڀيٽ ۾ حق ۽ صداقت سان وڌيڪ محبت پيدا ٿيندي ويندي ۽ ان محبت جي گهرائي ۽ وسعت جي ڪائي حد نه آهي. جڏهن ماڻهو زندگيءَ کي ان نقطه نگاهه سان ڏسڻ ۽ پرکڻ شروع ڪري ته هر وک تي جيڪو به تجربو ٿيندو، اهو ان محبت ۾ ڪمي پيدا ڪرڻ جي بدران ان ۾ اڃا وڌيڪ شدت ۽ گرمي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو. هر حالت ۾ علم ۾ واڌارو ٿيندو ۽ ان سان عقل ۽ صداقت سان محبت وڌندي ويندي. ان سان گڏ اهي جذبا ۽ تاثر به جيڪي ان محبت جي ابتڙ هجن، ان ئي نسبت سان گهٽ مؤثر ٿيندا ويندا. جڏهن به انهن جذبن ۽ خواهشن جي ڪري ناڪامي ٿيندي ته اسان کي انهن جي ڪشش گهٽ محسوس ٿيندي. اهي شيون يا مقصد جيڪي پهريان اسان لاءِ انتهائي ڪشش ۽ دلچسپيءَ جو سبب هيا، آهستي آهستي پنهنجي سڄي دلڪشي وڃائي ويهندا. اسان جي ڌيان جو مرڪز انهن کان هٽي ڪري وڌيڪ پائدار ۽ قابل اعتماد مقصدن ڏانهن ٿي ويندو ۽ ان مان اسان کي بهتر خوشي ۽ راحت حاصل ٿي سگهندي. (13)
پڪ سان اهو ڪو معجزو نه آهي. انسان جهڙي طرح پنهنجي قوت ۽ استعداد جي لحاظ کان مختلف هوندا آهن، اهڙي طرح ان رياضياتي نظام جي حقيقت ۽ ان جي شعوري ڏاهپ مان راحت حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ به اهي مختلف صلاحيتون رکڻ وارا هوندا آهن. ڪو ان احساس کان وڌيڪ سرور ۽ لذت حاصل ڪري ٿو ۽ ڪو گهٽ، پر اهو صحيح آهي ته اڪثر انسان ان حالت تائين پهچڻ جي پوري صلاحيت رکندا آهن، جنهن سان هو هڪ اطمينان واري زندگي گذاري سگهن. اهڙي طرح اسپينوزا پنهنجي مشهور ڪتاب ”اخلاقيات“ ۾ چوي ٿو:
”اسان سولائيءَ سان ان حقيقت تائين پهچي سگهون ٿا ته واضح ۽ صحيح علم ۽ خاص ڪري علم جو ٽيون قسم خدا جي ذات جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. هڪ اهڙي قوت موجود آهي جيڪا جذبن کي اسان جي قابو ۾ آڻيندي آهي. ممڪن آهي ته ان سان انهن جذبن جي هيجاني ڪيفيت هميشه ختم ٿي وڃي، پر جيڪڏهن اها بلڪل ختم نه به ٿي سگهي ته وري به ان کي انساني زندگيءَ ۾ هڪ ثانوي حيثيت ڏياريندي آهي. ان کان پوءِ دل ۾ هوءَ ابدي ۽ نه تبديل ٿيندڙ مقصد سان محبت پيدا ڪندي آهي، جيڪا اسان جي ذات تي مسلط ٿي ويندي آهي. اها نفساني محبت جي خرابين سان آلوده نه ٿيندي آهي ۽ گهڙي گهڙي ۽ ڏينهون ڏينهن ايتري شدت سان گهرائي پيدا ٿي ويندي آهي جو اها اسان جي زندگيءَ جو ڪل سرمايو قرار ڏني ويندي آهي.“ (14)
هي هڪ اهڙو خير آهي جنهن سان اسان کي ڪڏهن ناڪامي نه ٿيندي آهي. اها مسلسل ۽ نه ختم ٿيڻ واري خوشيءَ جو سبب بڻجندي آهي. هي هڪ اهڙي خوشي آهي جيڪا هر تجربي سان وڌندي ۽ آهستي آهستي سڄي زندگيءَ تي حاوي ٿي ويندي آهي. اهو ئي اهو خير آهي جنهن جي ڳولها زندگي جو مٿانهون مقصد آهي.
