ريشمي آواز جي پُل تي
اوهان جو اڄوڪي”ڪاوش دنيا“۾ حسن درس لاءِ لکيل نظم ڏاڍو وڻيو.مان توهان جي شاعري پڙهندي رهندي آهيان.گهڻن ڏينهن کان اوهان سان فون تي ڳالهائڻ چاهيم پئي پر نه ٿي ڳالهائي سگهيس.
مون کائونس پُڇيو ته اوهان ڪير آهيو؟ ته هُن پنهنجو ڪو فرضي تعارف ڪرايو هو.۽ پوءِ هُن فون بند ڪري ڇڏي هئي.منهنجي روح ۾ عجيب احساس ۽ خيال خوشبوءِ جيان کِڙي من ئي من ۾ مون کي واسڻ لڳا هئا.پر يڪدم ئي ذهن تي اُن کان اڳ به مُختلف وقتن تي نَون نمبرن تان آيل ڪالن وارو عارضي ۽ ڏُکوندڙ خيال به مايوس ڪندي ذهن ۾ اُڀري آيو ۽ مان اُن اجنبي فون کي به اهڙي سلسلي جي ڪَڙي سمجهي چُپ ڪري ويس.
پر ڪجهه ئي دير ۾ وري اُن ساڳي نمبر تان ڪال آئي.هُن جو جلترنگن جھڙو رَس ڀَريو سُريلو،جون ۾ جهڙالي جھڙو دل ۾ پيھي ويندڙ آواز ۽ انهيءَ آواز جو سَحر مون تي ڇائجڻ لڳو ۽ آئون آواره شاعر عجيب تَجسُس ڀَري ڪيفيتن ۾ اُن پُراسرار ڇوڪريءَ مُتعلق سوچڻ لڳس.ڪجهه ڳالهيون ٿيون ۽ پوءِ پَڪ ڪرڻ لاءِ مون اُن ڇوڪريءَ کان وري به پنهنجي سُڃاڻپ پُڇي.ته هُن پنهنجو نالو”ناياب“ ٻُڌايو هو.جڏهن مون کائونس پُڇيو ته توهان کي منهنجو موبائل نمبر ڪئين ۽ ڪٿان مليو،ته هُن مون کي نه ٻُڌائيندي فون بند ڪري ڇڏي.ايئن اُهو عام رواجي فونن جو سلسلو پنهنجي اَڻ ڄاتل سفر ڏانهن وڌڻ لڳو،مون هُن کان پُڇيو،توهان صحيح ٻُڌايو ته ڪير آهيو؟۽ منهنجو موبائل نمبر توهان کي ڪٿان مليو؟ته هُن مون کي ڪجهه ستائيندي نيٺ ٻُڌايو ته مون اوهان جو نمبر،اوهان جي ڪتاب”ڊسمبر جي اڪيلائي“مان کنيو آهي.توهان جي ڪتاب جي پُٺيان توهان،تصوير ۾ مون کي ڏاڍا سُٺا لڳا.اُن ڪري اوهان ڏانهن فون ڪيم.
موبائل فون تي ڳالهين جو اُهو سلسلو مِنٽن مان وڌندو ڪلاڪن جي طويل وقت ۾ تبديل ٿيندو ويو.صُبح جو اُٿڻ وقت هوءَ مون ڏانهن فون ڪري مون کي پنهنجي نشيلي آواز ۾ خُماري ڇڏيندي هئي.هوءَ ڏاڍي معصوم، پُرخُلوص ۽ سادي ڇوڪري هئي.هُن منهنجي دل ۽ دماغ تي پنهنجا اَڻ مِٽ اثر ڇڏيا هئا.هُن منهنجي زندگيءَ جي تمام اهم آس ته”مون کي ڪا ڇوڪري جيءُ ڀَري چاهي“پوري ڪئي هئي.ڇو ته اُن کان اڳ مون جنهن جنهن به ڇوڪريءَ کي ٽُٽي ٽُٽي چاهيو هو اُن موٽ ۾ مون کي ڪڏهن به محبتن ڀري موٽ نه ڏني هئي.مون هميشه ديوانگيءَ جي حدن تائين اُنهن ڇوڪرين سان محبت ڪئي هئي.انهن لاءِ ڀَٽڪيس، رُليس،رُنس پر موٽ ۾ انهن پاران منهنجي دل جي پلاند ۾ ڏُک ئي پلئي پيا هئا.مان ڪنهن جي به محبت نه پائي سگهڻ جي احساس ڪمتري کڻي پيو پنهنجي روح ۾ رڙندو هئس.بس شاعريءَ مون کي پنهنجي نفيس آغوش ۾ ڀَري منهنجي دُکايل دل تي آسيس جا پھا پئي رکندي هئي.هر حسين چهرو منهنجي اکين ۾ پنهنجا لافاني عڪس ڇڏي منهنجي تصور کي پيو جلا بخشيندو هو.وقت سان گڏ عُشاق دل جي حالت،ديوانگيءَ جي ديس جو واسي بڻائي مون کي شاعريءَ جا نوان نوان جھان پئي دريافت ڪري ڏيندي هئي.سڀ ظاهري حسين چھرا توڙي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ملندڙ عورتاڻا ڪردار مون کي پاڻ ۾ تحليل ڪري ڀَٽڪائڻ لڳندا هئا.۽ آئون ڀٽڪندو ئي رهجي ويندو هُئس،جو هُن جي محبت منهنجي صحرا جهڙي ويران ۽ اُڃايل زندگيءَ کي ڪنهن نخلستان ۾ تبديل ڪري مون کي هڪ ٻيو،نئون ۽ نرالو جنم ڏنو هو.جنهن جنم جي جوت منهنجي اڳين جنمن جي اُونداهين ۾ روشنيون ڪري ڇڏيون هيون.
فونن جو اُهو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌڻ سان گڏ،هڪٻئي لاءِ وڌيڪ محبت اسان جي دلين ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.فلحال ته صرف ريشمي ۽ رنگين آواز جي نفيس پُل اسان جي وچ ۾ هئي.سچ ته هوءَ مون کان وڌيڪ مون کي چاهڻ لڳي هئي.جنهن جو اظهار هُن مُختلف اندازن سان فون تي ڪيو هو.اسان هر روز صبح کان رات دير تائين فونن يا ميسيجن ذريعي پيا پيار ڀَري گُفتگو ڪندا هئاسين.هُن سان اُهو فون تي ڳالهائڻ وارو تعلق ايترو ته پَچي پُختو ٿي ويو هو جو ايئن لڳندو هو ڄڻ اسان ٻئي ڪيترن ئي جنمن کان هڪ ٻئي کي محبت ڪندا پيا اچون.ڄڻ اسان ٻنهي هڪ ٻئي لاءِ ئي جنم ورتو هجي.ٿوري وقت ۾ ايترو ته هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئاسين جو هاڻ هُن جو مون کان ڳُجهو رهڻ مون کي ويتر ستائڻ ۽ بيقرار ڪرڻ لڳو هو.اسان لڳ ڀڳ سال کان مٿي عرصي تائين هڪ ٻئي کي پري کان به روبرو نه ڏٺو هو.هُن ته وري به منهنجي ڪتاب تي تصوير ڏٺي هئي پر مون وٽ هُن جي چھري لاءِ پُرتجسس تصور هو،جنهن مون کي سُڪون سان نه ٿي ويھڻ ڏنو.مون هاڻ هردفعي هُن کان سندس گهر جو ڏَسُ پَتو پُڇڻ شروع ڪيو هو ۽ کيس يقين ڏيارڻ لڳو هئس ته،ناياب!تون مون تي اعتبار ڪر.مون پاران توکي ڪا به پريشاني ۽ ويساھ گهاتي نه ٿيندي.تون مون کي پري کان ئي پنهنجو درشن ڪرائي ته منهنجي من ۾ تولئه پيدا ٿيل اُٿل پُٿل ۾ ڪُجهه ته ماٺار اچي ۽ مون کي به پَڪ ٿئي ته تون واقعي مون سان مُحبت ڪرين ٿي ۽ مون تي اعتبار به ڪرين ٿي.پر هر ڀيري ڳالهيون ڪندي ڪندي جڏهن مان کيس ديدار جي ۽ سندس گهر جي ڳالهه ڪندو هئس ته هوءَ اُن کان لنوائي ويندي هئي.ايئن آئون هُن کان ناراض ٿيندي،پَڪائي ڪندي سندس فون اَٽينڊ نه ڪندو هئس يا سندس ميسيجن جو رپلاءِ به نه ڪندو هئس.يا ڪڏهن ڪڏهن فون بند ڪري ڇڏيندو هئس.يا کيس چوندو هئس ته جي رڳو ايئن ئي فون تي محبت جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته پوءِ اُهو مون کي قبول ناهي. توکي پنهنجو گهر توڙي پنهنجو ديدار مون کي ڪرائڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ پنهنجو تعلق ختم سمجهه.پر هوءَ هر دفعي مون کي گهر ٻُڌائڻ ۽ ديدار ڪرائڻ جو واعدو ڪري ٻه ٽي ڏينهن ڪڍي ويندي هئي.هاڻ اسان ڳالهين جي رُڃ ۾ تمام گهڻو پَري نِڪري چُڪا هئاسين. بلڪه ايئن چئجي ته هوءَ چري ڇوڪري مون سان گڏ هلندي به مون کان تمام گهڻو اڳتي نڪرندي پئي وئي.پيار،محبت جون اَڻ کُٽ ڳالهيون ڪندي ڪندي به هر ڀيري ڪيتريون ئي ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وري به وڌي وڻ ٿينديون رهنديون هُيون.کوڙ ڳالهيون ڪندي پوءِ به ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو احساس پَل به پَل وڌندو محسوس ٿيڻ لڳندو هو.نيٺ هڪ ڏينهن هُن پنهنجي گهر جو ڏَسُ ڏنو.سچ ته اُن وقت ايئن محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ڄڻ مون کي خدا جي گهر جو پتو مليو آهي.هُن جو اُهو گهر منهنجي مَسواڙ جي وي آئي پي روڊ ڀنگوار ڪالوني واري جاءِ جي پُٺين بيٺڪ واري گهٽيءَ کان ٿورو ئي اڳتي هو.اُن وقت مان پنهنجي روح ۾ جُهومي پيو هئس.هاڻ ته بيٺڪ واري در وٽ بيھي سندس گهر کي ڏسندي،ساڻس فون تي ڳالهائيندو هئس.پيار،محبت جا واعدا وچن ڪندي ڪندي محبت ۾ مَخمور ٿي پئي جيئبو هو.هُن جون وڌ کان وڌ ڳالهيون ٻُڌڻ چاهيندو هئس پر هوءَ گهٽ ڳالهائيندي مون کان گهڻو ڳالهرائڻ چاهيندي هئي.ڇو ته هوءَ گهر ۾ هئڻ جي ڪري چوري چوري لِڪي لِڪي ڪڏهن گهر جي ڪمري مان،ڪڏهن واش روم مان ته ڪڏهن گهر جي ڇِت تان پئي ڳالهائيندي هئي.
