بنياد پرستي ۽ قرآن : محمد انس راڄپر
”الله آسمان منجهان اندازي سان پاڻي لاٿو، نهرون ۽ درياءَ ان سان پورا ڀرجي وهڻ لڳا، دريائن جي ڇر مٿان هڪ جهاڳ نروار ٿي بيٺي. اهڙي طرح توهان جيڪي ڌاتو ٿانون ۽ زيورن ٺاهڻ لاءِ باهه ۾ پگهرائيندا آهيو، تن تي به پاڻيءَ مٿان ٺهندڙ جهاڳ جيان جهاڳ ظاهر ٿيندي آهي. انهن مثالن ذريعي الله حق ۽ باطل جي سمجهاڻي ڏئي ٿو، جهاڳ اڏري ختم ٿي ويندي، پر جيڪا شيءِ انسانن کي نفعو پهچائيندي آهي سا زمين تي ٽڪي سگهندي آهي.“
هن آيت ۾ قرآن حق ۽ باطل جي وصف انساني منفعت جي اصولن هيٺ بيان ڪئي آهي، ته سون، چاندي، ٽامو، لوهه ۽ پاڻي وغيره انساني فائدي جون شيون آهن ان ڪري اهي حق آهن. ”بقاءِ انفع“ جي اصول تحت قائم ۽ باقي رهڻ جو حق رکن ٿيون؛ تيئن نظرياتي، فڪري ۽ ديني حوالي کان به اهي تصور، نظريا ۽ سوچون حق چئبيون ۽ سدائين قائم ۽ باقي رهڻ جو حق رکنديون جيڪي انسان لاءِ ”انفع“ ۽ فائديمند هونديون. البت سون، چاندي، ٽامي، لوهه ۽ پاڻيءَ وغيره کي باهه تي پگهرائڻ کان پوءِ مٿن جيڪا جهاڳ ٿئي ٿي، سا انسان کي فائدو ڪونه ڏيندي آهي ان ڪري ان جو مثال باطل جهڙو آهي. ان ۾ انسانن لاءِ فائدو ڪونهي، ان ڪري اها اڏامي ختم ٿي ويندي يا ڇاڻي ختم ڪرڻ گهرجي. باطل کي زمين تي رهڻ جو حق ڪونهي ڇاڪاڻ ته باطل انسانن لاءِ بي فائدي آهي. هن سمجهاڻيءَ مطابق جيڪي نظريا ۽ عمل انسانن کي نقصان ٿا پهچائين سي باطل آهن، جيڪي نقصان نه ٿا ڏين پر فائدي ڏيڻ جي به منجهن صلاحيت ڪانهي، سي به باطل آهن. حق صرف اهو آهي جيڪو انسان کي نفعو ڏئي.
اهو ئي اصول سڀني مذهبن (دينن) جو بنياد آهي. سمورا مذهب پنهنجن هڪڙن تمام اعليٰ، اتم ۽ آفاقي اصولن تحت انسانن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن، پر ٿيندو ڇاهي جو انهن اعليٰ، اتم ۽ آفاقي اصولن ۽ نظرين کي انساني معاشري اندر جڏهن عمل ۾ آڻبو آهي ته لازمي طور انهن اصولن ۽ نظرين کي هڪ خاص شڪل ۽ صورت وٺرائڻي پوندي آهي. يعني انساني فائدي جو مقصد رکندڙ اصولن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪي خاص طريقا ۽ رسمون اختيار ڪرڻيون پونديون آهن، جن جي ذريعي انساني فائدو عمل ۾ ايندو آهي. هڪ عرصي تائين ان طرح ٿيندو رهندو آهي، ان کان پوءِ ڪنهن وقت حالتن ۽ عمل (Proeess) مان گذري اهي رسمون پنهنجي مقصدن کان خالي ۽ کوکليون ٿي پونديون آهن، ۽ مذهبن جا پوئلڳ انهن بي مقصد رسمن کي چنبڙيا پيا هوندا آهن ۽ انهن رسمن جي مقصدن ۽ روح جي کين ڪابه پرواهه ناهي رهندي، الٽو انهن رسمن کي مقدس، پوڄا لائق ۽ ناقابل ترديد قرار ڏئي انهن جا محافظ بنجي ويهي رهندا آهن. انهن رسمن کي ماڻهن سان محبت ۽ نفرت لاءِ بنياد بنائيندا آهن ۽ اها صورتحال ”ڪفر“ سڏبي آهي. هر دور ۾ ان صورتحال سان جنگ لاءِ نبي ايندا رهيا آهن. ان ئي صورتحال کي اڄ جي اصطلاح ۾ ”بنياد پرستي“ سڏجي ٿو، جا ڪفر آهي. حضور ﷺ جن به مذهبن جي ان قسم جي بنياد پرستيءَ وارن روين خلاف ڪم ڪيو. هڪڙن مذهبن جو منسوخ ٿي ٻين مذهبن جو اچڻ به ان ئي صورتحال جي ڪري ٿيندو آهي. هڪ مذهب جڏهن هڪڙين حالتن مان گذري مٿين صورتحال اختيار ڪندو آهي ته نئين مذهب جي اچڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ۽ نئون مذهب انساني سڌاري خاطر پراڻين فرسوده مذهبي رسمن کي رد ڪري ان جي جڳهه تي انساني فائدي جا نوان عمل جاري ڪندو آهي.
