ڪالم / مضمون

تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان

بخشل باغي بنيادي طرح شاعر آھي. شاعِرَ جڏهن نثر لکندا آهن تہ اهو بہ سندن شاعريءَ وانگر رنگن ۽ احساسن سان ڀريل هوندو آهي. بخشل باغيءَ جو نثر بہ ائين ئي آهي. سندس نثري لکڻين جو هي ڪِتابُ مختلف رنگن جو مجموعو آهي. هن ڪتابَ ۾ مختلف شخصيتن جا خاڪا بہ آهن تہ مختلف ڪتابن تي تبصرا/اڀياس بہ شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار ۽ مذهبي انتھا پسنديءَ جي موضوعن تي اهم مضمونَ بہ شامل آهن. ساڳي وقت بخشل باغيءَ جي شاعراڻي نثر ۾ لکيل سندس يادگيريون / ساروڻيون بہ هِنَ ڪِتاب جو اهم حصو آهن ۽ آخر ۾ ٿر جا حسين رنگ بہ مختصر سفر ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ شامل آهن.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان

جِتِ لُڪَ، لڳي، جِت اَڪَ تَپن!

زندگي هڪ مُسلسل سفر آهي، جنمن جو، جاڳ جو، ننڊ جو، شعور جو، لاشعور جو، خيالن جو، خوابن جو، سوچن جو، يادن جو مطلب ته انساني زندگيءَ جو هر پل، هر لمحو پاڻ ۾ ڪئي ڪٿائون رکي ٿو. ڪٿا ، جنهن جي شروعات ۽ پُڄاڻي پنهنجي، پنهنجي انداز سان ڪهاڻيءَ جو مُقدر بڻبي آهي. ڪهاڻي جيڪا ماضيءَ جي کٽين مِٺين، خوشگوار ۽ ناخوشگوار، وڻندڙ، اڻ وڻندڙ يادن جي هڪ اهڙي ڪڙي ٿيندي آهي، جنهن جي ڪڙي اگر ڪڙيءَ سان فنائتي نموني جڙجي ته ادب جي کيتر ۾ هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ جي تخليق ٿيندي، جيڪا روح جي احساسن، اُڌمن مان ڪَرَ موڙي پنهنجو روپ پسائڻ لڳندي. اهو روپ جڏهن شاعراڻين نگاهن جو محور بڻبو ته سفر در سفر يادگيرين/ ساروڻين جو سُندر سلسلو قلم جي راهه وٺي پنهنجي اظهارجڻ جا نوان، نوان، نمونا ڳولڻ لڳندو پوءِ اُهو سفر، حقيقت ۾ هُجي، چاهي خواب ۾ اُن جا رنگ ۽ ڪيفيتون ڏاڍيون نراليون ٿينديون آهن. جيڪي روح جي ڳُجهي ڳڙکي مان پنهنجا جرڪندڙ جَلوا پسائي، پسائي پيون دل کي لُڀائينديون آهن ۽ دل چاهيندي آهي ته ڇو نه ان دل وندرائيندڙ سفر ۾ ٻين کي به پنهنجو همسفر ڪجي. اهڙي ئي همسفريءَ جي آکاڻي سنڌ جي روح، ٿر، ياترا جي روپ ۾ اظهارڻ لاءِ منهنجي شاعراڻي، چري دل ۾ منهنجو اُڃايل، هَرڻيءَ جيان ڊوڙندڙ ذهن، قلم ۽ هٿ گهڻين ئي ڏهاڙن کان بيقراريءَ جي عالم ۾ تڙپندا، ڀٽڪندا رهيا آهن ته ڪيئن اُن حسين ۽ من ۾ پيهي ويندڙ ٿر جي ڪيل سفر جو خاڪو جوڙيان. نيٺ اهڙين ڪٺن حالتن ۾ اڄ ڪاڳر ۽ قلم جو حَسين ميلاپ ٿر جي ياتراجي سُهڻين يادن جي رنگين آنچل جو پَلو پَڪڙڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ۽ هاڻ اُهو روح جي راضپي تي مدار ٿو رکي ته هُو ڪيئن اُن آنچل جي انڊلٽي سانوڻ جهڙي شام کي اوهان سان سَلي ٿو. ته ڳالهه پئي ڪئي سي ٿر جي ياترا جي. هُونءَ به سڄي ڪائنات قدرت جي حُسناڪيءَ جو هڪ وسيع ڀنڊار آهي. جنهن کي جيترو به ۽ جيترا ڀيرا به جنم وٺي ڏسجي ته هر ڀيري نئين ۽ نرالي ئي لڳندي. پر اڄ مان هِتِ پنهنجي حَسين خوابن جهڙي پُر ڪيف سنڌ ڌرتي/سنڌو ماٿري جي سونهن جي هڪ جَهلڪ جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. ڇاڪاڻ جو سڄي سنڌ پنهنجي جوهر ۾ هن پوري ڌرتيءَ جي ڪائناتي حُسن جو عاليشان حوالو آهي. اُن حوالي جي اظهار ۾ فلحال مان ٿر جي ٿوهرن، ڀٽن، ٻاٻيهن، ماروئڙن، اَڪن، واريءَ جي ذرڙن، اُڃ، بُک، بدحالي، ڏٻريل مال، ڪکائن چونئرن، ڇپرن وغيره جي قدرتي رنگن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندس. زندگيءَ جي کوڙ سارين خواهشن مان هڪڙي شديد ۽ اهم خواهش، روح جو گهرو احساس بڻجي رهندي آئي آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ذري ذري کي روح جي نيڻن سان جانچي، جونچي سموريءَ فطري سونهن سميت ڏسان. اهڙي خواهش ۾ ٿر جي آس ته هميشه ٿر جي ذڪر ٻُڌڻ يا پڙهڻ سان ڪَرَ موڙي جاڳي پوندي هئي پر هيل نيٺ ٽيون ڀيرو ٿر کي ڪجهه نه ڪجهه ڏسڻ/گُهمڻ جو موقعو ملي ويو. پهريون ڀيرو ته صرف عمر ڪوٽ تائين عبدالواحد آريسر سان رچايل رهاڻ ۾ پنهنجي دوست معشوق ڌاريجي سان وڃڻ ٿيو هو. جنهن جي صدارت سنڌ جي خانه بدوش ڪهاڻيڪار علي بابا ڪئي هئي. اُتي ئي مون گهرائي سان شفيع فقير کي ٻڌو هو. ۽ حليم باغيءَ سان پهريون ڀيريون روبرو مليو هُئس. ائين ٻيو دفعو سنڌ جي ڀلوڙ راڳي صادق فقير جي ڀاءُ جي ڪاڄ جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي دوست عابد مگسي ۽ ستار سُندر سان وڃڻ ٿيو هو پر اهو هڪ ڏينهن وڃي ٻئي ڏينهن موٽڻ وارو مختصر سفر اهڙو ڪو خاص يادگار ڪو نه ٿي سگهيو. آخر ٽئين ڀيري گُذريل سال جولاءِ 2007ع جي وسندڙ مينهن ۾ موبائيل فون تي صادق فقير پنهنجن پُٽن جي طُهر جي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ جي نينڍ ڏني. مينهوڳيءَ جي سانوري، من موهيندڙ موسم ۾ ٿر ڏانهن نڪرڻ جو قدرت پاران حسين موقعو نصيب ٿيو ۽ اُن موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان يعني مان، ستار سُندر ۽ عبداغفور مري پنجين جولاءِ، خميس ڏينهن ستار جي وڏي ڀاءُ بختيار مري جي ڀلوڙ ڪار ۾ مٺين جُهڙي مٺي شهر مِٺيءَ لاءِ روانا ٿياسين. اُنهن ڏينهن ۾ حالت اها هئي جو گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان ۽ اسان مَن ۾ مونجها ٿي سوچي رهيا هئا سين ته هيل به ٿر گهمڻ ڀاڳن ۾ ڪونهي. ۽ بس دعوت ۾ ئي رڳو شرڪت ڪري موٽي سگهجي ٿو اهڙا اُداسي جا انومان کڻي تپندڙ سج جي تکي اُس ۾ نواب شاهه کان سانگهڙ روانا ٿياسين. ڪار ۾ توڙي جو اي.