شاه ولي الله جو قومي نظريو : نور احمد ميمڻ
امام شاهه ولي الله پنهنجي ڪتابن حجة الله البالغه بدور بازغه ۽ تفهيمات ۾ تاريخ جي انهيءَ اقتصادي تصور متعلق جيڪو خود هڪ صدي پوءِ ڪارل مارڪس جي فلسفي لاءِ ڏياٽي بڻيو، ڪافي بحث ڪيو آهي جنهن جو وچوڙ ڪجهه هن ريت آهي.
انسان سماجي ساهوارو آهي. دنيا ۾ هن کي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ واسطا ۽ ناتا ڳنڍڻا پون ٿا ۽ ائين هو انساني اجتماعي جي طرف وڌي ٿو. انساني اجتماع طرف وڌڻ هن جي فطري تقاضا آهي. کائڻ، پيئڻ، جنسي ميلاپ، سخت گرميءَ توڙي سرديءَ کان پنهنجي حفاظت ڪرڻ وغيره اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي قدرت جي طرف کان انسانن توڙي حيوانن ۾ الهامي طور تي پيٽيون ويون آهن. انسانن ۽ حيوانن جي وچ ۾ مادي شين مان فائدو حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ رڳو فرق هي آهي ته انسان ان عمل ۾ پنهنجو قدم کڻي ٿو. اهڙي طرح انسان ۾ عقل ۽ سمجهه وارا ماڻهو ٿين ٿا جيڪي پنهنجي لاءِ مادي وسيلا ايجاد ڪن ٿا، ۽ پوءِ انهن مادي وسيلن کي خوب کان خوب تر طريقن سان استعمال ڪرڻ جي جستجو جاري رکي وڃي ٿي. انهيءَ جست جو ۾ انسان مختلف اجتماعي ادارا شڪل ۾ آڻي پاڻ کي تهذيبي ارتقا ڏانهن وٺي وڃي ٿو. انساني معاشري يا اجتماع کي پنهنجي ارتقا ۾ چئن منزلن مان لنگهڻو پوي ٿو. شاهه ولي الله انهن منزلن کي ”ارتفاقات“ جو نالو ڏنو آهي.
”پهرين ارتقا جي بنيادي شيءَ ٻولي آهي، جنهن ذريعي انسان پنهنجي دل جي ڳالهه ٻين کي سمجهائي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به معاشري يا اجتماع ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻين کي سمجهائڻ لاءِ ڪابه ٻولي نه هجي ته اهڙو معاشرو ڪنهن به ڪم کي اجتماعي طور تي نڀاهي نه ٿو سگهي. معاشري جي انهيءَ پهرين درجي تي پوک سوک، کاڌي پيتي جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ، ٿانو ٺڪر ٺاهڻ، چوپاين کي پالڻ، انهن کي سواريءَ جي ڪم آڻڻ، انهن جي کل، کير ۽ وارن مان نفعو حاصل ڪرڻ، پوشاڪ ۽ رهائش جو بندوبست ڪرڻ اهڙيون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. هن مرحلي تي انسان کي گهر واري جي ضرورت به پوي ٿي جنهن ۾ ٻيو ماڻهو آڏو نه اچي سگهي. انهيءَ سان هو جنسي تسڪين سان گڏ نسل جي بقا ۽ گهريلو ڪاروبار ۾ مدد حاصل ڪري ٿو“(1) تهذيبي ارتقا جي پهرين مرحلي تي انسان کي طبعي ضرورتون ۽ فوري تقاضائون سادي نموني ۽ بغير تسڪين جي گهرجن ٿيون. ابتدا ۾ انساني ۽ حيواني زندگيءَ ۾ تمام ٿورو فرق ٿيندو آهي، پر آهستي آهستي انساني زندگي پنهنجي مخصوص فطري صلاحيتن جي ڪري نئون رخ اختيار ڪندي ويندي آهي.
