تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

تاريخي طرح هن دور جا غضب پيل ۽ گمراه ماڻهو : ڊاڪٽر الطاف جاويد

تاريخي طرح هن دور جا غضب پيل ۽ گمراه ماڻهو
(غيرالمغضوب عليهم ولاالضالين جي روشنيءَ ۾)


جڏهن انسان انسانن تي ۽ قومن قومن تي، ظلم ۽ ڏاڍ جو ڇيهه ڪري ڇڏيو، محڪوم ۽ ماتحتن جي انساني حيثيت کي ختم ڪيو ويو، شاهي مال ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ غلامن جو تعداد وڌائڻ لاءِ ٻين ملڪن ۽ قومن تي حملا ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو وڃڻ لڳو، تڏهن خالق حقيقيءَ پنهنجي مخلوق کي بچائڻ لاءِ نبوت جي بعثت جو سلسلو شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو زمين جي گولي تي رهندڙ سڀني علائقن ۽ ملڪن ۾ ڦهلجندو رهيو. ڇاڪاڻ ته انساني سوسائٽي هر هنڌ مختلف ۽ متضاد معاشي طبقن ۾ ورهائجي چڪي هئي. پيداوار جي ذريعن ۽ اقتدار تي قبضو رکندڙ طبقي جي مفادن جي خلاف محروم، محڪوم ۽ غلام انسانن جا مفاد ٽڪرائجڻ لڳا. نبين ان صورتحال جو حل هي پيش ڪيو ته ”هن ڪائنات جو ۽ انسان جو پيدا ڪندڙ هڪ آهي“، ”اها پيدائش پنهنجو پاڻ نه ٿي آهي“، ۽ مادو بنا شعور ۽ بنا ارادي، ان جي حرڪي قانونن جي پيداوار ناهي. انهن کي ڪو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو پيدا ڪندڙ سڀني انسانن جو آقا آهي ۽ پرورش ڪندڙ آهي، ان نه رڳو انسان بلڪ هر زندهه وجود جي حياتيءَ جي بقا جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. پر انسان کي ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ پنهنجو خليفو (Vicegerent) بنايو آهي ۽ ان کي پاڻ وانگر پنهنجي سمجهه رکندڙ، آزاد، ارادي جو مالڪ ۽ چونڊ ڪرڻ جي قوت سان نوازيو آهي. ان ڪري انسان پنهنجي ان آزاد ارادي جي قوت جي غلط استعمال سان خدا جي جوڙيل ربوبيت جي نظام جي مقابلي ۾ (جنهن ۾ هر فرد پنهنجي محنت ۽ همت سان پنهنجي روزي حاصل ڪندو آهي ڪوبه ڪنهن جو غلام ۽ مزدور نه هوندو آهي، اهوئي نظام سڄي ڪائنات ۾ هلي ٿو) پنهنجو ربوبيت جو نظام ٺاهي ڇڏيو آهي.
انسان جتي ملائڪن پاران سجدو ڪرايل آهي اتي ابليس ۽ شيطان جي قوت جو حامل به آهي. انسان جي ترڪيب ۽ جوڙ ۾ ”طين لازب“ (MUD) به آهي ته خدا جو پنهنجو روح به موجود آهي. انهن ٻنهي عنصرن جون صفتون ۽ گهرجون متضاد به آهن ته هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ به آهن. نبين جي تعليم هي ٻڌايو ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد خداوند جي ويجهڙائي حاصل ڪرڻ يا الاهي اخلاقن ۽ صفتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ اپنائڻ آهي. انسان لاءِ ان جي جسماني تقاضائن ۽ ضرورتن جي پورائي ۽ تسليءَ جو بندوبست ۽ ربوبيت جا ذريعا پيدا ڪيا ويا آهن. فطرت جي قوتن کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي انسان پنهنجي جسماني ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو.
پر انسان شيطان جي اثر هيٺ خود غرضي، لالچ، هوس، زراندوزي ٻين لفظن ۾ قابيل وارن اخلاقن ۽ زندگيءَ جي طريقن کي اپنائي ورتو ۽ پنهنجي جسماني ضرورتن جي پورائي لاءِ گهڻي کان گهڻي مال، دولت ۽ اقتدار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. خدا انسان کي ”فسڪ دم“ يعني پنهنجي مفادن لاءِ ٻين جو خون وهائڻ، قتل ۽ خونريزي لاءِ، ڀاڙيندڙ جذبن جي اصلاح لاءِ ”علم الاسماءَ“ حاصل ڪرڻ جي ذهني صلاحيت عطا ڪري ڇڏي هئي. پر انسان ان ذهني صلاحيت ذريعي پيدا ٿيندڙ ”قوت“ کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن ڪري خونريزي، قتل ۽ لُٽ مار تي آمادو ڪندڙ جذبن جي اصلاح ته نه ٿي سگهي، پر ان سان سڄي انساني تاريخ ان جي پنهنجي جنس زادن جي خون ۾ ٻڏي وئي. ان جو سڀ کان نمايان مثال موجوده يورپ جي سائنسي ترقي آهي. جنهن جي مدد سان يورپ ايشيا، افريقا ۽ لاطيني ملڪن جي ڪمزور ۽ غير ترقي يافته قومن تي نوآبادي نظام مسلط ڪري ڇڏيو، جنهن جي ذريعي ان جي قدرتي ذخيرن ۽ انساني محنتن کي انهن لٽيو آهي.
نبين خدا جو تصور ان لاءِ ڏنو هو ته جهڙي طرح خدا انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي تيئن انسان آزاد رهي. خدا انسان جي جسماني ضرورتن لاءِ تمام گهڻي مقدار ۾ ربوبيت جو سامان پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن اجتماعي طور ان مان لاڀ وٺي سگهي ۽ انسان جهڙيءَ طرح آزاد پيدا ٿيو آهي ايئن آزاد رهي ۽ ديني (مذهبي پيشوا) يا سياسي (بادشاهه ۽ مالدار) طبقا ان جي دماغن ۽ جسمن کي پنهنجو غلام نه بڻائي سگهن. ۽ اهو صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن صرف خدا کي پنهنجو آقا مڃيو وڃي ۽ جڏهن به ڪو نمرود، فرعون، قارون يا ڪو پروهت يعني مذهبي پيشوا ۽ سامري وغيره پنهنجي خدائي قائم ڪرڻ لڳي ته ابراهيم ۽ موسيٰ جيان انهن جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي. يا حضرت يوسف وانگر پنهنجي نيڪيءَ ۽ حڪمت عمليءَ ذريعي، اقتدار تي قبضو ڪري دولت (جيئن ڏڪر ۾ ان) جي تقسيم ذريعي هر فرد جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. يعني دولت تي عوامي ملڪيت قائم ڪئي وڃي. حضرت ابراهيم ستارن جي پوڄا جي خلاف بغاوت ڪئي. حضرت موسيٰ فرعون جي قيد مان غلامن کي ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ حضرت يوسف اناج جي ذخيرن کي عوامي ملڪيت ۾ وٺي انسانن کي ڏڪر ۾ بک کان بچايو. مطلب ته نبين جو مسلڪ هي آهي ته خدا تي ڀروسو يا توڪل ڪري معاشي مساوات ۽ سياسي ۽ ذهني آزاديءَ تي ڌاڙو هڻندڙ قوتن جي طاقت کي ختم ڪيو وڃي.

[b]هڪ غلط فهميءَ جو ازالو:
[/b] نبي ۽ انهن جي نقش قدم تي هلندڙ سڌارڪ ۽ معلم، جيڪي انسانن کي ”ارباباً من دون الله“ جي گرفت کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، اهي انعام يافته آهن. هتي هن غلط فهميءَ جو ازالو ٿي وڃڻ گهرجي ته نعمت ۽ انعام جو مفهوم رڳو مادي دولت ۽ خوشحالي ناهي. اسان ڪڏهن به قارون جهڙي مالدار کي انعام يافته نٿا چئي سگهون. ڇاڪاڻ ته محنت جي استحصال يا ٺڳيءَ ۽ دوکي جهڙن غلط ذريعن سان حاصل ڪئي ويندڙ دولت ماڻهوءَ جي دل مان خدا جو خوف ۽ انسانن سان محبت کي فنا ڪري ڇڏيندي آهي. اقبال چيو آهي:
سالها اندر جهان گرديده ام- نه بچشم منعمان کم ديده ام
انعام يافته گروهه اهو آهي جيڪو معاشي مساوات ۽ سياسي توڙي ذهني آزاديءَ کي عام انسانن تائين پهچائڻ لاءِ رجعت پسند، مفاد پرست قوتن جي خلاف مسلح يا غير مسلح جدوجهد ڪري ٿو. سڄي تاريخ انهن قوتن جي خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪندڙن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي ۽ ان بغاوت ۽ جدوجهد جا باني انبياءَ هئا.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن دولت ايمانداريءَ، محنت ۽ مشقت سان حاصل ڪئي وڃي، جيئن عربن ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ واپار ٿيندو هو ته اهڙي دولت خدا جي خوف ۾ محرومن ۽ مسڪينن جي مدد لاءِ دولتمند ماڻهن جي دل کي پگهرائي ڇڏيندي آهي. جيئن حضرت عثمان ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوف جا مثال آهن.
نعمت جو ضد خدا جو غضب آهي. مغضوب (جن تي خدا جو غضب ۽ ناراضگي هجي) اهي فرد يا جماعتون آهن جيڪي محنت جي استحصال، وياج خوري، ظلم ۽ جبر، دوکي ۽ ٺڳيءَ سان دولت جمع ڪن ٿا ۽ دولت جي گهڻائيءَ سان اهي فرعون ۽ قارون بڻجي وڃن ٿا. اسلام جي اچڻ جي زماني ۾ مڪي ۽ يثرب ۾ وياج خور يهودي مغضوب (غضب وارو) گروهه هئا. ۽ ان غضب جي نتيجي ۾ اهي يثرب مان رسول الله ﷺ جن سان معاهدن جي ڀڃڪڙيءَ جي بدلي هيڏانهن هوڏانهن منتشر ٿي ويا ۽ سندن قلعن ۽ پناهگاهن تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو.
اسلام کان پهريائين دنيا جي مختلف علائقن ۾ مختلف سلطنتون قائم ٿي چڪيون هيون، ترقي به ڪري چڪيون هيون ته فنا به ٿي چڪيون هيون، مختلف قسمن جا قومي ۽ عالمي مذهب به پيدا ٿي چڪا هئا. ماڻهن وهم پرستين مان نڪرڻ لاءِ پنهنجا عقل ڊوڙائڻ شروع ڪري ڏنا هئا جنهن جي نتيجي ۾ يونان، هند، اسڪندريه، چين جهڙن ملڪن ۾ فلسفي جا ڪيترائي مڪتبه فڪر مرتب ۽ مدون ٿي چڪا هئا ايتري تائين جو فلسفي ۾ طبعي علم به شامل ڪيا ويا هئا.