حضرت عيسيٰ پنهنجي دؤر ۾ يهودين جي ان قسم جي رسم پرستين ۽ فرسوده مذهبي پابندين جي خلاف ڪم ڪيو، ۽ سڀني يهودي مذهبي پابندين کي ٽوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو. حضرت عيسيٰ يهودي فقيهن ۽ فريسين کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو. يهودي عام طور مذهبي رسمن جي پابندي نه ڪندڙ عام ماڻهن کي ناپاڪ ليکيندا هئا ۽ انهن سان اٿڻ، ويهڻ، ملڻ ۽ ڳالهائڻ کي به گناهه سمجهندا هئا. حضرت عيسيٰ انهن سڀني ڳالهين کي رد ڪندي عام ماڻهن سان ملڻ، ڳالهائڻ، رهڻ وغيره سڀ شروع ڪري ڏنو، جنهن تي فريسين جي هڪ وفد جي اعتراض ڪرڻ تي حضرت عيسيٰ کين چيو ته ”انسان جي وات ۾ اندر ويندڙ شين سان ماڻهو پاڪ ناپاڪ نه ٿيندو آهي، بلڪ ان جي پاڪيزگيءَ يا ناپاڪيءَ جو تعلق انهن شين سان آهي جيڪي سندس وات مان ٻاهر نڪرن ٿيون.“ يعني حرام حلال کان وڌيڪ ماڻهوءَ جا خيال، عقيدا ۽ ٻين انسانن سان سندس زباني ۽ عملي سلوڪ اهم آهي.
پر توهان ڏٺو ته حضرت عيسيٰ جي وڃڻ کان پوءِ خود حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن سندس مذهب کي ڪٿي وڃي پڄايو. عيسائي ڪليسا جي سخت ۽ غيرفطري مذهبي قانونن ڪيئن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو.
ساڳيءَ طرح حضرت محمد ﷺ جن به يهودي ۽ مسيحي مذهبي پيشوائيت ۽ انهن جي فرسوده ڪمن ۽ پرڪارن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي. قرآن اهبار، رحبان ۽ ربيين کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو. جو اهي هڪ مخصوص مفاد رکندڙ طبقي جي شڪل اختيار ڪري ويٺا هئا. ۽ انهن پنهنجي مفادن لاءِ ماڻهن جو استحصال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، جنهن ڪري قرآن فرمايو ”انما الاحبار والرهبان لياکلون اموال الناس بالباطل“ (احبار ۽ رهبان ماڻهن جو ناجائز طريقن سان مال کائن ٿا.) احبار ۽ رهبان جي پنهنجي دؤر جي استحصالي طريقن جي سڌارڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪرڻ ۽ پنهنجي غلط ڪرت ۾ رهڻ بابت قرآن فرمايو ”لولا ينهاهم الربانيون والاحبار عن قولهم الاثم واکلهم السحت لبئس ماکانوا يعملون.“ (احبار ۽ رباني انهن کي خراب ڳالهائڻ ۽ حرام کائڻ کان ڇو نه ٿا روڪين اهي تمام خراب عمل ڪن ٿا.) يهودي ۽ مسيحي مذهبي پيشوائيت جڏهن مذهب مٿان اجاريداري (هڪ هٽي) قائم ڪري ورتي ۽ پنهنجي مفادن تحت مذهب جي غلط تشريح ڪرڻ شروع ڪئي ۽ انهن جي انهن غلط مذهبي تشريحن کي يهودي ۽ مسيحي عوام اکيون ٻوٽي قبول ڪري ويٺو ته ان بابت قرآن فرمايو ”اتخذوا احبارهم ورهبانهم اربابا من دون الله“ (انهن پنهنجي احبار ۽ رهبان کي پنهنجو خدا بنائي ڇڏيو هو، الله کي ڇڏي ڏنو هو.) يعني خدا جي پيرويءَ بجاءِ انهن مذهبي پيشوائن جي پيروي ڪئي. قرآن فرمايو ”يڪتبون الکتاب بايديهم ثم يقولون هاذا من عندالله“ (هٿ جا ڪتاب لکي پوءِ چون ته هيءُ الله وٽان آيل آهن) تقريرن ۽ غلط واعظن بابت چيو ويو ”يلوون السنتهم بالکتاب لتحسبون من الکتاب وما هو من الکتاب“ (ڪتاب جي رنگ ۾ پنهنجيون ڳالهيون چون ٿا ته جيئن تون سمجهي سگهين ته اهي ڪتاب جون ڳالهيون آهن پر اهي ڪتاب جون ڳالهيون نه هونديون آهن.) ان طرح يهودي ۽ مسيحي مذهبي پيشوائيت جيڪي ڪم ڪيا انهن سڀني تي هڪ هڪ ڪري قرآن شريف تنقيد ڪئي.
