پردي تي رهجي ويل خواب
نواب شاھ شهر ۾ گڏيل هندستان واري وقت کان يعنيٰ1937ع کان نشاط سينئما جو وجود پيو هو.جنهن کان پوءِ ريگل سينيما ٺھي.اڳتي هلي المھراڻ به جُڙي.ميلوڊي ۽ دلشاد سينيما گهر ته منهنجي بچپن ۾،منهنجي آڏو ئي جُڙي راس ٿيا هئا.پر وقت جي تيز ترين رفتار ۽ ترقيءَ ماڻهوءَ کان اُهي تفريح جا سڀ ماڳ ۽ مَڪان ڦُري اڄ صرف پئسي جي پويان ڇتڪتائي واري حالت پيدا ڪري،ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي.نشاط سينيما لائن پار جي بلڪل اسٽيشن جي سامهون هوندي هئي.اُها سينيما سيدن جي هئي.جنهن جو اُن وقت تمام وڏو عروج هوندو هو.اُن وقت فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق ۽ دلچسپي هوندي هئي.جڏهن به ڪا نئين فلم لڳندي هئي ته اُن فلم جي مشهوريءَ جي لاءِ شهر جي اهم جاين تي وڏا وڏا پوسٽر لڳايا ويندا هئا.اُن کان اعلاوه ٽانگي(گهوڙي گاڏي)تي پُراڻي دور وارا لائوڊ اسپيڪر لڳائي مشهوري لاءِ پَڙها ڏنا ويندا هئا.اسان سڀ ننڍا ٻار ڊرنڀ ڪيو پيا اُنهن ٽانگن جي پويان هلندا هئاسين ۽ پوسٽرن جي رنگن سان لکيل سهڻي پينٽگ(لکائي) جي مُختلف رنگن مان آڱريون گسائي رنگ هڻي پيا هڪ ٻئي جي مُنھَن تي رنگ هڻندا هئاسين۔سچ ته اُهو ناياب ۽ شاهڪار وقت ياد ڪري ماڻهوءَ جي ويڳاڻپ واري اڄوڪي دور ۾ اکيون ڀرجي ٿيون اچن.اُن دور ۾ سينيماگهر تمام وڏي تفريح هوندا هئا. ماڻهو سڄي ڏينهن جي وٺ وٺان مان واندا ٿي جڏهن پنهنجن سنگتين سان ڪنهن فلم ڏسڻ لاءِ سينيماگهر ويندا هئا ته سڄي ڏينهن جي پريشاني ۽ ٿڪاوٽ پَل ۾ ختم ٿي سندن دل ۽ دماغ کي تازو ۽ توانو ڪري ڇڏيندي هئي.پر اڄ اُنهن جاين تي ماڻهن جي وندر جا مرڪز ڊاهي،پَٽ ڪري اُتي ٻيو ڪجهه اَڏيو پيو وڃي.هي دور علم ۽ شعور جي ڪتابن جا دُڪان بند ڪري،بوٽن ۽ کائڻ،پيئڻ جي شين جا دڪان کولڻ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.ان ڪري به فن سان لاڳاپيل مرڪز پڻ اهڙين بي حِسين جا شڪار بڻجي پنهنجي تباهيءَ تي ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.اهڙو ئي ماڻهن جي تفريح جو اهم مرڪز نشاط سينيما پڻ ڊاهي پٽ ڪري خالي ميدان ڪيو ويو آهي.ڇو ته اُها جاءِ اڄ به سيدن جي ملڪيت آهي.اتي به ضرور اڄ جي دور ۾ پيئسي ٺاهڻ لاءِ ڪا بلڊنگ اڏي دنياوي روايتن کي هٿي ڏني ويندي.ريگل سينيما جيڪا سڪرنڊ روڊ تي سڪرنڊ ڏانهن ويندي ريگل چوڪ کان کاٻي هٿ تي بلڪل اولھه واري پاسي هوندي هئي.