اسلام کان اڳ جو تاريخي منظر ٻڌائي ٿو ته هر ملڪ جي سياست تي مذهبي جماعتن پنهنجو اقتدار مضبوط ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ يونان، هند، چين ۽ اسڪندريه جهڙن علمي مرڪزن ۾ تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي علم جي تدوين شروع ٿي چڪي هئي، ان ئي سائنٽيفڪ علم کي قرآن ”علم بالقلم“ چيو آهي، پر ان سائنٽيفڪ علم کي مذهبي جماعتن پوئتي ڇڏي عقلي ترقيءَ کي هر هنڌ روڪڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. ان طرح ترقيءَ ۽ رجعت پسنديءَ ۾ جنگ شروع ٿي چڪي هئي.
اسلام جي تاريخ ۾ فقيهن ۽ ٻين مذهبي فلسفي کي مدون ڪندڙ رجعت پسند جماعتن، جيئن اشعري هئا، ملوڪيت جي اثر هيٺ علم بالقلم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ مسلمانن ۾ تجربي ۽ مشاهدي تي مبني علم جي تدوين جي جڳهه تي قياسي ۽ استخراجي فلسفي جو رواج پوڻ شروع ٿي ويو. بغداد ۽ اندلس جي علمي مرڪزن ۾ مذهبي جماعتن ۽ آزاد فڪر رکندڙ فلسفين ۽ دانشورن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي چڪي هئي. فقيهن ۽ ٻين رجعت پسند مذهبي جماعتن مسلم سائنسدانن ۽ فلسفين جي تصنيفن کي ساڙڻ شروع ڪري ڏنو هو.
مسلم اندلس جي تباهيءَ کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ علمي ترقي ٿي، تڏهن ان کي ڪيٿولڪ ڪليسا جي سخت مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو. بغداد ۽ اندلس جي برباديءَ کان پوءِ مسلمانن جون علمي ۽ ذهني قوتون جمود ۽ تقليد جو شڪار ٿي ويون هيون پر يورپ ۾ فرانس جي انقلاب جي ذريعي سائنسدانن ۽ روشن فڪر مفڪرن ڪليسا جي عمل دخل کي چرچ تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ اهي آزاديءَ سان علمي ترقيءَ جي شاهراهه تي اڳتي وڌڻ لڳا.
تاريخ جون اهي سموريون قوتون جن علمي ترقي، معاشي مساوات، سياسي ۽ ذهني آزاديءَ کي قائم رکڻ لاءِ رجعت پسند مذهبي ۽ سياسي قوتن خلاف جدوجهد ڪئي آهي، اهي سڀ جو سڀ انعام يافته فرد ۽ جماعتون هئا. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن انعام يافته جماعتن جي جان ٽوڙ جدوجهد سان جڏهن خوشحالي ايندي آهي ته دولت جي ورهاست ۾ اڻ برابريءَ سبب قوم دولتمند ۽ غريب ٻن الڳ الڳ طبقن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ دولتمند طبقا وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪش ۽ غلام عوام تي ظلم ۽ جبر ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن جنهن جي معنيٰ اها آهي ته اُهي نبين جي ٻڌايل مسلڪ کان هٽي ويندا آهن ۽ شيطان ۽ طاغوت جي رستي تي هلڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. ان جو هڪ مثال قرآن شريف سبا جي مملڪت سان ڏنو آهي.
هيءَ مملڪت يمن جي ڏکڻ ۾ قائم هئي. قرآن ان مملڪت جي خوشحاليءَ ۽ نيڪ هلت جي سببان ان کي ”بلده طيبه و رب غفور“ سان ياد ڪيو آهي. يعني ان مملڪت جي معيشت محنت جي استحصال، دوکي، ٺڳيءَ ۽ لٽ مار کان پاڪ هئي. ان جي خوشحالي ان جي ديانتدار محنت جو نتيجو هئي ۽ اهي پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين لاءِ بخشش ڪندڙ خدا کي مڃيندا هئا. يعني انهن کي بهترين رزق ”رزق ڪريم“ به حاصل هو ته بخشش گهرڻ جي توفيق به.
ان قوم جي رزق حاصل ڪرڻ جا ٻه ذريعا هئا: هڪ تجارت ٻيو زراعت. زراعت لاءِ انهن جبلن ۽ پهاڙن تان وهندڙ ندين ۽ نئين تي بند ٻڌي بابل کان پوءِ ٻيو وڏو آبپاشيءَ جو نظام جوڙي ورتو هو. سڀ کان وڏو بند شهر مارب جي ويجهو ڪوهه بلڦ جي واديءَ ۾ قائم هو. ان تلاءَ يا پاڻيءَ جي ذخيري (Dam) مان مختلف واهه ڪڍي زراعت لاءِ زمين کي سيراب ڪيو ويندو هو.
خوشحاليءَ سببان هڪ طبقو دولت جي گهڻائيءَ ۾ اچي ويو، ته ٻيو طبقو دولت کان محروميءَ ۽ جبري پورهئي جي سببان دل هاري ويٺو. ان طرح اها قوم پنهنجي آبپاشي جي نظام ۽ مارب جي بند جي نظرداريءَ کان غافل ٿي وئي ۽ پوءِ خدا جي غضب تحت اهو بند لڙهي ويو ۽ سڄو ملڪ، جتي هر پاسي ميويدار باغن ۽ کيتن جي ساوڪ ڦهليل هئي، اهو تباهه ۽ برباد ٿي ويو ۽ باغن جي جڳهه تي ڪانڊيرن ۽ ٻير جي ڪنڊن ۽ ڊڀن کان سواءِ ڪا شيءِ نه بچي.
ساڳي صورتحال داؤد ۽ سليمان جي عظيم سلطنت جي تباهي جي آهي. بابل جي سلطنت جي شان ۽ شوڪت جي زماني ۾ جڏهن انهن جو غلامن ۽ ٻين پوئتي پيل طبقن ۽ يهودين تي ظلم ۽ ستم عام ٿيو تڏهن يسعياهه نبي ان جي تباهيءَ جي اڳ ڪٿي ڪئي هئي ۽ فرمايو هو ته ”بابل، جيڪو مملڪتن جي شان ۽ ڪسدين جي بندگيءَ جي رونق آهي، سو سدوم ۽ عموره جيان ٿي ويندو، جن کي خداوند برباد ڪري ڇڏيو ۽ اهو هميشه لاءِ ڪڏهن به آباد نه ٿيندو ۽ پشت در پشت ان ۾ ڪابه وسندي ڪانه ٿيندي ۽ اتي عرب ڪڏهن به خيما ڪونه کوڙيندا ۽ اتي ڌنار ڪونه ويهاريندا، اتي ٺهي جڙي جهنگلي جانور ويهي رهندا، گهرن ۾ چٻرا ويٺل هوندا. اتي اٺ پکي اچي آباد ٿيندا، گدڙ انهن جي عالي شان گهرن ۾ ۽ بگهڙ انهن رنگين محلن ۾ اونايون ڪندا. (ڪتاب يسعياه باب 1319)
ٻي جڳهه تي حضرت يسعياه هي چيو ته:
”اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ (تخت تان) هيٺ لهه ۽ زمين تي ويهه. اي ڪسدين جي ڌيءَ! تون بي تخت زمين تي ويهه ڇاڪاڻ ته هاڻ تون نرم نازڪ ۽ نازنين نه چورائيندينءَ، جنڊ کڻ ۽ اٽو پيهه، پنهنجو نقاب لاهه ۽ رئو ويڙهي رک، ٽنگون اگهاڙيون ڪري دريائن کي پار ڪر. تنهنجو بدن بي پردو ڪيو ويندو، تنهنجي اوگهڙ به ڏٺي ويندي. اي ڪسدين جي ڌيءَ چپ ٿي ويهه ۽ انڌيري ۾ داخل ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻي تون مملڪتن جي خاتون نه چورائيندينءَ.“ (يسعياه 47-1)
بابل جيان ان دور جون ٻيون تهذيبون ۽ قومون رنگ ۽ نسل تي فخر ڪرڻ وارن تصورن تي مبني هيون ۽ اُهي قومون جن ٻين کي زبردستي پنهنجن ديوتائن جي پوڄا ڪرائي هئي؛ جيئن بابل کان سواءِ آشوري، مصري، ڪالدين، ساساني، يوناني ۽ رومي سلطنتون هيون، انهن جي قومي ترقي قدامت پسنديءَ ۽ ٻين قومن ۽ غلامن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ ڪري رڪجي وئي هئي ۽ اهي قومون ۽ تهذيبون خدا جي غضب جي سببان برباد ٿي ويون.
هتي روم جي تباهيءَ جي باري ۾ بريفالٽ جي تصنيف Making of Humanity مان حوالو ڏجي ٿو ته بريفالٽ لکيو آهي ته جيتوڻيڪ يونان ۽ روما جي دنيا ڪنهن اهڙي وڏي حادثي جي ضرب سان تباهه نه ٿي هئي جهڙن حادثن بابل يا سوسه، آشور يا يا ڪتانبه کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ يونان ۽ روما جو زوال ڪنهن اوچتي، تمام سخت ۽ وڏي طوفان سان نه بلڪ عجوري (تيز رفتار) انتشار جي عمل جي نتيجي ۾ آيو. تنهن هوندي به اها تهذيب اهڙو ته بڇڙي نموني سان ميسارجي وئي جو ان کان اڳ ان جو مثال ئي نه ٿو ملي. ان تهذيب جو ختم ٿي وڃڻ دنيا جي تاريخ جو هڪ ڏڪائيندڙ حادثو هيو. يونان ۽ روما جي تهذيب جي برباديءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته انسانيت هن وقت تائين جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو اهو مٽيءَ ۾ ملي ايئن ٿي ويو ڄڻ هو ئي ڪونه. ايٿنز ۽ روما انسان کي مشرق جي پراڻين تهذيبن مان مٿي کڻي ايترو بلند ۽ مٿاهون ڪري ڇڏيو جهڙو غارن ۾ رهندڙ انسان جو مان مٿاهون نه هو. انهن هڪ صحيح، پختي ۽ باشعور انساني دنيا تخليق ڪئي هئي. پر هاڻي ان سڄي ترقي ۽ ان سڄي شاندار ارتقاءَ مان ڪابه شيءِ باقي نه رهي. هڪ دفعو ٻيهر اٿينز ۽ روما اونداهين ۽ وحشت جي گهرائين ۾ ٻڏي ويو هو.
