تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

موت کان پوءِ جو معاملو شاه ولي الله جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ : مولانا عبيدالله سنڌي

هن دنيا ۾ حياتيءَ جي خاتمي کان پوءِ انسان تي ڇا گذري ٿو ۽ کيس ڪهڙيون ڳالهيون درپيش اچن ٿيون، تن سڀني کي بيان ڪرڻ کان اڳ هڪ مقدمي جي تمهيد ناگذير آهي. موت کان پوءِ وارين حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته پهريائين روح کي سمجهيو وڃي.
عام مفسرن روح جي مسئلي کي متشابهات جي ضمن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو آهي ته ڪوبه مفڪر مابعدالموت جي مسئلي جي ويجهو وڃڻ جي جرائت ئي نه ٿو ڪري. عقائد جي ڪتاب ۾ توحيد ۽ نبوت جي مسئلي کي ته عقلي مڃيو وڃي ٿو، ليڪن قبر جي عذاب کان وٺي ويندي حشر نشر، جزا ۽ سزا جي سڀني ڳالهين جو دارومدار محض نقل ٿيل ڳالهين تي رکيو ويو آهي. شاهه ولي الله جي نظر ۾ موت کان پوءِ ايندڙ جنهن زندگيءَ کي قرآن پيش ڪري ٿو تنهن جي احاطي کان عقل قاصر نه آهي. (شاهه ولي الله اور ان ڪا فلسفه مولانا عبيدالله سنڌي ص 43-44)
انسان جي جسم اندر هڪ لطيف بخار موجود آهي، جيڪو انسان جي چئن خلطن جي خلاصي جي پيدائش آهي. اهي چار خلط هي آهن: سودا، صفراءِ، بلغم ۽ خون. ليڪن انهن ۾ خون جو حصو البت سوايو آهي، تنهن ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته، اهو (لطيف بخار) خون جي خلاصي مان بڻجي ٿيو. اهي چار خلط وري چئن عنصرن يعني هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه، مان جڙيل آهن. هيءُ بخار جيڪو هڪ سفيد ڪوهيڙي مثل هڪ مليل شيءِ آهي، سو ساري ڪثيف جسم ۾ پکڙيو پيو آهي ۽ جسم جي هر حصي کي پنهنجي ڪم ۾ لائڻ لاءِ هيءُ ئي جوابدار آهي.
حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن کان هن جي حقيقت ڪا مخفي ڪانه آهي. جيستائين اهو انسان (يا ڪنهن حيوان) جي جسم ۾ آهي. تيستائين اهو انسان (يا حيوان) جيئرو آهي ۽ جڏهن اهو جسم کان جدا ٿئي ٿو، تڏهن انسان مري وڃي ٿو. انهيءَ لطيف بخار کي اسين ”نسمو“ سڏيون ٿا. بدن ۾ ان جو مثال ايئن آهي جيئن گلاب جو عرق گلاب جي گل ۾ يا ڪوئلي ۾ باهه.
هيءُ روح هيٺاهين قسم جو آهي جنهن جي پيدائش (تڪوين) هيئن ٿئي ٿي:
کاڌو جڏهن معدي ۾ پهچي ٿو تڏهن پهريائين اتي پچي ٿو. اتان پوءِ ان جو خلاصو بخار جي صورت وٺي جيري وٽ اچي ٿو، جتي وري ٻيو دفعو پچي ٿو. ان بعد هيءُ پچيل بخار چئن خلطن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. خون وارو خلط قلب (دل) جي طرف ڇڪجي اچي ٿو، جتي ان جي هڪ خالي خاني ۾ ڪٺو ٿئي ٿو ۽ ڦري هڪ باريڪ هوا جي صورت وٺي ٿو، جا (هوا) وري دل جي هڪ ٻئي خاني ۾ جمع ٿئي ٿي. انهيءَ کان پوءِ ان باريڪ هوا جو ڪجهه حصو دماغ جي طرف چڙهي ٿو ۽ اتي وڃي ڏهن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو. انهن مان پنج ته ظاهر آهن جهڙوڪ: ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ جون قوتون، جن ۾ نسمي جو حصو سرايت ڪري (پيهي) وڃي ٿو. ان سببان ئي اکيون ڏسن ٿيون ۽ ڪن ٻڌن ٿا. اکيون ۽ ڪن وغيره نسمي جا اوزار آهن، جن جي وسيلي هو ڏسي ۽ ٻڌي ٿو. باقي پنج باطني حصا آهن، جيئن ته حس مشترڪ، خيال، وهم، حافظي جي قوت جيڪا معاش کي محفوظ رکي ٿي ۽ قوت مدرڪه، جا انهن ٻنهي (ظاهري ۽ باطني) قوتن جي جامع ۽ انهن ۾ تصرف به ڪري ٿي. هي پويون پنج قوتون، پوءِ جيتوڻيڪ کڻي انهن جون دماغ ۾ پنهنجون پنهنجون خاص جايون آهن، مگر تنهن هوندي به انهن جو حڪم ساري بدن تي جاري ۽ ساري آهي.
نسمي جي هڪڙي قسط دماغ کان لهي اچي جيري وٽ پهچي ٿي ۽ پوءِ اتي مختلف عضون ۽ قوتن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي جيڪي قوتون وري ساري بدن ۾ روان دوان آهن. اهي پوءِ بدن ۾، پيدا ڪرڻ، وڌائڻ، خوراڪ پهچائڻ ۽ صورت ٺاهڻ (توليد، تنميه، تغذيه ۽ تصوير) جو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. جيري ۽ دماغ جون قوتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل سنڍيل آهن ۽ نسمي جي باقي هڪ قسط جا قلب ۾ رهي ٿي سا ٻنهي دماغي ۽ جگري قوتن ۾ تصرف ڪري ٿي.
نسمو هڪ شهر جي نظام مثل آهي. جيرو گويا انهيءَ شهر جو هڪ گورنر آهي، جنهن تي آمدنيءَ ۽ روانگيءَ جو ڪم رکيل آهي. عضوا، انهيءَ شهر جي رهاڪن (باشندن) مثل آهن ۽ دماغ هڪ اهڙو ڏاهو ۽ حڪيم آهي جيڪو بادشاهه کي هر وقت مشورو ڏئي ٿو ۽ قلب هڪ بي پرواه بادشاهه وانگر آهي. هو جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ گهري ٿو تڏهن ان کي پوري ڪرڻ لاءِ سارو زور لائي ٿو ۽ پنهنجي حڪم کان هٽي ئي نه ٿو ۽ بدن جي ساري رعيت کي سندس چوڻ مڃڻو ئي پوي ٿو.