يهودين ۽ عيسائين ۾ ٻيو بنياد پرستيءَ وارو جيڪو تصور هو سو اهو هو ته انهن مان هر هڪ صرف پاڻ کي ئي حق تي سمجهندو هو ۽ ٻئي کي ناحق تي مڃيندو هو. جنهن تصور هيٺ مذهبي بنيادن تي منجهن سخت عداوتون ۽ دشمنيون پيدا ٿيون. ٻنهي گروهن مان جنهن کي به ڪٿي سرسي ٿي حاصل پئي ٿي ته اتي هڪ ٻئي جو استحصال ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي ظلم جو نشانو بڻائڻ کان ڪونه رهندا هئا. انهن جي ان تصور کي هٿي ڏيندڙ سندن هيءُ تصور به هو ته منجهائن هر هڪ چوندو هو ته ”لن يدخل الجنت الا من کان هودا او نصارا“ (جنت ۾ صرف يهودي يا نصارو داخل ٿي سگهي ٿو.) انهن جو هڪ تصور اهو به هيو ته ”اسين الله جا محبوب ۽ ان جا پٽ آهيون.“ يا انهن جو اهو تصور هو ته اسين بني اسرائيل خدا جي چونڊيل قوم آهيون، دنيا تي بادشاهي ڪرڻ صرف اسان جو حق آهي. مسيحين مطابق آسماني بادشاهن ۾ صرف مسيحي ئي حاڪم ٿي سگهندا. قرآن انهن جي انهن تصورن بابت فرمايو ”قالت اليهود ليست النصاريٰ عليٰ شيءِ وقالت النصاريٰ ليست اليهود عليٰ شيءِ وهم يتکون الکتاب“ (يهودي چون ٿا ته نصارا حق تي ناهن ۽ نصارا چون ٿا ته يهودي حق تي ناهن جڏهن ته ٻئي ڪتاب به پڙهن ٿا، اهڙيءَ طرح انهن وانگر اُهي به چوندا رهيا آهن جيڪي نٿا ڄاڻن، انهن جون سوچون هڪ جهڙيون ٿي پيون آهن) هن آيت ۾ اهڙي دعويٰ بابت چيو ويو آهي ته يهودين نصارن کان علاوه ماضي جون اهي قومون جيڪي ڪوريون ڄٽ ۽ جاهل هيون سي به اهڙي ڳالهه چونديون رهيون آهن. اهڙائي تصور اڄڪلهه مسلمانن ۾ به آهن. يعني جاهل ۽ اڻڄاڻ قومن جي مٿينءَ وصف واري تاريخي تسلسل ۾ مسلمانن به پاڻ ڳڻايو ۽ دعويٰ ڪري ويٺا ته صرف اسين ئي حق تي آهيون، صرف اسين ئي ڀلي امت آهيون صرف اسان ئي دنيا تي حڪمرانيءَ جو حق رکون ٿا. آخر ۾ مسيح ۽ مهدي به مسلمانن جي حڪومت قائم ڪندو. يهودين جي دعويٰ هئي ته آسماني بادشاهت قائم ڪندڙ مسيح اسرائيل مان ٿيندو ۽ دنيا تي اسرائيلي يهودين جي حڪومت قائم ڪندو ۽ ان آسماني بادشاهت ۾ صرف يهودي ئي شامل ٿي سگهندا. مسيحين جو خيال هو ته آسماني بادشاهت ۾ صرف مسيحي ئي ڇوٽڪارو ۽ آزادي لهي سگهندا. ۽ مسيحي دين ۽ حڪومت قائم ٿيندي. ساڳي طرح مسيح بابت مسلمانن پڻ چيو ته اهو اسلامي حڪومت قائم ڪندو ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جي برتري ۽ حاڪميت قائم ٿيندي. هندن ۾ به بلڪل ساڳيو تصور آهي ته آخري زماني ۾ سندن به ڪو اهڙو اچڻ وارو ايندو جيڪو سندن غلبو پوري دنيا مٿان قائم ڪندو.