پنجين صديءَ کان ڏهين صديءَ تائين يورپ بربريت جي رات جي دامن ۾ مدهوش هو. انڌيرو جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو ٿي ويو. اها بربريت قديم زماني جي وحشيءَ جي وحشت جي مقابلي ۾ بي انتها خوفناڪ ۽ هيبت انگيز هئي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ هڪ عظيم الشان تهذيب جي سڙيل لاش جي بوءِ به هئي. ان تهذيب جا نقش ۽ نگار مڪمل طور ميساريا ويا هئا. اٽلي ۽ گال (فرانس) ۾ ان تهذيب جي ترقي ڪمال کي پهچي چڪي هئي. پر هاڻي انهن علائقن ۾ تباهيءَ، ناداريءَ ۽ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هو. زمين آبادڪاريءَ کان محروم ۽ زراعت لائق ايراضي ۽ وڻن ڪانڊيرن جو جهنگل ٿيندي ٿي وئي. دريا پنهنجي ڀڳل ٽٽل ڪنارن سان ڇوليون هڻي وهي رهيا هئا جهنگل ۾ مليريا ڦهلائيندڙ دلدلون ملڪ جي تمام وڏي علائقي تي حاوي ٿي ويون هيون، جن ۾ ڪنهن وقت خوشحال پوکون ۽ ٽلندڙ کيت نظر ايندا هئا. شهر عملي طرح غائب ۽ ختم ٿي چڪا هئا، ڇاڪاڻ ته تجارت ختم ٿي چڪي هئي.
رومين جيترا به آباد ۽ خوشحال شهر رائن درياءَ جي ڪناري تي آباد ڪيا هئا، انهن مان ڪو هڪ به نائين صديءَ ۾ باقي نه بچيو هو. کنڊرن ۽ ڊٺل ڳوٺن ۾ بگهڙن، سورن ۽ رڇن جهڙن جانورن جا ڌڻ گهمندا ڦرندا رهندا هئا. رومين جي بنگلن جا اڱڻ جيڪڏهن حجرن ۾ تبديل نه ٿيا هئا تڏهن به سوڙهين ۽ اونداهين ڪوٺين سان ٺهيا پيا هئا ۽ آس پاس جا ڪمرا ملبي جي کڏن ۽ مورچن جو ڪم ڏيندا هئا.
جيڪا ٿوري گهڻي آبادي هئي، ان مان ماڻهو جهنگلي درندن، قاتلن ۽ ڌاڙيلن جي ڊپ کان پنهنجي حدن کان ٻاهر ڪونه نڪرندا هئا. صرف ڏهين صديءَ دوران ڏهه دفعا تباهڪار ڏڪار ۽ تيرهن دفعا وبائون ڦهليون. آدم خوري به عام هئي، انسانن جو پيڇو لٽ مار لاءِ نه پر اڪثر کاڌي جي غرض سان ڪيو ويندو هو. سائون درياءَ جي ڪناري تورنس جي هنڌ تي سرعام انساني گوشت وڪيو ويندو هو. (تشڪيل انسانيت صفحو 269-252)
ان ڊگهي حوالي ڏيڻ جو مقصد هي هو ته جڏهن قومون ۽ تهذيبون پنهنجي ظلم، ڏاڍ، جنسي آوارگي، غلامن ۽ محنت ڪشن جي محنت جو کليو استحصال ۽ دولت مند طبقي جي عيش پرستين ۾ ٻڏي وڃڻ سان علم ۽ تهذيب جي ترقيءَ کان لاپرواهي ڪنديون آهن ته انهن قومن ۽ تهذيبن جو نالو ۽ نشان به ختم ٿي ويندو آهي. قرآن شريف وري وري تاريخي واقعن کي دهرايو آهي، جنهن جو مفهوم اهو آهي ته انهن عملن کان بچاءُ ڪيو وڃي جيڪي تباهي ۽ بربادي آڻين ٿا. يقينن اسلام کان پهريائين جون سموريون حسيت پسند (Senset) تهذيبون برباد ٿي چڪيون هيون. روم جي تباهي اسلام جي ظهور وقت ٿي.
يورپ جي تمام وڏي تباهي ۽ برباديءَ جي ڊگهي رات جنهن جو دل ڏڪائيندڙ نظارو بريفالٽ پيش ڪيو آهي، ان کي مسلم تهذيب جي ڏيئي روشني فراهم ڪئي. پر افسوس آهي ته بغداد ۽ اندلس ٻئي ترقيءَ جي بلندين کي ڇهڻ کان پوءِ جلد ئي قدامت پسندي، مذهبي اجاري دار جماعتن جي طرفان ڦهلايل تقليد، جامد ۽ شديد ماضي پرستيءَ جي اوندهه ان عظيم الشان مسلم تهذيب کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ خدا جي غضب جو نشانو بڻجي وئي، جنهن مرندي مرندي يورپ کي علم ۽ تهذيب جي روشني مهيا ڪري ڇڏي هئي. مغرب سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ بي انتها ترقي ڪئي، جنهن کي بريفالٽ ”نئين ڄمڻ“ سان تعبير ڪندو آهي. مغرب ان ترقي جي دور ۾ تخليق جي استقرائي يا سائنسي طريقي سببان فطرت جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڦولهي ورتو. فرانس جي انقلاب ڪيٿولڪ مذهب جي فساد ڦهلائيندڙ مذهبيت کي زندگيءَ جي ڪاروبار مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو. پر مشين جي ايجاد سببان مصنوعات جي گهڻي مقدار ۾ پيداوار يورپ جي قومي سرمائي کي مالياتي سرمائي ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ يورپ جون قومون جيڪي تنگ نظر قوميت جي تصور سببان ورهائجي چڪيون هيون اهي پنهنجي مصنوعات کي افريقه، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي پسمانده قومن ۾ وڪڻڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کان اڳڀرائي حاصل ڪرڻ جي عمل سببان ٻن خطرناڪ جنگين ۾ مبتلا ٿي ويون ۽ اهو نتيجو هو ڪمزور قومن جي خام مال جي ذخيرن ۽ انهن جي فردن کان سستي محنت حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي پنهنجي فوجي ۽ تهذيبي غلاميءَ ۾ جڪڙڻ جو، محنت جي استحصال، ظلم ۽ جبر، مڪر ۽ فريب يورپي تهذيب کي انساني قدرن کان محروم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. سرمائيدارانه نظام جي خونخوار ۽ دل ڏڪائيندڙ تاريخ جي لاءِ ليوهيوبرمن جي ڪتاب Man’s worldly Goods جو مطالعو تمام ضروري آهي. ان جو اردو ترجمو ”ڪاروان معيشت“ جي نالي سان اچي چڪو آهي. مون پنهنجي ڪتاب ”فلسفه بيگانگي اور قرآن“ ۾ ان جو خلاصو ڏنو آهي.
ٻن عظيم ۽ عالمگير جنگين کان پوءِ هيءَ تهذيب انسان دوست ۽ عوام پرور قدرن کان خالي ٿي چڪي آهي. ان تهذيب مان ڪانٽ ۽ هيگل جهڙا فلسفي، ورڊ زورٿ، ٽيني سن، شيڪسپيئر ۽ وليم بليڪ جهڙا انسان دوست شاعر ۽ مفڪر پيدا ٿيڻ ختم ٿي چڪا آهن. ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن ۽ ترقي يافته ٽيڪنالاجيءَ انسانن کي ترقيءَ ڏيڻ بدران ست وڏا (G-7) پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ هيءَ تهذيب سائنسي تحقيق جي باوجود فڪري لحاظ کان سنڍ ٿي چڪي آهي. ان جو ادب لاحاصليت (Futility) ۽ لا يعنيت (Afsurdity) تي مبني ٿي چڪو آهي. هيءَ تهذيب انساني حيات ۽ ڪائنات جي تخليق کي بي مقصد قرار ڏئي ٿي. ۽ ڏينهون ڏينهن جنسي لذت، تشدد ۽ قتل ۽ غارت ۾ ٻڏندي ٿي وڃي. آمريڪي ڏاهن اعليٰ فلسفيانه فڪرن جي تخليق بدران تنابحيت (Proagmatism) جهڙي مفاد پرست فلسفي کي پيدا ڪيو. يورپ جيتوڻيڪ هن وقت پنهنجي قومن ۾ اتحاد پيدا ڪري ڇڏيو آهي. پر اهو اتحاد ڪنهن اعليٰ، انسان دوست ۽ عوام پرور نصب العين کان سواءِ نتيجو ڏيندڙ ۽ لاڀائتو نه ٿو ٿي سگهي. فطرت پنهنجي مڪافات جي قانون کي ڪنهن قوم لاءِ تبديل نه ڪندي آهي. اقبال چواڻيءَ ڏسو هن بحر جي تهه مان ڪهڙي ڪهڙي شيءِ ڇوليون ٿي هڻي. اقبال جو خيال آهي: ”جهڙيءَ طرح مشرقِ وسطيٰ ۽ مشرقِ بعيد، شمالي افريقه ۽ اسپين وغيره جون تهذيبون اسلام ۾ داخل ٿي ان جو جزو بڻجي چڪيون آهن، ان طرح هيءَ مغربي تهذيب به هڪ ڏينهن اسلام جي بحربي ڪنار ۾ جذب ٿي ويندي“ ان پيشنگوئيءَ جا آثار فرانس، برطانيا ۽ آمريڪا جهڙن مغربي ملڪن ۾ اسلام جي ڦهلاءَ جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن.
يورپ جي نشاة ثانيه کان پوءِ جن سماجي، تعليمي، علمي، تهذيبي، سياسي ۽ معاشي انقلابن جنم ورتو آهي، اقبال انهن سڀني جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ هيءُ آواز بلند ڪيو آهي ته:
کونسی وادی میں ہے کونسی منزل میں ہے
عشق بلاخیز کا قافلہ سخت جان
هيءَ اصل ۾ اسلام جي نئينءَ سنئينءَ اسرڻ جي پيشنگوئي آهي، ڇاڪاڻ ته مسلم تهذيب پنهنجي تباهيءَ ۽ خدا جي غضب جي دور مان نڪري چڪي آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. پر ان نئين ڄمڻ سان جيڪو اسلام اُڀري ايندو اهو ملائيت وارو اسلام نه هوندو بلڪ اهو پنهنجي جوهر ۾ روشن فڪر، عالمگير، انصاف دوست ۽ عوام پرور اسلام هوندو.
هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته قرآن شريف انعام يافته هئڻ يا مغضوب هئڻ يا ضلالت ۾ مبتلا هئڻ (کان بچڻ) لاءِ نفس جي تسخير کي لازمي شرط قرار ڏنو آهي. يعني هڪ انعام يافته قوم پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ تبديليءَ سان غضب يا ضلالت ۾ گرفتار ٿي ويندي آهي. ان جو مثال سبا جي قوم ۽ ٻين قومن جي ذڪر سان ڏنو ويو آهي. سبا جي قوم جو ملڪ بلده طيبه هيو جيڪو پوءِ ان قوم جي ڪاروبار زندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو. هتي سوال ٿو اٿي ته اها تبديلي ڇو ٿي اچي.
ان جو جواب واضح آهي ته طبقاتي معاشري ۾ محنت ڪش ماڻهن جي محنت سان جڏهن پيداوار جي ذريعن (زمين، ٻيلا، کاڻيون، مشين وغيره) جي مالڪن وٽ دولت جي گهڻائي ۽ خوشحالي اچي ويندي آهي تڏهن اها دولت جي گهڻائي سندن فطرت جي هيٺانهن جذبن کي اُڀاريندي آهي ته هو جبلت جي حيواني تقاضائن جي تڪميل ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. پنهنجي عيش پرستيءَ ۽ سهل پسنديءَ کي قائم رکڻ لاءِ محنت ڪش غلامن ۽ ٻين ڪمزور فردن کان سخت محنت وٺندا آهن، ان طرح ظلم، جبر ۽ غير انساني سلوڪ انهن جي عادت ٿي پوندي آهي.
ٻئي طرف پيداواري ذريعن کان محروم طبقن ۾ پنهنجي غربت ۽ سڃائيءَ جي سببان بيچيني ڦهلجندي ويندي آهي ۽ پوءِ اهي پنهنجي بيوسيءَ ۽ اڻهوند کي ختم ڪرڻ لاءِ يا ته انقلاب قائم ڪري وٺندا آهن. جيئن حضرت مسيح جي بعثت کان پهريائين روم جي ٻارنهن هزار غلامن سپارٽاڪن جي قيادت ۾ بغاوت ڪري ڏني هئي. جنهن کي روم جي فوجن سختيءَ سان ڪچلي ڇڏيو هو يا وري غلام انقلاب جي بجاءِ شودرن وانگي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهي صدين تائين غيرانساني ڏاڍ ۽ ظلم کي صبر ۽ سانت سان برداشت ڪندا رهندا آهن. ان طرح اهي نه زندگيءَ جي اعليٰ قدرن کي اپنائي سگهندا آهن ۽ نه ئي ڪو انقلابي قدم کڻي سگهندا آهن. انسان جي سڄي تاريخ غلامن، زرعي غلامن ۽ اجرتي غلامن جي بغاوتن ۽ ظلم، ڏاڍ برداشت ڪندڙن ۽ بيوسيءَ ۽ اڻهوندتي صبر ڪندڙن سان ڀري پئي آهي.
جيستائين طبقاتي معاشرو قائم آهي، اها صورتحال قائم رهندي. نبين جي بعثت ان مقصد ڪاڻ ٿي هئي ته طبقاتي معاشري کي توحيد الاهي جي نظريي جي بنياد تي لاطبقاتي بنايو وڃي. ۽ فردن کي انهن جي زندگيءَ جو مقصد سمجهايو وڃي، ته جيئن هن دنيا توڙي آخرت واري زندگيءَ ٻنهي ۾ سرخرو ٿي سگهن. سمورن نبين ۽ ٻين نيڪ ۽ صالح مفڪرن ۽ فلسفين سڀني انساني حيات جو مقصد خدا سان ويجهڙائيءَ کي قرار ڏنو آهي. انسان جو جوهر خدا جو نور آهي ۽ اهو تزڪيي ۽ عبادت جي عمل سان ممڪنات ۽ مضمرات ۾ بي پناهه وسعت ۽ گهرائي پيدا ڪري خدا تعاليٰ ڏانهن موٽي ويندو آهي.
پر طبقاتي معاشري ۾ هڪ طرف دولت جي تمام گهڻائي ۽ ٻئي پاسي دولت جي انتهائي ڪمي ٻنهي قسم جي ڪيفيت انسانن کي سندن زندگيءَ جي مقصد کان اوجهل ڪري ڇڏيندي آهي. امام ولي الله دهلويءَ حجت الله البالغه ۾ ان تي تمام گهڻي روشني وڌي آهي. امام موصوف ٻڌايو آهي ته تاريخ ۾ جڏهن اهڙي حالت پيدا ٿيندي آهي ته خدا ان حالت يا نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ نبي موڪليندو آهي يا وري ڪنهن ڪليم (موسيٰ عليه السلام) جهڙي حڪيم کي پيدا ڪندو آهي، جيڪو ان نظام کي ٽوڙي ڇڏيندو آهي.
اسان جي زماني ۾ ڪارل مارڪس جيتوڻيڪ طبقاتي نظام جي حمايت ڪندڙ مذهب کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر ان محنت جي استحصال جي ذريعي دولت جي گهڻائيءَ جي سائنسي توجيهه ۽ تجزيو پڻ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ ۾ سولائي ٿي پئي آهي. مفاد پرست مذهبي پيشوا مارڪس کي ان ڪري بدنام ڪن ٿا، جو ان مذهب کي رد ڪري ماديت جو فلسفو اپنايو، پر عالمي مذهبن جا اهي مذهبي پيشوا ۽ معلم جن ۾ مذهب اسلام جا عالم ۽ پيشوا به شامل آهن، پنهنجي گريبانن ۾ جهاتي پائي نه ٿا ڏسن ته انهن سدائين اقتدار ڌڻين ۽ مالدار ۽ دولت مند طبقن جي حمايت ڪئي آهي ۽ مراعات يافته ۽ محروم مسڪين محنت ڪش ٻنهي کي ٻڌايائون ته پنهنجي اها حالت خدا جي لکيل تقدير آهي، جنهن کي تبديل يا ختم ڪرڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي. ٻين مقدس ڪتابن جيان قرآن شريف جو تفسير ۽ شرح به ان طريقي تي ڪيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي ته جڏهن به ڪمزور ۽ نادار طبقن بالادست طبقن جي خلاف بغاوت ڪئي ته مذهب جي نالي تي اڄ تائين معاشي اڻ برابري ۽ استحصال جي خلاف ڪابه بغاوت نه ٿي. مسلم معاشري ۾ ان سببان اڄ تائين فرانس جي انقلاب يا روس جي انقلاب جهڙو ڪوبه انقلاب نه اچي سگهيو آهي.
جيڪڏهن مغرب اهي انقلاب آندا آهن ته اهي به مذهب کي ڇڏي يا مذهب تي والٽيئر جيان شديد تنقيد ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن اهي انقلاب نه اچن ها ته يورپ به ٽين دنيا جي مذهبي معاشرن وانگر پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته هجي ها. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مذهب جي رد ڪرڻ سان يورپ انهن اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي نه اپنائي پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني ترقيءَ کان محروم ٿي ويو، پر ٽين دنيا جا پوئتي پيل معاشرا جتي پسماندگيءَ ۽ روحاني ترقيءَ کان محروم رهيا آهن، اتي مادي ترقيءَ کان به پوئتي رهيا آهن. جڏهن ته سمورن نبين جي تعليم، چاهي اهي سامي هجن، آريائي يا زرد نسل سان تعلق رکندڙ هجن، انهن سڀني طبقاتي تقسيم جي شديد مخالفت ڪئي آهي ۽ حقيقي خالق جي پيدا ڪيل ربوبيت جي ذريعن تي سڀني انسانن جو هڪ جيترو حق تسليم ڪيو آهي.
قرآن شريف جتي معاشي ننڍ وڏائي کي تسليم ڪيو آهي اتي ذهني ۽ جسماني قوت جي تفاوت کي ان ناهمواريءَ جو سبب ڄاڻايو آهي، پر محنت جي استحصال کي جائز قرار نه ڏنو آهي. تحقيق جي سائنسي طريقي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته دولت جي گهڻائي محنت ڪش جي محنت جي اجرت جو اهو حصو آهي جنهن کي ادا نه ڪيو ويو آهي ۽ اهائي ادا نه ٿيل محنت جي مزدوري (Unpaid Labour) منافعي يا قدر زائد جي شڪل ۾ جمع ٿي دولت جي گهڻائي جو سبب بنجي ٿي. اسان جي دور ۾ تجارت به اسٽاڪ ايڪسچينج جي قمار بازي بڻجي چڪي آهي. ان مسئلي کي مون پنهنجي ڪتاب ”فلسفه بيگانگي اور قرآن“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
طبقاتي معاشري ۾ ڇاڪاڻ ته هر قوم ٻن متضاد معاشي طبقن تي مشتمل هوندي آهي، ان ڪري اها قوم پنهنجي ابتدا ۾ جيڪڏهن انعام يافته هوندي آهي ته طبقاتي ڪشمڪش جي منطقي تقاضائن جي نتيجي ۾ اهائي قوم مغضوب ۽ ضالين بڻجي ويندي آهي. پوءِ يا ته اها صفحه هستيءَ تان ختم ٿي ويندي آهي، جيئن بابل، آشور، ڪالديه، سميري، مصري ۽ رومي وغيره قومون ۽ تهذيبون پنهنجي ظلم ۽ عياشيءَ جي ڪري ختم ٿي چڪيون آهن يا وري يهودي، هندو، مسيحي ۽ اسلامي تهذيبن جيان جهڳڙي جي حالت ۾ وٺجي وينديون آهن ۽ ڪڏهن مغربي تهذيب جيان پنهنجي مذهب کان لاتعلق ٿي مادي زندگيءَ ۾ ڪجهه ترقي ڪري وٺنديون آهن. صراط مستقيم نبين جي تعليمن کي اپنائڻ آهي جنهن کان قومون بار بار تباهيءَ جي حالت کان محفوظ رهي سگهنديون آهن ۽ ان طرح خدا جي غضب کان بچي وينديون آهن.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سمورن نبين جون ملتون طبقاتي نظام معيشت ۾ مبتلا ٿي اخلاقي تباهيءَ جي سببان يا ته تباهه ٿي چڪيون آهن يا وري ٽڪراءَ جي عالم ۾ مبتلا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي به طبقاتي نظام معيشت جي اخلاقي پستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪيون آهن. مسلم مذهبي پيشوائيت اسلام جي روشن ۽ ترقي پسند چهري تي نري تقليد ۽ ماضي پرستيءَ جو چوغو ويڙهي ڇڏيو آهي، جيستائين اهو نقاب نه لهندو، تيستائين اسلامي ملت انعام يافته ملت جو مرتبو ۽ مقام حاصل نه ڪري سگهندي.

