خط، خوشبو، خواب
آچر، 19 ڊسمبر 2010ع
ڊسمبر جي هڪ سرد شام
ڀنگوار ڪالوني، نواب شاهه، سنڌ
پيارا فياض لطيف!
شال زندگيءَ جي مُسافتن ۾ مُحبتن جي همسفريءَ جون سُرهاڻيون ماڻيندو رهين.
اڄ تنهنجو نئون خوابن جھڙن خطن جو ڪتاب ”خط، خوشبو، خواب“ پڙهي پورو ڪيم اٿم. جيڪو ڪتاب تو خُلوص سان مون ڏانهن موڪلي مون تي وڏا وڙ ڪيا آهن. گهڻي وقت کان پوءِ ريشمي خوابن جھڙا پُر ڪيف خط پڙهي دل سرهائي مان جُهومي پئي آهي. ڇاڪاڻ جو اهي خط رڳو خط نه پر انهن ۾ ڪيترين ئي ڪيفيتن جا رنگ روح ۾ لهي دل جي مطالعاتي. مُشاهداتي موسم تي ڏاڍا خوشگوار اثر ڇڏين ٿا ۽ انهن ۾ گهڻ طرفي وسعت پاڻ ۾ مَحُو ڪري ڇڏي ٿي. هڪ شاعر هُئڻ جي ناتي مون، تنهنجي خطن جي ٻوليءَ تشبهين، استعارن، تمثلين، ڪيفيتن، احساسن کي روح سان انجواءِ ڪيو آهي. تون خطن ۾ جيڪو نثر جو تازو توانو ۽ اُجرو انداز کڻي آيو آهين. اهو جديد سنڌي ادب لاءِ نثر جا ڪئي رستا کولي ٿو. تنهنجي خطن جي نثري تحرير ڏاڍي پڪي، پُختي، تازي، تواني، دل ۾ پيهي ويندڙ آهي. تون لفظن جو سهي پهي ۽ ڀرپور استعمال ڪرين ٿو. ۽ اُهو استعمال مڪمل ادراڪ سان ڪرين ٿو. ڪٿي لفظ پنهنجي معني ۽ مفهوم کان پري نٿا وڃن ۽ نه وري ڪو ڪاٿي ڀراءُ ٿا لڳن. اهو گُڻ ليکڪ جي ذهني، اپئروچ، جو مُڪمل ڏس ڏئي ٿو.
تنهنجا خط گهڻ رُخا، فطرت جي رنگا رنگين سان تار ۽ اُن کان اعلاوه اُنهن ۾ مختلف ڪيفيتن، احساسن، خيالن ۽ خوبصورت ٻوليءَ جو جهان ڏاڍو سگهارو ۽ سُهانو آهي. جنهن ۾ تون گهٽ، مان گهٽ مون کي ته مڪمل طور تي دريافت ٿي چُڪو آهي. ڇا ڪاڻ جو تنهنجو معصوم حُسن پرست ڀرپور پيار ڪندڙ احساس، مزاج ڪنهن کُليل ڪتاب جيان پڙهندڙ جي سامهون اچي وڃي ٿو. تو خطن ۾ جھڙي نموني وقت بوقت (شايد 1991ع کان وٺي 2005ع تائين وقت، حالتن ۽ پنهنجن ڪيفيتن جو اظهار پئي ڪيو آهي، ته اُهو لڪاءُ، ڏاڍو اوريجنل لڳو. ڪٿي به ڪا مصنوعيت نه ٿي محسوس ٿئي يا ائين کڻي چئجي ته تون پنهنجي درد کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي رنگ ۽ لهجي سان ڀرپور تحريري تقاضائن تحت پيش ڪيو آهي، حالتن سان ٺهڪي ايندڙ شاهه جا شعر، يا ڪن ٻين ليکڪن جا قول يا حوالا خطن جي جان آهن.