قرآن اهڙي قسم جي خوشفهين جي ترديد ڪندي فرمايو ”تلڪ امانيهم قل هاتوا برهانکم ان کنتم صادقين“ (اهي انهن جون خوشفهميون، تمنائون ۽ سڌون آهن، چئو جيڪڏهن سچا آهيو ته ان لاءِ ڪو دليل ته پيش ڪيو.) ”ليس بامانيڪم ولا اماني اهل الکتاب من يعمل سوءَ يجز به“ (نه توهان (مسلمانن) جي تمنائن، سڌن ۽ خوشفهين تي آهي ۽ نه اهل ڪتاب جي سڌن ۽ تمنائن تي آهي، جيڪو به توهان مان بڇڙا لڇڻ ڪندو اهو انهن جي اثرن کان محفوظ نه رهي سگهندو.) الله تعاليٰ ڪاميابيءَ لاءِ ڪنهن قوم ۽ امت جي نسلي ۽ نسبي نسبتن کي بنياد نه بنايو آهي. ان لاءِ بهتر، صالح ۽ سڌريل عملن (اتقيٰ کم) کي بنياد بنايو آهي. قرآن اعلان ڪيو ”الذين آمنوا والذين هادو اولنصاريٰ والصابئين من آمن باالله واليوم الاخر وعمل صالحا فلهم اجرهم عندربهم ولا خوف عليهم ولاهم يحزنون“ (جن ايمان آندو آهي (مسلمان) يهودي، عيسائي، صابئي جيڪو به انهن مان الله تي، آخرت واري ڏينهن (عملن جي جزا سزا ۽ مڪافات عمل) تي ايمان آڻيندو، تنهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي ۽ انهن مٿان نه خوف هوندو نه ڳڻتي.) يعني نسبي يا نسلي طرح ڪنهن جو مسلمان، يهودي، عيسائي ۽ صابي هئڻ، نه ڪنهن کي جنت يا ڪاميابين جو حقدار بڻائي سگهي ٿو، نه ئي اهڙو تعلق ڪنهن کي جنت يا ڪاميابين کان محروم ڪرڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو. تعلق ڪهڙي به فرقي، مذهب يا قوم سان هجي، ڪاميابيءَ ۽ جنت ۾ وڃڻ لاءِ الله ۽ سندس جزا سزا جي قانون تي ايمان، عمل صالح ۽ ايمان تي آهي ۽ گڏوگڏ سڌريل سوسائٽي جي قيام جو هئڻ پڻ ضروري آهي. ٻين لفظن ۾ حق تي هئڻ جو تعلق نسبي ۽ نسلي ڳانڍاپي سان ناهي بلڪ ان جو تعلق حق واري وصف اپنائڻ سان آهي.