انساني نسمي جي هيءَ خاصيت آهي ته، بغير زبان جي چکي به سگهي ٿو ۽ ڪنن کان سواءِ ٻڌي به سگهي ٿو. اهو هن طرح آهي ته نسمي ۾ هڪ اجمالي حس موجود رهي ٿو جنهن جو نالو حس مشترڪ آهي، انهيءَ جي ذريعي انسان جي پنجن حواسن مان هر هڪ حس صرف پنهنجي خيالي قوت سان شين جو اڳ ۾ ئي ادراڪ ڪري وٺي ٿو مثلا: چکڻ جي حس جي خيالي قوت هيءَ آهي ته انسان جڏهن کاڌي جي ڪنهن مزيدار شيءِ کي ڏسي ٿو، تڏهن چکڻ کان سواءِ ئي محض ڏسڻ سان ان جو وات پاڻي ٿي وڃي ٿو.
جڏهن ماڻهو ڪنهن مهلڪ بيماريءَ يا ڪنهن ڌڪ لڳڻ يا ڪنهن ٻئي اهڙي سبب ڪري مري ٿو تڏهن سندس نسمو گهڻو هيڻو ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو، ڇالاءِ جو چار خلط جيڪي ان جي پيدائش جا ذميوار هئا سي باقي نه رهيا، مگر ان هوندي به هو بالڪل فنا نٿو ٿئي ۽ منجهس حياتي ٿوري يا گهڻي قائم رهي ٿي ۽ پوءِ قدرت جي طرفان ان تي رحمت ۽ شفقت جي پالوٽ ٿئي ٿي، جنهن سببان ان جي حياتيءَ ۾ وڌيڪ قوت اچي وڃي ٿي ۽ هو ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿي پوي ٿو. هن دنيا ۾ جيئن نسمي لاءِ هيءُ بدن هڪ سواري آهي، تيئن آخرت ۾ وري نسمو حقيقي روح لاءِ هڪ سواري ٿي رهندو. (حجة الله البالغه الجزءِ الاول ص -19)
حقيقي روح مان مراد انساني روح آهي، جنهن کي فيلسوف، ”نفس ناطقه“ چون ٿا. اهو هڪ فرداني حقيقت ۽ نوراني نقطو آهي. ان ۾ برخلاف نسمي جي (جنهن جي مقدار ۽ ڪيفيت ۾ ماڻهوءَ جي ڄمڻ کان ويندي سندس مرڻ تائين تبديليون ٿينديون رهن ٿيون) ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ٿي اچي. ان جو سڌو سنئون تعلق نسمي سان رهي ٿو ۽ ان جي ذريعي باقي جسم سان.
نفس ناطقه هڪ شخصي صورت آهي، جنهن سبب انساني فرد، اهو فرد سمجهيو وڃي ٿو. صورتن جي ته خاصيت ئي اها آهي جو اهي مناسب هيوليٰ سان تعلق رکن ٿيون ۽ اهو مناسب هيوليٰ اهڙو هجي جيئن انهن صورتن کي صحيح چٽي سگهي. نفس ناطقه نهايت صاف ۽ نهايت لطيف صورت آهي. تنهن ڪري ان کي نهايت لطيف جسم سان تعلق رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه آهي، ليڪن اهو لطيف جسم اهڙو معتدل هجي جيئن حقيقي روح (نفس ناطقه) سان گهڻي ڀاڱي مشابهت رکندڙ هجي ته جيئن اهو روح ان ۾ پنهنجو ظهور چڱيءَ طرح سان ڪري سگهي. نسمو ڇاڪاڻ ته نهايت لطيف ۽ معتدل آهي تنهن ڪري حقيقي روح سان تعلق رکڻ جو پورو اهل آهي. (حجة الله البالغه الجزءُ الاول ص 19-32)
موت جي وقت اهو نسمو آهي جيڪو جسم کان جدا ٿي وڃي ٿو ۽ جنهن سبب موت واقع ٿئي ٿو. اصلي روح جو تعلق پوءِ به نسمي سان قائم رهي ٿو. اهو بلڪل غلط آهي ته موت وقت حقيقي روح، مادي (نسمي) کان مطلقاً الڳ ٿي ويندو آهي. اهو مادي (نسمي) اندر اهڙي طرح سان حلول ڪري ويندو آهي جهڙيءَ طرح نسمو پاڻ جسم ۾ حلول ڪري ويو هو ۽ جهڙي طرح هي جسم هن دنيا ۾ نسمي لاءِ هڪ سواري هو، تهڙيءَ طرح نسمو خود موت بعد حقيقي روح (نفس ناطقه) لاءِ هڪ سواري بڻجي ويندو. ٻين لفظن ۾ ان هنڌ حقيقي روح جو بدن نسمو هوندو. (حوالو ساڳيو ص- 33)
خاڪي مادي جي زائل ٿيڻ ڪري حقيقي روح (نفس ناطقه) کي ڪوبه نقصان ڪونه ٿو رسي. پوءِ ان جو حال ان ماهر ڪاتب جيان ٿئي ٿو جنهن جون آڱريون جيڪڏهن ڪٽيون به وڃن ته به سندس ڪتابت جو ملڪو پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿو.
ماڻهوءَ جي موت بعد سندس هي خاڪي جسم ڳري، فنا ٿي وڃي ٿو ۽ روح جو تعلق وڃي ٿو نسمي سان رهي ۽ نسمو باطل نٿو ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن نسمو باطل ٿي وڃي ته پوءِ ماڻهوءَ کي جزا ۽ سزا ڪيئن ملي. نسمي کان سواءِ رڳو نفس، عذاب يا ثواب جي لائق ئي نه آهي. تڏهن اهو خدا تعاليٰ جي حڪمت جي سراسر خلاف چئبو جو ان کي مادي کان سواءِ رنج يا راحت پهچائي وڃي. انهيءَ جو مثال اسان اڳيان موجود آهي.
جڏهن بدن باطل ٿي ويندو آهي يعني ته روح کانئس جدا ٿي ويندو آهي، تڏهن نه ته ان کي ڪو تپ ايندو آهي ۽ نه منجهس ڪا ڦٽ ڦرڙي پيدا ٿيندي آهي ۽ نه ان کي انهيءَ سبب ڪو ايذاءُ ئي رهندو آهي. الله تعاليٰ جو ته پنهنجي مخلوق ۾ هڪ راز رکيل آهي ته هو ڪنهن به شيءِ سان اهڙو معاملو نٿو ڪري جيڪو ان جي جبلت (طبيعت) جي تقاضائن جي خلاف هجي.
نفس ناطقه جي اها هڪ جبلي تقاضا آهي ته سندس تعلق جسم سان اهڙو رهي جهڙو معدني، نباتي، حيواني ۽ انساني صورت جو تعلق جسم سان رهي ٿو. انسان جي مرڻ کان پوءِ نسمو، جسم جون قلبي ۽ دماغي قوتون پنهنجي هوائي جوهر ۾ قائم رکيون ايندو آهي ۽ قبر ۾ عذاب يا ثواب به انهيءَ نسمي سان کيس ڏنو ويندو. (”تفهيمات“ جلد اول ص 166)
موت کان پوءِ انسان هڪ اهڙي عالم (جهان) طرف منتقل ٿئي ٿو جنهن کي پيغمبرن جي زبان مطابق ”عالم قبر“ چيو وڃي ٿو، جنهن جي سمجهاڻي از حد ضروري آهي.