هاڻ ڳالهين ڳالهين ۾ اسان هڪ ٻئي جي تقريبن سڀني ڳالهين کان واقف ٿيندا پئي وياسين.هُن مون کان پُڇو هو ته ”سلميٰ“ڪير آهي؟جنهن کي تو پنهنجو ڪتاب”آرسيءَ جا خواب“ارپنا ڪيو آهي.ته مون بنا ڪنهن ڪوڙ هڻڻ جي هُن کي ٻُڌايو هو ته اُها منهنجي جيون ساٿياڻي آهي ۽ کيس ٻُڌايم ته مون کي ٻن نياڻن ۽ هڪ پُٽ جو اولاد پڻ آهي.(هاڻ ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ)مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندو آهيان ۽ پرائمري اُستاد آهيان.مون جڏهن هُن سان ٻيو به ڪجهه سچ ڳالهائيندي ڳالهيون ڪيون ته هُن انهن سڀني ڳالهين جي اڳواٽ ئي معلومات هُئڻ جي ڳالهه ڪري مون کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي گهر واري سلميٰ جا نقش ۽ اُن جون ٻيون نشانيون ٻُڌائي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو.نه رُڳو اِهو پر منهنجي اَمان جو نالو ۽ ٻيون ڪُجهه گهريلو ڳالهيون ٻُڌائي مون کي تَجسُس ۾ وجهي ڇڏيو.۽ مان سمجهڻ لڳس ته ڪٿي هي ڇوڪري مون سان مذاق ڪري منهنجي گهر وارن اڳيان مون کي خوار ۽ خراب ته نه ڪري رهي آهي.پر ايئن نه هو.هُن مون کي پَرپٺ منهنجي تصوير ڏسندي مون سان اَڻ ڏٺو عشق ڪري ڇڏيو هو.بلڪ هُن جي بقول ته هُن مون کي پنهنجو گهوٽ به تسليم ڪري ڇڏيو هو.هوءَ چوندي هئي ته سندس سؤٽ جيڪا هُن جي بهترين دوست هئي.اُها ۽ هوءَ ايتريون ته ويجهون ۽ هم راز دوست آهن جو هُنن جو خيال آهي ته هُو شادي به هڪ ئي مرد سان ڪنديون.جڏهن هُن جو مون سان تعلق جُڙيو ته اُن سموري سلسلي ۾ سندس اُها دوست ئي ساٿي هوندي هئي ۽ هيڏانهن وري منهنجو هم راز دوست ستار سُندر هو.اسان جڏهن به فون تي ڪچهري ڪندا هئاسين ته هوءَ پنهنجي سؤٽ سان به مون کي ڳالهرائيندي هئي. ۽ مان وري ستار سان کيس ڳالهرائيندو هئس.اڳتي هلي ايئن ٿيو ته هُنن جو، مون سان ۽ ناياب جو ستار سان باقاعدي فون تي ڳالهائڻ به ٿيندو هُيو. پر هوءَ ڪهڙي هوندي،ڪيئن هوندي؟ اُن تَجسُس نُما سحر مون کي مَنڊيندي مَنڊيندي نيٺ منهنجي چاهت هٿان خود مَنڊجي هار کائيندي پنهنجي ديدار جي هام ڀَري ورتي.اُها ڳالهه هُن جي واتان ٻُڌي مون کي لڳو ڄڻ مان خدائي جو ڪو خواب ڏسڻ وڃي رهيو هُجان.۽ پوءِ فون تي رابطي ۾ رهندي مان جڏهن سندس گهر کان ڪنهن طريقي سان ساڻس ٻُڌايل جڳهه کان هٿ جو اشارو ڏٺو ته منهنجي وجود ۾ عجيب قسم جي احساس ڪَر موڙي مون کي ڄڻ ته گھري ننڊ مان سُجاڳ ڪري وڌو هو.۽ پوءِ جڏهن ڇِت جي ڪنهن جاءِ تان هُن پنهنجو درشن ڪرايو هو ته هُن جو چھرو سج جيئن منهنجن اُونداهن نيڻن ۾ اُجري باک جيئن پکڙجي،اُنهن ۾ پنهنجي سُونهن جا اُجالا ڪري ڇڏيا ته مان سندس سونهن جي نُور ۾ وهنجڻ لڳو هئس.مان خوشي ۽ حيرانيءَ ۾ سندس حُسن ۾ تَحليل ٿيڻ لڳس. هوءَ عمر ۾ مون کان گهڻي ننڍي هئي.ٻاويهه ٽيويهه سالن جي عمر،قد ۾ به مون کان ننڍي،بُت ۾ پُوري پني هڪ مڪمل خوبصورت ڪاليجي ڇوڪري هئي.هُن بي اي جي ٻئين سال جا پيپر اُنهن ڏينهن ۾ يعنيٰ مونسان جُڙيل تعلق دوران ڏنا هئا.هاڻ هر روز سندس ديدار منهنجي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ ضروري حصو بڻجي پيو هو.هوءَ مون کي روبرو ڏسي تصوير ۾ ڏٺل کان وڌيڪ مُتاثر ٿيڻ جو ٻڌائيندي هئي.هوءَ منهنجي وڻڻ جون ڳالهيون ڪندي نه ڍاپندي هئي.اُنهن ڏينهن ۾ مان صرف اڇي رنگ جا ڌوٻي جا ڌوتل،ڪلف ڏنل ڪپڙا پائيندو هئس.اُها منهنجي پهرين ۽ آخري پسند هئي.ٻي رنگ کي آئون پنهنجي لباس طور قبول نه ڪندو هئس.شعوري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ستار سُندر جي دوستي ۾ سندس اسرار تي ڪجهه سال اڳ مون آسماني رنگ جو وڳو پاتو هو.اُن کان پوءِ ستار کان به واعدو ورتو هُيم ته هاڻ هُو اُن حوالي سان وڌيڪ مون کي زور نه ڀريندو.دوستن ۾ ڪاٽن جو اَڇو وڳو منهنجي سُڃاڻپ بڻجي چُڪو هو.
هوءَ جيڪا پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍي سيبتي،سهڻي ۽ سنجيده هئي.سا جڏهن ڇِت تان لِڪي لِڪي مون ڏانهن ڏسندي هئي ته مون کي اُن ويل خدا جي خدائي تي يقين ٿيندي ڀاسندو هو ته هُن جي روپ ۾ مون کي خدا پنهنجو درشن ڪرائي رهيو آهي.مان رنگ جو جيترو سانورو ۽ سادي شڪل صورت وارو هئس اوتري ئي هوءَ مون کان بي انتها حسين ۽ ڳوري رنگ بلڪ سندس رنگ تازي پگهريل سون جهڙو هوندو هو. مون کي محسوس ٿيڻ لڳو هو ته هوءَ منهنجي شاعريءَ جو جيئرو جاڳندو روپ آهي.پر هوءَ مون پاران پنهنجي سچي ساراھ ٻُڌي به پاڻ کي مون کان گهٽ چوندي هئي.۽ رڳو منهنجي تعريف ڪندي رهندي هئي.هوءَ مون کي ٻين رنگن جي ڪپڙن پائڻ لاءِ زور ڀريندي هئي ۽ مان انڪار ڪندو هئس ۽ کيس ڏٽا پيو ڏيندو هئس.ايئن محبت جو سفر ڪندي ڪندي،هڪ ٻئي جو پري کان درشن ڪندي ڪندي هڪ شام هُن مون کي فون ڪري چيو ته اڄ رات جو لوڊشيڊنگ واري وقت،تون منهنجي گهر جي در جي ڀَر ۾ موجود رَڌڻي واري ايگزاسٽر فين واري ڇڏيل وڏي ڳُڙکي وٽان،مان توکي پنهنجون تصويرون موبائيل ڪارڊ ۾ وجهي،ماچيس جي خالي کوکي ۾ اُتان اُڇلائي ڏينديس.تون اُهو ماچيس کڻي وٺجان.ايئن اُن ساڳي ترتيب ڏنل طريقي سان فون تي رابطي ۾ رهندي لائٽ وڃڻ وقت اهو ماچيس هُن اندران اُڇليو ته مون هيڏي هوڏي ڏسي وائسي فون تي ڳالهائيندي ويندي ويندي رستي تان کڻي ورتو.ڪجهه پريشاني به سِر تي سَوار ٿي رهي هئي ته ڪٿي اُن ڪم ۾ پَڪڙجي نه پئون ۽ هُن لاءِ ڪو مسئلو نه پيدا ٿي پوي پر هُن به عشق جي جنون ۾ اُن ڳالهه کي ڪا اهميت ئي نه ڏني.پر پوءِ مون کيس سختيءَ سان معنيٰ ڪئي ته اِهو سڀ ڪجهه آئينده نه ٿيڻ گُهرجي،متان ڪٿي تنهنجي لاءِ ڪو مسئلو کڙو نه ٿي پوي.پر هوءَ چري ڇوڪري منهنجي ڪٿي ٻُڌڻ واري هئي.هُن اُن سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هڪ ڀيري وري رات جو لائٽ وڃڻ کان پوءِ مون کي منهنجي پنهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”سمنڊ جي هُن پار“پهچائڻ جو حُڪم ڪيو.مان پريشان سندس گهر سان لاڳيتو ڀرسان ٻي جاءِ،جيڪا سندن ئي هئي ۽ اڌوري ۽ خالي پيل هئي.اُن جي ڇِت تي مون اُهو ڪتاب تيز مَٿي اُڇليو پر اُهو هوا لڳڻ ڪري ڇِت تي ڪرڻ کان اڳ ئي اورتي رستي واري پاسي اچي گهٽيءَ ۾ ڪريو.ٺيڪ اُن وقت هُن جو ننڍو ڀاءُ گهر کان ٻاهر نڪتو پئي پر مون پنهنجي اندر ۾ ڏَڪندي ۽ ڊِڄندي به بنا ڪجهه محسوس ڪرائڻ جي،اُهو ڪتاب يڪدم کڻي ورتو ۽ فون تي ڳالهائيندو اڳتي نڪري ويس.سچ ته مون کي ڏاڍي پريشاني ٿي ۽ مون هُن کي ناراض ٿيندي چيو به هو ته،هي ڪهڙو طريقو آهي.ڇا پاڻ ڪٿي ملي نٿا سگهون يا ڪو ٻيو فرد ناهي جنهن هٿان اسان هڪ ٻئي کي ڪا به شيءِ ڏئي سگهون؟پر هُن چيو هو ته اهڙو ڪوبه ذريعو ناهي.اُهو سلسلو ايئن ئي فون تي رهندو.پر منهنجي اندر ۾ هُن کي ويجهي کان روبرو ڏسڻ جو اشتياق ڏينهون ڏينهن شدت پئي اختيار ڪندو ويو.دل ته هُن جي به چوندي هئي ته اسان ملون،پر هُن جي گهر جو ماحول سخت هُئڻ ڪري ۽ گهر کان اڪيلي نِڪرڻ تي سختي هئڻ ڪري هوءَ گهر کان ٻاهر ڪيڏانهن به نڪرندي هئي ته هُن سان پنهنجي ماءُ،ڀاڄائي يا ڪا ڀيڻ گڏ هوندي هئي.