معاشري جي ٻي منزل تي انساني معاشرو قبائلي رهڻي ڪهڻي تان هٿ کڻي ڳوٺاڻي زندگي اختيار ڪري ٿو، ان وقت انسان رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جي لاءِ پهرين منزل جي سادن طريقن تي بس نه ٿو ڪري بلڪه ان جي لاءِ تجربن ۽ مشاهدن جي ڪسوٽي تي شائستگي جو خيال رکي زندگيءَ ۾ موزون طريقا اختيار ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ سڦل پسندي ۽ دور انديشي ان کي فوري مسئلن ۽ نئين صورتحال سان منهه ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. هو پنهنجي رشتن کي وڌائي ان ۾ تدبير، سٺائي ۽ مجموعي چڱائي جو لحاظ رکي ٿو ۽ منجهس جمال پرستيءَ جو غلبو رهي ٿو. ان کان سواءِ اقتصادي ۽ فني معاملن ۾ مضبوطي خوبصورتي ۽ لطافت جو خيال رکي پنهنجي محدود ماحول ۾ ڏيتي ليتي جي سلسلي کي وڌائي ٿو. ڳوٺڻ ۽ مڻن ۾ ڪاريگري ۽ ڏيتي ليتي جو وهنوار وڌي وڃڻ ڪري شين جي شين سان مٽا سٽا وارو طريقو اهنجائي جي ڪري ٽوڙيو وڃي ٿو ۽ پوءِ سون يا چانديءَ کي سڪي جي صورت ۾ استعمال ڪري ڪاروبار هلايو وڃي ٿو. ”معاشري جي انهيءَ ٻي درجي تي قديم دور ۾ اصلي ڪاريگريون محدود هيون، مگر انساني ضرورتون وڌنديون رهيون ته ڪمائي ۽ ڪاروبار جي مفهوم ۾ به وسعت ايندي وئي، جنهن سان انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جا طريقاز به بدلجي ويا. هاڻي هر اهڙي جدوجهد کي ڪاروبار پئي چيو ويو جنهن سان معاشري جي تڪميل پئي ٿئي ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ ۾ سهولت پئي پيدا ٿي. انهيءَ ڪري معاشري جي هر فرد جو فرض ٿيو ته اهو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ٻين ماڻهن کان الڳ ٿلڳ نه رهي. بلڪه پاڻ ۽ ٻين انسانن جي ضرورتن حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي. ان لاءِ مضبوط قسم جي اجتماعي اداري جي ضرورت پيش آئي، جنهن سان معاشري جو ٽيون درجو وجود ۾ اچي ويو“ (2)
معاشري جي اها ٽين منزل ٻي منزل جو فطري نتيجو آهي جنهن ۾ معاشرو هڪ وسيع ۽ متحد شڪل اختيار ڪري ٿو ۽ انهيءَ سان مملڪت جو بنياد پوي ٿو. اهڙي قسم جي سماجي وحدت سان رياستي حڪومت جو قيام عمل ۾ اچي ٿو. باقاعده حڪومت جو ٺهڻ انهيءَ ڳالهه جي نشاني آهي ته سماج تهذيبي ارتقا جي ٽين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. امام شاهه ولي الله ان جي لاءِ قومي رياست سان گڏ شهري رياستن جو محاور به استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته قديم دور ۾ رياست جو تصور شهري رياست جي صورت ۾ ملي ٿو صورت ۾ ملي ٿو. يونان وارا پاڻ کي شهري رياستن (City States) جا پهريون موجد سڏرائين ٿا. حالانڪه اهي شهري رياستون ان کان به گهڻو اڳ درياهن جي ڪنارن تي آباد وادين جي صورت ۾ موجود هيون. امام شاهه ولي الله جي مطابق:
”جڏهن ماڻهو پاڻ ۾ ڏيتي ليتي ڪندا، هر شخص جو ڪاروبار جدا هوندو ۽ پوءِ هر هڪ ٻئي جو محتاج هوندو ته پوءِ تبادلي ۽ باهمي تعاون جون صورتون پيدا ٿينديون. ان لاءِ ضروري آهي ته انساني ٽولن، هارين، پورهيتن ۽ واپارين جي وچ ۾ سٺا تعلقات قائم ٿين. شهرين مان مفهوم اهي ئي انساني ٽولا آهن، شهريت مان مراد بازار، قلعا يا اڀيون عمارتون ڪونهن، جيڪڏهن چند ڳوٺ ويجها ويجها هجن جنهن ۾ هي ٽولا رهندا هجن ۽ انهن سڀني جي ”وچ ۾ ڏيتي ليتي هلندڙ هجي ته انهن ڳولن کي به شهريت ۾ شامل ڪبو“ (3)
”مطلب ته ٽين منزل ۾ انسان جي هڪ قومي زندگي جڙي ٿي جنهن ۾ انسانن جي تعداد جي اضافي سان گڏ انهن جا باهمي تعالقات به وڌندا آهن. ٻين لفظن ۾ هتي پهچي ڪري هڪ قومي حڪومت وجود ۾ اچي وڃي ٿي.(4)
هن ٽين مرحلي تي پيچيده سماجي نظام کي قائم رکڻ ۽ مختلف ثانوي ٽولن جي وچ ۾ يڪجهتي پيدا ڪري، امن امان جي گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ قوم جي ترجمان هڪ مضبوط حڪومت جي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ حڪومت جو نگران با اختيار سربراهه هوندو آهي، ”قومي رياست جي نظم کي سهڻي نموني سان هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪمران کي وسيع تر اختيارات حاصل هجن، ان کي عدليه جي مضبوط ۽ منصف اداري جو تعاون به حاصل هئڻ ضروري آهي.“ (5)
مقننه ۽ عدليه کان علاوه حڪومتي شعبن ۾ ڪامورا شاهي جو تقرر به ان رياستي حڪومت کي حاصل آهي. ان لاءِ جديد ٽيڪنو ڪريسي وانگر ”آفيسرن ۾ پيشه وارانه تقسيم هجڻ کپي ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مهارت رکڻ وارن ماڻهن کي متعلقه شعبن جو نگران مقرر ڪيو وڃي. مختلف شعبن جي لاءِ ايوان (وزارتن) جو تعين ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. هر هڪ شعبي جي انتظام لاءِ جدا ايوان ضرورت پوي ٿي. ايوان جي گهٽ وڌ هجڻ جو دارومدار تمدن کي بهتر طريقي تي قائم رکڻ تي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي ڪم کي نباهڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ايوانن جو هجڻ لازمي آهي ۽ ڪڏهن ايئن به هوندو آهي ته هڪ ئي شخص مختلف ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي“. (6)
”تهذيبي ارتقا جي ٽئين مرحلي ۾ نه صرف مضبوط حڪومت جي ضرورت هوندي آهي بلڪه ان جي فرائضن ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي. حڪومت جي بنيادي ذميدارين ۾ زراعت کي وڌائڻ اهم ترين آهي. انکانپوءِ صنعت حرفت ۽ تجارت جو درجو اچي ٿو. حڪومت جو اهو به فرض آهي ته اها عوام جي مادي اخلاقي روحاني ارتقا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري، تعليم جو مناسب انتظام ڪري ۽ امن امان جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ پوليس جو محڪمو بڻايو وڃي. رياست جي حدن اندر مسلح بغاوتن کي دٻائڻ ۽ رياست جي حاڪميت اعليٰ کي برقرار رکڻ جي لاءِ هٿياربند فوجن جو نظام قائم ڪيو وڃي“. (7)
امام شاهه ولي الله تهذيب ارتقا. جي هن ٽئين مرحلي تي جنهن سٽا جو تفصيل بيان ڪيو آهي تنهن سان قوم، قوميت، قومي رياست انهن جي هئيت ۽ اختياراتي صورت بلڪل واضح ٿي وئي آهي.