انسان ننڊ ۾ ڪي خواب لهي ٿو ۽ هو جو ڪجهه انهن خوابن ۾ ڏسي ٿو سو سندس خيالن ۽ عملن جو عڪس آهي. اهي خيال ان جي بيداريءَ جي حالت ۾ سندس گهڻين مشغولين سبب دٻيل رهن ٿا. ننڊ ۾ جڏهن حواس ڪم ڪرڻ کان بيهي (معطل ٿي) وڃن ٿا، تڏهن اهي آسانيءَ سان ظاهر ۽ آڏو اچي وڃن ٿا. صفراوي مزاج ننڊ ۾ ڏسي ٿو ته مان هڪ خشڪ جهنگل ۾ آهيان، اونهاري جو ڏينهن آهي ۽ جهولو لڳي رهيو آهي ۽ عين انهيءَ وقت انهيءَ جهنگل کي باهه اچي وڪوڙيو آهي. مان هر طرف کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ هٿ پير هڻان ٿو، مگر ڀڄي نڪرڻ جي ڪا واهه نه ٿو ڏسان، تان جو ان ٻيلي (جهنگل) کي باهه ساڙيندي مون کي به وڪوڙي وڃي ٿي، جنهن سببان مون کي گهڻو درد ۽ ايذاءُ رسي ٿو.
انسان جيڪڏهن غور ڪري ته هو سمجهي ويندو ته ننڊ جي عالم ۾ اهي سندس خيال ئي هئا جيڪي هڪ صورت وٺي آيا. بس قبر واري دنيا کي به هن خوابن واري دنيا تي قياس ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن قبر واري عالم کي عالم رؤيا (خواب جي دنيا) سڏيو وڃي ته به بيجا نه ٿيندو. فرق فقط هيءُ آهي ته خوابن واري دنيا مان ماڻهو جلدي سجاڳ ٿي هن مادي دنيا ڏانهن واپس اچي ٿو، ليڪن قبر واري دنيا ۾ هن کي اها ننڊ هوندي جنهن مان هو قيامت کان اڳ جاڳي نه سگهندو. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي ننڊ کان پوءِ سجاڳي نه ٿئي ته هو تنهن ۾ ذرو به شڪ نه آڻيندو.
(حجة الله البالغه الجزءُ الاول ص 34-35)
قبر واري جهان کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
اهو ماڻهو جنهن تي هن (مادي) دنيا ۾ سبعيت (غصو) غالب آهي سو قبر ۾ ڏسندو ته هڪ درندو (وحشي جانور جهڙوڪ، شينهن يا بگهڙ) پنهنجي چنبن سان مون کي رهڙي رهيو آهي. ڪنجوس وري ڏسندو ته مون کي نانگ ۽ وڇون ڏنگي رهيا آهن ۽ اتي فوقاني علمن جو نزول کيس ٻن فرشتن جي صورتن ۾ نظر ايندو جيڪي ان کان سندس پروردگار، سندس دين ۽ حضرت محمد ﷺ جن بابت سوال ڪندا.
آنحضرت ﷺ جن هڪ دفعي حضرت عمر رضي الله کي چيو ته، تنهنجو ان وقت ڪهڙو حال هوندو جڏهن ٻه فرشتا منڪر ۽ نڪير زمين کي پنهنجي ڏندن سان کوٽيندا تو وٽ ايندا. انهن جا وار گوڏن تائين لٽڪيل هوندا ۽ سندن آواز گجگوڙ وانگر هوندو ۽ سندن اکيون بجليءَ جيان چمڪندڙ هونديون. انهن جون اکيون نيريون هونديون ۽ سندن هٿن ۾ لوهه جا گرز هوندا ۽ هر گرز ايترو ته ڳرو هوندو جو ان کي اهل منيٰ گڏجي به کڻي نه سگهندا، ليڪن انهن جي هٿن ۾ هڪ رواجي سوٽيءَ (لٺ) مثال هوندا. ان تي حضرت عمر رضي الله عرض ڪيو ته، ڀلا سائين! ان وقت مان پنهنجي هن موجوده حال تي هوندس؟ پاڻ فرمايائون ته هائو! تنهن تي حضرت عمر رضي الله چيو ته پوءِ مان انهن لاءِ ڪافي آهيان.
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا عمل موچارا ۽ پسنديده آهن ته هو ان مهل (قبر ۾) خوبصورت ملائڪن کي ڏسي ٿو جن جي هٿن ۾ پٽ جا وڳا ۽ مشڪ هوندي آهي. پوءِ ان لاءِ آسمانن جا دروازا کلي پوندا آهن ۽ هر طرف کان ڀلي نالي سان سڏيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن هو ڪافر آهي ته ان تي ڪار منهان ملائڪ نازل ٿين ٿا، جن جون اکيون نيريون هونديون آهن ۽ سندن هٿن ۾ مترڪا هوندا آهن.
هن ڳالهه کي هيئن چوڻ به درست آهي ته، ”جڏهن ٻانهو مري ٿو تڏهن قبر ۾ ٻه ملائڪ وٽس اچن ٿا جن مان هڪڙي جو نالو منڪر آهي ۽ ٻئي جو نڪير. اهي پوءِ کانئس سندس رب، سندس دين ۽ آنحضرت ﷺ جن بابت سوال پڇن ٿا. پوءِ جيڪڏهن هو مؤمن آهي ته چوي ٿو ته، منهنجو دين اسلام آهي ۽ حضرت محمد ﷺ الله تعاليٰ جو ٻانهو ۽ رسول آهي. ان کان پوءِ سندس قبر ۾ جنت جو دروازو کوليو وڃي ٿو ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته تون بي فڪر ٿي مٺي ننڊ ڪر! پر جيڪڏهن ٻانهو ڪافر آهي ته هو ڪوبه جواب ڏئي نٿو سگهي. سندس قبر پوءِ سوڙهي ڪئي وڃي ٿي، تان جو سندس پاسيريون اچيو ٿيون هڪ ٻئي سان ملن ۽ دوزخ مان تپايل مترڪن سان کيس ماريو ۽ ڪٽيو وڃي ٿو.“
هن ساڳيءَ عبارت کي هن طرح ادا ڪرڻ به صحيح آهي ته جڏهن مڙدو قبر ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏهن هڪ موچاري (سهڻي) منهن وارو وٽس اچي کيس چوي ٿو ته، مان تنهنجو صالح عمل آهيان، جنهن سان پوءِ هن جي دل لڳي ٿي ۽ سندس لاءِ بهشت جو دروازو کوليو وڃي ٿو. جتان نهايت وڻندڙ ۽ عطريلي هوائون اينديون رهن ٿيون. ٻانهو جيڪڏهن مؤمن نه آهي ته هڪ ڪارمنهو وٽس حاضر ٿئي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته مان تنهنجو برو فعل آهيان. هو ان کي ڏسي گهٻرائجي وڃي ٿو ۽ پوءِ سندس لاءِ دوزخ جو دروازو کوليو وڃي ٿو، جتان هر وقت بدبودار ۽ ساڙيندڙ هوائون وٽس اينديون رهن ٿيون.