مون ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سوچيو هو ته تو ڏانهن هڪ ميسيج لکي پنهنجو اظهار ڪري ڇڏيندُس، پر سچ پُڇين ته تنهنجا خط اُن ننڍڙي ميسج کان تمام وڏا محسوس ٿيا. اُن ڪري دل جي اسرار تي توڏانهن خطن مُتعلق پنهنجي سادي سودي راءِ کي به توڏانهن خط وسيلي شيئر ڪيان پيو. ڇاڪاڻ جو خط لکڻ ڇڏيندي ڪافي عرصو گذري چُڪو آهي. جڏهن کان موبائيل تي ميسيج جو سلسلو وڌي ويو آهي، تڏهن کان وٺي خط لکڻ، عيد ڪارڊ موڪلڻ وغيره تمام گهٽ ٿي ويا آهن. منهنجي لاءِ به خط اظهار جو ڀرپور ذريعو رهيا آهن. دوستن ڏانهن خط لکڻ ۽ اُنهن جا خط پاڻ وٽ سنڀالي رکڻ منهنجي زندگيءَ جو بنيادي ڪارج رهيا آهن. پر اڄ خط لکي تمام گهڻي وٿي پئجي چُڪي هئي جو تنهنجن خطن منهنجي اندر جي ناکئي کي ٻيهر ڪاغذن جي پتري سفر لاءِ اُتساهي وڌو آهي. جو اڄ توسان پهريون ڀيرو هِن خط جي آڳنڌ تي ملي ڏاڍي سُرهائي پيو محسوس ڪيان ۽ سوچيان پيو ته ڪاش توسان به خطن جو سلسلو هجي ها ته تون مون ڏانهن به اهڙا پيارا، پيارا پوپٽن، گلابن ۽ موتئي جي پنکڙين جهڙا خط لکين ها. پر مان سمجهان ٿو ته تنهنجي اندر جي انسان کان اڻ ڄاڻائي ۾ اڻ ڄاڻ پئي رهيو هُئس. توڙي جو توسان منهنجون ڳپل ملاقاتون به رهيو آهن يا موبائيل تي رابطو يا ميسج ذريعي به ملڻ پئي ٿيو آهي. پر سچ ته هنن خطن ۾ توسان ملي، منهنجي اندر جي ٻالڪ يا منهنجي اندر جي شخص کي اچانڪ پنهنجي وڃائجي ويل همسفر ساٿي جي ملي وڃڻ جي بي انتها خوشي ٿي آهي.
تنهنجا خط پڙهي ڪري اُن وقت جي حالتن تي سوچيندي مان پنهنجي ڪٿي گم هُجڻ واري احساس ۾ کوئجي ٿو وڃان. جڏهن تون اهي خط پئي لکيا. يا انهن خطن ۾ موجود تنهنجي پيڙائن واري حالتن تي سوچيان ٿو ته انهن شروعاتي سالن ۾ منهنجي آوارگي ۽ پيڙا به چوٽ چڙهيل هئي. اُن ڪري اُهي خطن واريون تنهنجون مُسافتون، تقظائون، درد، اوجاڳا، سفر، پيار جا پنڌ ڀوڳنائون مون کي پنهنجون ۽ ڄاتل سُڃاتل ٿيون لڳن. ڄڻ انهن ڏينهن ۾ تو منهنجي حالتن جي پئي خطن ۾ عڪاسي ڪئي.
تنهنجا هي خط تنهنجي دل جو پرُسوز اهڙو آواز آهن. جنهن جي پڙاڏي ۾ سڄي ڪائنات جو درد سهيڙجي هڪ ٿي ويو آهي. جنهن مان هر ڪو درد وند پنهنجاپور، پڙاڏا پاڻ ڏانهن سوريندو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو.
تنهنجا مختلف دوستن ۽ پنهنجي پرين ڏانهن لکيل مختصر توڙي طويل خط ڪجهه اهڙي اثرائتي ۽ دل آويز انداز سان لکي ويو آهين. جو اُهي جديد سنڌي ادب جو شاهڪار بڻجي پيا آهن اهڙي من موهڻي نثر جي نشي ۾ مطالعي جي موسم دل تي عجيب رنگ وکيري ڇڏيا آهن. هُون به تون ادب ۾ گهڻ پڙهيو. گهٽ پر ڀرپور لکيو، اُهو ليکڪ آهين جنهن جي اڄ جي سنڌي ادب کي شديد ضرورت آهي. تنهنجن ترجمن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ جو نج استعمال سنڌي ادب جا خزانا آهن. تون جيڪا ڳالهه لکين يا ڳالهائين ٿو ته اُها لفظ لفظ ذميواريءَ سان ادا ڪيل هڪ اهڙو اصول هوندي آهي. جيڪو صرف ۽ صرف تنهنجو ئي هوندو آهي. هي خط سنڌي ادب ۾ تنهنجي هڪ باقاعده حيثيت کي واضح ڪن ٿا. ۽ اهڙن خطن جي خماريل خوبصورتي سنڌي ادب جي شاهڪار نثر جو اٽوٽ حصو بڻجي پئي آهي.
هن خط ۾ تنهنجي خطن لاءِ منهنجي راءِ تنهنجي نثري تحريرن لاءِ بي انتها مُحبتن جو اظهار آهي. ۽ اهي منهنجي دل جي ذاتي راءِ آهي. جنهن سان ڪو به اختلاف جو حق رکي سگهي ٿو.
ڪتاب جي مهاڳ لاءِ احسان دانش جو مهاڳ ڏاڍو وزني ۽ ڀرپور آهي. تاريخي پس منظر ۾ خطن جا حوالا ڏاڍا پڪا، پُختا ۽ تنهنجن خطن لاءِ هڪ ڀرپور مُقدمو آهن، جنهن کي لکڻ لاءِ هُن مطالعاتي محنت جو ڀرپور ثبوت ڏنو آهي. منهنجون دُعائون ۽ نيڪ تمنائون توسان آهن ته تون اهڙا نثر جا شاهڪار سنڌي ادب جي جهول ۾ ڀيٽا ڪندو رهين.
تنهنجو پنهنجو
بخشل باغي