خير،هُن جو ضد ته اُهو ڪتاب تون ڇِت تي اُڇلائي ته مان اُتان اُهو کڻي وٺنديس.نيٺ مون به تنگ ٿيندي،دل ٻَڌي رات جي ساڳي وقت ڪتاب سان هڪڙو وڏو پٿر ٻَڌي زور سان مَٿي اُڇليو ته اُهو ڇِت تي وڃي ڪِريو ۽ مان اڳتي هليو ويس.
ايئن وري هڪ ڀيري هُن ضد ڪندي ساڳي طريقي سان مون کي لائٽ وڃڻ وقت رات جي اُونداهيءَ ۾ پنهنجي گهر واري گهٽيءَ وٽ گُهرايو ۽ هُن رڌڻي جي سوراخ مان هڪ وڏي ٿيلهي زور سان ڌڪي ٻاهر ڪڍي اُڇلي.ان جي ڪرڻ جو آواز به ٿيو ۽ آئون ڊڄي به ويس پر پوءِ به ڊڄندي ڊڄندي اُها ٿيلهي طريقي سان کڻي هليو ويس.اُن ٿيلهي ۾ پرفيوم، ڊائري،مصلعو،تسبيع،وغيره هُيون.مان اُها ٿيلهي گهر کڻي ويس.گهر واريءَ هٿ ۾ ٿيلهي ڏسي ڪنهن پوليس وانگر پُڇاڻو شروع ڪيو ته اِهو ٿيلهي ۾ ڇا آهي؟ته مون کيس ڪوڙ ڳالهائيندي چيو،هي سامان ڪنهن دوست تحفي طور موڪليو آهي.
بهرحال اُهو منهنجو پيار کي لڪائڻ لاءِ ڳالهايل پهريون ڪوڙ هو جيڪو مون ڳالهايو.۽ پوءِ اڳتي هلندي مُسلسل پنهنجي ڪمري ۾ فون تي ڳالهائيندي يا منهنجي فون تي فرضي نالي”آڪاش“ سان سَيوِ ڪيل هُن جي موبائل نمبر تان ڪال ايندي منهنجي گهر واري به شڪجڻ لڳي هئي.پر مان کيس ڪوڙ ڳالهائي به اعتبار ڏياري ويندو هئس.۽ ايئن هوءَ به پنهنجي گهر ۾ مَشڪوڪ بڻجڻ لڳي هئي.پر هُن پنهنجي ڀيڻ ۽ سؤٽ کي پنهنجو هم راز بڻائي ڇڏيو هو.جنهن ڪري هُن جو گهڻو بَچاءُ هوندو هو.هوءَ پنهنجين ڀيڻن سان به مون کي ڳالهرائيندي هئي ۽ هُنن کي چوندي هئي ته پنهنجي ڀيڻويي سان ڳالهايو.هُو مون کي چونديون هُيون ته اسان جي ڀيڻ جي توهان کي پارت آ.هِن جو خيال رکجو.ٻيو ته اسان جي خاندان وارا ٻي ذات وارن ۾ پنهنجون نياڻيون نه ڏيندا آهن.اُن ڪري هِن کي توهان ئي سمجهايو ته هوءَ شادي واري جنون کي ماٺو ڪري.پر مان جڏهن به هُن کي اهڙيون ڳالهيون چوندو ۽ سمجهائيندو هئس ته هوءَ بلڪل به چِڙي پوندي هئي بلڪه پنهنجن ڀيڻن سان به اَٽڪي پوندي هئي.۽ چوندي هئي ته ڇا به ٿئي مان شادي ڪنديس ته صرف توسان ئي ڪنديس.پوءِ ڇو نه مون کي گهران نڪري توسان ڪورٽ ميرج ئي ڪرڻي پوي.آئون هُن جي اهڙي ديوانگيءَ تي پريشان ٿيڻ سان گڏ ڊڄڻ به لڳندو هئس ۽ کيس ڪنهن به تڪڙي ۽ اُٻھري قدم کڻڻ کان پنهنجا قسم ڏئي،روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.هوءَ منهنجي گهر واري تي به چِڙ کائيندي هئي ۽ ٿوري گهڻي دير سان فون اٽينڊ ٿيڻ سبب اُن جا مون کي مهڻن سان گڏ داٻا پڻ ڏيندي چوندي هئي ته،اِها موٽي مون کان توکي روڪي ٿي.مان اُن کي نه ڇڏينديس.اهڙي تھڙي منهنجي مڙس تي قبضو ڪيو ويٺي آهي.مان کيس سمجهائيندي چوندو هئس ته ايئن ناهي جو هوءَ مون کي توکان روڪي ٿي.هُن کي ته خبر به ناهي.تون ڇو ٿي ويچاري کي گهٽ وڌ ڳالهائين ته وري کلندي کلندي سنجيده ٿي ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته توکي مون کان وڌيڪ هُن سان محبت آهي اُن ڪري تون اُن جو پاسو ٿو وٺين ۽ مان چوندو هئس ته چَري!پنهنجي ملڻ کان اڳ منهنجي هُن سان شادي ٿيل آهي.ها اگر مون توسان ملڻ کان پوءِ هُن سان شادي ڪئي هجي ته پوءِ مان تنهنجو ڏوهاري هجان ها.۽ پوءِ هوءَ ڏکاري ٿيندي اُن ڳالهه کي مڃيندي چوندي هئي ته،ڇا به ٿئي پر تون منهنجو آهي ۽ منهنجو ئي رهندين.مان ڪنهن مھل به گهر کان نڪري اچي توسان ملنديس ۽ پوءِ پاڻ ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏينداسين.هُن جي اهڙي ديوانگيءَ واري حالت ڏسي مون کي خوف ٿيڻ لڳندو هو،ته ڪٿي هُوءَ چري ڇوڪري جنون ۾ اچي ڪو اُٻھرو قدم کڻي پنهنجي زندگي نه تباھ ڪري وجهي.
مان جيڪو شادي شده،مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندي،صرف پگهار تي ڏکيو سکيو گذر پيو ڪندو هئس.اهڙي وقت ۾ هُن جھڙي امير گهراڻي جي،سُکن ۾ پَليل ڇوڪريءَ کي ڪهڙو سُک ڏئي سگهان ها. ۽ ٻيو ته منهنجي گهر وارا يعنيٰ امان،گهر واري ۽ ڀيڻون مون کي ڪٿي اهڙي اجازت ڏين يا ان لاءِ ساٿ ڏين ها جو مان ٻي شادي ڪيان ها.