[b]ولاالضالين
[/b] غضب نعمت جو ضد آهي ۽ معاشي نظام جي غلط ۽ ناهموار هئڻ جو نالو آهي. پهرين ٻڌايو ويو ته اسلام کان اڳ سموريون قومون ۽ تهذيبون استحصالي ۽ طبقاتي معيشت جي نظام سبب تباهه ۽ برباد ٿي چڪيون آهن. انهن تهذيبن ۾ ڪي ته تمام وڏي شان، مان ۽ دٻدٻي واريون هيون، پر غلامن کان جبري محنت وٺڻ لاءِ انهن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي هئي. ان کان علاوه هيءُ استحصالي معيشت جو نظام سمورين اخلاقي خرابين جي جڙ آهي. قتل ۽ غارت، ڌاڙا، فساد، زبردستي، لڄالٽ، جنسي ڇڙواڳي، عصمت فروشي، ڪمزورن ۽ يتيمن جو مال کائي وڃڻ وغيره جهڙا سڀ برا عمل ان معاشي نظام جي پيداوار آهن. سورة بني اسرائيل ۾ ”مترفين“ جي بداعمالين کي قومن جي تباهيءَ جو سبب ٻڌايو ويو آهي. (آيت 16)
ضلالت هدايت جو ضد آهي. صحرا ۾ سڌو وڃڻ وارو رستو جيڪڏهن گم ٿي ويندو آهي ته قافلا تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن. قرآن ضالين جا ٻه قسم ٻڌايا آهن، هڪ قسم هي آهي ته هڪ ماڻهو يا جماعت انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ چاهي، پر ان کي اهو معلوم نه هجي ته هي ڪم ڪهڙي طرح ڪيو وڃي، ان جو مثال نبي اڪرم ﷺ جن جي متعلق هيءَ آيت آهي ”ووجدڪ ضالا فهديٰ“ رسول اڪرم ﷺ انسانيت جي ڀلائيءَ ۽ اصلاح لاءِ ڪم ڪرڻ گهرن پيا، پر هيءُ فيصلو نه ٿي ڪري سگهيا ته رستو ڪهڙو اختيار ڪن.
هڪ رستو حلف الفضول جو هو، پر اهو غيرسياسي هو، ان کي طاقتور ۽ سازشي قوتون جلد ختم ڪري سگهيون ٿي. يعني اهو رستو جٽادار نه هو. ٻيو رستو حضرت موسيٰ جو هو، جنهن غلامن کي نجات ڏياري. هڪ رستو حضرت يوسف جو هو، جنهن معيشت جي اشتراڪي طريقي سان خدا جي مخلوق کي ڏڪر کان بچايو. هڪ رستو حضرت ابراهيم جو هو، جنهن پنهنجي شهر ۽ پنهنجي خاندان کان الڳ ٿي هجرت ڪئي هئي. معلوم ايئن ٿو ٿئي ته نبي اڪرم ﷺ جن شروع کان ئي ان ڳالهه جا قائل هئا ته جيستائين سياسي قوت هٿ ۾ نه ايندي، تيستائين عالمگير انسانيت جي اصلاح ۽ سڌارو ممڪن نه آهي. سيرت پاڪ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته مڪي شريف ۾ عدم تشدد جي اصول تي عمل ڪري هڪ بلند اخلاق وارن جانثار ماڻهن جي جماعت جوڙي وئي هئي. هيءَ جماعت هر قسم جي تشدد جي طريقن کي سهي ڪڙهي پاڻ ۾ نکار پيدا ڪري چڪي هئي. ان جو سڀ کان وڏو مظاهرو صلح حديبيه جي موقعي تي ”بيعت رضوان“ جي صورت ۾ سامهون آيو.
ضلالت جو ٻيو قسم انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي غور ۽ فڪر، تلاش ۽ جستجو سان رستي چونڊڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن ۽ رواج ۾ آيل نظرين ۽ طريقن کي اپنائي ان ئي رستي تي هلندا ٿا وتن. ان جو بنيادي سبب هي هوندو آهي ته انقلابي رستي تي هلڻ سان انهن کي پنهنجي خواهشن ۽ هيچ مقصدن کي ڇڏڻو پوندو آهي، مصيبتن، قيد ۽ بند کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ان ڪري هو حيوانن جيان هڪ رخ تي رمندا ويندا آهن. پنهنجي سمجهه سوچ، پنهنجي اکين ۽ ڪنن کان ڪم نه وٺندا آهن. نواڻ (New) کي اپنائڻ کان خوف کائيندا آهن ۽ قدامت (Old) کي سيني سان لڳايو ويٺا هوندا آهن، قرآن ان کي حيوان بلڪ ان کان به بدتر قرار ڏنو آهي.
ان جو سڀ کان وڏو نقص يا غلطي اها هوندي آهي ته اهي پنهنجي لاءِ ڪنهن نصب العين کي مقرر ڪري ان جي حصول لاءِ جدوجهد نه ڪندا آهن ۽ ان رستي ۾ ايندڙ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن جي لاءِ سورة جاثيه جي آيت 32 ڏسو ۽ سورة اعراف جي آيت 179 جو مطالعو ڪيو. ان سان گڏ سورة ياسين جي آيت 47 ڏسو، ته انهن ”مترفين“قسم جي ماڻهن کي جڏهن چيو ويندو آهي ته پنهنجي کوڙساري رزق مان محروم ماڻهن کي ڏيو ته اهي چوندا آهن ”جيڪڏهن انهن کي رزق ڏيڻو هو ته خدا پاڻ ئي ڏئي ڇڏي ها.“ (اسان انهن سڃن ماڻهن جو ٺيڪو ته نه کنيو آهي) هي اهو نظريو آهي جنهن کي زراعت جي زماني جي ابتدا کان ئي، جڏهن معاشرو ٻن متضاد معاشي طبقن ۾ تقسيم ٿي ويو ۽ پيداواري ذريعن ۽ اقتدار تي قبضو رکندڙ طبقي جي ماڻهن غلامن ۽ محرومن کان سخت مشقت وٺڻ لاءِ انهن تي غيرانساني ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. طاقتور قبيلن ڪمزور قبيلن تي حملا ڪري انهن جي مال متاع تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهن جي مردن کي غلام ۽ عورتن کي ٻانهيون بنائڻ شروع ڪيو. تڏهن ان صورتحال جي سڌاري لاءِ ئي نبين جي بعثت شروع ٿي ۽ توحيد جي تعليم جي لازمي عملي نتيجي طور طبقاتي معاشري کي لاطبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي تلقين ڪئي وئي ته هر مذهب جي مذهبي پيشوائيت بالادست ۽ رعايت يافته طبقن سان ملي ڀڳت ڪري مقدس ڪتابن مان انهن جي مفادن جي تحفظ جي سند (اٿارٽي) مهيا ڪري ڏني ۽ اهو خيال عام ڪيو ويو ته ”رزق جي تقسيم الله پاڻ ڪندو آهي، ان ئي امير ۽ غريب پيدا ڪيا آهن،“ پر قرآن مٿين آيت مقدسه ۾ انهن مترفين ۽ مذهبي پيشوائن جي غلط پروپيگنڊا کي کليل گمراهي قرار ڏنو آهي.
اسان جي موجوده زماني ۾ اسلام ۽ ٻين مذهبن جي مذهبي پيشوائيت جاگيرداري، صنعتي سرمائيداري ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي قماربازيءَ جي ذريعي نفعو ڪمائيندڙ تاجرن جي تجارت کي جيڪا اقبال جي بقول:
ظاہر میں تجارت ہے حقیقت میں جوا ہے
سود ایک کا لاکھوں کے لئے مرگ مناجات ہے
مذهبي پيشوائيت قرآن شريف جي تفسير ۽ تشريح ۽ پنهنجي واعظن ۽ خطبن جي ذريعي کين تحفظ مهيا ڪري ٿي. ساڳيو حال ٻين سمورن مذهبن جو آهي، اصل ۾ هيءُ سڄو مذهب اسلام سوڌو زمين جي گولي تي جيڪو رواج ۾ آهي مذهب جي مقدس بانين جي انقلابي تعليمن ۽ جان جوکي وارين جدوجهدن جي مسخ ٿيل (Distorted) شڪل آهي. شهيد محترم علي شريعتيءَ ان موضوع تي ڀرپور روشني وڌي آهي.
ان جو مطلب آهي ته پيداوار جي ذريعن تي چند ماڻهن جو ذاتي قبضو گمراهي آهي ۽ اهي سڀئي جاگيردار، صنعتي سرمائيدار ۽ وڏا تاجر (سمگلر، ڊرگ مافيا)”الضالين“ جي گروهه سان تعلق رکن ٿا. انهن قرآن حڪيم ۽ ٻين مقدس ڪتابن جي عوام پرور معاشي تعليم کي اپنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي گمراهي اها آهي ته پنهنجي بالادست ۽ مراعت يافته طبقن جي خوشحاليءَ کي سڄي قوم جي خوشحالي قرار ڏيندا آهن. ان طرح هي ماڻهو عوام کي ڌوڪو ڏيندا آهن.
”ضلالت“ ۽ ”ضلال“ جو سڀ کان چٽو مثال مسلم امت جو آهي. جنهن پنهنجي پهرين مرحلي ۾ ئي خلافت جي اداري کي مديني مان کڻي دمشق ۾ آندو ۽ ان کي سلطنت ۽ بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو. ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم مديني جي رياست (خلافت) کي اشتراڪي جمهوريت قرار ڏنو آهي. ان اشتراڪي جمهوريت کي موروثي سلطنت ۾ بدلائڻ بعد قانون سازي ۽ بيت المال (خزاني) مان عوام ۽ ان جي مفادن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ويو.
بغداد ۾ اها سلطنت کلي ملوڪيت ۾ تبديل ٿي وئي، جيڪا قيصر ۽ ڪسريٰ جي نقش قدم تي هلڻ شروع ٿي وئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مسلمانن جي سياست ملوڪيت بڻجي وئي. معيشت جاگيرداري بڻي ۽ علم بالقلم واري استقرائي تحقيق جي طريقي جي جڳهه تي يونان جي قياسي ۽ استخراجي طريقي کي اپنايو ويو. جنهن جو تجربي ۽ مشاهدي سان ڪوبه تعلق نه هو. ان سياست، معيشت ۽ انداز فڪر جي سببان مسلمانن جون سلطنتون هڪ ٻئي پٺيان پوئتي پوڻ شروع ٿي ويون. نري تقليد پنهنجا پير ڄمايا ۽ سمجهيو ويو ته جيڪو ڪجهه سوچڻ گهربو هو اهو سوچجي ويو ان ڪري اجتهاد جو دروازو بلڪل بند ڪيو ويو. مون پنهنجي تصنيف ”اسلام ۾ حرڪت و ارتقا ڪا تصور“ ۾ قاري طيب مرحوم ۽ مغفور جي تصنيف ”الاجتهاد والتقليد“ منجهان ان موضوع بابت اقتباس ڏنا آهن.