اهوئي سبب آهي جو قرآن يهودين ۽ نصارن کي فرمايو: ”لستم عليٰ شيءِ حتيٰ تقيم التورات والانجيل“ يعني توهان کي حق تي تڏهن چئبو جڏهن تورات ۽ انجيل جي انساني سڌاري واري نظام کي قائم ڪندؤ. ان ئي رواداريءَ جي بنياد تي قرآن ۾ فرمايو ويو:
وَکَیۡفَ یُحَکِّمُوۡنَکَ وَعِنۡدَہُمُ التَّوْرٰىۃُ فِیۡہَا حُكْمُ اللہِ ثُمَّ یَتَوَلَّوْنَ مِنۡۢ بَعْدِ ذٰلِکَ ؕ وَمَاۤ اُولٰٓئِکَ بِالْمُؤْمِنِیۡنَ ﴿٪۴۳﴾ اِنَّاۤ اَنۡزَلْنَا التَّوْرٰىۃَ فِیۡہَا ہُدًی وَّنُوۡرٌ ۚ یَحْكُمُ بِہَا النَّبِیُّوۡنَ الَّذِیۡنَ اَسْلَمُوۡا لِلَّذِیۡنَ ہَادُوۡا وَ الرَّبّٰنِیُّوۡنَ وَ الۡاَحْبَارُ بِمَا اسْتُحْفِظُوۡا مِنۡ کِتٰبِ اللہِ وَکَانُوۡا عَلَیۡہِ شُہَدَآءَ ۚ فَلَا تَخْشَوُا النَّاسَ وَاخْشَوْنِ وَلَا تَشْتَرُوۡا بِاٰیٰتِیۡ ثَمَنًا قَلِیۡلًا ؕ وَمَنۡ لَّمْ یَحْكُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الْکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (مائده 43-44)
تو کان فيصلا ڪيئن ٿا ڪرائن جڏهن ته وٽن تورات آهي، منجهس الله جا حڪم آهن، پر هي ان کان منهن ڦيريو ٿا ڇڏين، جو کين ان تي سچو ايمان ڪونهي. اسان تورات لاٿو آهي ان ۾ هدايت ۽ نور آهي، نبي ۽ انهن جا مڃيندڙ توڙي رباني ۽ احبار سڀ ان مطابق يهودين جا فيصلا ڪن ٿا، جو اهي ان ڪتاب جا حفاظت ڪندڙ ۽ نگران آهن.“
مطلب آهي ته يهودي آهيو ته ڇا ٿيو؟ پر پنهنجي آدرشن تي عمل ته ڪيو، اسان صرف اهو ٿا گهرون ته الاهي نور ۽ هدايت يعني تورات ۾ موجود اعليٰ آدرشن تي ئي توهان عمل ڪيو! پر يهودي ۽ مسيحي ان وقت ايترو فضول تصورن تي ڪاربند ٿي چڪا هئا جو انهن آدرشن ڏانهن سندن ذهن وڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو، جنهن ڪري مٿينءَ آيت ۾ خدا چيو ته اصل ۾ انهن آدرشن ۽ اعليٰ انساني تصورن، جيڪي تورات ۾ نور ۽ هدايت جي حيثيت ۾ موجود آهن، تن تي هنن کي ايمان ئي ڪونهي. يعني اهي ڳالهيون هنن جي دلين ۽ خيالن ۾ اچي ئي نه سگهيون آهن، جيڪي اصل دين جو روح آهن. اهائي ته اصل مصيبت آهي ته اعليٰ انساني تصورن، آدرشن ۽ اصولن تي ٻڌل دينن جا پوئلڳ جڏهن هڪ عرصو لنگهي انهن قدرن کي وساري بي روح مذهبي رسمن جي جڪڙبندي جو شڪار ٿيندا آهن، تڏهن اهي انهن فرسوده رسمن کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳندا آهن. انهن کي جڏهن سندن اصل ديني تصورن جي ياد ڏياربي آهي ته انهن ڏانهن هو نهارڻ لاءِ به تيار نه ٿيندا آهن. اهي اصل ديني تصور جيڪڏهن مذهبي رسم پرست، ڌيان ۾ آڻڻ ۽ انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ فرسوده رسمن کي ئي چنبڙي ويهي ٿا رهن ته ان لاءِ چيو ويو ته، ”اهي اصل ۾ مؤمن آهن ئي ڪونه“، ان ئي ڳالهه ڏانهن مون اشارو ڪيو ته مذهبن جي اهڙي صورتحال ”ڪفر“ سڏبي آهي. مٿي آندل آيت ۾ ان ئي صورتحال کي ڪفر چيو ويو آهي.