سو آئون اهڙي صورتال جي ڪري پريشان رهڻ لڳو هئس.مان پڻ هُن سان محبت ۾ مَحو ٿي چُڪو هئس.پر مون کان وڌيڪ هوءَ محبت ۾ گھري لھي چُڪي هئي.هاڻ ٻنهي طرفن کان روبرو ملڻ ۽ هڪٻئي کي ويجهي کان ڏسڻ جي خواهش شدت اختيار ڪرڻ لڳي هئي. مرد هئڻ جي ڪري مون لاءِ ملڻ ته مسئلو نه هو پر عورت هئڻ جي ناتي هُن جو مون سان ملڻ گهڻو مُشڪل هو. سندس لاءِ ڪو مسئلو پيدا ٿيڻ منهنجي لاءِ پريشانيءَ جو وڏو ڪارڻ هو.ڇو ته هوءَ عشق جي انتها تي پهچي چڪي هئي.۽ آئون توڙي جو هن سان محبت ڪندو ته هئس پر پوءِ به هن جي محبت جي جنون آڏو ڪجهه نه هئس.منهنجي هر ڳالهه تي نظر هوندي هئي.ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ پڙهيل لکيل سُٺي گهر جي، سڌي سادي ڇوڪري هئي.مان سندس لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪو به مسئلو پيدا ٿيڻ نه پئي چاهيو.پر هوءَ منهنجي سمجهائڻ تي مون کان به رُسي ويندي هئي.مون کي آڌي آڌي رات جو فون ڪري،ننڊ مان اٿاري عجيب قسم جون ڳالهيون ڪندي هئي.ڏينهن توڙي رات جو ڪنهن وقت به هوءَ مون کي گهر وٽ گهرائي وٺندي هئي.۽ پنهنجي گهر جي بيٺڪ واري ڪمري جي دريءَ مان مون سان فون تي ڳالهائيندي پئي اندران مون کي ڏسندي هئي ۽ اوسين تائين رستي تي بيهاريو بيٺي هوندي هئي جيسين تائين سندس گهر جو ڪو ڀاتي ڪمري ۾ اندر نه اچي.مان اهڙي صورتحال ۾ سُڪون ته محسوس ڪندو هئس پر ٻئي پاسي سندس ديوانگي پريشان به ڪرڻ لڳندي هئي.ڇو ته هوءَ گهر جي چؤديواريءَ ۾ رهندي پئي عشق ۽ محبت ۾ سهڻيءَ جيان ٻُڏندي ۽ تَرندي هئي ۽ اڪيلي سِر هوءَ بنا کائڻ پيئڻ جي راتين جو جاڳندي پئي ڀوڳيندي هئي. اهڙين حالتن ۾ هوءَ ڪنهن به ڳالهه تان ناراض ٿي روئيندي مون کي خودڪشيءَ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏيندي هئي ته مان پنهنجي وجود ۾ صفا لرزي ويندو هئس. عشق ۾ ديوانگيءَ جي اهڙي گُلن جي ٽڙڻ جي موسم ۾ ٿڌ ۽ بارش ۾ آچر، سترهين فيبروري ٻه هزار تيرهن تي ايڇ ايم خواجه هاءِ اسڪول ۾ هر سال جيان لڳندڙ گلن جي نمائش ۾ هُن سان پهرين ڀيرو روبرو ملڻ ٿيو هو.مان اُن گلن جي نمائش ۾ اُن کان اڳ به ٻه چار دفعا ستار سان ڪتابن جو اسٽال لڳائي چُڪو هئس.اُن سال ڪتابن جي اسٽال لڳائڻ جو ڪوبه ارادو نه هو پر هُن سان ملڻ جو اهڙو سونهري موقعو هٿان ڪٿي ٿي وڃائڻ چاهيم.اُن ڏينهن تي پڊعيدن ۾ پنهنجي پياري دوست ساگر حنيف بڙديءَ جي دعوت به هئي پر مون ساگر کان اڳ ئي نه اچڻ جي معذرت ڪري ڇڏي هئي.سو اُن شام،جنهن جي ٿڌڙي منجهند جو مينهن وسي شھر تي گهنگهور گهٽائون ڪري موسم کي وڌيڪ سرد ۽ رومانٽڪ بڻائي ڇڏيو هو.
ستار ۽ رفيع کي ساگر جي دعوت ۾ ضرور پهچڻو هو.سو مون اڪيلو هجڻ ڪري پنهنجي هڪ ٻئي دوست ذوالفقار جي پاڻ سان گڏ اسٽال تي ويهڻ جي پاس به ٺهرائي ڇڏي.ڇو ته عورتن جي ڏينهن ۾ ڪنهن به مرد کي سواءِ انتظاميه ۽ ٻيو مُختلف اسٽالن وارن جي، اندر اچڻ جي اجازت نه هوندي آهي.مُڪمل طور تي سيڪيورٽي جي ڀرپور انتظام سان هي نمائش ٿيندي آهي.سو اُن ڏينهن اسان به وقت سان اسڪول جي ايراضيءَ ۾ پنهنجي اسٽال تي پهچي ويا هئاسين.
گلن جي هي نمائش ڪافي وقت کان وڏي پيماني تي لڳندي رهندي آهي.اُهو سُھانو سَمو دل ۽ دماغ کي مَخمور ڪري ڇڏيندڙ هوندو آهي.وڏا رنگ ۽ روپ هوندا آهن.هر شيءِ جا اُتي اسٽال هوندا آهن.هر شيءِ ملندي آهي. مطلب ته هڪ قسم جو شاندار سائنسي ميلو هوندو آهي.اهڙي حسين ۽ پُر رونق وقت ۾ حسين حسين چھرا ڏسي دل سيني ۾ گلاب جيئن ٽڙي پوندي آهي.سو اُن ڏينهن آئون هُن سان ملڻ جي عظيم خوشي ۾ نه پئي ماپيس.۽ مون کان وڌيڪ هوءَ مون سان ملڻ لاءِ اُتاولي هئي. مون اُن ڏينهن تي بوسڪيءَ جو وڳو پاتو هو.آسمان تان هوريان هوريان بارش به وسي رهي هئي.آڪاس تي گهاٽن ڪڪرن جي اُن ڊڪ ڊوڙ ۾ مان ڌرتيءَ تي هر چهري ۾ هُن کي ڳولي رهيو هئس. جو اوچتو ڀَرت ڀَريل ڪاري جوڙي ۾ بيحد حسين نظر ايندڙ ۽ روح ۾ لهي ويندڙ پنهنجي زندگي محسوس ٿيندڙ هوءَ عورتن جي رش ۾ مون کي نظر اچي وئي.هوءَ مون کي پري کان اکين ئي اکين ۾ پيار ڀريو سلام ڪندي اڳتي گذري وئي. مان سندس واپس اچڻ جو بيقراريءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس ۽ دل ئي دل ۾ ڊڄي به رهيو هئس ته ڪٿي هُن جي ماءُ يا ڀاڄائي کي ڪا کُڙڪ نه پئجي وڃي ۽ هُن لاءِ ڪو مسئلو نه بڻجي وڃي. ٿوري دير کان پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ پنهنجي دوست جيڪا سندس سؤٽ به هئي اُنهن سان گڏجي منهنجي اسٽال تي اچي ڪتاب ڏسڻ جي بهاني مون کي ڏسڻ لڳي.آئون سندس سُونهن جي سمنڊ ۾ ڪنهن اَڻ تاروءَ جيان ٻُڏڻ ۽ تَرڻ لڳس.هوءَ اسٽال ۾ اندر اچي پنهنجي نفيس ۽ نازڪ هٿ ۾ منهنجو هٿ قابو جهلي ڪنهن عجيب ڪيفيت ۾ مُبتلا ٿي وئي.هوءَ سَراپا ڪو سُونهن جو اعليٰ پيڪر هئي.هُن جي ڪَزن ۽ ڀيڻ پڻ اُتي موجود هُيون جيڪي اسٽال کان ٻاهر پري تائين هُن جي ماءُ وارن کي ڏسي رهيون هيون ته ڪٿي اُهي به اُتي نه اچي وڃن.هُن کي پنهنجي روبرو ڏسي زندگيءَ جي بيحد حسين هجڻ جو احساس ٿيم پئي.خاموشي اسان جي زبان بڻجي هڪ ٻئي جو اظهار ڪري رهي هئي.لفظ سِر جُهڪائي اسان آڏو سجدو ڪري رهيا هيا.مينهن وسڻ ڪري هوا ۾ ٿڌ جو احساس هو پر اسان دنياوي احساس کان دور هٿ هٿ ۾ ڏيو. هڪ ٻئي کي ڏسندا،مُسڪرائيندا تيز وهندڙ وقت جي نديءَ جي لهرن تي جُهومي رهيا هئاسين جو هُن جي سؤٽ هُن کي جلدي هلڻ لاءِ سڏيو.ڇو ته سندس ماءُ وارا اسٽال واري پاسي اچي رهيا هئا.هُن جلديءَ ۾ پنهنجي موبائل ڪئميرا سان پنهنجي سؤٽ کي اسان ٻنهي جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ چيو. تصويرن نڪرڻ کان پوءِ هوءَ نه وڃڻ چاهيندي به وڃڻ لڳي.آئون پاڻ پنهنجي روح ۾ دُکي ٿيڻ لڳس.ڇا ته وقت جي ستم ظريفي هئي جو ٿوري دير اڳ جڏهن اسان مليا هئاسين ته گُلن جيئن من ئي من ۾ ٽِڙي رهيا هئاسين ۽ هاڻ موڪلائڻ مھل خزان اسان جي چپن جي مُرڪن توڙي ٽھڪن کي زرد ڪندي پئي وئي.وڃڻ مھل منهنجي هٿ تي هُن جي پهرين چُميءَ منهنجي وجود کي خوشبوئن سان مهڪائي رنگين ڪري ڇڏيو هو.مون به موٽ ۾ سندس پشم جهڙي هٿ تي پنهنجا اُڃايل چپ رکي ڇڏيا هئا.هوءَ پنهنجي ماءُ وارن سان ويندي به پوئتي مون ڏانهن پئي ڏسندي وئي.۽ آئون ڀَري گُلن جي نمائش ۾ پاڻ کي اڪيلو اڪيلو ۽ ميلي ۾ وڃائجي ويل ڪنهن ٻار جيان محسوس ڪرڻ لڳس،۽ اسٽال تي موجود ڪنهن درد ۾ ٻُڏل ناول جو ڪو ڪردار بڻجي رهجي ويس.
ناياب جي ناياب محبت جون اڄ هي حسين يادگيريون لکندي ڄڻ ته ناياب جهڙين ڇوڪرين لاءِ نزار قبانيءَ جو هي نظم انهن جي عڪاسي ڪندو هجي ته:
عورت امير ماڻهو نه چاهيندي آهي
خوبصورت يا هڪ شاعر به نه
هوءَ هڪ اهڙو ماڻهو چاهيندي آهي
جيڪو سندس نيڻن کي پڙهي سگهي.
هُن جو هٿ پنهنجي سيني تي رکي
چوي ته هي تنهنجو گهر آهي
سچ ته ناياب،زندگيءَ جي سڀني آسائشن کي ٺُڪرائي مون جهڙي مُفلس ۽ آواره شخص سان بنا ڪنهن تفريق جي اهڙي بي انتها محبت ڪئي جو مون اڳ ته اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون صرف ٻُڌا هئا پر هاڻ آئون سڀ ڪجهه عملي طور تي پنهنجي زندگيءَ ۾ پَسي رهيو هئس.