اندلس جي زوال کان پوءِ يورپ ڏانهن علم جي روشني منتقل ٿيڻ سان اتي تحقيق ۽ ڳولا جا چراغ روشن ٿيڻ لڳا. جمال الدين افغانيءَ چيو هو ته ”حڪومت علم ڪندو آهي.“ جنهن ڪري يورپ جي علمي ترقيءَ پوئتي پيل، نري تقليد ۽ سخت ماضي پرستيءَ ۾ مدهوش مسلم امت جي سڀني قومن کي غلاميءَ ۾ مبتلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترين صدين تائين مسلم امت جي هر قوم مغرب جي غلاميءَ ۾ رهي. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ محڪوميت، ذلت ۽ جمود هو. ان غلاميءَ جي زماني ۾ حضرت موسيٰ جي قوم جيان مغرب جي علمي ترقيءَ ۽ نون فڪرن جي روشنيءَ ۾ مسلم قومن جي نئين نسل جڏهن اکيون کوليون تڏهن انهن پنهنجي ابن ڏاڏن جي نري تقليد جي روش کان بغاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. برصغير ۾ ان بغاوت جي شروعات سرسيد کان ٿي. ان جي انتها اقبال جي مغربي تهذيب تي سخت تنقيد جي شڪل ۾ نتيجي جي طور سامهون آئي. •

________
• ياد رهي ته سر سيد ابن ڏاڏن جي تقليد کان بغاوت ضرور ڪئي، پر تقليد کان بغاوت ڪونه ڪئي. هن مسلم ابن ڏاڏن جي تقليد ڇڏي مغرب جي تقليد شروع ڪئي. اها تقليد به سائنسي ميدان ۾ گهٽ پر مغربي ڪلچر ۽ مغربي سياست جي تقليد وڌيڪ ڪئي. انگريزن جو وڏو حامي بڻيو ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سندس ڪردار ٻڙي هو، ها البت علمي روشن خيالي سندس سٺو ڪارنامو آهي. سنڌيڪار
________

اهوئي حاصل مصر، ترڪيءَ ۾ ٿيو. تيونس، مراڪش، الجزائر وغيره ۾ مسلم مجاهدن مغربي غلاميءَ جي ڳٽ لاهڻ لاءِ سخت جدوجهد شروع ڪري ڏني.
ٻي جنگ عظيم کان پوءِ خونريز جدوجهد سان مسلم قومن آزادي حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ان آزاديءَ کان پوءِ تعمير جو مرحلو سامهون هو پر ڇاڪاڻ ته اسلامي عالمن قديم ادب ۽ ان جي نظرين سان پنهنجو ناتو جوڙي رکيو هو ۽ اهو نظريو ۽ ادب نون مسئلن جو ڪوبه حل پيش نٿي ڪري سگهيو، جنهن ڪري هر مسلم قوم ڪنهن واضح، متعين ۽ جديد اسلامي نظريي يا اسلام جي نئين تعبير کي حاصل نه ڪري سگهي. هر قوم ڪڏهن مغرب جي فاسد ۽ سرمائيدارانه جمهوريت ۽ ان جي تهذيب کي اپنائڻ لڳي ته ڪڏهن لادين اشتراڪيت جي انڌيري ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳي ۽ ان جي سڄي ذميواري عالمن تي آهي.
ديني مدرسن جي سخت قدامت پسند فضا ۾ پيدا ٿيندڙ غفلت مسئلن کي حل ڪرڻ کان ته قاصر رهي، پر مصيبت اها ته روشن فڪر مسلم دانشورن جي فڪري ڪاوشن کي به ان غفلت اڳتي وڌڻ نه ڏنو. اقبال، ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊاڪٽر يوسف گورايه، ڊاڪٽر علي شريعتي، ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم، ڊاڪٽر رفيع الدين جهڙن روسن فڪر دانشورن جي فڪرن ۽ سوچن کي ديني مدرسن ۾ ته ڇا يونيورسٽين ۾ به داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. رجعت پسند ۽ مراعات يافته طبقن جي مفادن جي حق ۾ سڀ کان طاقتور فڪري ڪاوش مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ جي هئي. هو پيداواري ذريعن تي فردن جي نجي ملڪيت کي تقدس مهيا ڪري ٿو. نتيجو اهو آهي ته مسلم قومون پنهنجي جديد تعمير لاءِ ڪوبه رستو وٺي نه سگهيون آهن. هڪ طرف قدامت پسند اسلام جي تعبير آهي، ٻئي طرف مغرب جي سرمائي پرست فاسد تهذيب آهي يا وري لاديني اشتراڪيت آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ اقبال جي بقول:
مسڪين ولڪم مانده دربن ڪشمڪش اندر
ان گمراهيءَ جي کڏن مان نڪرڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته اقبال جي بقول اجتهاد مطلق جي بند دروازي کي کوليو وڃي ۽ قرآن جي مطابق پنهنجي دلين، پنهنجي اکين ۽ پنهنجي ڪنن کي بند ڪرڻ بجاءِ پوري طرح کولي حالتن جو جائزو ورتو وڃي. نين تقاضائن جي منطق کي سمجهڻ جي مخلص ڪوشش ڪئي وڃي ۽ روشن فڪر مسلم دانشورن جي فڪرن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو وڃي ۽ اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته قرآن جو خدا ”الآن ڪما ڪان“ ناهي، پر ”ڪل يوم هو في شان“ آهي ۽ امام ولي الله جي بقول ”شئون متجدده“ نوان فڪر، نوان تاريخي دور پيدا ڪري رهيا آهن، وجود جو هر مظهر مسلسل حرڪت ڪندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ آهي ۽ نين تقاضائن کي پيدا ڪري رهيو آهي.
مغرب ته اڃا تائين خدا جي غضب جي هيٺان آهي ۽ ان جا ڄاڻو، مفڪر ۽ دانشور ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڏاڍي ڪمزور آواز ۾ اُهي چئي رهيا آهن ته مسئلن جو حل هن ڪريل اخلاق ۽ سرمائي پرست تهذيب ۾ ناهي. ان جو حل محمد، مسيح ۽ ڪرشن جهڙن جليل القدر نبين وٽ آهي يا گهٽ ۾ گهٽ شيرازي، فارابي، ابن رشد ۽ ابن عربيءَ جهڙن دانشورن جي ويجهو اچڻ گهرجي.
مغرب پنهنجي فاسد تهذيب جي سببان ڪانٽ ۽ هيگل جهڙا فلسفي، شيڪسپيئر، ورڊز ورٿ، ٽيني سن ۽ وليم بليڪ جهڙا اخلاق پسند ۽ صوفي شاعر ٻيهر پيدا نه ڪري سگهيو. جيستائين مغرب ٻيهر ٽالسٽائي کي آواز نه ڏيندو تيستائين جنسي ڇڙواڳي، قتل ۽ غارتگري ۽ سرمائي پرستي جي ڌٻڻ مان نڪري نه سگهندو.
ٽالسٽائي چيو:
1- Life is everything.
1- زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي يعني هر شيءِ زندگيءَ جي حاصل آهي.
قرآن چيو آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ الله جي تسبيح ڪري رهي آهي.
یُسَبِّحُ لَہٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ (الحشر- ٢٤)
2-Life is God.
2- زندگي ئي خدا آهي.
خدا حيُ قيُوم آهي. اقبال چيو آهي: خدا زندگيءَ جو روحاني بنياد آهي.
3- Everything changes and Moves and Movements God.
3- هر شيءِ بدلجي ٿي ۽ چرپر ڪري ٿي ۽ چرپر ئي خدا آهي.
قرآن شريف ۾ آهي ”ڪل يوم هو في شان“ خدا هر گهڙيءَ نئين شان ۾ جلوه گر ٿيندو آهي. ان ڪري حرڪت جو تفسير ئي خدا آهي (يا خدا جو ظهور آهي).
4-And While there is joy inconsciousness of the Divine.
4- ان جو مطلب هيءُ آهي ته جتي زندگيءَ جو احترام ڪيو ويندو آهي اتي خدا جون رحمتون نازل ٿينديون آهن ۽ جتي زندگيءَ کي قتل ۽ غارت، جبر ۽ تشدد، ظلم ۽ استحصال سان برباد ڪيو وڃي ٿو، اتي خدا ناراض ٿيندو آهي ۽ ان جو عذاب ۽ غضب نازل ٿيندو آهي.
5-To love life is to love God.
5- زندگيءَ سان محبت ڪرڻ خدا سان محبت ڪرڻ آهي. حديث مبارڪ ۾ آهي ته خدا ۽ انسان سان محبت ڪرڻ هڪ ٻئي سان لازم ۽ ملزوم آهي.
6- Harder and More blessed than all else is to love this life in one’s suffuring in innocent suffuring.
6- هر شيءِ کان وڌيڪ ڏکي ۽ رحمت ڀري ڳالهه، ڪنهن شخص جو پنهنجي مصيبتن ۾، پنهنجي معصوم مصيبتن ۾ هن زندگيءَ سان محبت ڪرڻ آهي.
قرآن شريف ۾ آهي وَالصّٰبِرِیۡنَ فِی الْبَاۡسَآءِ والضَّرَّآءِ وَحِیۡنَ الْبَاۡسِ ؕ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ صَدَقُوۡا ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُتَّقُوۡنَ. (البقره 177)
۽ تنگيءَ ۾، مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾، تڪلفين ۾ ۽ دشمنن ۽ مخالفن سان مقابلي جي وقت صبر ڪن ٿا. اهي ئي سچا ماڻهو آهن ۽ اهي ئي متقي آهن (يعني هر حالت ۾ زندگيءَ سان محبت ڪن ٿا.)