هي مٿيان بيان ڪيل واقعا سڀ هڪ حقيقت آهن. انهن ۾ نڪي مجاز آهي ۽ نه وري ڪو معنوي ڳالهين جي حسي ڳالهين ذريعي ڪا تشبيهه آهي. هيءَ انهن واقعن جي هڪ عرفي تعبير (سمجهاڻي) آهي جا عام طور تي خود تعليم ڏيڻ وقت متعين ڪئي ويندي آهي.
ليڪن هتي هن ڳالهه کي ياد رکڻ گهرجي ته اهڙن واقعن کي سمجهائڻ لاءِ ٻه عبارتون آهن. انهن مان هڪڙي عرفي عبارت آهي، جنهن ۾ واقعي کي بعينه (جيئن آهي تيئن) بيان ڪيو ويندو آهي، مثلاً: بيماريءَ جي حالت ۾ چئبو آهي ته، فلاڻي کي تپ آهي يا مٿي ۾ سور آهي وغيره. ٻي عبارت طبيعت ۽ ڊاڪٽر واري آهي ۽ اهو انهيءَ مرض (تپ يا مٿي جي سور) لاءِ هيئن چوندو آهي ته، فلاڻي تي صفراء جو غلبو ٿي ويو آهي، جنهن سببان منجهس هي آثار پيدا ٿيا آهن. پيغمبر ۽ نبي سڳورو هميشه پهرين عبارت (يعني عرفي عبارت) استعمال ڪندو آهي، يعني ته هو اها زبان ۽ ٻولي ڳالهائيندو آهي جا عام ماڻهو ڳالهائيندا ۽ سمجهندا آهن.
(البدورالبازغه ص 149-152)
بهر ڪيف قبر ۾ ماڻهوءَ کي ٻن قسمن جي سزا ملندي. پهرين هيءَ ته ان جيڪي چڱايون يا برايون ڪيون هونديون، تن جو ادارڪ ان لاءِ راحت ۽ رنج جو باعث ٿيندو. هو جڏهن ملاءُ الاعلي کي پنهنجي طرف نفرت يا خوشي سان نظر ڪندو ڏسندو تڏهن هن جي خوشي يا رنج جي ڪا حد ئي ڪانه رهندي. هو انهن کي ڪنهن پردي کان سواءِ ظاهر ظهور ڏسي يا پردي اندر انهن جو معائنو ڪري ڪجهه فرق ڪونه ٿو آڻي. جيئن ڪنهن وقت هو پنهنجي خيال ۾ ڪن شين جون شڪليون ڇڪي آڻيندو آهي ۽ ان سببان رنج يا راحت حاصل ڪندو آهي. مثال طور، ننڊ وارو پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي کي هڪ وحشي جانور جي صورت ۾ ڏسندو آهي.
جزا ۽ سزا جو ٻيو قسم هيءُ آهي ته اتي ڪن ملائڪن کي جيڪي ان هنڌ ۽ ڪم لاءِ مقرر ڪيل آهن، الهام ڪيو ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو هڪ سهڻي يا ڪوجهي صورت ۾ سندس اڳيان ٿي کيس ڏک يا سک پهچائيندا. (”تفهيمات“ جلد اول ص 252)
قبر جي جهان جي زندگي به هن جهان جي زندگيءَ جو تتمو آهي (تتمون ان کي چئبو آهي جنهن سان نامڪمل شيءِ مڪمل ٿي وڃي.) ۽ ان جو بنياد به هن جهان تي رکيل آهي ۽ اتي جو ڪجهه وهي واپري ٿو سو گويا هڪ پردي جي پٺيان ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن ڪو شخص هن دنيا ۾ رڌل ۽ غرق نه ٿو رهي ته ان کي هن دنيا کي ڇڏڻ مان ڪا تڪليف محسوس ڪانه ٿيندي. ان جو مثال ظاهر آهي. هڪڙو شخص آهي جيڪو حج يا ڪنهن ڏورانهين سفر جو قصد ڪري ٿو ته هو لامحاله ان سفر ۾ پيش ايندڙ تڪليفن يا راحتن کي به خوب ڄاڻي ٿو، مگر ان جي باوجود هو پنهنجي سفر تي نڪري ٿو ۽ دوران سفر ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف يا ملال محسوس نه ٿو ڪري ۽ پٺيان پنهنجي گهر جو آرام ۽ آسائش، مال ۽ ملڪيت، اهل ۽ عيال جو وڇوڙو کيس پنهنجي هن سفر ۾ ڪابه تڪليف نٿو رسائي. هوڏانهن هڪ ٻيو شخص آهي جيڪو هن دنيا جي لذتن ۾ صفا غرق ٿي ويو آهي ۽ جنهن کي پنهنجي مال ۽ ملڪيت، اهل ۽ اولاد سان غيرمعمولي الفت ۽ محبت آهي. هاڻي اهڙو شخص جڏهن ڪنهن ڏورانهين سفر تي ويندو، تڏهن ان کي پنهنجي گهر جي سڀني شين جي جدائي يقيناً رنج پهچائيندي، جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته هو پنهنجي سفر ۾ ڏاڍو ڍلو هلندو ۽ هر قدم تي انهن شين جي جدائي جو بار محسوس ڪندو رهندو. (البدوربازغه ص 150-151)
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته قبر ۾ جو سک ۽ آرام ملي ٿو سو انسان جي عملن جو نتيجو آهي. اهي عمل ئي آهن جيڪي اتي مناسب صورتون اختيار ڪن ٿا، جنهن سببان ميت کي ڏک ۽ سک نصيب ٿئي ٿو.
جانور جيڪو به ڪم ڪن ٿا، پوءِ ڀلي کڻي اهو اختياري ئي ڇو نه هجي. تنهن جو اثر سندن دلين تي نه ٿو پوي. اهو اثر سندن دلين تي ڄمي نه ٿو ۽ نه وري انهن جون دليون انهن فعلن جي روح جي رنگ ۾ رڱجن ٿيون. پر انسان جي حالت ئي ڪجهه ٻي آهي. هن کان جيڪو به فعل صادر ٿئي ٿو، بشرطيڪ اهو هن جي پوري رضا ۽ ارادي سان ٿيل هجي، تنهن جو اثر سندس نفس ناطقه، في الفور قبول ڪري وٺي ٿو ۽ ان فعل جي اثر کي هضم ڪري پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان کي پاڻ ۾ اهڙي طرح جاءِ ڏئي ٿو جهڙي طرح ڪنهن شيءِ کي ڳهيو وڃي.