اُن ڏينهن گُلن جي نمائش ۾ ملڻ کان پوءِ اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ڌيان جي وڌيڪ گهرائي ۾ لھڻ لڳاھئاسين.هوءَ عشق جي اَنڌي گهوڙي تي چڙهيو اکين هوندي به ڄڻ بنا ديد جي تيز هوائن ۾ اُڏامندي ٿي وئي.اهڙي حالت ڏسي ۽ محسوس ڪري مان هُن لاءِ پريشان ٿيڻ لڳندو هئس ته هاڻ هُن سموري سلسلي جو اَنت ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿيندو.بس هڪ ڳالهه مون دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏي هئي ته ڇا به ٿي پوي پر هُن تي ڪا به آنچ نه اچي.ڇو ته هوءَ محبت ۾ ڏاڍي معصوم ۽ مڌهوش بڻجي چُڪي هئي. هُن جي سؤٽ توڙي ڀيڻ فون تي ٻُڌائينديون هُيون ته هُن کي رڳو توهان ياد هوندا آهيو.هُن کي ٻيو ڪجهه به ياد نه هوندو آهي.هر وقت توهان جي خيالن ۽ ڳالهين ۾ مصروف رهندي آهي.۽ ڪنهن وقت به گهران نڪري اوهان ڏانهن اچڻ جو چوندي آهي.اگر ايئن ٿيو ته هُن کي ادا وارا ماري ڇڏيندا.اُن ڪري توهان هُن کي سمجهايو ته پاڻ هڪ سُٺا دوست آهيون ۽ سدائين رهنداسين. مان کين يقين ڏياريندو هئس ته منهنجي لاءِ هُن جي عزت ۽ احترام سڀ کان اُتم آهن.مان هُن کي گهڻو ئي سمجهايان ٿو ته هوءَ مونسان وڙهي ٿي ۽ ناراض ٿي فون بند ڪري ڇڏي ٿي.پر پوءِ به مان ڪڏهن ڪڏهن توهان کي به نه ٻڌائيندو آهيان ته هوءَ مون کان ناراض آهي.ته جيئن هوءَ پاڻ کي سنڀالي سگهي.پر پوءِ وري هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ هوءَ فون ڪري اچي روئيندي ۽ ميارون ڏيندي آهي ته توکي مون سان محبت ناهي.جو تو مون کي پرچايو به ڪونه،نه ئي ڪا منهنجي سنڀار لڌي.ته مان جيئري به آهيان يا مري ويس.
ايئن هوءَ منهنجي رنگ ۾ وڌيڪ رنگبي ٿي وئي.هُن جو وَس پُڄي ها ته هوءَ مون وٽ اچي شادي ڪري ويهي رهي ها.پر سماجي ريتون ۽ رسمون هُن آڏو ديوار بڻجي پيون هيون.هوءَ چوندي هئي ته”جاني“ (هوءَ مون سان مُخاطب ئي جاني چئي ٿيندي هئي)مون کي پنهنجي ذرو به پرواھ ناهي مان هينئر ئي گهران نڪري تو وٽ اچي سگهان ٿي. پر پوءِ تنهنجي لاءِ کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿي پوندا.منهنجا مائٽ ڏاڍا ظالم آهن اُهي توکي نُقصان پھچائي سگهن ٿا.تون پنهنجي گهر جو اڪيلو سهارو آهين.مان نٿي چاهيان ته منهنجي ٿوري به اُٻھرائي جي ڪري تنهنجو گهر تباھ ٿي وڃي. هوءَ حقيقت پسند به هئي پر جڏهن هُن تي محبت جو جُنون چَڙهندو هو ته پوءِ هُن جون ڳالهيون مون کي پريشان ڪري ڇڏينديون هُيون.ڪڏهن ڪڏهن ته مان به روز روز جي پريشانيءَ کان تنگ ٿي سوچيندو هئس ته هُن سان ڪورٽ ميرج ڪري ڇڏيان،جيڪو ٿيندو اُن کي منهن ڏبو.پر پوءِ شعور منهنجي ديوانگيءَ تي حاوي ٿي مون کي روڪي ڇڏيندو هو.۽ ٻيو ته مان اُن سموري مسئلي جي اندر اور پنهنجي پياري دوست ستار سندر ۽ پنهنجي مُحسن سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ سان پيو ڪندو هئس ته اُهي به مون کي ڪو تڪڙو قدم کڻڻ جي سختيءَ سان معنيٰ ڪري ڪجهه سوچي سمجهي ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا.ايئن مان به ڪجهه ڪرڻ کان اڳ رُڪجي ويندو هئس.
محبت جي اُن سفر ۾ هڪ ڀيري مان هُن کان گهران ڀَڄي نڪرڻ واري ڳالهه تان ڪوڙي ناراضگي ظاهر ڪندي کائونس ناراض ٿي پيس.ٻئي ڏينهن تي عيدالفطر هئي.مون سندس هر فون ۽ ميسيج جو رپلاءِ به نه ڪيو.ته جيئن هوءَ آئيندي اهڙيون ڳالهيون سوچڻ ۽ ڪرڻ ڇڏي ڏئي.جڏهن عيد جي ڏينهن شام جو مون کيس فون ڪئي ته هُن جو نمبر بند مليو.مون کي پريشاني ٿي پئي ته الائي ڇا ٿيو جو نمبر بند ڪيو اٿس. يا هوءَ عيد تي منهنجي فون ۽ ميسيج جي جواب نه ڏيڻ ڪري ناراض ٿي فون بند ڪئي آهي.يا متان ڪجهه ٻيو ٿيو هجي.پوءِ مون سندس سؤٽ کي فون ڪري سڄي ڳالهه کان آگاھه ڪيو ۽ کيس چيم ته هُن کان پنهنجي موبائل کولرائي. مون هُن ڏانهن فون ڪئي ۽ جڏهن هُن فون اٽينڊ ڪئي ته هُن جو آواز صفا هيڻو ۽ تمام گهڻو ڏُکارو هو.۽ پوءِ هُن ٻُڌايو ته منهنجي رِپلائي نه ڪرڻ تي هُن کي بخار ٿي پيو هو. طبيعت ڏاڍي خراب ٿي پئي هُيس.هُن اُن ڏينهن ڪارو واڳو پاتو هو ۽ تصويرون ڪڍرائي پوءِ بعد ۾ مون کي موڪليون هيون.واقعي هوءَ چھري ۾ ڏاڍي مُرجهايل ۽ ڏُکاري لڳي رهي هئي.جيڪا تصوير سندس ٻين تصويرن سان گڏ مون وٽ اڄ به محفوظ آهي.
هڪ ڀيري هُن شام جو مون کي فون ڪري چيو ته اڄ لوڊشيڊنگ وقت تون منهنجي گهر وٽ اچجان.مون کائونس پُڇيو ته ڇو؟ته هُن وراڻيو ته اِهو توکي اُن وقت ٻُڌائينديس.مان جڏهن وقت تي اُتي پُھتس ته هُن فون تي چيو ته تون منهنجي در وٽ اچ توکي ڪجهه ڏيڻو آهي.مان سوچن ۾ پئجي ويس ته هي ڇا ٿي چوي،در تي هوءَ مون کي ڪجهه به ڪيئن ڏيندي.ڪٿي ڪير ڏسي نه وٺي.مان جڏهن اُتي پُھتس تي هُن يڪدم در کولي مون کي هڪ وڏي شاپر ڏئي ڇڏي.مان اُها شاپر وٺي تڪڙو تڪڙو گهٽيءَ ۾ اڳتي هليو ويس. مان پريشان ته هاڻ اُن ۾ ڇا آهي.جو گهر کڻي وڃان.۽ وري گهر واري کي ڪهڙو ڪوڙ هڻي ٻڌايان.تنهن ڪري اُن شاپر کي پاڙي واري دُڪان تي رکي،گهر اچي بيٺڪ واري پُٺيين دروازي کان وڃي اُها دڪان تان شاپر کڻي اچي اوطاق ۾ کوليم ته اُن ۾ مُختلف رنگن جا پنج وڳا،پرفيوم،انهن ڪپڙن لاءِ شاندار قسم جا اسٽيل جا اسٽائلش بَٽڻ، ڊائري، سوپاريون، ٽافيون، هڪ عدد موبائيل جو ڪارڊ، رومانوي گيتن جي هڪ سيڊي هيون.ٻيون شيون ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪپڙن جا جوڙا ۽ انهن جا رنگ منهنجي لاءِ منهنجي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪرڻ لڳا.مثلن رنگن ۾ سائو،ناسي،ڪارو،ميندي رنگ ۽ اڇو هئا.ٻيو ته مان هُن کي ڪجهه ڏيڻ چاهيندي به نه پئي ڏئي سگهيس جو هُن سان ملڻ مُشڪل هو.يا هُن وانگر هُن کي ڏيڻ مون کي سندس لاءِ ڪنهن مسئلي ٿيڻ جي خدشي جي پريشاني جي ڪري مُشڪل هو.ان ڪري مان جڏهن هُن سان اُنهن ڳالهين جي ڪري اختلاف رکندو هئس ته هوءَ مون سان اٽڪي پوندي هئي.ناراض ٿي ويندي هئي يا دُکي ٿي چوندي هئي ته ڇا پنهنجو ڪو حساب آهي ڇا.تون سڄو سارو منهنجو ناهين.؟مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.پوءِ مان به کيس ساڳي ڳالهه ورجائيندو هئس ته روئڻهارڪي ٿي پوندو هئي.۽ مان هار مڃي کيس التجا ڪندو هئس ته آئينده تون ايئن نه ڪجان.مون کي ڪجهه به نه گهرجي يا مون کان به وٺ ته چوندي هئي محبت آ واپار ٿوري آهي جاني!مون چريءَ کي ڇو ٿو ڏکائين؟ته آئون حساس دل هئڻ ڪري ماٺ ڪري ڇڏيندو هئس.
اُنهن ڏينهن ۾ مون وٽ نوڪيا جي سادي موبائل هوندي هئي.ڇو ته نواب شاھ ۾ موبائل نيٽ ورڪ اچڻ سان ستار به موبائل ۽ موبي لنڪ جو نمبر ورتا هئا.اُن وقت موبائل توڙي سم ڏاڍيون مهانگيون هيون.سو ستار وارو نمبر ئي منهنجو رابطي جو ذريعو هوندو هو.توڙي جو اُن وقت موبائل کان اڳ ستار وٽ پي ٽي سي ايل جو نمبر به هوندو هو.جيڪو پڻ منهنجي رابطي جو نمبر هوندو هو. موبائل اچڻ کان پوءِ ستار جو موبائل نمبر منهنجو رابطي جو ذريعو هو.اڪثر دوست اُن نمبر تي مون سان رابطو ڪندا هئا.اڳتي هلي ايئن ٿيو جو اُهو نمبر منهنجي رابطي جو ذريعو بڻجي ويو.ستار چوندو هو ته هاڻ تون موبائل رک ته هي نمبر توکي ڏيان.پر مان ڪجهه سالن تائين موبائل رکڻ کان نابري واري ڇڏي هئي.هڪ ته دل به نه مڃندي هئي ٻيو وري معاشي مامرو به هو.نيٺ ستار پنهنجي پئسن مان مون کي نوڪيا جي موبائل ۽ سندس اڳوڻي سِم مون کي ڏني. ۽ پاڻ ٻيو نمبر وٺي ڇڏيو.پر مون بي دليءَ سان اها موبائل پاڻ وٽ رکي.ڇو ته مون کي موبائل رکڻ نه پئي وڻيو.۽ ٻيو وري اُهو نمبر منهنجي رابطن جو ذريعو بڻجي چڪو هو.