ٽالسٽائيءَ جا هي لفظ سمورن عالمي مذهبن جي تعليمات جو خلاصو آهن. ڏسو حوالو
‘War and Peace’ Book xiv, Chapter xv Page: 330

[b] سورة فاتحه جو تعليمي ۽ انقلابي روح
[/b] سورة فاتحه هڪ دعا واري سورت آهي. پر هيءَ دعا ايتري جامع آهي جو ان ۾ زندگيءَ ۽ فڪر جا سمورا پهلو اچي ويا آهن، هن ۾ سڀ کان پهريائين جيڪا ڳالهه چئي وئي آهي اها هيءَ آهي ته:
1- هن ڪائنات ۽ انسان کي پيد اڪندڙ ۽ وجود بخشيندڙ هڪ خالق آهي. جيڪو سمورن مثبت قدرن جو سرچشمو آهي. هيءَ تخليق مادي ۽ ان جي حرڪي قانونن (Dyanmic Laws) جو نتيجو ناهي. ان جي حقيقي خالق ۾ حياتي، شعور، ارادو ۽ غايت (منزل ۽ مقصد) موجود آهي. جنهن جو ثبوت ڪائنات ۽ خود انسان جو وجود آهي. ڇاڪاڻ ته انهن قدرن ۽ صفتن کان بنا تخليق ناممڪن آهي. هيءُ خالق زنده آهي، حيُ ۽ قيوم آهي، سميع ۽ بصير آهي، وجود جو هر مظهر ان مان آهي. پر هو پاڻ انهن سمورن مظهرن کان مٿاهون ۽ ماورا آهي. ان جو مطلب آهي ته خالق جي ذات واحد آهي. ان کان سواءِ ڪو به ٻيو خالق ناهي. ان جي تخليق ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪابه ٻي هستي شريڪ ناهي. شرڪ ظلم عظيم آهي.
2- هيءُ خالق ڪنهن هڪ گروهه يا قوم جو خالق ناهي بلڪ سمورن انسانن جو خالق آهي. ان سان گڏوگڏ سڄي ڪائنات جو به خالق آهي. ڪائنات جي تخليق ۽ ارتقا جو مقصد هڪ اهڙي حيواني دماغ جي تڪميل هو جيڪو خدا جو نائب ۽ ان جو خليفو (Vicegerent) بنجي سگهي. جنهن جي معنيٰ هيءَ آهي ته اهو خود شعور (Self Consciousness) هجي ۽ چونڊ جي آزاد ارادي جو مالڪ هجي. ته جيئن اهو نيڪ بختيءَ ۽ بدبختيءَ جي رستن مان پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي ارادي سان ڪو رستو چونڊي سگهي. قرآن ان آزاد ارادي ۽ آزاد چونڊ کي امانت (Trust) سان تعبير ڪيو آهي. خدا جي خليفي هئڻ سببان ان جي زندگيءَ جو مقصد خلافت ۽ الاهي نيابت جو مٿاهون مقام حاصل ڪرڻ آهي. يعني خدا جي صفتن ربوبيت، رحمت، عدالت ۽ هدايت جو نفسياتي ۽ عمراني سطح تي عملي مظاهرو ڪرڻ آهي.
3- هن خالق انسان جي زندگيءَ جي بقا، ان جي فائديمند هئڻ ۽ تڪميل لاءِ ربوبيت جو پورو سامان مهيا ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته سمورن انسانن جو آقا ۽ پروردگار هئڻ جي سببان پاڻ انهن جي جسماني، ذهني ۽ روحاني پرورش جو ذميدار آهي. ان ڪري هو سڀني قومن جو آقا ۽ پروردگار آهي. ان ئي سببان پاڻ رب العالمين آهي ۽ ان حقيقت جي سامهون آڻڻ ڪري هو هر قسم جي عاجزي ۽ شڪر جي سمورن لفظن ۽ جذبن جو محور ۽ مرجع، ان جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ٿو ٿي سگهي.
4- ان جي صفت ربوبيت کان علاوه رحمت جي صفت يعني بهتر خوبي مهيا ڪرڻ، توازن ۽ موزونيت جي مالڪ به اهائي ذات آهي، تخليق سان گڏ تسويه (ٺيڪ ڪرڻ، برابر ڪرڻ) (Disposeth)، تقدير (Measureth) ۽ هدايت (Guidance) به وجود جي هر مظهر توڙي انسان ۾ ان جي طرفان امانت رکيا ويا آهن.
5- هر مظهر ۽ انسان جي تڪميل لاءِ ان جي صفت عدالت هر عمل ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جيڪو عمل حُسن، خوبي، توازن ۽ موزونيت جو حامل هوندو ۽ جيڪو عوام پروريءَ ۽ انسان دوستيءَ تي مبني هوندو، اهو عمل صالح آهي ۽ جيڪو عمل ان جي خلاف هوندو اهو غير صالح عمل آهي. اهي ٻنهي قسمن جا عمل پنهنجا پنهنجا نتيجا رکن ٿا. اهي نتيجا فطري آهن، انهن نتيجن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن جي مرضيءَ جو ڪوبه دخل ناهي. اُهي پنهنجي جزا ۽ سزا منطقي طور پاڻ ۾ رکن ٿا.
جيڪڏهن عدالت جي صفت جي تقاضا ۽ نتيجا هن دنيا ۾ پورا نه ٿا ٿي سگهن، ته موت کان پوءِ جي زندگيءَ ۾ پورا ٿيندا ۽ فرد جي لاءِ جزا ۽ سزا جو سبب بڻبا. يعني فرد ڪهڙي صورت ۾ به پنهنجي عملن جي نتيجن کان بچي نه ٿو سگهي.
هيءُ صفتون ربوبيت، رحمت ۽ عدالت عالمگير نوعيت رکن ٿيون. ڪنهن قوم يا مذهبي گروهه جي پاسي ڏانهن جانبدار ناهن، بلڪ غيرجانبدار (Non Partisan) آهن. ڪابه قوم انهن صفتن اڳيان پسنديده ۽ لاڏلي ڪانهي، جهڙيءَ طرح باهه ساڙيندي آهي ۽ پاڻي ٿڌ پهچائيندو آهي ۽ انهن جو عمل ڪنهن قوم، برادريءَ، ذات يا مذهب جي لاءِ تبديل نه ٿيندو آهي، ان طرح انهن صفتن اپنائڻ جا نتيجا به ڪنهن قوم يا فرد جي لاءِ غيرجانبدار ۽ فطري آهن، پنهنجي نتيجن ۾ اٽل آهن.
6- هن خالق جو رڳو هڪ اسم ذات ناهي، هر قوم، هر تهذيب، هر مذهب ان کي پنهنجو پنهنجو نالو ڏنو آهي. جنهن جو ترجمو ٻي زبان ۾ نه ٿو ڪري سگهجي. ان جي معنيٰ اها آهي ته خالق جي ذات هڪ ۽ عالمگير آهي. اها ڪنهن هڪ تهذيب يا مذهب جي ناهي جو صرف ان ئي تهذيب يا مذهب جي ڏنل نالي سان ئي ان کي سڏيو وڃي. بلڪ ان جي ابتڙ خدا جي ذات سمورين قومن، تهذيبن ۽ مذهبن جو الهٰ آهي. ان ڪري هر قوم، هر تهذيب ۽ هر مذهب جيڪو به ان کي ذاتي نالو ڏنو آهي، اهي سڀ ان جا نالا ۽ قرآن حڪيم وٽ ”اسماءِ حسنه“ آهن.
7- پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان ربوبيت جو پنهنجو نظام جوڙي ورتو ۽ ان نظام ۾ خدا جي پيدا ڪيل ربوبيت جي ذريعن تي چند طاقتور ۽ ٺوڳي قسم جي ماڻهن قبضو ڪري ٻين انسانن کي محروم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پنهنجو غلام (Slave) بنايو، ۽ انهن غلامن کان مشقت جا سڀ ڪم وٺڻ شروع ڪيا. وڏا وڏا عظيم الشان محل، مقبرا (جيئن اهرام) عبادتخانا ۽ ديوار چين جهڙين عمارتن جي لاءِ ڳرا ڳرا پٿر ڳولڻ جي ڪم تي انهن کي لڳايو، جنهن دوران هزارين غلام پٿرن جي هيٺان پيسجي جان ڏئي ڇڏيندا هئا. وري انهن جي جڳهه تي ٻيا غلام ايندا رهيا. انهن غلامن کي رياست جي توسيع، مال غنيمت جي گهڻي مقدار حاصل ڪرڻ ۽ وڌيڪ غلامن حاصل ڪرڻ لاءِ جنگين ۾ موڪلڻ شروع ڪيو ويو.
معاشري جي ترقيءَ جي سببان جڏهن معاشرو انفرادي غلاميءَ جي سماج مان زرعي غلاميءَ ۾ داخل ٿيو ۽ زرعي معاشرو مشين جي ايجاد کان پوءِ صنعتي معاشري ۾ تبديل ٿي ويو، ته هيءُ غلام زرعي غلام (Serf) ۾ ۽ ان کان پوءِ اجرتي غلام (Wage Slave) جي حيثيت ۾ تبديل ٿي ويو. ان ڪري سڄي تاريخ آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاريءَ (زرعي غلام)، ڪارخانيدار ۽ مزدور (اجرتي غلام) جي پاڻ ۾ متضاد مفادن جي ڪشمڪش جي تاريخ ۽ مفادن جي هيءَ جنگ ڪڏهن واضح (Open) ۽ نمايان شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي ته ڪڏهن قوميت، وطنيت يا مذهب وغيره جي پردي (Hidden) ۾ وڙهي ويندي آهي.
8- هتان کان سورة پاڪ دعا جو رنگ اختيار ڪري ٿي وٺي. (هاڻي مومن ٻانهو پنهنجي خالق سان عهد ٿو ڪري ته) اي خدا اسين عهد ٿا ڪريون ته تنهنجي رحمت ۽ ربوبيت جي ذريعن (جيئن زمين، ٻيلا، ڪارخانا، خام مال جا ذخيرا، قيمتي ڌاتن، پٿر ۽ ڪوئلي وغيره جي ذخيرن ۽ تيل جي سرچشمن) تي ذاتي قبضو ڪري نوي فيصد انسانن کي انهن ذريعن کان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم ڪرڻ واري صاحب اقتدار ۽ مال دولت رکندڙ طبقي ۽ ان جي جوڙيل نظام معيشت، سياست ۽ تهذيب کي اسان رد ڪيون ٿا ۽ ان نظام ۽ طبقي جي خلاف بغاوت ڪيون ٿا. اسان صرف ۽ صرف تنهنجي نظام ربوبيت کي اپنايون ٿا، جنهن ۾ ربوبيت جا سمورا ذريعا (يا پيداوار) عوام لاءِ وقف هوندا آهن. جنهن جي ذريعي هر فرد انهن مان فائدو حاصل ڪندو آهي ۽ پنهنجي محنت جي پيداوار جو پاڻ مالڪ ٿيندو آهي. ان ڪري اسان مفاد پرست ۽ استحصال پسند معاشي، سياسي ۽ تهذيبي نظامن ۽ هر قسم جي بت پرستيءَ، شيءِ پرستي، شخصيت پرستي، مادي پرستي ۽ نفساني خواهشن کان منهن موڙي صرف ۽ صرف تنهنجي بندگي، اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو عهد ڪيون ٿا.