بهرحال انسان جيڪو به ڪم پختي ارادي سان ڪري ٿو، تنهن جو ٻج پهريائين ان جي روح مان ئي نڪري ٿو ۽ ڦهلجڻ کان پوءِ موٽي روح جي ئي طرف واپس اچي ٿو، (نڪرڻ وقت ته هي ٻج ننڍو هو ليڪن واپس ٿيڻ وقت گهڻو ڦهليل ٿئي ٿو) ۽ ان (روح) جي دامن کي چنبڙي ان سان ملحق ٿي وڃي ٿو. گويا هر شخص جا اعمال سندس نسمي ۾ محفوظ رهن ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ جڏهن مادي بدن ڀڄي ڀور ٿيندو تڏهن سندس اعمال نهايت واضح شڪل ۾ کيس محسوس ٿيڻ لڳندا. (حجة الله البالغه الجزءُ الاول ص- 28)
آخرت ۾ مواخذو فقط انهن عملن تي ٿيندو جيڪي انسان جي قلبي قوتن جو نتيجو هوندا. باقي اهي عمل جيڪي انسان جي طبعي ۽ ادراڪي قوتن سببان صادر ٿين ٿا، تن تي جزا سزا مرتب نه ٿي ٿئي. مثلاً حرص ۽ حسد وغيره، جيڪي محض هڪ خيال ۽ نفس جي پنهنجي ڪهاڻي آهن ۽ جيڪي نفس جي جڙ نٿا پڪڙين ۽ منجهس فنا نه ٿيا ٿين، يا وري اهي ڪم جيڪي هنگامي حالتن سبب واقع ٿين ٿا، جيئن ته ريا، شهرت ۽ وڏائي وغيره.
امام غزاليءَ ته هر اخلاقي برائيءَ جي سزا جو خوف ڏياريو آهي، حالانڪ اصل حقيقت هيءَ آهي ته بندي کي هر جزا سزا انهن عملن جي ملندي جيڪي هن جي نسمي جي اصل مان ڦٽي ڦاٽي نڪرندا ۽ جيڪي هو (نسمو) دنيا مان لاڏاڻي وقت پاڻ سان کنيو هلندو. (تفهيمات جلد ثاني ص 61)
موت کان پوءِ انسان جو ٻيو جزو يعني ملڪيت (ملائڪپڻي) وارو ظاهر ۽ غالب ٿيندو ۽ پهريون جزو يعني بهيميت (حيوانپڻو) انهيءَ جي اندر لڪل رهندو. بعض حڪماءَ جو خيال آهي ته پهريون جزو (بهيميت) موت بعد بالڪل غائب ٿي ويندو. شاهه صاحب جي فلسفي ۾ ان ڳالهه کي قبول ڪري نه ٿو سگهجي. بهشتي زندگيءَ تائين نسمي جو وجود باقي رهي ٿو.
قبر ۾ ڪنهن زماني تائين ته ماڻهو ايئن سمجهندو ته مان هتي اهڙي جو اهڙو آهيان، جهڙو دنيا ۾ هوس، فقط بدن نه هجڻ جي ڪري ڪم ڪري نه ٿو سگهان. جيستائين هي خيال رهندو تيستائين ان زماني کي عالم قبر چيو ويندو. مگر هي خيال ويندو آهستي آهستي گهٽبو ۽ جڏهن هي خيال اڌ کان گهٽ ٿي ويندو ۽ ملڪيت غالب ٿيڻ لڳندي تڏهن ان کي هي خيال پيدا ٿيڻ لڳندو ته مون کي ملڪي قوتن سان اتصال پيدا ڪرڻ گهرجي. پوءِ جڏهن ملڪيت (ملائڪپڻو) ظاهر ۽ غالب اچي ويندي تڏهن قبر جو زمانو پورو ٿيو. (”المقام المحمود“ مولانا عبيدالله سنڌي ص 54-55)
عالم قبر (قبر جي جهان) جي حالتن کان پوءِ عالم حشر، دوزخ ۽ بهشت جي حالتن جو مختصر احوال ملاحظه فرمايو:
انسان کي جڏهن قبر ۾ ڪافي عرصو گذري وڃي ٿو، تڏهن سندس نسمي جي نظام ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو ۽ هو (انسان) پنهنجي گهري ننڊ مان جاڳي اٿي ٿو. انساني نفس ناطقه ته پنهنجي جاءِ تي مستقل ۽ قائم رهي ٿو ۽ جو ڪجهه نسمي ۾ آهي سو سندس تابعدار ۽ خادم بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته نسمي کي جيڪا کاڌ خوراڪ ملندي هئي تنهن کي بند ٿئي هاڻي ڪي ورهيه گذري ويا ۽ ان درميان جهان ۾ ڪئين واقعا ٿيا جن هر عنصري شيءِ جي بگاڙ جي گهر ڪئي.
بعد ۾ ان تي عالم مثال جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ اهو عالم، علم جو آهي جنهن ۾ جهل کي ڪابه جاءِ ڪانهي ۽ نه ان ۾ ڪا ويسر ۽ ڀل آهي. اهو ته روحن جي جهان جي هڪ چٽي شرح آهي ۽ هن مادي جهان جي هر ننڍڙي وڏي شيءِ کي حاوي (سمايون پيو) آهي.
هن هنڌ ان تي مثالي علوم نازل ٿين ٿا ۽ هو پاڻ به هڪ مثالي شخص بڻجي وڃي ٿو. اتي جيڪي حالتون مٿس وارد ٿين ٿيون، سي سندس ان (موافق يا مخالف) ڪشش موافق هونديون آهن جيڪا هن کي ان عالم مثال ۽ ان جي حقيقتن ڏانهن هئي. جيڪڏهن سندس نسمي ۾ چڱين خصلتن جون نشانيون اڃا باقي آهن ته ان حالت ۾ هو مثالي واقعا مڪمل طور تي ملاحظو ڪندو، ٻيءَ حالت ۾ اهي کيس گهٽ ۽ اڻپورا نظر ايندا، ليڪن اهي واقعا (جيڪي هو ڏسندو) ڪي خواب ڪونه هوندا جن جو سندس علم کان ٻاهر ڪو وجود ئي نه هجي، پر اهو سڀ عالم مثال ۾ موجود هوندو، جنهن کي جيڪڏهن اسان عرفي زبان ۾ بيان ڪرڻ چاهيون ته هيئن چونداسون ته اهو (قيامت جو جهان) هڪ جسماني عالم آهي ۽ حد درجي جو صاف آهي، گويا اهو صفائي منجهه صفائي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن ايئن چيو ويندو ته زمين ۽ آسمان بدلجي ٻيا ٿي پيا آهن.
جڏهن اسين چئون ٿا ته اهو صفاءُ في صفاءِ (صفائيءَ منجهه صفائي) هوندو تڏهن ان مان مراد هي آهي ته اهو هن دنياوي جسمن جي ميراڻ کان پاڪ ۽ صاف هوندو.
حشر جي ڏينهن جي حقيقت هي آهي ته، اتي خاڪي نفسن (نفوس ارضيه) جون گهڻيون انفرادي خصوصيتون جيڪي عناصرن جي باهمي ميلاپ ۽ ڪثيف مادي سبب پيدا ٿيون هيون، ختم ٿي وينديون. پوءِ اتي هر هڪ نفس شفاف جسم وانگر نوعي حقيقتن جو عڪس پيش ڪري ٿو، انهيءَ تي نوعي تقاضا ظاهر ٿي مٿس غلبو حاصل ڪري وٺي ٿي.
