تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

قوميت کان بين الاقواميت تائين : نور احمد ميمڻ

انساني سماج فرد کان وٺي ڪٽنب، قوميت ۽ بين الاقواميت تائين گڏجي رهڻ جا چار فطري مرحلا اختيار ڪندو رهيو آهي ۽ هينئر چوٿين آخري مرحلي جي انتهائن کي ڇُهڻ جي ڪڍ آهي. بين الاقواميت جو سفر هونئن ته لڳ ڀڳ ٻه هزار ساله انساني تاريخ ۾ پنهنجي چٽن نشانن سان ملي ٿو، ليڪن ان جو عروج 17هين صديءَ جي سائنسي ترقيءَ جي نتيجي ۾ سامهون آيو. انسان جي فڪري ترقي، سماجي ترقي انهن ٻن مرحلن قوميت ۽ بين الاقواميت کي پنهنجي جاءِ تي مستقل رکڻ ۾ تضادن جو شڪار رهي آهي. روسو ۽ شاهه ولي الله جهڙا مفڪر قومي حيثيت کي هڪ اڪائي جي طور تي باقي رکڻ جا پرزور حامي آهن ۽ ڪجهه مفڪر بين الاقواميت کي انسان جي آخري منتها مڃڻ کان پوءِ قومي حيثيت جي مستقل اڪائي هئڻ ۽ نه هئڻ کي هڪ جهڙو ڀانئن ٿا. ليڪن انساني سوسائٽي پنهنجي هزارين سالن جي سفر ۾ عملي طرح قوم جي مستقل وجود جي اهميت جي شاهد رهي آهي. خود قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ قومن جي تعارف کي پنهنجي شعائر (نشانين) مان ڳڻايو آهي. قومي اعليٰ اقتدارن جي مستقل اڪائي هئڻ جي اهميت جا ٻه وڏا مثال هن ئي صديءَ جي شروعات ۾ اسان جي سامهون آيا. هڪ ترڪيءَ ۾ خلافت جو خاتمو ۽ ٻيو روس ۾ قومن جيڪو 70 سال اڳ هڪ فڪر تي پنهنجو قومي اقتدار اعليٰ بين الاقواميت جي تريءَ تي رکي ڇڏيو ۽ ساڳي ئي صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳي فڪر جي قربان گاهه مان پنهنجو تشخص موٽائي ورتو.
هن وقت وري دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مارڪيٽ اڪاناميءَ جي حوالي سان دنيا کي هڪ ئي ڪٽنب بنائي Globlization جي اصطلاحن کي عام ڪرڻ جي مهم زورن تي آهي. ان مهم جي محرڪ طاقتن گلوبلائيزيشن کي انساني ترقيءَ جو محور بڻائڻ جي اهڙي پيش رفت ڪري ڇڏي آهي، جنهن جا عملي مظهر واري واري سان سامهون ايندا پيا وڃن. يوروپين ڪميونٽي ان سلسلي ۾ سڄي يورپ جو هڪ ئي سڪو بنائڻ جو عزم ڪري چڪي آهي، ان سان ايندڙ دؤر ۾ اقتصادي طرح جيڪي مسئلا سامهون ايندا ان جي نتيجي ۾ هن ڳالهه جو امڪان آهي ته دنيا ۾ ته ان وقت هڪ ئي سڪو هلي يا چند سڪا علائقن (Regions) جي نمائندگي ڪن.
مستقبل جي اقتصادي مسئلن ۾ سڪي جي هڪ جهڙائيءَ کان علاوه مارڪيٽن جي منصوبه بندين به قومن کي پنهنجي اقتدار اعليٰ کي جوائنٽ وينچر ۾ کڻي هلڻ جي ضرورتن کي اهميت سان اجاگر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اهي طاقتون جيڪي ننڍين قومن کي پنهنجي خانداني منڊي سمجهن ٿيون، سي اقتصادي طرح مختلف حيلن بهانن سان ڪمزور قومن جي اقتدار اعليٰ کي نيست نابود بنائڻ ۾ سرگرم آهن.
اقتصادي مسئلي کان علاوه دنيا ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ آباديءَ جي دٻاءَ به اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي جو ڪيترن ئي قومن جا يونٽ نئين سر تشڪيل ٿيڻ جي مرحلن مان گذري رهيا آهن. ڪي خطا مخلوط النسل بڻجي رهيا آهن، ڪي خالي ٿي رهيا آهن ۽ ڪي وري ملي هڪ ٿي ويا آهن. هنن ٻنهي اهم مسئلن کانسواءِ ڪنهن حد تائين ماحول جي مسئلن به قومن کي پنهنجي مستقبل لاءِ نيون حڪمت عمليون جوڙڻ لاءِ فڪرمند ڪري ڇڏيو آهي.