بهرحال ان آيت جو ٻيو اهم پهلو اهو آهي ته ان ۾ تورات ۾ موجود سچاين جي پڌرائي ڪئي وئي آهي. ان تي ئي عمل ڪرڻ جي يهودين کي آڇ ڪئي وئي آهي. ڇو ته خدا کي پڪ آهي ته يهودي جيڪڏهن توريت جي اصل تعليم تي عمل ڪندا ته ان ئي حقيقت تي رسندا جيڪا قرآن ۾ موجود آهي. اهو قرآن جي رواداريءَ جو ثبوت آهي ۽ ٻين مذهبن جي پوئلڳن کي نه رڳو برداشت ڪرڻ پر پوريءَ طرح انهن سان هم آهنگيءَ ۽ ڀائپيءَ جو اهو اعليٰ مثال آهي. ان سلسلي ۾ قرآن اهل ڪتاب کي پاڻ سان ملائڻ، هڪ هنڌ گڏجڻ ۽ متحد ٿيڻ جو هن طرح به سڏ ڏنو آهي. ”ما اهل الڪتاب تعالوا اليٰ ڪلمته سواءِ بيننا وبينکم ان لا نتخذ بعضنا بعضاً ارباباً من دون الله.“ اي اهلِ ڪتاب! ان هڪ نڪتي تي اچو، اسان سان گڏجو، جيڪو توهان ۽ اسان سڀني ۾ مشترڪ آهي ته الله کي ڇڏي، پاڻ مان هڪڙا ٻين کي خدا نه بنائيندا (يعني هڪ ٻئي کي معبود، غلام ۽ محڪوم نه بنائينداسين) هيءُ هڪ وڏو سڏ آهي ۽ هڪ وڏي دعوت آهي ته مذهبن جي نالي تي پنهنجي نسلي حاڪميت جون دعوائون ڇڏيو ۽ ان طرح هڪ ٻئي کي محڪوم بنائڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. اهو ئي اصول آهي جنهن هيٺ حضور ﷺ جن بار بار يهودين ۽ مشرڪن سان معاهدا ۽ صلح ڪيا، پر يهودي ۽ مشرڪ اهڙو ته خود پرستي ۽ پنهنجي برتريءَ جي بيماريءَ ۾ ورتل هئا جو هر دفعي ٿيل ٺاهن جون ڀڃڪڙيون ڪندا رهيا. پوءِ ايئن ٿيندو رهيو ته يهودي ۽ مشرڪ معاهدن جون جيتريون ڀڃڪڙيون ڪندا هئا، نتيجي ۾ ان مطابق سندن ڪن مروڙ ڪئي ويندي هئي. صلح حديبيه جي موقعي تي حضور جن مشرڪن جا سڀ سخت شرط قبول ڪيا پر ٺاهه جو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏنو، ايتري تائين جو پنهنجي نالي پٺيان، ”رسول الله“ جو جملو به ڪٽي ڇڏڻ قبول ڪيائون، جڏهن ته اصل شيءِ ئي اها هئي ته حضور جن کي رسول الله مڃي سندن ديني هدايت جي پيروي قبول ڪئي وڃي. پر پاڻ سڳورن صرف معاهدي خاطر ايڏي وڏي قرباني به ڏئي ڇڏي.
حضرت موسيٰ جي زماني ۾ بني اسرائيل جڏهن فرعون کان آزاد ٿي درياءَ نيل ٽپي هڪ وادي ۾ اچي رهڻ لڳا، حضرت موسيٰ چاليهن ڏينهن لاءِ طورسينا جبل تي ويو. پويان سندس قوم گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني. واپسيءَ تي حضرت موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ هارون کي مٿن نگران مقرر ڪري ويو هو تنهن کي اچي ورتائين، تنهن تي حضرت هارون جا لفظ قرآن جيڪي نقل ڪيا آهن سي ڏسو: ”يا ابن ام لا تاخذ بلحيتي ولابرئسي اني خشيت ان تقول فرقت بين بني اسرائيل.“ ڀاءُ! منهنجو مٿو، منهنجي ڏاڙهي نه پٽ، مون کي خوف ٿيو ته متان تون چئين ته تو بني اسرائيلن ۾ فرقا ٺاهي ڇڏيا.“ يعني حضرت هارون بني اسرائيلن کي بت پرستيءَ کان ان ڪري نه روڪيو ته منجهن فرقا نه ٺهي پون. هڪ نبي بت پرستي ته برداشت ڪري ٿو پر فرقن ٺهڻ کي پسند نٿو ڪري. ان ئي طرح حضور ﷺ جن به رسول الله جو جملو معاهدي جي لفظن مان ڪٽڻ قبول ڪيو، پر معاهدو هٿان وڃڻ نه ڏنو.