سي هلي رهي هئي پر گرميءَ جي تيز شدت جي ڪري اُن جو ڪو خاص اثر ڪو نه پئي ٿيو. ۽ اُس جا تِکا ڪرڻا ڪار جي ڪارن شيشن مان پنهنجو تاءُ اندر محسوس ڪرائي رهيا هئا. ائين اي.سي ۾ به گرمي محسوس ڪندا، نواب شاه کان سانگهڙ ڏامر جي تپندڙ/ٽچڪندڙ ڪاري روڊ تي ڪار جا ويل (ڦيٿا) پنهنجي مَشيني قوت سان تيز ڊوڙي (ڦري) رهيا هئا ۽ اسان روڊ جي ٻنهي ڀر ڪجهه ڏينهن اڳ فصلن جي تباهي ۽ ٻيو نقصان ڪندڙ برسات جا حيران ڪندڙ ۽ افسوس ڏياريندڙ حال ڏسندا، ڪار ۾ هلندڙ هلڪي موسيقي جي ڪن رس وٺندا ڳالهيون ڪندا سانگهڙ شهر پُهتاسين منجهند جي لڱ ساڙيندڙ لُک ۾ منجهند جي ماني کائي سانگهڙ کي پُٺتي ڇڏي اڳتي ميرپور خاص لاءِ وڌياسين. ميرپور خاص ئي ويجهو ڪِٿ جولاءِ جي گرميءَ ۾ وهندڙ مٺڙائون ڪينال کي اکين آڏو ڏسي شيخ اياز جو هي بيت ذهن جي آڪاس تي ڪنهن ڪونج جيان اُڏامڻ لڳو.

بَڙَ جي گهاٽي ڇانوَ ۾، مٺڙائون جو تَڙُ
جھڙو ساريءَ سنڌ سان، ڀٽُ ڌڻيءَ جو وَڙُ
اولوڙائون لَڙُ، آ اسان جي آ سڻين

اياز، ڀٽائي جيان سنڌ جي جنهن به ماڳ، مڪان، آثار يا ڪردار کي پنهنجي شاعراڻي ڪيئنواس تي چيٽو آهي ته اُن کي هڪڙي تاريخي حيثيت بخشي امر ڪري ڇڏيو آهي هُونءَ ته مٺڙائون ڪينال به عام ڪينالن جيان عام طرح نظر آيو پر جڏهن اياز جي شاعراڻي، نگاهه، ڪيفيت، ۽ خيال کي تصور ۾ آڻي مٺڙائو ڪينال جو لڙاٽيل، ميرانجهڙو وهندڙ پاڻي ۽ سندس ڪنڌيءَ تي وڻن جي گهاٽي ڇانوَ ڏٺي ته روح باغ بهار ٿي جُهومي، جهومي پيو، ميرپور خاص شهر ۾ ئي ڪٿ روڊ جي پاسي کان سنڌ جي عظيم اتهاسڪ آثارن ۾ شمار ٿيندڙ ”ڪاهوءَ جو دڙو“ جو پُراڻو ۽ ننڍڙو ۽ ڪاهوءَ جي دڙي جيان ڊٺل/ڦٽل اکرن وارو بورڊ ڏٺوسي ته دل هڪ ڀيرو وري اياز جي شاعريءَ جي پاندسان پنهنجا ڳوڙها اُگهڻ لڳي:
ڪاهوءَ مٿان ڪيترا، اُڀري لٿا چنڊَ
او، اوندا ها کنڊَ، سنڌ نه سنڀري سوجهرو

۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن جي هٿ وٺي ڪيل تباهي ۽ پنهنجي قومي بي حَسي تي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا. ڪاهوءَ جو دڙو پنهنجو تاريخي روپ وڄائيندو اڄ جهڙو ڪر وڃي هڪ ميدان جي صورت اختيار ڪئي آهي. سنڌ، پنهنجي جوهر ۾ ايڏي ته سگهاري، ڀرپور ۽ حَسين آهي. جو اُن جو ذرو، ذرو قدرت جي حُسناڪيءَ جو شاندار حوالو آهي. پر ڇا ڪجي، جو اسان پنهنجي سُڃاڻ کان ئي محروم رهيا آهيون ته پوءِ ڌرتيءَ جي سونهن، شعور ۽ احساس جي سُڃاڻ کي ڪئين پرکي سگهنداسين. ائين ڪاهوءَ جي اجڙيل ويران ڪُک ڏسندا، ميرپور خاص شهر کي پُٺتي ڇڏيندا، مختلف ننڍن، ننڍن شهرن کي ڏسندا جُهڏي شهر ۾ پهتاسين. جُهڏي ۾ چانهه چُڪو پيئڻ واسطي ڪجهه دير لاءِ ڪنهن هوٽل تي ويهي هٿ مُنهن ڌوئي ڪجهه فريش ٿياسين. ۽ آڪاس تي تيز هوائن ۾ ڊُڪندڙ بادل ڏسي سڄي سفر جي ٿڪاوٽ کي وساري ڇڏيوسي. ۽ جُهڏي کي ڇڏي اڳتي سفر شروع ڪيوسين. اِتي لڳ ڀڳ شام جا شايد پنج کن ٿي چُڪا هئا ۽ اسان جو سفر مٺيءَ ڏانهن بادلن جي جهڙالي احساس ۾ بهتر کان بهتر سفر ۾ تبديل پئي ٿيندو ويو ۽ جڏهن اسان حَسين احساس سان نئون ڪوٽ پُهتاسين ته نئين ڪوٽ جون ڪچيون ۽ وڏيون وڏي ايراضيءَ تائين ڦهليل ديوارون اسان کي پرڻام ڪرڻ لڳيون ۽ ڪوٽ جو ڏيک اکين کي آسيس ڏيڻ لڳو. ۽ ٿر جي اوچين اوچين ڀٽن جي سانوري سونهن اسان جي هيڻي مُرڪ سان آجيان ڪئي. اسان وڏين، وڏين واريءَ جي ڀٽن جي وچان قالين جيان وڇايل ڪاري روڊ تي ٿر جي ڏُکاري روح کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو. اوچين ڀٽن جي وچان. ٺاهيل روڊ تي هلندڙ ڪار ڪنهن مهل ڀٽن جي مٿاهينءَ تي چڙهي آڪاس تي ڪڪرن کي ٿي ڇُهيو ته ڪڏهن هيٺ لهندي ڄڻ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ ٿي هلي وئي. ڄڻ ڪنهن وڏي پينگهي ۾ لڏي هيٺ مٿاهين تي جُهلي رهيا هجون. ڀٽن جي سيني تي پهچي دؤر کان نظر ايندڙ ٿر جون اُڃايل ڀٽون ۽ انهن تي مختلف قسمن جا سُڪل توڙي ساوا وڻ، ٻوُٽا، ٿوهر، اَڪَ، جهوپا، مال وغيره ڏسي دل خوشيءَ گاڏڙ احساس سان ڀرجي ٿي آئي. چو طرف ننڍيون، وڏيون ڀٽون پنهنجا جهيڻا ۽ هيڻا ڳاٽ کنيو دور آڪاش ۾ ڦهليل سُرمئي ڪڪرن کي گهوري پُر اميد لڳي رهيو هُيون، دور دور تائين ڦهليل سراب جو روپ ڏيندڙ ٿر جو اُهو منظر پنهنجي سونهن ۾ تمام گهڻي طلسماتي ڇڪ رکندڙ هو. واٽ تي، ٿر ڏانهن واپس موٽندڙ، جانورن جا وڏا، وڏا نٻل ڪٽڪ ۽ اُنهن سان گڏ ٿري ماڻهو به نظر آيا. اڪثر طور تي ڏُڪر جي ڏهاڙن ۾ ٿري ماڻهو پنهنجا اباڻا پَڊَ، ماڳ مڪان ڇڏي، مال متاع ساڻ وٺي بئراجي علائقن ڏانهن پنهنجي جياپي جي قوت لاءِ مجبورن نڪري ويندا آهن پر جڏهن ٿر وسندو آهي يا وسڻ جا آثار ڏيندو آهي ته اُهي وقتي طور تي لڏي ويل ٿري ماڻهو پنهنجي وطن، ڀٽن جي دنيا، ٿر ڏانهن واپس موٽندي خوشيءَ ۾ پيا جهومندا آهن ائين رستي تي ماڻهن جي مال سان واپسي جو