پر دنيا ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي، جن جو عقل ڪمزور هوندو آهي ۽ جن کي مادي تحفظ ۽ سڪون جي ايتري خواهش هوندي آهي ته اهي نصب العين کي حاصل ڪرڻ ڏانهن راغب ئي نه ٿيندا آهن. اسپينوزا اهڙن ماڻهن جي مجبورين کان پوري طرح واقف آهي، اهڙي طرح هن ڪتاب ”الاهياتي ۽ سياسي مقالو“ ۾ اهڙن ماڻهن جي لاءِ چيو آهي ته هو جنهن به مذهب جا پوئلڳ آهن ان جي بهترين عنصرن جي پيروي ڪن. جيڪڏهن حقيقت جو علم انهن جي پهچ کان ٻاهر آهي ته وري اخلاقي پاڪيزگي جي زندگي انهن جي لاءِ بهترين نصب العين آهي. ان سان کين دلي سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿيندو ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ٻين جي مدد سان زندگيءَ گذارڻ لاءِ انهن کي مناسب اخلاقي رهنمائي ملندي.
هاڻي اسان ان قابل آهيون ته مذهب جي فلسفي کي مذهب جي سائنس چوڻ جو جواز پيش ڪري سگهون. جديد دور ۾ سائنس (جيڪڏهن فطرت جي تسخير جي عملي پهلوءَ کي نظرانداز ڪيو وڃي) ۾ هيٺيان ٻه عنصر آهن: دنيا جي باري ۾ هڪ خاص نظريو ۽ ان نظريي جي بنياد تي ڳولها ۽ جدوجهد. دنيا جي باري ۾ سائنس جو نظريو هي آهي ته، اهو هڪ غيرجانبدارانه نظام آهي، جنهن ۾ هر واقعو مقرر علت ۽ معلول جي قانون سان ظاهر ٿيندو آهي ۽ اهو قانون رياضياتي قاعدن جي شڪل ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ڳولا مان مطلب هي آهي ته ان ڪائنات جي نظام جي وڌ ۾ وڌ واقعن ۽ حقيقتن جو علم حاصل ڪيو وڃي ته جيئن اهڙي طرح ان اساسي نظريي جي تائيد حاصل ڪئي وڃي. اسپينوزا جي مذهب جي فلسفي پٽاندڙ اهي ٻئي عنصر نه صرف سائنس جو روح ۽ ان جي خاص صفتن ۾ شامل آهن، پر مذهب جي اساسي مسئلي جو جواب به انهن تي ٻڌل آهي. مذهب جو بلند ترين نصب العين اهو ئي غيرجانبدار ڪائنات جو نظام آهي. انسان جو اعليٰ خير ان همه گير صداقت جو علم ۽ ان سان محبت آهي. انسان کي ان مان اهو ڪجهه ملندو آهي جيڪو مذهب انسان کي ڏئي ٿو. اهو بلند ترين وجود جنهن سان محبت جي ڪري عارضي ۽ ناقابل اعتماد جذبن ۽ خواهشن کي قابو ڪري سگهجي ٿو ۽ ابدي خوشي ۽ سعادت حاصل ڪري سگهجي ٿي.
اسپينوزا ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ الاهياتي فڪر جي وڏي کان وڏن تصورن جي اهڙي نموني تاويل ڪئي جو اهي ان نقطه نگاهه سان هم آهنگ ٿي ويا. سندس مقالن ۽ ڪتابن ۾ اصطلاح ته تقريبن اهي ئي آهن جيڪي عيسائي مذهبي روايتن ۾ مروج هئا. هن ڪائنات جو سرچشمو خدا آهي، جنهن سان سڀ واقعا هڪ حسابي مساوات (Mathamatical Equation) وانگر هوندا آهن. خدا جي ذات لامحدود ۽ اڪمل آهي، پر اهو ڪمال ڪنهن نصب العيني ذات جهڙو نه آهي. ان جو مطلب ان جي قوت جو ڪمال ۽ ان جي عمل جي غيرجانبداري آهي. جنهن جي ڪري هر فعل جيڪو ان کان ٿيندو آهي، هڪ قانون جي مطابق هوندو آهي. اهو شخصي ڪمال نه پر رياضياتي ڪمال آهي. انسان جي نجات ۽ الاهي سعادت جو دارومدار خدا جي ذات جي علم جي بنياد تي ان سان محبت آهي، جنهن کي اسپينوزا خدا جي ذات سان ”عقلي محبت“ جو نالو ڏئي ٿو.