حضور ﷺ جن جي مڪي جي فتح جو پس منظر به ڏاڍو دلچسپ آهي. صلح حديبيه ۾ عربي قبيلن کي به شريڪ ڪيو ويو هو، جن جي حديبيه جي ٺاهه ۾ شرڪت ان طرح ٿي ته هڪڙا حضور جن جا حليف ٿيا ته ٻيا مڪي جي قريشن جا. خزاعه قبيلو مسلمانن جو حليف ٿيو ۽ خزاعه قبيلي جو هڪ دشمن قبيلو هيو بنو بڪر جيڪو قريشن جو حليف ٿيو. ان طرح حديبيه جو امن معاهدو ٿيو. ٿوري عرصي کان پوءِ بنوبڪر قبيلي خزاعه مٿان حملو ڪيو، مڪي جي قريشن ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي خزاعه جي خلاف بنوبڪر جي مدد ڪئي ۽ حرم ۾ انهن جو رت وهايو. اهي ٻئي وڙهندڙ قبيلا مشرڪ هئا. خزاعه قبيلي جا ماڻهو حضور ﷺ جن وٽ دانهن کڻي آيا. حضور ﷺ جن قريشن کي چوائي موڪليو ته خزاعه قبيلي جي ماريل ماڻهن جو خون ڀري ڏيو يا بنوبڪر جي حمايت ۽ مدد تان هٿ کڻي وڃو يا حديبيه جي معاهدي جي خاتمي جو اعلان قبول ڪيو. قريشن پوئين ڳالهه قبول ڪئي. جنهن تي حضور جن قريشن تي حملو ڪيو ۽ مڪو فتح ڪيو ۽ قريشن جي ڏاڍ مڙسيءَ اوڙي پاڙي جي ڪمزور قبيلن مٿان سندن زيادتيءَ، ظلمن ۽ ڏاڍ جو خاتمو ٿيو. قريشن جيڪي اهڙي قسم جون زيادتيون ڪندا هئا انهن جو هڪ تمام وڏو داستان آهي جيڪو هڪ الڳ موضوع آهي.
توهان ڏسو ته مڪي جي فتح ۾ مسلمانن جي ڏهه هزار اصحابن جو لشڪر هڪ مظلوم پر مشرڪ قبيلي جي مدد خاطر جنگ لاءِ تيار ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ مڪو به فتح ٿيو ته قريشن جي ڏاڍائي جو به خاتمو ٿيو. ان سڀ ڪجهه هوندي به پاڻ سڳورن هيڏي وڏي مڪي جي فتح جي موقعي تي سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو، هڪ به جنگي قيدي نه ٿيو. پاڻ فرمايائون ”توهان مان جيڪو ابوسفيان جي گهر ۾ داخل ٿيندو اهو آزاد آهي.“ متان ڪو اسان وٽ هلي اچڻ ۾ عار محسوس ڪري، اسان خلاف جنگين جي قيادت ڪندڙ توهان جي ابوسفيان جي گهر ۾ توهان داخل ٿيو، توهان آزاد آهيو.
قرآن شريف مڪي جي ڪنهن به مشرڪ سردار جي شڪست يا برباديءَ جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي پر ابولهب جو ذڪر ڪيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ابولهب ڪعبي جو متولي هو، ۽ مشرڪن جو مذهبي پيشوا هو ۽ هن پيشوائيت جو فائدو وٺي مفت جو تمام وڏو مال گڏ ڪيو هو، وڏو سرمايو ميڙيو هو. ڪعبي ۾ محتاجن لاءِ افادي جو مال گڏ ڪيو ويندو هو، اهو به سڄو هي هڙپ ڪري ويندو هو. ڪعبي جي خزاني منجهان هڪ سونو هرڻ چوري ٿيو هو ان جو الزام به ابولهب تي هو. اصل ۾ هيءُ ئي مشرڪن جو روح روان هو، ٻيا سڀ هن جي پٺيان هئا. قريش جي ظلم ۽ ڏاڍ جو بنياد به ڪعبي جي ولايت ۽ اڳواڻي هئي ان ذريعي انهن ماڻهن جو تمام گهڻو مذهبي استحصال ڪيو هو. ان جو سڄو ذميوار به هيءُ ئي هو. بدر جي جنگ ۾ به هيءُ شخص هڪ سهل پسند اڳواڻن جيان پاڻ شريڪ نه ٿيو، ٻين سڀني کي اڳيان ڪري موڪلي ڇڏيائين. ان ڪري مڪي جي فتح سان اصل ۾ ابولهب جي ڪعبي جي ولايت ختم ٿي. دين جي ڪاميابيءَ سان قريش جي مذهبي پيشوائيت جي نمائندي جو خاتمو ٿيو. ۽ قرآن ان کي ئي اصل ۾ سڀ کان وڏي فتح سمجهيو جنهن ڪري ابولهب جي تباهيءَ جو قرآن ذڪر فرمايو. ابولهب بدر جي جنگ کان پوءِ ستين ڏينهن پنهنجي موت مري ويو هو.