هن مادي دنيا ۾ ان جو مثال هيئن سمجهو ته انسان جي نوعي صورت تقاضا ڪري ٿي ته هڪ فرد جا ٻه هٿ، ٻه پير ۽ ٻه اکيون وغيره هجن. ليڪن ڪڏهن ايئن به ٿئي ٿو ته مادي ۾ ٻن ٻن عضون پيدا ڪرڻ جي لياقت (استعداد) نه هوندي آهي، تنهن ڪري انهيءَ وقت جيڪو ٻار پيدا ٿئي ٿو سو منڊو وغيره ٿئي ٿو. هاڻي هن ناقص ٻار (منڊي وغيره) جي پيدائش ۾ قصور مادي جو آهي ۽ نه نوعي صورت جو.
اهڙي طرح سان غير مادي زندگي جي ڪمن ۾ به نوعي صورت تقاضا ڪري ٿي. مثلاً: اها تقاضا ڪري ٿي ته انسان جي اندر اهڙو سليم عقل هجي جيڪو وهمن جي غلاظت سان ناپاڪ نه ٿيل هجي، ته جيئن پاڪيزگيءَ جي سبب هو خدا تعاليٰ جي طرف کان صحيح علم حاصل ڪري سگهي، ۽ اها هيءَ به تقاضا ڪري ٿي ته انسان جي قوت متخيله (ذهن ۽ خيال جي سگهه) صحيح هجي ته جيئن اها شين کي عالم مثال جي ڪيفيت جي مطابق شڪل ڏيئي سگهي.
مطلب ته انهيءَ هنڌ انفراديت جا احڪام باقي نٿا رهن ۽ نوعي تقاضا غالب رهي ٿي ۽ اها عملي ۽ خيالي قوتن جي لحاظ کان ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي ۽ انساني فرد، نوعي تقاضائن کي اهڙو پوريءَ طرح سان ظاهر ڪري ٿو جو ان کان زياده ان لاءِ ممڪن ئي نه آهي. هيءَ اها ڪيفيت آهي، جنهن متعلق قرآن حڪيم چوي ٿو ته:
”لقد کشفنا عنک غطاءَڪ اليوم حديد“
(ترجمو: تحقيق اسان تنهنجو پردو توتان هٽايو آهي، سو اڄ ڏينهن تنهنجي نظر ڏاڍي تيز آهي. سورت ق)
هتي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جسمن کي ڪٺو ڪري منجهن ٻيو دفعو روح ڦوڪڻ ڪا نئين حياتي ڪانه آهي، پر اها به اڳين گذريل حياتيءَ جو تتمو آهي. انهن ٻنهي ۾ اها ساڳي نسبت آهي جيڪا مسبب کي پنهنجي سبب سان ٿئي ٿي. جيئن مثلاً: گهڻي کاڌي کائڻ جو نتيجو بدهاضمو آهي.
جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ته حشر بالڪل هڪ نئين زندگي آهي ته ان جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته جن ماڻهن کي آخرت ۾ زندگيءَ جي نعمت نصيب ٿيندي سي اهي انسان نه هوندا جيڪي هن دنيا ۾ زنده گهمندا ڦرندا هئا. جيڪڏهن ايئن هجي ته پوءِ ثواب ۽ عذاب ڏيڻ بي معنيٰ ٿي پوندو، ڇالاءِ ته هيءُ فعل سبب ۽ مسبب جي نظام جي سراسر خلاف آهي.
(حجة الله البالغه الجزءَ الاول ص 36-37)
البته هڪ ڳالهه خيال ۾ رکڻ ضروري آهي ته جيڪا شيءِ ٻيو دفعو ٺهندي آهي سا پهرين (اصلي) شيءِ نه هوندي آهي، مگر اها پهرين شيءِ جي مثل هوندي آهي. اهڙي طرح قيامت جي ڏينهن انسان کي جيڪو ٻيو دفعو جسم ڏنو ويندو، اهو هن دنياوي جسم جو اصل جسم نه هوندو، مگر ان جي مثال هوندو. (المقام المحمود مولانا عبيدالله سنڌي ص 71)
ان کان پوءِ حساب ڪتاب شروع ٿيندو ۽ بدن جا اعمال تارازيءَ ۾ توريا ويندا ۽ انهن کي دوزخ جي مٿان هڪ اڏيل پل تان لنگهڻو پوندو جا ترار کان تکي ۽ وار کان سنهي هوندي.
پل مان مراد شريعت جو سڌو رستو (صراط مستقيم) آهي، جيڪو اتي هڪ جسماني صورت ۾ ظاهر ٿيندو. الله تعاليٰ جي انهيءَ قول ”هي منهنجو سڌو رستو آهي، تنهن ڪري انهيءَ تي هلو ۽ ٻيون واٽون نه وٺو.“ جي پاڻ سونهارن هڪ سڌي ليڪ ڪڍي سمجهاڻي ڏني هئي، جنهن (سڌي ليڪ) جي چوڌاري ٻيون ڏنگيون ڦڏيون ليڪون هيون.
حقيقت ۾ پل انهيءَ نظام جو هڪ مثال ۽ نمونو آهي، جيڪو انسان جي طبيعت ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ ان کي پار پوڻ ۾ جيڪو فرق آهي، سو به انهن جو ان (نظام) جي پيروي ڪرڻ ۾ فرق جوئي نتيجو آهي. يعني ته اهو شخص جيڪو شريعت تي بلڪل پورو هلندو سو ان پل تان وڄ وانگر نڪري ويندو. (الخير الڪثير، ص 114)
تارازيءَ مان مراد هيءُ آهي ته ان هنڌ انسان جا چڱا ۽ برا ڪم هڪ خاص ”مقدار“ وٺي ظاهر ٿيندا. اهو مقدار عالم مثال جي مادي جي حال مناسب هوندو مثلاً: اها تارازي، عالم مثال ۽ مادي عالم جي بين بين هڪ قسم جي مادي (جسماني) صورت ۾ ظاهر ٿيندي. انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته مادي جسم، مثالي قوتن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا.
الله تعاليٰ جي صفتن مان هڪ علم تميزي (العلم التميزي) به آهي. ان صفت جي خاصيت ئي اها آهي ته ٻن شڪي ۽ منجهيل شين ۾ فرق پيدا ڪرڻ. انهيءَ ڏانهن ان جو عڪس تارازيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جيڪا چڱاين ۽ مٺاين ۾ فرق ڪندي.