ان بنياد تي اسپينوزا انساني ذات جي بقا جو نظريو به پيش ڪيو آهي. هو افلاطون جي ان نظريي جي حمايت ته نه ٿو ڪري سگهي جنهن کي هن پنهنجي مڪالمي فيڊلو ۾ پيش ڪيو آهي، ان جي مطابق انساني روح هڪ ناقابل فنا جوهر آهي، جيڪو جسم کان آزاد به آهي. اسپينوزا جي نظر ۾ انسان موت کان پوءِ قائم رهندو آهي. هي نظريو ارسطو جي نظريي جهڙو يقيني طور تي نه آهي. اسان جا ادراڪ، حافظي جي قوت، خيال ۽ جذبا ۽ اهي سڀ فعل جن جي نوعيت مونجهاري واري آهي ۽ جن جو دارومدار انساني عضون تي آهي، فاني آهن پر علم، جيڪڏهن اهو سچو آهي ۽ صحيح آهي ته ان جو معاملو انهن سڀني کان مختلف آهي. صحيح علم انسان کي محدوديت جي پابندين کان مٿانهون ڪندو آهي. صحيح علم سان انسان ابديت جي درجي تي پهچي ويندو آهي. صحيح علم حقيقت ۾ ڪنهن شيءِ جي ان اصل ماهيت جو علم آهي جيڪو ابدي ذات جو حصو آهي ۽ جنهن جو وجود خدا جي لزومي قانون جو ضروري نتيجو آهي. اهڙو علم خدا جو پنهنجي ذات جي متعلق علم جو حصو آهي. (15) جيڪو تبديلي ۽ فنا کان مٿي آهي. اهڙي طرح خدا سان محبت صحيح علم سان پيدا ٿيندي آهي ۽ ان تي ئي ٻڌل آهي، اُها هڪ عارضي جذبو نه پر باقي ۽ ابدي آهي، پر اهو انساني علم ۽ محبت خدا جو پنهنجي ذات جو علم ان جي محبت جي برابر نه آهي. ان ۾ هر ماڻهوءَ جون انفرادي خاصيتون موجود آهن. ان جو سبب صرف هي آهي ته هر انساني ذهن هڪ جسم سان لاڳاپيل آهي جيڪو هڪ خاص زمان ۽ مڪان ۾ موجود آهي ۽ جنهن ڪري سندس خاص فعل ۽ واردات هوندا آهن. جيڪڏهن اسان خدا جو صحيح علم حاصل به ڪيون ۽ محسوس ڪريون ته هن دنيا جي هر شيءِ جو وجود ان جي ذات سان لاڳاپيل آهي، تڏهن به اسان جو اهو علم ڪجهه انهن حدن ۽ پابندين کان ضرور متاثر ٿئي ٿو جيڪي اسان جو جسم اسان تي ۽ اسان جي علم تي لاڳو ڪري ٿو. اهو ابدي صداقت جو علم آهي پر هر ماڻهو ٻئي کان جدا وجود رکي ٿو، ان ڪري هر ماڻهوءَ جو علم ٻئي کان جدا ۽ منفرد هوندو آهي. هر ذهن جو ابدي ۽ باقي رهڻ وارو حصو ٻين ذهنن جي ابدي ۽ باقي رهڻ وارن حصن کان مختلف ٿيندو آهي. (16)
اشارا ۽ حوالا
(1) ”فهم جي اصلاح“ صفحو 1-3 اسپينوزا جون مڪمل تصنيفون، جلد پهريون.
(2) پولوس ۽ آگسٽائين کان پوءِ يورپ ۾ مسلسل پنجن صدين تائين جهالت جو درو رهيو. يارهين صدي عيسويءَ ۾ عقلي احياءَ جا ڪجهه آثار نظر اچڻ لڳا ۽ ڪجهه ديني مفڪر پيدا ٿيا جن ڪيٿولڪ ديني فرقي جي نئين سري سان تاويل ڪئي. ايستائين جو تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ديني فلسفي جو هڪ مڪتب پهريون دفعو وجود ۾ آيو. ٿامس اڪيوناس (Thomas Aquinas) جيڪو نيپلز جي ويجهو 1225ع ۾ پيدا ٿيو، ان مڪتب فڪر جو باني چئي سگهجي ٿو. ان جو مشهور ڪتاب ”الاهيات جي تڪميل (Summa Theolofica) جيڪو هن پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ لکيو، ڪيٿولڪ فرقي جي ديني نظرين جي بهترين تصوير پيش ڪري ٿو. ٻين ڪيٿولڪ مفڪرن ۾ اينسلم Anslem، ايبي لارڊ Abelard ۽ هيوگو Hugoقابل ذڪر آهن.