انسان جي تهذيبي ارتقا رياست جي قيام تي رڪجي نه ٿي بيهي. رياست خود انسانن جي وحدت آهي، جيڪا جدا وحدتن ۾ جدا جدا حڪومتو ٺهن ٿيون ته آمدني جي ذريعن خزاني ۽ محافظ فوج جي الڳ هئڻ ڪري اختلاف وجود ۾ اچن ٿا. مختلف رياستن جي اها نوعيت هڪ عظيم طاقتور نظام ۽ بين الاقوامي مملڪت جي ضرورت پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ اها صلاحيت هجي ته اها سڀني رياستن کي پرامن رکڻ لاءِ بندوبست ڪري. اها ضرورت هڪ بين الاقوامي حڪومت پوري ڪري سگهي ٿي جنهن کي اڄ جي دنيا ۾ قومن جي يونين، اتحاد يا بلاڪ چيو وڃي ٿو. امام شاهه ولي الله جن ان سلسلي ۾ فرمائين ٿا:
”.... خود مختيار علائقا بڻايا وڃن، اهي خود مختيار وحدتون پنهنجي معاملن ۾ آزاد هجن،هر هڪ يونٽ يا وحدت ۾ ايتري طاقت ضرور هڻ کپي جو پاڻ جهڙي يونٽ جي ڪنهن اڳرائي يا زيادتيءَ جو مقابلو ڪري سگهي. اهي سڀ وحدتون هڪ اهڙي بين الاقوامي نظام (وفاق يا يونين) ۾ منسلڪ هجن جيڪي فوجي طاقت جي لحاظ کان مٿاهين اقتدار جو مالڪ هجي. ان کي به اهو حق نه هوندو جو اهو ڪنهن مخصوص مذهب يا مخصوص تهذيب جي ڪنهن يونٽ تي حملو ڪري سگهي.“ (8)
شاهه صاحب قومن يا انهم جي جوڙيل قومي حڪومتن کي پنهنجي مستقل فوج رکڻ جو حق مڃي ٿو ته جيئن ڪنهن به وفاق يا يوني ڪابه طاقتور ۽ عددي اڪثريت واري قوم ٻي ڪمزور قوم جي وسيلن ۽ خود اختياريءَ جو استحصال ڪري نه سگهي.
اهو به ياد رکڻ کپي ته تهذيبي ارتقا جي چوٿين مرحلي تي بين الاقواميت مان شاهه ولي الله جي مراد اها ناهي جيڪا ڪارل مارڪس جي آهي. ڪارل مارڪس تهذيبي ارتقا جي ٽين منزل يعني رياست جي تشڪيل کي خاص مفادن جو ڪارڻ ٿو سمجهي ۽ هو آخري مرحلي تي No State جو تصور پيش ڪري رياست جي وجود جو ئي انڪار ٿو ڪري. جڏهن ته شاه ولي الله قومي رياست جي وجود کي انسان جي فطرت ۽ اڻٽر ضروت قرار ڏئي ان کي باقي رکي ٿو ۽ تهذيبي ارتقا واري سفر ۾ ان کي هڪ وحدت جي طور تي بين الاقوامي برادريءَ جو ميمبر ٿو بڻائي.
انهن چئني منزلن مان گذرڻ انسان جي لاءِ اڻٽر آهي. پهريون ٻه منزلون هڪ هڪ ٻئي پٺيان انسان سوسائٽي جي پهرين دور ۾ گذاري چڪو ۽ هاڻي باقي ٻه منزلون به باقاعده هڪ ٻئي پٺيان يعني ٽين کانپوءِ چوٿين (قومي ۽ بين الاقوامي)طئه ڪرڻيون آهن. ”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته معاشري جا ماڻهو پنهنجي پهرين منزل جي ابتدائي ضرورتن کي نامڪمل ڇڏي ڪري ٻي منزل جي ضرورتن طرف متوجه ٿيندا آهن، انهيءَ سان معاشرو مستحڪم نه ٿو رهي. ماڻهن جي ڀلائي جو راز انهيءَ ۾ آهي ته ”ڪل“ جيڪڏهن وڃي پيو ته ”جز“ کي ڪم از ڪم هٿ مان وڃڻ نه ڏجي. يعني مثال جي طور تي جيڪڏهن ارتفاق چوٿون (بين الاقوامي زندگي) انهن جي گرفت کان نڪري وڃي ته هو لازمي طور تي ارتفاق ٽئين (قومي زندگي) جا پابند رهن. گهٽ ۾ گهٽ ان کان هٿ نه کڻن. اهڙي طرح جيڪڏهن ٽيون رخصت ٿي وڃي ته ٻٻي جي طرف رجوع ٿين. مگر جيئن ته ماڻهن کي ارتفاق جي مختلف قسمن جي ڄاڻ ڪونهي ان ڪري هو هڪ ارتفاق تي قائم رهن ٿا جنهن جي ڪري سوسائٽي ۾ خلل پوي ٿو ۽ معاشرو ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿو“. (9)