جتي اڄ به مٺاين جا دُڪان موجود آهن تنهن کي به ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي،۽ اُن واري ويران خالي زمين، پنهنجي پُراڻي رهجي ويل چؤديواريءَ جي جُهريل ديوار جي دائري ۾ قيد ڪاٽيندي،ڪنهن نئين ميڊيڪل سينٽر،يا وري ٻئي ڪنهن اڏاوت جي انتظار ۾ پئي پنهنجي شاندار رونقن واري ماضيءَ کي ساري سرد آهون ڀريندي محسوس ٿيندي آهي.دلشاد سينيما جيڪا سڪرنڊ روڊ تي سڪرنڊ ڏانهن ويندڙ اڄوڪي ون وي واري رستي جي کاٻي طرف هئي.جنهن جي بلڪل سامهون نواب شاھ جي پُراڻي وقت جي مشهور سرور هوٽل هوندي هئي.سا به ڊهي چڪي آهي.۽ سندس سامهون اُها هوٽل پڻ هڪ ميدان ۾ تبديل ٿي ڪنهن نئين بلڊنگ اَڏجڻ جي انتظار ۾ آهي.دلشاد سينيما جتي به ٻيو ڪجهه ٺھڻ لاءِ ڪا تياري ضرور ٿيندي هوندي.(اڄ ڪلهه ته گهڻي وقت کان اتي مينھَن جا واڙا آهن) ميلوڊي سينيما جيڪا سچل ڪاليج جي سامهون هئي اُتي هاڻ شھباز شادي هال آهي.اُن ساڳي ئي رستي تي ايئرپورٽ جي گيٽ اڳيان المهراڻ سينيما هوندي هئي.جتي هاڻ گاڏين جا وڏا وڏا شوروم آهن.ان سينيما جي سامهون ائيرپورٽ جي مين گيٽ جي ڀرسان سچل ڪاليج جو هڪ ڪرڪيٽ جو ميدان هوندو هو. جنهن تي سيمينٽ سان ٺهيل هڪ پڪي پِچ پڻ هوندي هئي.اسان ان ميدان تي ڪرڪيٽ راند ڪندا هئاسين. مون کي ياد ٿو اچي ته ان دور ۾ مان شايد پنجون يا ڇهون درجو پڙهندو هئس.هڪ ڏينهن اسان اتي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين جو ايئرپورٽ جي گيٽ تي ڪجهه گاڏين جي رش نظر آئي. اسان ٻار ڊُڪندا جڏهن اُتي پهتاسين ته هڪ وڏي بند شيشن واري گاڏيءَ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ويٺي هئي. اهو پهريون ڀيرو هو جو مون محترمه کي ڪجهه قدمن جي مفاصلي کان ويجهو ڏٺو هو.سچ ته هوءِ واقعي گلابي رنگت واري هڪ خوبصورت”پنڪي“ هئي.جيئن سندس پيار مان کيس پنڪي سڏيندا هئا ايئن هوءَ حقيقت ۾ به پنڪ هئي.
يادن مان يادن جو ڦُٽي پوڻ ڪيڏو نه حسين عمل هوندو آهي.اسان ڪرڪيٽ ڏسي پوري ڪنداهئاسين ته پوءِ وري المهرڻ سينيما ۾ وڃي پوسٽر ڏسندا هئاسين.سينيما ڏاڍي سٺي نموني جي ٺهيل هوندي هئي.ان جي بيهڪ اتر ۽ ڏکڻ ۾ هوندي هئي.پردي وارو پاسو اتر طرف ۽ ان جا ٻه وڏا لوهي گيٽ اتر ڏانهن يعنيٰ اتر ۾،ايئرپورٽ واري پاسي هوندا هئا.هيٺ ٽڪيٽ گهر ۽ باڪس هوندا هئا ۽ ٻين منزل تي اوڀر ۽ اولهه طرف کان ٻنهي پاسي ڏاڪڻيون مٿي وينديون هيون.جتي وڏو هال هوندو هو ۽ پوءِ پردي واري پاسي اتر طرف هڪ وڏي گيلري هوندي هئي.سينيما جي ايراضي ڏاڍي وڏي هوندي هئي.ان وقت ٻار هئڻ واري عمر ۾ فلم کان پوءِ وقفي ۾ مان پردي جي پٺين ديوار طرف وڃي ڏسندو هئس ته اها فلم هلي ڪٿان ٿي. سو اهو ٻاراڻي وهيءَ جو حسين روح پرور وقت اڄ به يادن ۾ ساھ کڻي پنهنجي هجڻ جو احساس شدت اختيار ڪري وجهندو آهي.