بس جيڪڏهن رڳو بي فڪري آهي ته دنيا ۾ هينئر صرف سنڌي قوم کي آهي. دنيا جي قومن جي نين صف بندين سان ڪو واسطو ته ٺهيو پر اسان پنهنجي خطي جي قومن سان نئين صف بندي ڪرڻ لاءِ به مستعد ڪونه آهيون. هينئر صورتحال هيءَ آهي ته اسان جو سڀ ڪجهه رات کلندي کڄندو ٿو وڃي. اسان جو اقتدار اعليٰ اسان جي هٿ ۾ ڪونهي، اسان کي پنجاهه سالن کان اسلام آباد هلائيندو رهي ٿو. اسان پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي اڪثريت جو غلبو مڃائڻ ۾ ناڪام آهيون ۽ اسان جي سياسي بساط تي مهرون هلائيندڙ ٻيون ڌريون آهن، پوءِ به اسان فڪرمند ڪونه آهيون. تعليم جي تباهي انتهائن کي ڇهندڙ آهي، ان ڪري ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي اسان کان ڪوهين پري آهي. ماحول کي بهتر رکڻ جو نه شعور آهي نه ”ماحول“ پيدا ڪرڻ جي فڪرمندي ۽ سگهه آهي. ٻاهرين آبادڪاري تي ڪنٽرول جا زمانا اسان جي مٿان گذري ويا. اسان هينئر ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ اصل ۾ ڪرڻ ڇا گهرجي؟ اسان ته اهو به سنجيدگيءَ سان ويهي سوچڻ لاءِ تيار ناهيون، چار ماڻهو سوچڻ لاءِ ويهن ٿا ته پنجون انهن تي شڪ ڪري انهن کي ايجنٽ ٿو سڏي، توڙي جو اهو پنجون ماڻهو پنهنجي طور تي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.
ڳالهيون ٻه آهن: هڪ تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان قومن جي موجوده ڊوڙ ۾ شريڪ ٿيون، ٻيو هي ته گلوبلائيزيشن جي ٻي سرحد تي دنيا جي انهن قومن سان پنهنجو فڪري ناتو جوڙي وٺون، جيڪي پڻ پنهنجي گهيراءُ تنگ ٿيندي محسوس ڪن ٿيون. پهرين ڳالهه يعني تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ ۾ قومون هينئر ڇالون ڀرن پيون ۽ اسان جا افعال ته تڪڙن قدمن کڻڻ جيترا به ڪونهن. ان لاءِ جيترا به قدم موجوده حالتن ۾ کڻڻا پوندا تنهن لاءِ پڻ هڪ وڏي تحرڪ جي ضرورت آهي، ان ڪري جو رياست اسان سان مخلص ناهي. باقي رهي قومن سان فڪري ناتي جوڙڻ جي ڳالهه، سا اسان جي قومي وجود جي بقا جو پڻ هڪ اهم مسئلو آهي. روس جي ٽٽڻ کان پوءِ اسان جو دانشور طبقو ويڳاڻپ جي واٽ ورتل آهي، نه ڪنهن بين الاقوامي فڪر جي دامن پڪڙڻ جو فڪر دامنگير اٿس ۽ نه وري پنهنجي روايتن مان فڪر کي جنم ڏئي ان کي بين الاقوامي بنائڻ جو خيال ۽ حوصلو اٿس. سنڌ جو صوفياڻو شعور اسان جو وڏو قومي ورثو آهي پر اسان ان کي سائنسي بنيادن تي دنيا جي آڏو کڻي وڃڻ جي اهليت ۽ حوصلو وڃائي چڪا آهيون ۽ حقيقت هيءَ آهي ته اها ايمانداري به وڃائي چڪا آهيون، جيڪا قومن جي ساڃاهه ونديت جو سرمايو هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان فڪر جي تشڪيل سان اسان جي خيالن ۽ سوچ جي ذاتي پسند ۽ ناپسند سامهون ٿي اچي. اسان ۾ هينئر ايتري اخلاقي جرئت به ناهي رهي ته اسان قومي وجود جي سوالن تي ذاتي خيالن ۽ انائن کي نظرانداز ڪري سگهون. هيءَ اڪيلي وٿ آهي جيڪا اسان کي قومن جي ڪنهن وڏي حصي سان ربط قائم ڪري وٺندي. عالمي فڪر سان وابستگي جيڪڏهن رسمي ۽ دفاعي آهي ته اسان جو مسئلو پوءِ به حل نٿو ٿئي، ان ڪري هينئر اسان جي عالمي فڪر سان وابستگي اقدامي (Affensive) هئڻ گهرجي، جنهن سان اسان کي پنهنجي نئين تاريخ اڏڻ جا هزارين امڪان سامهون اچي سگهن.