هتان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته جيستائين ڪنهن بين الاقوامي نظام جو قيام نه آهي تيستئين صرف نظريي جي طور تي ان جي رٽ هڻي بيهڻ اجايو آهي بلڪه ضروري آهي ته ان وقت قومي انقلابن جو مرحلو طئه ڪرڻ ۾ سڀ صلاحيتون صرف ڪري بين الاقواميت ڏانهن قدم وڌائجي پر جيڪڏهن قومي زندگيءَ جي خود اختياري به پوريءَ طرح حاصل نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪميونٽي سطح جي ڪوششن سان پنهنجي معاشري ۽ ماڻهن کي بچائڻ گهرجي، پر ساڳي وقت قومي خود اختياريءَ جي حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ جاري رکجي. شاهه صاحب جن انهيءَ تي وڌيڪ زور ڏيندي فرمائين ٿا ته، ”حڪمت الاهي انهيءَ ڳالهه کي گهري ٿي ته انساني ، معاشرو ٻئي ۽ ٽئين ارتفاق کان خالي نه هجي. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن به نبيءَ معاشري کي ترڪ ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو آهي، جو ماڻهو سماجي رشتن کي ٽوڙي ڪري ويڳاڻا ٿي چوديواريون وڃي آباد ڪرن، ڇاڪاڻ ته اهو سراسر انساني مفاد جي خلاف آهي“. (10)
انهيءَ سلسلي ۾ شاهه صاحب جن اڳتي هلي فرمائين ٿا ته: ”جيستائين مسلمانن جي بين الاقوامي سطح تي ڪا حڪومت قائم نه ٿي ٿئي انهن کي گهرجي ته تيستائين هو ٽئين ارتقاق (قومي زندگي) جي قيام ۽ ان کي باقي رکڻ جي لاءِ ڪوشان رهن.“ (11)
جڏهن اهو ٽيون مرحلو پنهنجي اصلي صورت ۽ نوعيت ۾ طئه ٿي وڃي ته پوءِ بقول شاهه صاحب جي چوٿين ارتقاق يعني بين الاقواميت جي طرف قدم وڌائجي. ”ان جو تصور هميشه دل ۾ رکڻ کپي ۽ هر بامحل موقعي جو فائدوٺي ان مجرد تصور کي ٺوس حقيقت ۾ بدلائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ کپي“. (12)
ارڙهين صدي جي هڪ روشن خيال عالم جي حيثيت ۾ امام شاهه ولي الله انسان جي تهذيبي ارتقا لاءِ جيڪي منزلون لکيون آهن تن لاءِ وٽس باقاعده قرآن جو فڪري پس منظر آهي. جڏهن هو ابتدائي منزل ۾ ٻوليءَ جي اظهار پوک سوک، کاڌي پيتي، پوشاڪ ۽ رهائش جو ذڪر ٿو ڪري ته ”و علم آدم الاسماء“ جو جلوو هن جي سامهون آهي. جڏهن هو ڳوٺاڻي ۽ گروهي زندگيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري ته ”هٰذه القريته طالمي اهلها“ جي تمدني سٽا سندس آڏو آهي. جڏهن هو ٽين منزل تي قوم رياست ۽ ملڪ جو نظريو پيش ٿو ڪري ته ان وقت هو ”وجعلنا ڪم شعوًبا وقبائل لتعارفوا“ ۽ ”لڪل قوم هاد“ جي اصول کي اڳيان ٿو رکي. جڏهن هو بين الاقواميت ڏانهن ڏانهن وڌي ٿو ته قرآن مجيد جي ”هدي للعالمين“ هجڻ جو دليل سندس سامهون آهي.