سچ ته اُهي پنج ئي سينيماگهر منهنجي ننڍپڻ جا ڄڻ ته پنج خواب هئا جن کي مون جاڳندي ڏٺو هو.جن جي ساڀيان کي اڄ وقت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. اُنهن سان جُڙيل يادون ۽ اُنهن يادن ۾ اُهي پنجئي سينيماگهر اڄ به پنهنجي اصل صورت ۾ آباد آهن.جن کي مون هميشه تصور ذريعي پنهنجي روح ۾ زنده رکيو آهي. اُنهن پنجن ئي سينيماگهرن ۾ مون ننڍپڻ ۾ کوڙ ساريون فلمون ڏٺيون هيون.اُهي پنجئي سينيماگهر منهنجي زندگيءَ جي باب جو اهم حصو رهيا آهن.ڇا ته اُهو رومانٽڪ/ڪلاسيڪل دور هوندو هو.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته دلشاد سينيما ۾ شروعات ۾ جيڪا پهرين فلم لڳي هئي اُن جو نالو”خوبصورت“هو. جيڪا اُن وقت نئين آئي هئي۔جنهن ۾ مشھور ادڪار نديم ۽ شبنم هئا.اسان سڀ ننڍا هڪ جيڏا ٻار وڏي شوق ۽ چاھ سان ٽن يا ساڍن ٽن روپين جي ٽڪيٽ وٺي هائوس فل شو ۾ بلڪل پردي جي سامهون فرش تي ويٺاهئاسين ۽ اُها پوري فلم ڏٺي هئي سين۔اُن کان اعلاوه ٻين سينيماگهرن سان پڻ بيحد حسين يادگيريون سلهاڙيل آهن.جن ۾ منهنجي لاءِ هڪڙي اهم ياد هي به آهي ته”المهراڻ“سينيماگهر ۾ مون هڪڙي فلم”ڪالا ڌنڌا گوري لوگ“ست يا اَٺ ڀيرا ور ور ڪري ڏٺي هئي،جنهن فلم ۾ پاڪساني فلمن جا مشهور اداڪار وحيد مراد،آصف خان،بدرمنير،آرزو۽ ڪجهه ٻيا به اداڪار هئا.اها فلم ڪافي هفتا سينيما ۾ لڳل هئي.اُها فلم مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.جنهن جو هڪڙو گيت اڄ به منهنجين سماعتن ۾ گونجندو رهندو آهي:
يي هوا يي فضا لي چلي هي ڪَھان
آسمان ڪي تلي بَن ڪي پنڇي مين اُڙا.
مان گهران روئي سوئي امان يا بابا کان پيسا وٺي اَڍائي يا ٽن روپين جي ٽڪيٽ وٺي وڃي اُها فلم ڏسندو هئس. ۽ پوءِ فلم جي وقفي ۾ اُتي سينيماگهر ۾ هڪڙو ريڙهيءَ تي چڻن ۽ دهي بَڙن وارو هوندو هو.شايد اَٺ آنا يا رپئي ۾ هڪڙي پليٽ ڏيندو هو.ڇا ته اُن جا چڻا ۽ دهي بڙا ذائقي دار هوندا هئا۔هڪڙي پليٽ جنهن ۾ بصرن،ٽماٽن،ساون مرچن، ساون ڌاڻن ۽ لسي مان ٺھيل کٽائي وجهي پوري پليٽ ٺاهي ڏيندو هو.اهي چڻا توڙي دهي بَڙا ايترا ته وڻندڙ هوندا هئا جو ٻه ٻه پليٽون کائي وڃبيون هيون.سچ ته اڄ اُهي يادگيريون لکندي انهن شين جو ذائقو روح ۾ تازو ٿي پيو آهي.