هُن مون سان رابطو اُن ئي سادي موبائل تي ڪيو هو.هوءَ مون کان پُڇندي هئي ته تنهنجي موبائل ڪهڙي آهي ته مان کيس ٻُڌائيندو هُئس ته مون وٽ نوڪيا جي بٽڻن واري موبائل آهي.ته چوندي هئي ته،ٽَچ موبائل ڇو نه ٿو وٺين.ته چوندو هئس.جهڙو رابطو عام موبائل تي تهڙو ٽَچ موبائل تي.مون کي موبائل جو ڪو خاص شوق ناهي بس رابطي لاءِ اِها ئي فون صحيح آهي.ته چوڻ لڳندي هئي پوءِ نئين ٽَچ موبائل وٺ.مون کائونس پُڇيو ته اُن سان ڀَل توکي ڇا ملندو ته چيائين ته مون کي سُڪون ملندو ته منهنجي جاني وٽ سُٺي ۽ ڀُلي موبائل آهي.مون کيس چيو ته تون چئين ٿي ته وٺندس.پر ڏوڪڙ ٿين ته پوءِ.ته چيائين معنيٰ موبائل نه وٺڻ جو سبب پيئسا آهن نه؟مون کيس چيو ته پياري رڳو ايئن ناهي.منهنجي ذاتي دلچسپي به ناهي اُن ڪري،پر تون چئين ٿي ته مان اُها وٺندس.ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ساڳيو حُڪم ته اڄ رات لائٽ وڃڻ مهل اچجان. مون کي تصور ۾ به ڪونه هو ته ڇا ٿيندو.مان اُتي پُهتس.هن اڳ واري ساڳي طريقي سان مون کي هڪ ننڍي شاپر ڏني.اُها ساڳي ڳالهه ٿي ته اُن ۾ هڪ ٽَچ موبائل”رِيوو“ڊٻو پيڪ هئي.مون کي ڏاڍو بُرو لڳي رهيو هو.۽ مون چِڙ مان کيس فون ڪئي ته هُن فون اَٽينڊ ڪندي مون کي پنهنجو قسم ڏيندي خاموش رهڻ لاءِ چيو.مون ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏي.
ايئن هڪ دفعي هُن مون کي سياري جي موسم ۾ هڪ نئين جيڪٽ وٺي ڏني. مون کيس چيو ته چَري!اُن جي ڪهڙي ضرورت آهي مون وٽ ته اڳ ۾ ئي جيڪٽ موجود آهي.ته چيائين ته اِها منهنجي پسند جي آهي.توکي پائي مون کي ڏيکارڻي آهي.مون حُڪم جي تحميل ڪئي. ايئن فون تي اسان جي عشق جو سفر اسان تي پنهنجا رنگ ڇڏيندو ڏينهون ڏينهن اڳتي کان اڳتي ۽ حساسيت ڏانهن وڌندو پئي ويو. هڪ ڀيري هُن چيو ته هيل جيڪا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ گُلن جي نمائش لڳي رهي آهي اُن تي پاڻ ڪٿي ويهي ڪچهري ڪنداسين.مون کيس چيو ته اُهو ڪيئن ٿيندو،تولئه ڪو مسئلو ته نه ٿيندو چري! ته چيائين،مون اُن جو بندوست ڪري ڇڏيو آهي.منهنجي سؤٽ مون سان گڏ هوندي ۽ پوئيان منهنجون ڀيڻون پاڻهي منهنجي ماءُ وارن کي سنڀالينديون.اسان جو فون تي رابطو هوندو. تون ٻاهر گورنمينٽ ڪاليج واري گيٽ سامهون مين روڊ تي اسان جو انتظار ڪجان پاڻ ڪجهه وقت لاءِ هلي ستار جي جاءِ تي ويھنداسين. چانھه پيئنداسين. اُهو عظيم ڏينهن ڇنڇر، ٻاويهين فيبروري ٻه هزار چوڏهن جو هيو،جيڪو رنگين ۽ اُتساھ بخشيندڙ، زندگيءَ سان ڀرپور هڪ مڌ ماتي شام جي روپ ۾ هو.
مان ستار سان ستار جي ڪار ۾ هُن جي ڏنل وقت ۽ جاءِ تي انتظار ڪري رهيو هئس.نمائش ۾ عورتن جو ڏينهن هئڻ ڪري سڄي شھر جا عاشق ۽ محبوب اتي اچي سهڙيا هئا.رش جي ڪري ٻئي ون وي روڊ بند هئا.مان ماڻهن جي ميڙ ۾ هُن جي چهري کي ڳولي رهيو هئس ۽ مُسلسل سندس نمبر هڻي رهيو هئس جيڪو نيٽ ورڪ جام هجڻ ڪري نه ٿي لڳو.نيٺ منهنجي موبائل فون تي هُن جي نمبر جا انگ روشن ٿي منهنجن اکين ۾ ڪيترائي چنڊ اُڀاري ويا. هوءَ چئي رهي هئي ته اسان نمائش واري جاءِ کان نڪري تو ڏانهن اچي رهيون آهيون.تون ڪٿي آهين.تمام گهڻي رش،گوڙ ۽ ڪمزور نيٽ ورڪ جي ڪري آواز ڪٽجي پُهچي رهيو هو.نيٺ اُن پريشانيءَ ۾ هوءَ اَپسرا جهڙي پنهنجي ڪزن سان گڏ سامهون مون کي نظر اچي وئي.مون هُنن کي پنهنجي پُٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٿورو پرڀرو ستار پنهنجي نيئن جي ايل آئي ٽوئٽا ڪرولا ۾ ويٺو هو.مون گاڏي جو پُٺيون در کولي کين ويهاريو ۽ پاڻ اڳيان اچي ويٺس. سموري گاڏي خوشبوئن سان ڀرجي وئي هئي.اسان سڌو ستار جي رهائش واري جاءِ تي آياسين،جيڪا خوجه گارڊن هاءِ اسڪول جي بلڪل به ڀَر ۾ هئي.جتي نمائش لڳل هئي.پر اُتي پُهچڻ لاءِ اسان کي سوسائٽي کان ڦري پوءِ سرفراز شاھ ڪالونيءَ ۾ پهچڻو پيو.جيڪا ايڪسائز آفيس جي ويجهو هئي. اسان جڏهن جاءِ تي اندر روشنيءَ ۾ داخل ٿياسين ته اُتي ٻه حسين ڇوڪرين رات جي رنگ کي نرالو ڪري ڇڏيو هو.پر هوءَ ڪنهن پريءَ کان گهٽ نه هئي.سندس سؤٽ پڻ ڏاڍي حسين هئي.ستار ۽ هُن جي سؤٽ هال ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ لڳا ۽ اسان الڳ ڪمري ۾ وڃي ويٺاسين.اُن ڏينهن هُن کي ڳاڙهو جوڙو پاتل هو.مون اَڇو ڪاٽن جو ڪلف ٿيل وڳو پاتو هو.هوءَ ته ڪنوار لڳي پئي هئي.ڳورن پيرن ۾ پاتل سينڊل ۽چانديءَ جي پازيب ڪيڏي نه هُن کي جچي رهي هئي.مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته هي حقيقت آهي يا ڪو خواب.
اُن عشق ۽ محبت جي عظيم رات جو هُن جي بخمل جهڙي سنهڙي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي مون سندس سنهڙي آڱر ۾ سوني”رِنگ“پارائي ته هوءَ خوشيءَ مان ڪنهن گلاب جيان ٽڙي پئي هئي.اسان هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ سُتي پئي ڪيڏيون نه ڳالهيون ڪيون هيون.اکيون،چپ،ڳل چميون ئي چميون هئا.هُن جي ساهن جي سُرهي خوشبو منهنجي ساهن کي سُرهاڻ بخشي رهي هئي.ڀاڪرن ۾ هُن جي ريشمي ۽ خوشبو سان واسيل وارن جي ڇانو ۾ ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪافي وقت گذري ويو هو.ڇو ته هُن جي فون تي سندس ڀيڻ جي فون اچي رهي هئي.پر هوءَ اُن کان لاغرض ٿي منهنجن ڀاڪرن ۾ هئي جو اسان جي ڪمري جو در کڙڪيو.ڇو ته هُن ڪنهن جي به فون نه پئي کئين.ايئن اُن زندگيءَ جي حسين ۽ شاهڪار وقت ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذرندي اسان کي ڪا ڪَل ئي ڪانه ڏني هئي.اسان وري ساڳي نموني گاڏيءَ ۾ انهن کي ساڳي جاءِ تي ڇڏي فون تي رابطي ۾ رهندي جڏهن هُو پنهنجي گهروارن سان مليون تڏهن مان به ستار سان واپس جاءِ تي اُٻاڻڪو ٿيندي موٽي آيس.هُن سان،ملي دل جون ڳالهيون ڪري به ڄڻ ڪجهه ڳالهايو ئي نه هو.اُتي هُن سان ڪجهه تصويرون به نڪتيون هيون جيڪي اڄ به مون وٽ ساڍيل آهن.