هي مسئلو ننڍي کنڊ جي اڪثر قومن جو آهي. ننڍي کنڊ جي هڪ حصي ۾ پنجاب سامراجيت جي سڀني نون تقاضائن کي اختيار ڪندو باقي قومن کي گهيري ۾ ڀيڪوڙيندو پيو وڃي. هڪ لحاظ کان پنجاب برصغير جي سڀني قومن لاءِ درد سر بڻيل آهي جو ان جي خطي ۾ بالادستيءَ جي خواهش جي خلاف هندستان ۾ به جيڪا صفبندي ٿئي ٿي ان ۾ لازمي طرح اتان جون ڪمزور قوتون متاثر ٿين ٿيون. انهيءَ ڪري نه صرف هندستان جي سڀني قومن جي وچ ۾ بلڪ گهٽ ۾ گهٽ ايشيا جي سطح تي هڪ اهڙي مضبوط بين الاقوامي فڪر تي قومن جي هڪ نئين اتحاد جي تحريڪ کي اڀارڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪا قومن جي پنهنجي اقتدار اعليٰ جي تحفظ جي ڀرپور ضمانت ڏيندي هجي.
هن وقت اسان جي خطي ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، اسان انهن کي سمجهڻ جو ڪيترو ادراڪ رکون ٿا؟ پٺاڻن، بلوچن، سرائڪين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وسيلن ۽ مفادن تي حاوي ۽ قابض ڌر سان جاري سرد جنگ گرم ٿيڻ جي عمل ۾ آهي. ان عمل ۾ پنجابين سان هنن جي تاريخي ويڙهه ٿيڻي آهي جيڪا تمام ڊگهي به ٿي سگهي ٿي ۽ تمام مختصر به. ان وقت اسان جو ڪردار ڇا بيهندو. واقعي اسان قومي طور تي ايترا مستعد آهيون جو پنجابين، پٺاڻن ۽ بلوچن جي انهي تضاد جو فائدو وٺي سگهون. پنجاب ته ايندڙ سڀني تحرڪن جون پيش بنديون ڪري رهيو آهي. هو ان سيلاب کي مختلف حيلن بهانن سان به منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن ماڻهن جي اڀار کي مقامي تبديلين ۾ آسرا قائم ڪرائجن. ساڳي وقت پنجاب جي اصل حڪمران طاقت فوج قومپرست اڳواڻن کي گهرائي فوجي ڪاليجن ۾ قومي مسئلي تي ليچڪر ڪرائي ٿي ته جيئن بدلجندڙ صورتحال ۾ نام نهاد قومپرستن سان پنهنجا تر سنوان رکي ممڪن خطرن کي منهن ڏئي سگهجي.
اسان اڃان تائين پنهنجو ڪو مستقل فڪري سرچشمو به طئي نه ڪري سگهيا آهيون، جنهن ۾ قومي نفسيات سان ٺهڪندڙ لائحه عمل ٺاهي سگهجي.
اسلام پنهنجي فڪري ماهيت ۾ هڪ تمام وڏي سگهه آهي ۽ اسان جون زندگيءَ جون سوين نسبتون ان سان جڙيل آهن. بدقسمتيءَ سان ويجهرائيءَ واري عرصي ۾ اسلام جي ترقي پسند فڪر ۽ رواداري (Secular) واري سياسي ۽ اقتصادي فڪر تي ڪابه عالمي تحريڪ سگهاري نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به جاندار فڪري سرچشمو ڪونهي. امام شاهه ولي الله ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تشريحن جي روشنيءَ ۾ اسان پنهنجي قومي آجپي واري جدوجهد به ڪاميابيءَ سان هم ڪنار ٿي سگهي ٿي ته ساڳئي وقت سوشلسٽ معيشت جي بنياد تي اقتصادي ترقي به ماڻي سگهون ٿا ۽ مذهبي فرقيواريت کان پڻ نجات ملي سگهي ٿي. ملڪي سطحن تي جمال عبدالناصر ۽ ڪرنل قذافي ان نظام کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڦلدائڪ بڻايو. انهن وڏي ڪاميابي سان اسلامي فڪر جي چڱاين واري مقصد کي مقامي ضرورتن ۽ موجوده حالتن جي ربط سان تشڪيل ڏنو. ساڳئي قسم جون ڪوششون ٻئي هنڌ ان ڪري سڦلائتيون نه ٿي سگهيون آهن جو اتي اسلام جهڙو ترقي پسند فڪر مُلن وٽ يرغمال رهيو آهي، جنکي جمال ناصر ۽ ڪرنل قذافي وانگر ڪنهن چيلينج ڪيو ئي ناهي. سنڌ جي خوشقسمتي هي آهي ته انهن وٽ رجعت پسند سوچ کي چيلينج ڪرڻ وارو باقاعده ترقي پسند فڪر موجود آهي، جنهن جا هو عالمي پيغمبر بڻجي سموري دنيا جي ڪمزور قومن ، نه ته گهٽ ۾ گهٽ هن خطي جي قومن جي خدمت ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان هاڻي کان ئي انسان دوست شعور سان سلهاڙيل بين الاقوامي فڪر جي سائنٽيفڪ تشڪيل ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿيون. جيڪڏهن هن مرحلي تي اسان ڪا اهڙي پيش رفت ڪري ٿا وجهون ته پوءِ اها نه صرف اسان جي پوين غلطين جو ازالو هوندي بلڪ هن خطي جي سڀني قومن جي واقعي وڏي انساني خدمت ليکبي.

(سنڌ فورم نومبر 1998ع ۾ شايع ٿيل)