نشاط سينيما ۾ ته منهنجو مامو محمد بچل سينيما جو مينيجر هوندو هو. دراصل منهنجو مامو تمام ننڍي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ داد واھ کان اچي نواب شاھ جي سيدن وٽ ڪم ڪار لاءِ رهيو هو.هُو اڄ به سيدن وٽ انهن جو خاص ماڻهو آهي.انهن سيدن وٽ اچڻ کان پوءِ مامو اڳتي هلي انهن جي گهرو ۽ سينيما جي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندو هو. مامي جو نشاط سينيما ۾ مينيجر هجڻ ڪري ان سينيما ۾ اسان کي فلمون ڏسڻ آسان هوندو هو.ان دور ۾ سينيمائن ۾ عورتن جي لاءِ به الڳ گيلري يا باڪس هوندا هئا ۽ شهر جون عورتون گڏجي اچي فلمون ڏسنديون هيون.اسان ٻار به پنهنجن مائرن سان سينمائن تي فلمون ڏسڻ ويندا هئاسين.مامي جي ڪري سڀني سينيمائن ۾ فلم ڏسڻ جي سهولت هوندي هئي.نشاط سينيما ۾ اسان لاءِ مامون باڪس بُڪ ڪري ڇڏيندو هو. جي اڃان به وڌيڪ مايون ٿي وينديون هيون ته پوءِ گيلريءَ ۾ ڪا مخصوص جاءِ رکرائيندو هو.رات جو آخري شو يعنيٰ رات جو نائين وڳي کان يارهين تائين هلندو هو.ان شو ۾ اسان ننڍا ٻار گهر وارن سان گڏ ٽانگن تي چڙهي فلمون ڏسڻ ويندا هئاسين.ان وقت عام طور تي ٽي شو هلندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن مارننگ شو به هلايو ويندو هو جيڪو صبح جو يارهين وڳي کان هڪ تائين هلندو هو.پوءِ وري باقاعدي ٽين بجي کان وٺي پهريون شو شروع ٿيندو هو.ٻيو شو ڇهين وڳي ۽ ٽيون ۽ آخري شو رات جو نائين کان يارهين وڳي تائين هلي ختم ٿيندو هو.
ايئن انهن پنجن ئي سينيماگهرن ۾ سنڌي،اردو،پنجابي،پشتو ۽ انگريزي فلمون ڌام ڌوم سان لڳنديون هيون ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان انهن کي ڏٺو ويندو هو.مون انهن سينيمائن ۾ تمام گهڻيون مختلف فلمون ڏٺيون هيون. تڏهن وي سي آر عام نه هئي.جي هئي به ته اسان کي ان جي ايتري ڄاڻ نه هئي.مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسان نشاط سينيما ۾ پاڪستاني فلم ”نصيب“ڏسي شام جو گهر موٽي آيا هئاسين ته ان وقت اسان جي قرب وارا ماسي جنا سومرِي وارن جي گهر وي سي آر گهرائي وئي هئي جنهن تي انڊين فلم”نصيب“ڏسڻ نصيب ٿي هئي.اها وي سي آر تي منهنجي پهرين فلم ڏسڻ جي شروعات هئي.اسان وٽ ته مسواڙ جي ڪچي لنبيل هڪ وڏي جاءِ چاچي جُمن سومري وارن جي هوندي هئي.سو ان ۾ نه لائٽ هوندي هئي نه ئي ڪا گئس.مامو بچل سيلن تي ڪو ٽيپ ريڪارڊ هلائيندو هو يا اسان جو ڏاڏو پيارو فقير سيلن واري ريڊيي تي بي بي سي ۽ سيربين پروگرام رات جو وڏي شوق سان ٻُڌندو هو.سو ٽيليويزن نه هئڻ ڪري اسان ماسي جنا وارن جي گهر انڊيا جون فلمون ڏسندا هئاسين. وي سي آر گهرائڻ لاءِ سڀ ڏسندڙ پيئسن ۾ حصو ڪندا هئا.يا پوءِ وقت تي پيئسا نه به هوندا هئا ته پوءِ اهي ماسي جنا جا اوڌر طور رهندا هئا ۽ بعد ۾ اهي ڏئي ڇڏبا هئا.اسان جو ماسي جنا وارن سان گهريلو ويجهڙو تعلق هوندو هو.ڄڻ گهر ئي هڪڙو هوندو هو. ان وقت ڏسڻ واري اک ۽ هڪ ٻئي سان خلوص هوندو هو ۽ رشتن ناتن جو احترام ڪجهه وڌيڪ ئي هوندو هو.پر اڄ انهن سڀني شين جي عدم موجودگيءَ ۾ روح اٻاڻڪو بڻجي ماضيءَ ۾ ڀٽڪڻ لڳندو آهي.۽ سمورو ماضي دل ۽ دماغ تي پنهنجن عڪسن جي دنيا کڻي نمايان ٿي ويندو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن اُهي پنجئي سينيمائون واري واري سان مختلف وقتن تي ڊاهيون پئي ويون ته منهنجي احساسن جي دنيا،منهنجي رولاڪ روح ۾ لرزي مون کي من ئي من ۾ ڌُوڏي وڌو هو ۽ مان پنهنجي ننڍپڻ وارين اُنهن پنجن ئي سينيماگهرن ۽ انهن ۾ ڏٺل مختلف فلمن جي ماحول وارين جهڙالين ڪيفيتن ۾ ٻُڏڻ لڳندو هئس.
(12 فيبروري 2020ع)