حساب به الله تعاليٰ جي تميزي علم جي صفت جي مظاهرن مان هڪ مظهر آهي، جيڪو تارازيءَ جي کڙي ٿيڻ وقت اجمالي طور ظاهر ٿيندو مگر اهڙي طرح، جهڙي طرح دنيا ۾ ڪنهن شيءِ کي تارازيءَ ۾ ترندو ڏسبو آهي ۽ هيءُ حال هڪ گهڙ ي پل جي ڳالهه هوندي جنهن ڏانهن الله تعاليٰ جو ڪلام اشارو ڪري ٿو: ”والله سريع الحساب“ (الخير الڪثير، ص 113)
حوض ڪوثر مان مراد نبي ڪريم ﷺ جن جي هدايت آهي، جا خدا تعاليٰ جي طرفان کين ملي هئي ۽ جا پوءِ هن دنيا ۾ جاري ٿي ويئي. اها انهيءَ ڏينهن پاڻيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي ڇالاءِ جو علم ۽ پاڻيءَ ۾ گهري مشابهت آهي. هر نبيءَ کي پنهنجو پنهنجو حوض هوندو ليڪن آنحضرت ﷺ جن جو حوض سڀني حوضن جو اصل هوندو. دنيا ۾ شرعي هدايت جي جنهن دل کولي پيروي ڪئي هوندي، سو ان حوض مان خوب پيالا ڀري پيئندو ۽ جنهن گهٽ پيروي ڪئي هوندي، تنهن کي ان مان حصو به اوترو ئي ملندو. (الخيرالڪثير، ص 114)
پاڻ سونهارن فرمايو آهي ته جنت ۾ هڪ نهر آهي جيڪا خدا تعاليٰ مون کي عطا ڪئي آهي. اها کير کان زياده اڇي ۽ ماکيءَ کان زياده مٺي آهي ۽ اها ايتري وڏي ۽ ڪشادي آهي جيئن مشرق ۽ مغرب درميان فاصلو آهي، جيڪو ان مان پاڻي پيئندو تنهن کي وري ڪڏهن به اُڃ نه لڳندي ۽ جيڪو ان مان وضو ساريندو سو ڪڏهن ميرو (گدلو) نه ٿيندو.
بندن جو جڏهن حساب پورو ٿيندو تڏهن انهن مان ڪي بهشت ۾ ويندا ته ڪي دوزخ ۾ داخل ٿيندا. خدا تعاليٰ جي جمالي تجليءَ جو نالو بهشت آهي ۽ سندس جلالي تجليءَ جو نالو دوزخ آهي. بهشت ۾ ان جون جمالي تجليون حورن، محلاتن، لذيذ طعامن ۽ خوبصورت پوشاڪن ۾ ظاهر (متمثل) ٿينديون ۽ دوزخ ۾ وري سندس جلالي تجليون ان جي بلڪل برعڪس صورتون اختيار ڪنديون. (الخير الڪثير ص – 115)
چڱو هاڻي اسين عرفي عبارت (عام ٻولي) ۾ انهن سڀني واقعن جو ذڪر ڪريون ٿا، جيڪي ماڻهن کي ان جهان ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ ماڻهن کي ڪٺو ڪندو ۽ اهي کيس چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهندا. هو پوءِ ان بندي کي چوندو جنهن سندس کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت پئي ڪئي ته هو انهيءَ جو پوئلڳ ٿئي. پوءِ هو انهيءَ (پنهنجي معبود) جي پٺيان لڳندو تان جو هو (معبود) ۽ ان جا پوئلڳ اچي دوزخ ۾ ڪرندا. دوزخ جي مٿان هڪ پل کڙي ڪئي ويندي جا ترار کان تکي ۽ وار کان سنهي هوندي ۽ ماڻهن کي انهيءَ جي مٿان گذرڻ لاءِ چيو ويندو. پوءِ ڪي وڄ وانگر گذري ويندا. ڪي تيز هوا وانگر نڪري ويندا ۽ ڪي پيرن ڀر هلندا ۽ ڪي ته وڃي دوزخ ۾ ڪِري پوندا. انهيءَ ڏينهن ماڻهو ٽولن ۾ ورهايل هوندا. جيڪي خوشنصيب هوندا سي بهشت ۾ داخل ٿيندا، جنهن ۾ حورون، غلمان، محل ماڙيون ۽ لذيذ قسمن جا طعام ۽ رنگ برنگي پوشاڪون هونديون. هو اتي پنهنجي پروردگار کي بلڪل چٽيءَ طرح ڏسندا. ليڪن جيڪي بدنصيب هوندا، سي دوزخ ۾ گهڙندا جنهن ۾ نانگ ۽ وڇون هوندا، گرم پاڻي ۽ پونءِ هوندي ۽ جا جوش کان پئي واڪا ڪندي.
قيامت جي ڏينهن ماڻهو مختلف ٽولن ۾ تقسيم ٿيل هوندا، جن مان هڪڙو ٽولو اصحاب اليمين (ساڄي هٿ وارا) جي نالي سان هوندو. ان جا وري گهڻا ئي قسم آهن جيڪي ڳاڻاٽي کان ئي ٻاهر آهن، ليڪن انهن ۾ هر قسم جا نيڪ ماڻهو اچي وڃن ٿا.
انهن ۾ هڪڙو ٽولو ”اصحاب الاعراف“ جي نالي سان به هوندو. انهيءَ ۾ اهي ماڻهو اچن ٿا جن نه ته ڪا چڱائي ۽ نه ڪا برائي ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪا چڱائي ڪيائون به ته رسم جي لحاظ کان ۽ اهي گهڻي غفلت ۾ محو هئا. الله انهن کي حشر کان پوءِ معاف ڪري بهشت ۾ داخل ڪندو.
(البدور بازغه ص – 157)
اصحاب الاعراف ۾ مختلف قسم جا ماڻهو اچي وڃن ٿا. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن، جن تائين دين اسلام جي دعوت نه پهتي مثلاً: اهي ماڻهو جيڪي جبلن جي چوٽين تي رهن ٿا. (۽ ڪي طبعي ۽ معروضي سببن ڪري انساني معاشري ۽ معلومات جي بنياد کان ڪٽيل آهن) جن نه ته خدا سان شرڪ ڪيو آهي ۽ نه وري ڪو ان تي ايمان ئي آندو. انهن جو مثال جانورن وانگر آهي، جن کي الله تعاليٰ ڏانهن ڪو توجهه ئي نه ٿو رهي ۽ اهي فقط زندگيءَ جي ضروري ترقي ڪرڻ ۾ رڌل هئا يا وري انهن کي اسلام جي دعوت ته پهتي ليڪن انهن جي جهل سبب ان انهن کي ڪوبه فائدو نه پهچايو. اهي اهڙا آهن جن نه اسلام جي زبان کي سمجهيو (ته اسلام ڇا آهي) ۽ نه وري انهيءَ جي دليلن کي ئي سمجهيو. انهن جي پرورش ئي ڪجهه اهڙي ٿيل هئي، جو هو ڪنهن نازڪ خيالي ۽ باريڪ بينيءَ ڏانهن ڪو توجهه ئي نه ڏيئي سگهيا. سندن علم جي پهچ ۽ ڇيڙو اهو وڃي رهيو، جو هو سمجهڻ لڳا ته مسلمان اها قوم آهي جنهن جي مٿن تي ههڙا ڪ ههڙا پٽڪا آهن ۽ سندن چولا به ههڙي ڪ ههڙي قسم جا آهن. هو فلاڻيون شيون کائن ٿا ۽ فلاڻين کي حرام سمجهن ٿا يا وري سندن خيال هو ته مسلمان اهي آهن جيڪي اسان سان ملڪ خاطر وڙهن ٿا، جنهن ڪري اسان کي به انهن سان وڙهڻ ضروري آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته هو (اڻڄاڻ) ڍورن مثل آهن ۽ خدا تعاليٰ سان شرڪ نه ڪيو اٿن، تنهن ڪري انهن تي ميار ڪانه آهي، پوءِ کڻي انهن جا مزاج صحيح ۽ سالم ڇو نه هجن ۽ منجهن ڪو نقص نه هجي.