اسلام بحيثيت دين فطرت جي خود انهن انساني اجتماعي ادارن جو لحاظ پوري طرح قائم رکيو. حضورﷺ جن جو طريقو ۽ قريشن جي قومي انقلاب کي بين الاقوامي انقلاب ڏانهن نيڻ واسطي دنيا جي مختلف حڪمرانن لاءِ لکيل خط انهيءَ ڳالهه جي چٽي نشاندهي ڪن ٿا ته حضور جن انهن جي قومي حڪمرانيءَ کي بحال رکندي نظريي جو مقصد سامهون رکيو هو، جيڪو هو، الله جي حاڪميت کي مڃڻ. ٻيو ته ٺهيو خود حجاز جي اندر آيل انقلاب جي دعوت جڏهن حجاز جي باقي چئن وادين جي حڪمرانن کي ڏني وئي ته ان وقت به انهن جي قومي اقتدار جي برقراري جي ضمانت ڏني وئي. اسلام جي خلافتي دور ۾ اهو اصول بهتر نموني ڪار فرما رهيو. مختلف علائقن جي گورنرن پاران پنهنجي بيت المال جي تشڪيل، سرحدن جي بچاءَ لاءِ فوجن جي تشڪيل ۽ ٻاهرين دنيا سان اميرالمؤمنين جي طئه ٿيل اصولن تحت لهه وچڙ ۾ آبادين جو حق قائم رکڻ وغيره جهڙيون ڳالهيون سماجي تقاضائڻ پوري ڪرڻ جو بهترين مظهر هيون. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته انهيءَ دور جي سماجي سٽا پٽاندر اسلامي نظام جو اهو طريقو سڀني قومن جي لاءِ انسانيت الءِ اعليٰ آدرش جو بهترين مثال هو. پر ملڪيت جو قائم ٿيڻ کانپوءِ بادشاهت ۽ شهنشاهيت جي خرابين اسلامي انقلاب جي روح کي پائمال ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح جڏهن سماجي سٽا بدلجي وئي ۽ انساني شعور خوب تر کان خوب تر جي جستجو ۾ ”يخلق مالا تعلمون“ جي مصداق انساني اجتماعي ادارن ۾ نواڻ پيد اڪئي ته ان کي قبول ڪرڻ جي بيحد ضرورت ٿي. امام شاهه ولي الله ترڪيءَ جي خلافت کي انهيءَ ضرورت کان يڪسر بي خبر ڏسي هندستان جي اندر جديد سماجي ۽ معاشي بنيادن تي هڪ فڪري انقلاب برپا ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ صاف صاف اعلان ڪيو ته هندستان قومي رياستن جو هڪ کنڊ آهي ۽ مغل سلطنت جتي سياسي مرڪزيت جو توازن قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿي آهي اتي معاشي بدحالي جي ذميدار به آهي ان ڪري ان کي نابود ٿيڻ کپي. حقيقت ۾ شاهه صاحب مسلمانن ۾ ڊگهي ملوڪيت جي نتيجي ۾ قائم ترڪيءَ جي خلافت کي به هڪ روڳ سمجهي نئين سماجي سٽا جي لاءِ هندستان کان هڪ ڪردار ادا ڪرائڻ گهري پيو. هن جي دوربين نگاهن،، ان وقت جڏهن يورپ اڃا صنعتي ترقيءَ جي طرف ڀانڀڙا پائي رهيو هو، محسوس ڪري ورتو هو ته يورپ مان اٿندڙ سامراجيت جي لهر کان بچڻ جي لاءِ صرف هندستان ئي سياسي ۽ معاشي انقلاب جي ذريعي دنيا جي پوئيتي پيل ۽ مظلوم قومن جي لاءِ سهارو بڻجي سگهي ٿو. پنهنجي فڪر کي عام ڪرڻ جي لاءِ شاهه صاحب هڪ وڏي پارٽي ”جمعيت مرڪزيه“ يعني ”سينٽرل ڪميٽي“ به تشڪيل ڏني ۽ پوري هندستان ۾ ان جا مرڪز قائم ڪيا. سنڌ ۾ ان جو مرڪز بڻيو ۽ انجو نگران مخدوم محمد معين ٺٽويؓ، هو. اها ڳالهه به سڀني تي عالم آشڪار آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ؓ مخدوم محمد معين جو ساٿي ۽ گهرو دوست هو. انهيءَ نسبت سان اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته امام شاهه ولي الله هندستان جي اندر قومي اقتدارن جي قيام ۽ طبقاتي نظام جي خاتمي لاءِ جيڪا مرڪزي جدوجهد شروع ڪئي هئي ان جا سنڌ ۾ علمبردار مخدوم محمد معين ٺٽويؓ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؓ هئا.
