مُهاڳ: رُوپ ۽ ٻَھرُوپ جي وچ تي رهجي ويل احساس!
مون شاعريءَ سان گڏ جيڪو به نثر جو پنڌ ڪيو آهي اُهو لفظن جي روح مان وَهي نِڪتل هڪ اهڙي وهڪري ۾ وهندي ڪيو آهي،جنهن ۾ مون پاڻ کي احساس جي لھرن ۾ تبديل ٿيندي پئي ڀانيو آهي.مون زندگيءَ جي حقيقتن جي ڪَرب کي برداشت ڪرڻ لاءِ هميشه ڪتابن جو ئي دروازو کڙڪايو آهي.
سومرسٽ ماهم جي لفظن جي آئيني ۾ ته،”دنيا جي تلخين کان فراريت حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو ڪتابن جو مُطالعو آهي.“۽ سچ ته اهڙين ڪَربناڪ حالتن ۾ ڪتابن جي ورقن جي خانه بدوشي مون کي هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان هَمڪنار ڪري جياپي جو نئون ترنگ بخشيندي آهي.
منهنجون تحريرون يا منهنجو تخليقي سفر انتهائي ڌِيان گُهرندڙ ۽ بنا ڪنهن رَک رَکاءُ جو گُهرجائو رهيو آهي.پر اسان وٽ پڙھڻ توڙي ڪنهن به تخليق کي مانُ ڏيڻ واري مامري ۾ جيڪا گروھ بندي جي وَبا ڦھليل آهي، اُن ويتر سوشل ميڊيا جھڙي سَستي شھرت کي مَصنوعي پَر هڻي،اُن کي آڪاس اُڪارائي ڇڏيا آهن.مون جڏهن به ڪتابن،رسالن يا سوشل ميڊيا تي جيڪو به ڪُجهه پَڙهيو آهي، اَهو بنا ڪنهن تفريق جي پڙهيو ۽ پُرجهيو آهي ۽ اگر ڪنهن تخليق،نثر توڙي نظم ۾ مون کي مُتاثر ڪيو آهي ته مون دل سان اُن جي آجيان به ڪئي آهي.سنڌي ادب کي دل جي سوڙهي گهٽيءَ ۾ بند ڪرڻ بَجاءِ قبوليت جي وشال شاهراھ تي آڻڻ جي شديد ضرورت آهي، نه ته هي هلندڙ دور جي ادبي ”ڊِڪٽيٽراڻي“ نفسيات، سنڌي سماج جي اڳ ئي گهڻن پاسن کان نفسياتي اُلجهنن ۾ جَڪڙيل هُجڻ ڪري، اهم ۽ حساس تخليقي سوچ جي رستا روڪ ٿيڻ سان اهڙين حالتن کي پيدا ڪندي، جنهن ۾ اديب جھڙو ذميوار شخص به پنهنجي ذاتي چوياريءَ جو حمايتي بڻيو رهندو، پنهنجي مخصوص سوچ جي نمائندگي ڪندو ۽ تخليق جي دَرن کي ڪُلف ۽ ڪَڙا چاڙهي رڳو تَخريب جا شاهي دروازا ئي کُليل رکندو. ڇو ته،اهڙو”علم“بيڪار ۽ بي معنيٰ آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي سوچڻ جو سليقو ۽ شعور نه ڏئي سگهي.۽ گوئٽي صحيح لکيو آهي ته،”کوڙ سارن ماڻهن کي هِن ڳالهه جي خبر ناهي ته مُطالعو سِکڻ ڪيترو ڏُکيو ۽ وقت وٺندڙ ڪم آهي. مون پنهنجا اَسِي سال لڳائي ڇڏيا پر پوءِ به اهو نٿو چئي سگهان ته ڪو مان صحيح رُخ ڏانهن آهيان.“پر اسان وٽ ته غلط ڳالهه تي به اعتراف ڪرڻ بجاءِ اُن تي ڳنڍ ٻَڌي بيهڻ ۽ اُن کي اَنا جو مسئلو بنائي الائي ته ڪهڙن رُخن ۾ وڃي بحث مباحثن جا مُنهن ڪبا آهن ۽ پوءِ بنا ڪجهه مُثبت حاصل ٿيڻ جي اسان پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي اڳلي کي گهٽ علم ۽ اڻ ڄاڻ چئي تاڙو ملائي هليا ويندا آهيون.اهڙي سوچ واري دور ۾ اگر ڪير ڪجهه تحرير ڪري ۽ اُهو ڪتاب جي صورت ۾ به اچي ۽ پوءِ وري اُهو نظراندازيءَ جي وَر چڙھي، پنهنجو گُهربل مانُ نه پائي سگهي ته پوءِ يقينن وقتي طور تي ڏُک جي لھر دل ۽ اکين کي ڀِڄائي ضرور ويندي.پر پنهنجي ئي تخليق جي ڀَر اُهو اُتساھ به بخشي وڃي ٿي ته تخليق پنهنجو تاحيات سفر ڪندي،پنهنجي جائز مَقام تائين دير سوير پُھچي ضرور ٿي.اِها ئي اُميد مون کي پنهنجي تخليق جي سفر ۾ مَگن رکندي پئي آئي آهي ۽ آئون قلم،ڪاغذ ۽ خيالن جي خاڪ ڇاڻيندي به لفظن جون مورتيون پيو جوڙيندو رهندو آهيان. مُشاهدي توڙي مُطالعي جي آڌار تي مان صرف لکندو ئي رهيو آهيان.مون خيالن جي وَهڪ کي ڪڏهن به رُڪجڻ نه ڏنو آهي. بيڪن ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آهي ته،”مُطالعي سان تجربي ۾ وسعت پيدا ٿيندي آهي.“ڇاڪاڻ ته تصور توڙي خيالن جو وَهڪرو جيسين تائين بنا ڪنهن روڪ جي داخلي توڙي خارجي طور تي وهندو نه رهندو،تيسيتائين توهان جي تخيل جي دنيا سرسبز ۽ تازي تواني هرگز رهي نه سگهندي.۽ اُها تخيل جي درياهي وَهڪ تيسين پنهنجي تِک ۽ تار سان مَڃتا جي ساگر سان ملي تحليل ٿيڻ جي لاءِ بيڪران ۽ سرگردان پئي رهندي.
”تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان“به منهنجي نثري لکڻين جو هڪ اهڙو ئي تخليقي سفر جو لفظن سان جوڙيل پورٽريٽ آهي، جنهن کي مون ٽن حصن ۾ ورهايو آهي.پهرين حصي ۾ مضمون، خاڪا ۽ مُختلف اڀياس آهن.ٻين حصي ۾ پنهنجين ساروڻين جا مُختلف وقتن تي لکيل عڪس ۽ اولڙا آهن ۽ آخري ۽ ٽين حصي ۾ ٿر جي سفر جي يادگيرين جون جِهرمِرائيندڙ ڪُجهه جَهلڪيون آهن.اُنهن ٽنهي حصن ۾ آيل منهنجو نثراڻو انداز توڙي اظهار منهنجي زندگيءَ جي مُختلف رنگن جا حوالا پيش ڪري ٿو.
اهڙي وقت مان اُهو به چوڻ هرگز نه وساريندس ته نثر توڙي نظم ۾ تحرير ٿيل هر تخليق ۾ جيسيتائين فڪر،فهم، فن ۽ تخيل جي ڀرپور ترجماني ناهي ٿيل ته اُها صرف سادن لفظن جو پڃرو ئي ٿئي ٿي.تنهن ڪري مون پنهنجي شعور جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ اُن ڳالهه کان لاتعلقي جي احساس کي ذرو به جاءِ نه ڏني آهي ۽ مون تخليق جي بُنيادي مُحرڪن کي هميشه،هر وقت جي تقاضائن جي تحت پئي مانُ بخشيو آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو لفظ منهنجي اظهار جو اعليٰ ۽ ڀرپور ذريعو ئي پئي رهندا آيا آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار جو انوکو احساس،هڪ تخليقڪار کي بادلن جيئن هوائن ۾ ڪيئن اُڏائيندو آهي، اهڙي ڪيفيت ڏاڍي مُنفرد ۽ مَخمور ڪري ڇڏيندڙ محسوس ٿيندي آهي.پابلو پڪاسو به چيو آهي ته،”هڪ طويل تنهائيءَ کان سواءِ ڪو به سنجيده تخليقي ڪم پنهنجي تڪميل تائين پهچي نٿو سگهي.“مون فن ۽ فڪر جي هِن ڳُوڙهي سفر ۾ اِهو به شدت سان ڄاتو آهي ته،”علم اِهو ناهي ته ڳالهه ڪيتري گھري آهي.۽ لفظ ڪيترا ڏُکيا آهن.علم اُهو آهي ته ڳالهه ڪيتري اَهم آهي ۽ لفظ ڪيترا سادا آهن.“
ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ سان مون کي سدائين زندگيءَ جا دروازا کُليل مليا آهن ۽ مون شدت سان ڪارل پوپر جي هيءَ ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته، ”جيترو علم حاصل ڪبو آهي، اوترو ئي پنهنجي اَڻڄاڻائيءَ جو احساس ٿيندو آهي.“والٽيئر جون هي سِٽون پڻ هانءُ تي لھرن جيئن هر هر هُري ٿيون اچن ته، ”مان جيترو وڌيڪ پڙهندو ۽ علم حاصل ڪندو آهيان، اوترو ئي مون کي يقين ٿو ٿئي ته مان اَڻڄاڻ آهيان.“ ۽ اميت ڪلانتريءَ لکيو آهي ته،”اُن کان پھرين جو موجوده نسل دانائي وڃائي ويهي،هڪڙي صلاح آهي ته ڪتابَ پڙھو. ۽ پنهنجن خيالن جي هم آهنگيءَ کي يَڪجا ڪيو ڇاڪاڻ ته، آرٽ ”وابستگيءَ“جو نالو آهي.وابستگي ئي علم ۽ ادب جي جوهر کي اعليٰ ۽ معنيٰ خيز بڻائي ٿي.اديب ۽ سماج هڪٻئي سان سلهاڙجي هڪ باشعور معاشري کي جوڙين ٿا.پر جيسين اهڙو سماج پنهنجي جوهري صورت ۾ تڪميل تائين پهچي، تيسين فرانز ڪافڪا جو هي جُملو منهنجين سماعتن ۾ پيو گونجندو رهندو ته،”مون کي اِهو ڄاڻي ڦِڪائي محسوس ٿي ته زندگي ڍڪيل چھرن وارن جي محفل آهي ۽ مان اُتي پنهنجي اصلي چھري سان اچي ويس.“
بخشل باغي
نوابشاهه، سنڌ
14 فيبروري 2021ع
0300-3217411