اساسيت سورهين صدي عيسويءَ ۾ ڪليسا جي اصلاح جي تحريڪ سان پيدا ٿيل پروٽيسٽنٽ تحريڪ جو تهذيبي ورثو آهي. ان مذهبي تحريڪ جو باني مارٽن لوٿر هيو، جنهن 1517ع ۾ پنهنجا مشهور پنجانوي نڪتا وٽنبرگ ۾پيش ڪيا. جن ۾ هن ڪيٿولڪ فرقي جي ڪجهه بدعنوانين جي نشاندهي ڪئي. لوٿر جو مذهبي انقلاب اهڙو ئي اثر وارو ثابت ٿيو، جهڙو پولوس ۽ آگسٽائين جو. ان تحريڪ جو مرڪز اتر ۽ اولهه يورپ جا ملڪ هيا. ان انقلاب جا نتيجا هي نڪتا جو جاگيردارن، اميرن، پادرين ۽ بادشاهن جي جڳهه تي وچئين طبقي جا ماڻهو اُڀري آيا. ان تحريڪ جي خاص صفت هيءَ آهي ته ان آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. ان آزاديءَ جو مطلب هي هيو ته اهي سڀ بندشون جن ۾ هي طبقو ڦاٿل هيو، ختم ٿيڻ گهرجن. ايجابي طورتي ان تحريڪ جو مطالبو رواداري هيو، جيڪو آزاديءَ جو هڪ ضروري عنصر ثابت ٿيو. پروٽيسٽنٽ تحريڪ جي خاصيت هيءَ آهي ته هن شخصي آزادي ۽ رواداري جي اصولن کي مذهبي معاملن ۾ تسليم ڪيو. اها ئي پروٽيسٽنٽ تحريڪ هن وقت اساسيت جي صورت ۾ موجود آهي. (سنڌيڪار)
(3) ڊبليو لپ مين (Lippman) ”اخلاقيات جي شروعات“ صفحو 175
(4) اسپينوزا ”اخلاقيات“ حصي پهرين جو ضميمو (جلد پهريون)
(5) ”اصلاح فهم“ صفحو 1
(6) ”اخلاقيات“ حصو پنجون، مسئلا 6-1
(7) ان سلسلي ۾ اسپينوزا جو ڪتاب ”الاهياتي ۽ سياسي مقالو“ باب 1، 2، 6 ان جا خط به ڏسو، خاص ڪري اهي خط جيڪي هن بلائن برگ (1665) کي لکيا.
(8) ايضاً
(9) ”اصلاح فهم“ صفحو 12-10
(10) ”اخلاقيات“ حصو چوٿون قضيا 14-7 حصو پنجون قضيا 10-7
(11) ”اصلاح فهم“ صفحو 16-14
(12) لپ مين، ڄاڻايل ڪتاب صفحو 180 و ما بعد 190- 326 و ما بعد
(13) اسپينوزا ”اخلاقيات“ حصو پنجون قضيا 16-1
(14) ساڳيو حصو پنجون قضيا 20
(15) اسپينوزا جي نظر ۾ خدا ذهن ۽ مادي ٻنهي جو ميلاپ آهي، ان ڪري هو فڪر ۽ ڦهلاءَ ٻنهي سان لاڳاپيل آهي، اهڙي طرح هو لامحدود علم رکي ٿو. ان علم ۽ انساني ذهن جو پاڻ ۾ تعلق اسپينوزا جي نظر ۾ انتهائي نوعيت نه ٿو رکي پر ان جي نوعيت رياضياتي تعين جهڙي آهي.
(16) ڪتاب جا باب 1، 7، 15 ۽ ٻيو حصو خاص طور تي قابل ذڪر آهي.
(سنڌيڪار: جاويد ميمڻ)
(سنڌ فورم، جنوري 2003ع)