ان وقت ۾ مغل اقتدار جي خلاف هيڏي ساري بغاوت خود شاهه صاحب کي وڏين تڪليفن ۾ وڌو، مٿس ڪيترا دفعا قاتلانه حملا ٿيا. آخرڪار درباري ملن جي فتويٰ جن جي روزيءَ کي شاهه صاحب جي سماجي ۽ معاشي فڪر جي ڪري بيحد ڇيهو پئي رسيو. ۽ دهليءَ جي اميرن جي گڏيل سازش سان شاهه صاحب جي ٻنهي هٿن پنجا انقلابي ڪتابن لکڻ جي پاداش ۾ ڪٽيا ويا. هندستاني تاريخ جو اهو هڪ ايڏو ته سفاڪ واقعو آهي جنهن جي پرده پوشي ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين خود رجعت پسند ملان انهيءَ واقعي جو ئي انڪار ڪندا آيا آهن. شاهه صاحب کي اتي معاف نه ڪيو ويو بلڪه سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ شاهه عبدالعزيز ان فڪر کي جاري رکيو ته ان سان به ڪلور ڪيا ويا. معتقد بڻجي کيس اهڙو زهر ملايل تيل پيش ڪيو ويو جنهن جي لائڻ سان شاهه عبدالعزيز جي کل اڏري وئي ۽ جسم تي وڏا وڏا بگ جهڙا نشان ٿي بيٺا. جڏهن شاهه صاحب اڃان به انقلابي ڪم کان نه مڙيو ته کيس دهليءَ مان شهر نيڪالي ڏياري وئي ۽ کيس حڪم ڪيو ويو ته هو شهر مان وڃڻ جي لاءِ سواري به استعمال نه ٿو ڪري سگهي. جنهن ڪري شاهه صاحب کي دهليءَ کان ڪانپور تائين پنڌ وڃڻو پيو. سخت گرمي ۽ گرم هوا جي ڪري ڪانپور تائين پهچندي کيس اکين جي روشنائي کان به محروم ٿيڻو پيو.
هندستان جي اندر شاهه ولي الله جي فڪر تي کانئس پوءِ به باقاعده تحريڪ جي صورت ۾ هڪ پارٽيءَ جي تشڪيل رهي جنهن ١٨٥٧ع جي جنگ آزاديءَ ۾ به هڪ مکيه ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي شاهه صاحب جي فڪر تي حضرت شيخ الهند، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ جمعيت علماء هند جي علماء انگريزي راڄ جي خاتمي ۽ عظيم هندستان جي يونين جي قيام لاءِ ولي الله تحريڪ جي جدوجهد کي تسلسل ڏنو.
انگريزن جي چالاڪ ۽ مڪار نظرن ولي اللهي تحريڪ جي انهيءَ رخ کي تاڙي ورتو هو ۽ هو نه پيا چاهين ته عظيم هندستان جي صورت ۾ ايشيا جي نمائندگي ڪندي هتي ڪو اهڙو بين الاقوامي نظام عملي روپ وٺي اڀري جيڪو يورپ جي سموري سامراج نظام جي لاءِ چئلينج بڻجي پوي. ان ڪري هنن تمام وڏي فريب ۽ مڪاريءَ سان مذهب جي نالي تي ورهاست جو ڍونگ رچائي ۽ سمورا غير انساني حيلا هلائي هندستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جومنصوبو بڻايو. ان منصوبي کي عملي جامون پهرائڻ سان هندستان متعلق امام شاهه ولي الله جو منصوبو تشنهء تڪميل رهجي ويو.
[b]حوالا[/b]
(١) شاهه ولي الله، حجة البالغه، صفحو _ ٢٩
(٢) شاهه ولي الله، حجة البالغه، صفحو _ ٤٣
(٣) شاهه ولي الله، البدور بازغه، صفحو _٧٠
(٤) شاهه ولي الله، البدور بازغه ، صفحو _ ٥١
(٥) شاهه ولي الله، البدور بازغه ، صفحو _ ٧١
(٦) شاهه ولي الله، حجة البالغه، صفحو _ ٤٥
(٧) قاضي جاويد، افڪار شاهه ولي الله، صفحو _ ١٢٩
(٨) مولانا محمد ميان، تحريڪ شيخ الهند، صفحو _ ٨١_٨٢
(٩) شاهه ولي الله، البدور بازغه، صفحو _ ٨٩ _ ٩١
(١٠) شاهه ولي الله، البدور بازغه ، صفحو _ ١٩٠
(١١) شاهه ولي الله، البدور بازغه ، صفحو _ ١٩٢
(١٢) شاهه ولي الله، البدور بازغه ، صفحو _ ١٩٢
(سنڌ فورم، اپريل 2006ع)