اصحاب الاعراف ۾ اهي ماڻهو به اچي وڃن ٿا، جن جي سمجهه ناقص آهي. جيئن ٻار، چريا، ڀوڪ ۽ بي وقوف ۽ جهنگلن جا رهاڪو جيڪي حق ۽ ڪوڙ سڃاڻن ۽ ياد ڪن ٿا. انهن ۾ فقط ايتري ايمان جو هئڻ ڪافي آهي، جيترو ان شيدڻ ٻانهيءَ ۾ هو، جنهن کان جڏهن خدا جي رسول ﷺ پڇيو ته خدا تعاليٰ ڪٿي آهي، تڏهن آسمان طرف اشارو ڪيائين ۽ ان تي پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته هيءَ مومنياڻي آهي. (البدور بازغه ص 163)
ازان سواءِ اهي ماڻهو جن وٽ شريعت نه پهتي آهي ۽ کين تبليغ پوري طرح سان نه ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جا شڪ شبها دور نه ڪيا ويا آهن، تن تي شريعت جي طرفان ڪا سزا لاڳو نه ٿيندي ۽ اهي به اعراف ۾ ئي هوندا.
(حجة الله البالغه الجزءَ الاول ص 25)
انسان جي ترقي ڪا بهشت ۽ دوزخ وٽ ختم نه ٿي ٿئي. هن جي آڏو هڪ اعليٰ ۽ بلند منزل آهي، جنهن تي پهچڻ لاءِ هو بيتاب رهي ٿو. بهشت ۾ حياتي گذارڻ کي به جڏهن ڪافي عرصو گذري ويندو تڏهن نسمو ڪمزور پئجي ويندو ۽ نفس انساني جي مناسبت ويندو پاڻ ۾ هرپهلو کان تبديلي آڻيندو، تان جو معاملو اچي انساني نفس (الانسانيه، نفس ناطقه) تي بيهندو. ڇا لاءِ جو موت کان پوءِ ترقيءَ جو دارومدار نسمي جي انحلال تي آهي. هن کي هر گهڙي مٿان ڇڪون ۽ ڪششون ٿينديون رهنديون ۽ انسان هيءَ منزل طئي ڪري آخر الاهي روح يا ملڪوتي روح ۾ تبديل ٿي ويندو.
(البدور بازغه ص 140)
آخر ۾ هن مسئلي تي اسان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تقرير جو خلاصو پيش ڪريون ٿا، جيڪا هن هڪ دفعي درس ڏيندي ڪئي هئي:
”روح تي بدن صرف غلاف آهي ۽ نسمي ۾ مثالي قوت ڀريل آهي، جنهن ذريعي انساني نسمو محفوظ رهي ٿو. قرآن شريف ۾ آيل آهي ته: ”ان کل نفس لما عليها حافظ“. يعني ته ڪوبه جيءُ اهڙو ڪونهي جنهن تي هڪ نگهبان مقرر ٿيل نه آهي. جهڙي طرح ستارو پنهنجي روشنيءَ کي محفوظ رکي ٿو، تهڙي طرح مثالي قوت، نسمي کي محفوظ رکي ٿي ۽ اها ان (نسمي) جي سڀني جزن تي غالب رهي ٿي. نسمو، ڪاغذ مثل آهي ۽ چڱا يا برا ڪم جيڪي ارادي سان ڪيا وڃن ٿا سي ان تي نقش ٿي، چٽجي وڃن ٿا ۽ مثالي قوت جي ذريعي انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ٿي ۽ اهڙي طرح سان انسانيت محفوظ رهي ٿي.
نسمي تي علاوه مثالي قوت جي، ٻيون ٻه قوتون پڻ اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون، انهن مان هڪڙي ملڪي (ملائڪپڻي جي) قوت آهي جا ملاءِ اعليٰ جو هڪ نور آهي ۽ جنهن جي جاءِ حظيرة القدس آهي. هيءَ ملڪي قوت نسمي سان ڳنڍجي سنڍجي ويئي آهي. نسمي تي اثر ڪندڙ ٻي قوت نفس ناطقو آهي، جيڪو نوع انساني جي امام جو عڪس آهي ۽ منجهس ان جي صورت رهي ٿي. ملڪي قوت نفس ناطقه جي اندر رهي ٿي ۽ ان اندر حظيرة القدس جو نور ملڪي روح آهي.
انساني بدن جي ضايع ٿيڻ سان ڪوبه عمل ضايع نه ٿو ٿئي. جهڙي طرح نانگ پنهنجي کل لاهي ڦٽي ڪندو آهي، تهڙي طرح روح هي بدني لباس لاهي ٻيو لباس پهريندو آهي. گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ نسمي ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ ڪو وقت اهڙو ايندو جو ان جي جاءِ اچي مثالي قوت والاريندي. پوءِ جڏهن مثالي قوت به ڪنهن مدت بعد ڪمزور پئجي ويندي، تڏهن ساري انسانيت، جنهن جي اها حفاظت ڪري رهي هئي، سا ملڪي قوت جي حفاظت هيٺ اچي ويندي. مگر جڏهن طويل عرصي گذرڻ کان پوءِ ملڪي قوت به ضعيف ٿي ويندي تڏهن ساري انسانيت ۽ ان جا ملڪات، الاهي روح ۾ محفوظ ٿي ويندا، يعني ته مرڪزي نقطي ”شخص اڪبر“ تائين پهچي ويندا. هاڻي هي مرڪزي قوت، جنهن جو انسان ترقي ڪندي هڪ جزو بڻجي وڃي ٿو، تنهن تي تجلي اعظم جو هر وقت پرتو پوندو رهي ٿو ۽ بس ان جي ذريعي هن جو تجلي اعظم سان اتصال قائم ٿي وڃي ٿو ۽ هيءُ آهي بندي جو باري تعاليٰ سان اتصال ۽ وصال.

(تقرير از مولانا عبيدالله سنڌي - ذوالحج 1358هه مدرسو مظهرالعلوم کڏو ڪراچي.)

ترتيب ڏيندڙ: پروفيسر غلام حسين جلباڻي

(سنڌ فورم، جون 1999ع)