9- اي خدا اسين عهد ڪيون ٿا ته تنهنجي پيدا ڪيل ربوبيت جي ذريعن تي نجي (Private) ملڪيت قائم ڪرڻ واري نظام، جنهن جي سبب اسان صرف پنهنجي محنت وڪڻي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ مجبور ڪيا ويا آهيون ۽ اسان جي مزدوري (اجرت) جو تعين به اسان جو آقا ٿو ڪري ۽ ايترو ڏئي ٿو، جنهن مان اسان زندهه رهي پنهنجي مجازي خدا جي دولت جي ذخيرن ۾ پنهنجي محنت سان اضافو ڪري سگهون، اهڙي معيشت جي نظام ۽ طبقي جي خلاف ان کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي صبر ۽ صلواة (استقامت ۽ فرض جي پوري ڪرڻ) جي شڪل ۾ صرف ۽ صرف تنهنجي مدد ۽ استعانت جا طلبگار آهيون.
اسين بابل جي بادشاهه حمورابي کان وٺي اڄ تائين جوڙيل سمورن قانونن ۽ قاعدن کي رد ٿا ڪيون، جيڪي رعايت يافته طبقن پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيا آهن. ڇاڪاڻ ته قانون ۽ قاعدا (Constitutions) غلاميءَ جي ڪنهن پراڻي توڙي نئين شڪل کي ختم نه ڪري سگهيا آهن ۽ نه ڪو ربوبيت ۽ رحمت جي ذريعن کي عام ماڻهوءَ جي فائدي لائق بنائي سگهيا آهن.
تنهنجي ربوبيت جي مقابلي ۾ انسانن جي جوڙيل ربوبيت جي نظامن ۾ خرابي هيءَ آهي ته ان ۾ عام ماڻهو پنهنجون جسماني، گهريلو ۽ مادي ضرورتون پوريون نه ٿو ڪري سگهي جنهن جي سببان ان کي دلي اطمينان حاصل نه ٿو ٿي سگهي. ان بي اطميناني جي سببان هو هڪ خيال ٿي تنهنجي عبادت نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي جبلتن جي حيواني تقاضائن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجي عبادت ۽ رياضت ذريعي مدد حاصل ڪري سگهي ٿو.
ان طرح ان جي فطرت ۾ تنهنجي روح ڦوڪڻ سان جيڪا الاهي، نوراني انرجي (Devineirsity) پيدا ٿي آهي ان جي نور ۾، ضبط نفس ذريعي ترقي ۽ وضاحت نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته تو انسان کي ”طين لازب“ (MUD) ۽ پنهنجي روح ڦوڪڻ واري نور مان مرڪب ڪري ٺاهيو آهي. جيستائين ”طين لازب“ (جسم) جون تقاضائون پوريون نه ٿيون ٿين، جيڪي زندگيءَ جي بقا لاءِ فوري تڪميل گهرن ٿيون، ان وقت تائين تنهنجي الوهي قوتن جي تقاضائن جي طرف فرد متوجهه نه ٿا ٿي سگهن.
10- اي خدا، تون اسان کي ان سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ، جيڪو توحيد، دين جي وحدت، عوامي معيشت ۽ محنت ڪشن تي مشتمل پنچائتي (شورائي) جمهوريت جي نظام ۽ انسانيت جي وحدت ۽ اتحاد، تزڪيه نفس ۽ ذات جي تڪميل جي طرف وڃي ٿو.
11- اي خدا اسان کي ان سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ جيڪو انهن نيڪ ۽ هدايت يافته ٻانهن جو رستو آهي جن ۾ نبي آهن، جن ضبط نفس، ذات جي تڪميل ۽ تزڪيي جو رستو ڏيکاريو آهي. جن ۾ صديق آهن جن نبين جي ڏنل نصب العين ۽ تعليم جي تصديق ڪئي ۽ ان نصب العين ۽ تعليم جي علمي ۽ فلسفيانه تشريح ڪئي ۽ ان جي لاءِ حڪمت عملي (Strategy) جوڙي. جن ۾ شهيد آهن، جن نبين جي پيش ڪيل نصب العين جي حصول لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ جن ۾ صالح عملن وارا ماڻهو آهن جن پنهنجي ذات، خاندان، معاشرتي ڪاروبار ۽ رياست جي متعلق انبيائن ۽ صديقن جي مرتب ڪيل قانونن ۽ هدايتن تي عمل ڪيو. يقينن هي نيڪ ۽ هدايت يافته ماڻهو تاريخ جي هر دور ۽ هر ملڪ ۾ ۽ زمين تي موجود هر خطي ۾ موجود رهيا آهن ۽ اڄ به موجود آهن ۽ يقينن اهي ئي تنهنجا انعام يافته ٻانها آهن.
12- اي خدا اسان کي انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي توفيق نه ڏي جن تنهنجي ربوبيت، رحمت، عدالت ۽ هدايت جي نظام کي رد ڪري پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مفاد پرست ۽ استحصالي نظام جوڙي ورتو ۽ وحدت دين، وحدت انسانيت ۽ توحيدي معاشري جي جڳهه تي گروهه، نسل، زبان، رنگ ۽ مذهب جي نالي تي (نفرت ۽) گروهه بندي ڪري فرقي پرستيءَ ۽ شرڪ جا مرتڪب ٿيا ۽ سود خوريءَ تي مبني بئنڪن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي وياجي نظام ۽ محنت جي استحصال تي قائم ٿيل معيشت جو نظام تشڪيل ڏنو ۽ پيداواري ذريعن تي نجي ملڪيت رکندڙ اسمگلرن ۽ ڊرگ مافيا تي مشتمل نام نهاد جمهوري نظام ٺاهيو ۽ انهن غلط ۽ انسانيت دشمن طريقن سان حاصل ڪيل دولت کي پنهنجي ڪريل فطرت جي حيواني تقاضائن ۽ نفساني خواهشن جي تڪميل لاءِ خرچ ڪندا رهيا ۽ اهڙي اخلاق سوز ڪلچر کي تخليق ڪيائون، جنهن جي اپنائڻ سان نوجوان نسل ذهني، سماجي، اخلاقي ۽ روحاني لحاظ کان تباهه ۽ برباد ٿي ويا ۽ انهن سببن جي ڪري تنهنجي غضب جي نازل ٿيڻ سان مغضوب بڻجي ويا.
اي خدا! تو پنهنجي ربوبيت ۽ رحمت جي تقاضائن کان عوام کي واقف ڪرڻ ۽ توحيدي معاشري (لاطبقاتي معاشري جي تشڪيل ڪرڻ لاءِ پنهنجي چونڊيل ٻانهن جي ذريعي جيڪي هدايتون نازل ڪيون آهن، مذهبي پيشوائيت انهن مراعات يافته طبقن جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وحي جي عالمگيريت جي نفي ڪري يا ان جي من پسند تشريح ڪري انهن هدايتن جي پيروڪارن کي مختلف مذهبي گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي پيغام، پنهنجي مقدس وحي جي وسعت ۽ عالمگيريت ۽ تنهنجي سمورن پيغمبرن، جيڪي سامي، آريائي ۽ زرد نسلن ۾ مبعوث ٿيندا رهيا آهن، تي ايمان آڻيندا رهيا آهيون ۽ انهن جي مقدس ڪتابن ۾ موجود مشترڪ اخلاقي ۽ روحاني قدرن ۽ ڪائنات توڙي انساني فطرت جي روحاني تصور تي ٻڌل انساني ۽ عالمگير روحاني اشتراڪي معاشري جي تشڪيل لاءِ جدوجهد ڪيون ٿا. ان معاشري کي هر نبي ۽ مفڪر مختلف نالا ڏنا آهن. جيئن لاطبقاتي معاشرو، خدا جي بادشاهت، مڪمل آزادي، روحاني جمهوريت، عدل ڀريو معاشرو، قرآني محڪمات عالم ۽ قرآن ان کي جنتي معاشرو چيو آهي. جيڪو خوف ۽ ڳڻتيءَ يعني ظلم ۽ محنت جي استحصال، جنگ ۽ فساد، انسان جي محڪومي ۽ مسڪيني، جنسي ڇڙواڳي، زرپرستي ۽ فرديت (Individuality) وغيره جهڙن تخريبي اخلاقن کان پاڪ هجي ۽ اهوئي معاشرو الاهي خلافت ۽ نيابت جي بلند مقام تائين انسان جي پهچڻ ۾ مددگار بڻجي سگهي ٿو ۽ آخرت جي حياتي ۾ نجات جي ضمانت به مهيا ڪري ٿو.
13- اي خدا! نه ڪو انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ جيڪي هاڻي تائين سڌي رستي جي تلاش ۾ پريشان ڦرندا ٿا رهن. ڪڏهن ان جي ابتڙ ٻين حياتيءَ جي نظرين ۽ لائحه عمل کي اپنائي ٿا وٺن. ڪڏهن عوامي معيشت، عوامي جمهوريت ۽ وحدت اديان جي نظرين جي طرف رجوع ڪن ٿا، ته ڪڏهن ذاتي مفاد جي خاطر سرمائيدارانه معيشت ۽ سرمائيدارانه جمهوريت کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ٻين مذهبن جي برتري ۽ پنهنجي مذهبي گروهه ۾ داخلا تي آخرت جي نجات کي منحصر قرار ڏيڻ جا نعرا بلند ڪري دين ۾ فرقي بازي ۽ انسانيت ۾ فرقي بازيءَ جي ڏوهه جا مرتڪب ٿين ٿا ۽ ان طرح ”ضالين“ جي زمري ۾ شمار ٿين ٿا.
نوٽ: ”ضال“ هئڻ جو کليو مثال خود مسلمانن جون فرقيوارانه جماعتون آهن جيڪا اسلام جي ڪنهن متعين ۽ متفق تعبير تي، جيڪا موجوده زماني جي تقاضائن جي حل تي مبني هجي، ان تي عمل پيرا نه ٿي سگهي جنهن جي سببان ملت جي هر قوم پنهنجي پنهنجي رستي تي هلي رهي آهي ۽ نوجوان نسل ڪڏهن مغربي تهذيب جي مذهب دشمن سيڪيولر ازم، جنسي آوارگي، شراب نوشي، جوا، تشدد پسندي ۽ سرمائي پرست روين ۽ ڪڏهن دهريت ۽ ماديت پسند سوشلزم کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

(سنڌ فورم – نومبر 1998ع)