مڪي جي فتح مهل اُهي مهاجر به اڄ فاتح لشڪر جا مضبوط ۽ مسلح سپاهي هئا، جن مديني ڏانهن وڏي مظلوميت سان هجرت ڪئي. قريشن پويان انهن جي جائدادن، ملڪيتن ۽ گهرن گهاٽن تي قبضو ڪري ڇڏيو هو. پاڻ مهاجرن کي فرمايائون، توهان اهي سڀ پنهنجون ملڪيتون کين بخشي ڇڏيو، ۽ پنهنجي حقن تان هٿ کڻي وڃو. پاڻ سڳورا جڏهن مديني هجرت لاءِ وڃي رهيا هئا ته عثمان ابن ابي طلحه کي چيائون ته ڪعبي جو دروازو کول ته آخري دفعو ويندي ويندي ڪعبي جي زيارت ڪري پنهنجيون اکيون ٿڌيون ڪيو وڃان. عثمان بن طلحه دروازو کولڻ کان انڪار ڪيو، پاڻ ماٺ ڪري ٻاهر نڪري آيا، پر ايترو چيائون ته اڄ تون مون لاءِ دروازو نه ٿو کولين، مرضيءَ جو مالڪ آهين، پر اهو وقت به اچڻ وارو آهي، جو اها ئي چاٻي آءٌ جنهن جي هٿ ۾ ڏيندس، قيامت تائين ان جي هٿ ۾ رهندي. مڪي جي فتح مهل اهو ساڳيو عثمان بن طلحه حضور جن جي سامهون ماڻهن جي ميڙ ۾ بيٺو هو، پاڻ ان کي ڏٺائون، پڇيائون ته اهو واقعو ياد اٿئي؟ ان هائوڪار ڪئي، پاڻ اڳتي وڌيا، ماڻهو اکيون ڦاڙيو ان پريشانيءَ ۾ ڏسي رهيا هئا ته ڏسجي ته اها چاٻي ڪنهن کي ٿي ڏني وڃي. پاڻ سڳورن اڳتي وڌي ساڳئي عثمان کي چاٻي ڏئي ڇڏيائون! ڪٿي ڪنهن به واقعي ۾ انتقام، بدلو ۽ دشمني نه، پر رڳو رحمت ئي رحمت. پاڻ سڳورن جي زندگيءَ جو سڄو عمل ۽ جدوجهد جو سڄو محور انساني سڌاري جو اصول هو. پاڻ فاتح نه پر سڌارڪ هئا. ڪٿي جيڪڏهن تلوار کڻڻي پئي ته اها به صرف انساني سڌاري خاطر.
پر تاريخ پاڻ کي وري دهرايو آهي، اڄ ساڳين اعليٰ قدرن جي پاسداري ڪندڙ مسلمانن جو ساڳيو حال آهي جيڪو يهودين ۽ نصارن جو هو. جن حالتن کي قرآن ڪفر سڏيو سي ساڳيون وصفون ۽ حالتون اچي مسلمانن پاڻ ۾ پيدا ڪيون. موجوده مسلم بنياد پرستيءَ جو نظارو توهان اسان اڳيان آهي. پاڻ ڪنهن غير مسلم کي گهمندو ڦرندو ڏسي رت ٿي ٿا وڃون، انتقام ڀڙڪي ٿو پئي. پاڻ وٽ ڪابه غير مسلم اقليت ته محفوظ ڪانهي، پر مسلمان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مخالف فرقن لاءِ به ڪا نرمي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪيترائي فرقا ۽ مذهبي گروپ هڪ ٻئي خلاف ڪات ڪهاڙ اکنيو ٿا گهمن. وڏي ڳالهه اها آهي ته انهن جو اهو جهيڙو اقتصادي برابريءَ واري قرآني معاشي نظام قائم ڪرڻ، سياسي ۽ سماجي استحصال کان نجات ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ آدرشن جي بنياد تي ڪونهي پر فرسوده تصورن، فروعي مسئلن ۽ فضول بحثن تي اهي وڙهيل آهن. انساني ڀلائيءَ جي اعليٰ قدرن ۽ آدرشن جو جيڪڏهن مذهبي جماعتن مان خاتمو ٿي وڃي، محض چند رسمي مسئلن کي بنياد بنائي انسانيت سان محبت بجاءِ نفرت ڪئي وڃي، رسمن خاطر حرمت انسانيت کي پاش پاش ڪري، انسانيت کي ظلمن ۽ زيادتين جو نشانو بنايو وڃي، ته اها ئي مذهبي کوکلائپ ۽ چريائپ بنياد پرستي آهي ۽ ڪفر آهي. مذهبي رسمن جي بنياد تي ڪنهن سان نفرت ۽ ظلم زيادتي جائز هجي ها ته حضورﷺ جن جي عمل ۾ به اها موجود هجي ها پر سندن پوري زندگيءَ ۽ قرآني تعليمات ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي.
(سنڌ فورم، مارچ 2000ع)