وقت گهوڙي جيان ڊوڙندو ٿي ويو ۽ اسان جي چاهت سمنڊ جيان پنهنجي جذبن سان ڇُلڪي روحن کي سيراب ڪري رهي هئي.اُن دوران هڪ هئڻ ڪري مون هُن جي محبت ۾ کوڙ ساري شاعري ڪئي هئي.جيڪا مان کيس فون تي يا روبرو به ٻڌائيندو هئس ته هوءَ ڪيڏي نه اُن تي خوش ٿيندي هئي.۽ مون کان بار بار پُڇندي هئي ته اِها شاعري تو مون تي لکي آهي.ته مان سندس قسم کڻي کيس يقين ڏياريندو هئس. مان هُن کان پُڇندو هئس ته ڇا توهان کي هت اسان وٽ ايندي خوف نه ٿيندو آهي ته هوءَ چوندي هئي ته،ڇا جو خوف.توهان ته اسان کي ڌاريا لڳندا ئي ناهيو ته اسان ڇو ڊڄنديونسين.توهان وٽ ايندي ايئن لڳندو آهي ڄڻ اسان پنهنجي گهر اينديون هُجون. مان چوندو هيو مانس ته اگر مان تو سان زبردستي ڪري وجهان ته پوءِ؟ته هوءَ وڏي اعتماد سان،بنا هٻڪ جي چئي ڏيندي هئي ته تون مون سان اهڙي ويساھ گهاتي ڪري ئي نٿو سگهين.
مان هُن جي معصوميت تي دل ئي دل ۾ سڏڪي پوندو هئس ته عورت،مرد جي ڀيٽ ۾ ڪيڏي نه وفادار ۽ ڀرپور عشق ڪري ڄاڻيندي آهي.اسان جي سماج ۾ عورت جي لَڄ ئي اُن جو سڀ ڪجهه هوندي آهي.۽ هڪ گهريلو ڪنواري ڇوڪري ايئن ڪنهن جي عشق ۾ اعتبار ڪري ته پوءِ هُن جي يقين جو تقدس رکڻ هر مرد جو اولين فرض آهي. منهنجي اندر جي روايتي مرد تي منهنجي شاعراڻي شعور جو غلبو نه هجي ها ته مان به عام روايتي ماڻهن جيان هن جي اعتبار کي رولي ڇڏيان ها.مون کي شاعري توڙي ڪتابن جيڪو شعور يا جيڪا احساس ۽ ادارڪ جي اک بخشي هئي اُن مون کي ڪڏهن به ڪنهن پيشاور عورت سان به ڏاڍائي ڪرڻ تي نه اُڪسايو هو ته اتي مان هڪ ئي وقت پنهنجي محبوبه ۽ عاشق ڇوڪريءَ سان ڪيئن ٿي ويساھ گهاتي ڪري سگهيس. مان ڪيئن ٿي اُن مکڙيءَ کي مَروڙي سگهيس جيڪا اڃا زندگي جي بهار جي رنگن کي به نه ماڻي سگهي هئي.سو مان تنهن اَڌ ٽِڙيل گلاب کي پَٽي مرجهايان ها ۽ سندس چپن تي ايراني شاعرا فروغ فرخزاد جي هنن سٽن جو درد هُن جي حوالي ڪيئن ڪيان ها ته:
بابا! منهنجي آڳنڌ تي
ٽڙندڙ گلاب ۽ مون
هڪ ئي ڏينهن تي جنم ورتو هو
پوءِ مان پھرين ڪيئن مُرجهائجي ويس!
هوءَ پنهنجي مزاج ۽ فطرت ۾ پنهنجي سُونهن ۽ سوڀيان جيان اڇي،اُجري ۽ معصوم ڇوڪري هئي.هُن جي محبت جو مون تي ڪمال جو اعتماد ۽ يقين هوندو هو.هُن مون کي هر وقت خدا کان گُهريو هو،ڇو ته هوءَ مذهبي خيالن واري روايتي ڇوڪري هوندي به محبت ۾ ڏاڍي غير روايتي ۽ منفرد هئي. هُن جا مختلف رنگن ۽ روپن وارا عڪس،هُن جي معصوم اَڇوتي مُرڪ، هُن جون سڌيون ساديون محبت مُتعلق ڳالهيون يا اظهار مون جهڙي شاعر ماڻهوءَ کي پنهنجي پوري سچائي ۽ حسناڪيءَ سان نھوڙي وجهندا هئا. منهنجي دل به هُن جي پوڄا جو هڪ مقدس مندر بڻجي پئي هئي.جنهن ۾ هُن جي حسين تصور جي آفاقي ديوي اڄ به پنهنجي آب ۽ تاب سان موجود آهي.
مان اُن کي ڪيئن ٿو وساري سگهان جنهن منهنجي جنمن جي اڻپوري خواھشن کي پايهءَ تڪميل تي پهچائي، منهنجي ڀٽڪندڙ روح کي نرواڻ بخشي مُڪتي ڏياري هئي.منهنجي دل جي بيابان تي گهنگهنور گهٽائون ڪري پيار جي نيرن گلن جي برسات ۾ سموري بنواس کي واسي،مهڪائي ڇڏيو هو.مان سندس محبت جي روح تائين پُهتل تاثير کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.مان هِن مرداڻي سماج ۾ مرد هوندي به هُن کي اپنائي نه سگهڻ جي جيڪا ڪسائي ڪئي اُها منهنجي لاءِ هاڻ هر جنم ڪنهن سزا کان گهٽ نه هوندي.ڇو ته هُن هڪ عورت هوندي به پنهنجي عشق ۽ محبت کي آسمانن جي اوچائن تي پهچائي مون کي ديوتا جو درجو ڏئي منهنجي محبت ۾ ڪجهه ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي سدائين اڳتي قدم وڌايو.مان سماجي رواجن جي ور چڙهي سدائين هُن کي ڏُکايو.هُن جي دل آزاري ڪئي ۽ هُن کي شايد هُن جي حصي جيتري به محبت نه ڏئي سگهيس.پر مون هُن لاءِ ڪڏهن به هُن جي ڪسائي يا هُن لاءِ لڱائي نه چاهي.مون پنهنجي دائرن ۾ رهي ڪري هر پل مُڪمل سچائن سان هُن جو تحفظ ڪيو هو ۽ هن جي تباهي ڏانهن کڄندڙ هر قدم کي روڪي هن جي محبتن کي مانُ پئي ڏنو هو.
اُهو چوويھ فيبروري ٻه هزار پندرهن، آڱاري جو ڏينهن هيو.جڏهن هوءَ منهنجي گهر پنهنجي سؤٽ سان گڏجي آئي هئي.هُو پنهنجين ڀيڻن ۽ سؤٽ سان پنهنجي گهران گڏجي اهو بهانو ڪري نڪتيون هيون ته هُو بيوٽي پارلر تي آئي برو سيٽ ڪرائڻ ٿيون وڃن ۽ پوءِ هُن جون ڀيڻون ته واقعي بيوٽي پارلر تي هليون ويون هيون پر هوءَ پنهنجي سؤٽ سان گڏجي مون وٽ آئي هئي. هُنن جون هڪ ٻئي سان فون تي پاڻ ۾ رابطو هو.مان ۽ هوءَ ڪمري ۾ هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ هڪٻئي جي ساهن ۾ تحيل ٿي ويا هئاسين.هُن منهنجي سيني تي وارن ۾ پنهنجي هٿن جون آڱرين پئي ڦيرايون.هُن کي منهنجي سيني تي وار ڏاڍا وڻندا هئا.هُن مون کي سُمهاري منهنجي پيرن کي چُميون ڏيڻ شروع ڪيون ته مون کيس پنهنجي سيني سان لاءِ التجا ڪئي ته منهنجي پياري!مون کي مُحبتن ۾ ڇو ٿي گُنھگار ڪرين،تنهنجا چَپَ ته چاهتن جون آفاقي آيتون آهن، تون اِهي مقدس صحيفا منهنجي گندن پيرن تي نه رک.اِهي ته تنهنجا پَدمڻا پير آهن جن لاءِ منهنجا هي خسيس چَپ ٺھيا آهن.ڇڏ ته مان تنهنجا پير چُمي گهڻا سال اڳ لکيل پنهنجي غزل جي هڪ شعر جي ساڀيان ماڻيان ته:
پيرَ تنهنجا دل چُمڻ ٿي چاهيا
دل چريءَ جي حسرتن تي سوچجان
اُن شعر ۾ ته مون ڪنهن محبوبه جي پيرن کي چُمڻ جي خواهش بيان ڪئي هئي پر اڄ حقيقي زندگيءَ جي ڪويتا ۾ هُنَ منهنجن پيرن کي چُمي،ساڀيان کي اُبتو ڪري ڇڏيو هو.پر منهنجن کوڙ سارن ايلازن جي باوجود به هُن منهنجي هڪ به نه ٻُڌي،مون کي پنهنجا قسم ڏئي به هُن منهنجن پيرن کي چُميون ڏئي ڏئي آخر بي تحاشا روئڻ شروع ڪيو.مون هُن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي هُن جي ناياب لُڙڪن کي پنهنجن چپن سان پنهنجي اندر ۾ اوتي کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس چيم ته چري!اڄ ته خوشيءَ جون گهڙيون آهن تون ڇو ٿي روئين؟ته هُن روئيندي منهنجي سيني ۾ پنهنجو مهتابي مُک لڪائيندي چيو هو،ته ڇا پاڻ سدائين لاءِ ايئن گڏ نٿا رهي سگهون؟ڇا ايئن مان تنهنجي آغوش ۾ تنهنجن محبتن ۾ مدفون نه ٿي ٿي سگهان.جاني!مان توکان سواءِ نٿي رهي سگهان.مون کي وٺي هل پاڻ سان.ڪنهن اهڙي هنڌ جتي پاڻ ٻنهي کان سواءِ ٽيون خدا به نه هجي.ڇو ته منهنجو خدا به تون آهين.مان توکان سواءِ مري وينديس. ڪيسيتائين ايئن لِڪي لِڪي ۽ سِڪي سِڪي پئي چورن جيان توسان ملنديس؟مون کيس تمام گهڻين ڪوششن سان کيس ڏاڍو سمجهايو هو ته منهنجي پياري!ڇا عشق جي معنيٰ شادي آهي.يا ڪا ٻي حاصلات؟ڇا مان توکان پري رهي ڪو نه ٿو ڀوڳيان.سچ ته منهنجو به من چوي ٿو ته دنيا کان بغاوت ڪري توکي پنهنجو بڻائي ڇڏيان. پر پاڻ ٻنهي جي هڪ ٻئي کي حاصلات ڪيترين زندگين لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبي؟محبت ته اعليٰ اِدراڪ ۽ شعور جو نالو آهي.ڇا پاڻ سدائين دور رهي به هڪٻئي جا نٿا رهي سگهون.محبت جو عجيب رشتو آهي جنهن کي ڪنهن به ٻنڌڻ جي ضرورت ناهي.محبت خود هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي جيڪو ٻن دلين جي وچ ۾ هڪ اهڙي پُل هوندو آهي جنهن تي ٻه عُشاق روح هڪ ٻئي سان ملي آگھيءَ جا اُجرا اُجرا ۽ نِڪور خواب تخليق ڪري اُنهن جي ساڀيائن جا سُک ماڻيندا آهن.
هُن ڏکاري ٿيندي چيو هو،هاڻ فون تي مُسلسل ڳالهائڻ به مُشڪل پيو ٿيندو وڃي.ڇو ته مٿي ڇِت تي مان وڃان ٿي ته امان يا ڀاڄائي به يڪدم مٿي هليون ٿيون اچن.خبر ناهي ته الائي ڇا ٿيندو. اڄ ڪلهه منهنجي سيني ۾ دل ٻُڏڻ لڳندي آهي.مون کي هاڻ ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.مان هاڻ صفا جُهري پئي آهيان.ايئن چئي هوءَ وري روئڻ لڳي هئي.مون کيس وري پنهنجي سيني سان لائي سندس ڀِنل نيڻن کي چُمندي چيو هو.منهنجي پياري!تون منهنجي هوندي ايڏي پريشان نه ٿي. همت ڪر.وقت سدائين هڪ جهڙو نه رهندو.حالتون ضرور تبديل ٿينديون.محبت ته همت ۽ حوصلي جو نالو آهي.مان به ته توسان بي انتها محبت ڪيان ٿو.ڇا توکي منهنجين ڳالهين تي اعتبار نٿو اچي؟مان به تو جيئن پيو تڙپندو آهيان.پر ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان سواءِ ڀوڳڻ جي.شايد اِها ڀوڳنا ئي پنهنجو مُقدر آهي.
اُن ڏينهن هُن سان گڏ ڪجهه تصويرون به ڪڍرايون هيون.هڪڙي تصوير ۾ هوءَ منهنجي ڳل تي چُمي ڏئي رهي آهي.اُن چُميءَ واري تصوير ۾ هوءَ ڪيڏي نه ديوانگيءَ جي رنگ ۾ رنڱي پئي آهي.هُن کي پَرنٽيڊ لون جا ڳاڙھسرا سادا ڪپڙا پهريل هئا.هُن ٻُڌايو هو ته تيار ٿي نڪرڻ تي گهر وارا شڪجن ها اُن ڪري گهر جي سادن ڪپڙن ۾ ئي نڪري آيس. ٻي تصوير ۾ هوءِ منهنجي ڀاڪر ۾ منهنجي سيني سان ٻَکِي پئي آهي ڄڻ ڪا هيسيل هرڻي ڪنهن خونخوار جانور کان لڪندي پناھ وٺندي هجي. هڪ ٻي تصوير ۾ هوءَ سائيڊ پوز ۾ ڏاڍي سهڻي ٿي لڳي.اها تصوير منهنجي پسنديده تصوير آهي.ايئن ٻيون به ڪجهه تصويرون اُن مِلن جي ڪهاڻي جا روپ ۽ رنگ بيان ڪن ٿيون.
ٻه هزار سورنهن ۾ مون هُن جي محبتن ۾ ڪيل اردو شاعريءَکي سندس ئي نالي سان ملندڙ عظيم شاد آبادي جي غزل جي هڪ سٽ ”نایاب ہیں ہم“ جي عنوان سان ڪتاب جي صورت ۾ آندو هو.جيڪو کيس ئي نالي ڀيٽا ڪندي ارپنا ۾ لکيو هيم ته، ”اُس کے نام جو نایاب ہے“ اُهو ڏسي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي.ڪتاب اچڻ کان اڳ مون ڀوڳ ڪندي کيس چيو هيو ته مان ڪتاب جي ٽائيٽل تي تنهنجي تصوير ٿو ڏيڻ چاهيان.تون اجازت ڏي ته ٽائيٽل تي تنهنجي تصوير ڏيان،ته هُن چيو هو ته، پوءِ پاڻ ٻنهي جي گڏيل تصوير ڏجان. جنهن ۾ مان تنهنجي ڀاڪر ۾، بقول تنهنجي ته، ڪنهن هيسل ۽ ڊنل هرڻي جيئن پناھ وٺي رهي آهيان.منهنجي دل ڀرجي آئي هئي.۽ مون فون تي کيس ڀِنل آواز ۾ چيو هو ته،چَري!مان مذاق ٿو ڪيان.تنهنجي تصوير ڏئي توتي دنيا جون آڱريون ٿوري کڻائيندس.هوءَ هڪ ڇوڪري هوندي به ڏاڍي بهادر هئي ۽ آئون هڪ مرد سڏائيندي به ڪيڏو نه ڊڄڻو هئس.پر مون ته جيڪو ڪجهه به ڪيو پئي اُهو سندس ڀلي لاءِ پئي ڪيو. هوءَ خوشحال گهر جي ڇوڪري مون وٽ اچي خوابن جي زندگيءَ مان نڪري ڀيانڪ حقيقت جي عذاب کي ڀوڳي تباھ ۽ بردباد ٿي وڃي ها.عشق جو جُنون سدائين ساڳيو ۽ هڪ جهڙو نه رهندو آهي.طويل خوابن جي رات کان پوءِ حقيقت جو ڀيانڪ سج به اُڀرندو آهي.اِهو مون ڄاتو پئي.اُن ڪري مون پنهنجي دل تي جبر ڪري به هُن پاران کڄڻ لاءِ هر وقت تيار قدمن کي روڪيو هو ۽ پاڻ کي هُن آڏو مهڻي هاب ڪيو هو.
اڄ سوچيان ٿو ته مون سُٺو ئي ڪيو جو محبت جي جُنون ۾ هُن سان ڪجهه غلط نه ٿيڻ ڏنم.مون پنهنجين سمورين دل جي سچاين سان هُن کي چاهيو هو ۽ چاهيان ٿو. ۽اُنهن ئي سچائن سان هُن جو تحفظ به ڪندو رهيو هئس.هُن جي لَڄ،هُن جي غُرور جو مون سدائين احترام ڪندي اُنهن کي ميرو نه ٿيڻ ڏنو.ڇا به هجي پر هُن جيڪو مون تي محبت ۾ اعتبار ڪيو هو اُهو مون ڪڏهن پَل لاءِ به مَجروح نه ٿيڻ ڏنو هو. هُن، بيقرار، اُداس ۽ پنهنجي روح ۾ نِراس ڇوڪريءَ جي وڃڻ کان پوءِ مان به اڪيلائيءَ جي راڪاس جي وَر چڙهي فنا ٿيڻ لڳو هئس.
فونن جو هلندڙ سلسلو ٽهڪن توڙي لُڙڪن،واعدن ۽ وچنن،رُسڻ ۽ پَرچڻ جي حالتن مان گُذرندو هڪ اهڙي موڙ تي پهتو جتان اڳتي سڀ رستا ۽ راهون ختم ٿي هڪ بند گهٽي ۾ تبديل پئي ٿيندا ويا.اوچتو منهنجي زندگي هڪ زلزلي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ مان پنهنجي اندر ۾ ڪنهن برباد شھر جو ڏيک ٿي ويس.مان اُها اُداس ۽ وياڪل شام ڪڏهن به نٿو وساري سگهان جڏهن هُن آخري ڀيرو فون ڪئي هئي ۽ مون فون اٽينڊ ڪئي ته پريان هُن جي شديد روئڻ جو آواز منهنجن سَماعتن سان ٽَڪرائجي مون کي لَرزائي ڇڏيو هو.مون هُن کي آٿت ڏيندي سندس روئڻ جو ڪارڻ پُڇيو هو ته هُن روئيندي،سُڏڪندي چيو هيو، جاني!اڄ مون کي صحيح ٻُڌاءِ،ڪو به ڏٽو نه ڏي.تون مونسان شادي ڪرڻ چاهين ٿو يا نه.مون کيس اڳ جيئن چيو ته،منهنجي پياري!ها مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.مان توسان شادي ڪندس.ڇا توکي مون تي اعتماد ناهي؟ته هن چيو هو ته،پوءِ اچ ۽ مون کي پاڻ سان وٺي هل يا جتي چئين ته مان اُتي اچان.مون هُن کي چيو ته جان ٿورو صبر ڪر.مان ڪو بندوبست ڪري وٺان ته پوءِ ڪو قدم کڻون ٿا.هن پنهنجي ضد تي اَٽل بيهندي مون کي چيو ته، جاني!جي هينئر جو هينئر مون کي جواب نٿو ڏين ته اڄ کان پوءِ تون آئينده نه منهنجو آواز ٻُڌندين ۽ نه ئي وري ڪا تون منهنجي صورت ئي ڏسي سگهندين. مون وري به کيس ايلاز ڪندي کائونس آخري موقعي جي گُهر ڪئي،پر هُن يَڪدم فون بند ڪري ڇڏي.مون وري هُن ڏانهن فونون ڪيون.پل پل ۾،ڪلاڪ ڪلاڪ ۾،هر روز،هفتن جا هفتا،مهينن جا مهينا،سالن جا سال،اڄ تائين،پر هُن جو نمبر آخر بند ئي رهيو.
اڄ به هُن جي فون کُلڻ جو انتظار ڪندو ٿو رهان.يا وري هر نيئن نمبر تان ايندڙ ڪال کي هن جي فون سمجهندي جڏهن اٽينڊ ڪندو آهيان ۽ ڪنهن ٻئي جو آواز منهنجي ڪنن سان ٽڪرائبو آهي ته دل جُهري پوندي آهي.۽ آئون هڪ دفعو وري اداسيءَ ۽ اڪيلائيءَ جي ڌُٻڻ ۾ پاڻ کي لهندي محسوس ڪندو آهيان.......!
(20 ڊسمبر 2020ع)