ڏيک خوشيءَ جو احساس ڏياري رهيو هو ته ٻئي پاسي بُک ۽ اُڃ ۾ مُئل جانورن جا ڍانچا، رستي جي پاسي يا ڀٽن تي ڪٿ نه ڪٿ نظر اچي اُداس ٿي ڪري ڇڏيائون. ائين مُئل جانور ڏسندا، ڏُک وچان سرد آهون ڀريندا ڀٽن جي اُڃايل احساس مان گذرندا لڳ ڀڳ رات جي هلڪي اُونداهيءَ ۾ مٺيءَ ۾ داخل ٿياسين. ۽ سڌو دعوت واري هنڌ پُهتاسين. صادق فقير ۽ ٻين دوستن سان ملياسين صادق فقير اسان کي فريش ٿيڻ لاءِ ڪنهن دوست سان ماروي گيسٽ هائوس موڪليو جيڪو دعوت واري هنڌ يعني گرلز هاءِ اسڪول کان ٿورڙو ئي پرڀرو هو. وهنجي، سهنجي، چانهه پي پاڻ کي ڏاڍو رليڪس محسوس ڪيوسين. مٺيءَ جي هوائن ۾ رات جي اونداهه ۾ آڪاس تي ستارا ڪڪرن جي چادر مان لڪي ۽ وري ظاهر ٿي ڄڻ ته اک ٻوٽ راند کيڏي رهيا هئا ۽ ٿڌڙيون هوائون ڀٽن جي اُڃايل واريءَ جي خوشبو کڻي اسان کي پنهنجن نرم ۽ نفيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڀري ڀليڪار چئي رهيون هُيون دعوت واري هنڌ موٽي اچي ٻين دوستن تاج جويي، اسحاق سميجي، علي دوست. عاجز، شوڪت حُسين شوري، نور چاڪراڻي، روپلي جويي، پياري شهواڻي، شفيع فقير، ڪريم فقير، قادر بخش مِٺو وغيره سان ملاقات ٿي. ماني کائي رات جو محفل موسيقيءَ جو دور شروع ٿيو جنهن ۾ ڪالو فقير، ڪريم فقير، سجاد يوسف، شفيع فقير ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي مَڌر آوازن جا سُر وکيري مٺيءَ جي ميگهه ورني ماحول کي پُر ڪيف بڻائي ڇڏيو. چرچن، ڀوڳن ٽهڪن ۽ يارن دوستن سان ڳالهيون ڪندي رات جو کوڙ سارو وقت گذاري، نيٺ سڄي ڏينهن جي سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري دوست پياري شهواڻيءَ سان ٿر گيسٽ هائوس جي اي.سي واري ڪمري ۾ رات جو باقي وقت آرام ڪندي گذاريوسين. صبح جو جُهڙالي موسم ۽ برساتي هوائن ساري مٺيءَ جي آڪاس ۽ شهر کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ورتو هو. تيز هوائن ۾ ڪارا ڪڪر خرمغز گهوڙن جيان آڪاس جي رڻ ۾ ڊوڙندا ٿي ويا. اهڙيءَ موسم جو ٿر ۾ هُجڻ ۽ اهو به جولاءِ جي تپندڙ مهيني ۾ ڏاڍي حيرت ۽ خوشيءَ جي ڳالهه لڳي. بحرحال وهنجي سهنجي پياري صادق فقير وٽ ناشتو ڪري، پنهنجي پيارڙي دوست دليپ ڪوٺاريءَ سان رابطو ڪيوسين جيڪو مِٺيءَ جو رهاڪو، اديب ۽ ٿر ديپ، اين.جي.اوز سان لاڳاپيل هئڻ جي ناتي تنظيمي ڪنهن خاص ڪم سانگي ڪجهه ڏينهن کان حيدرآباد ويل هو. پر جيئن ته اڳ به کوڙ ڀيرا دليپ ٿر گهمڻ جي پئي دعوت ڏيندو رهيو هو. تنهن ڪري مٺي اچڻ کان اڳ ئي اسان کيس موبائل تي ٿر گهمائڻ لاءِ چيو هو ۽ دليپ ذميواري کنئي هئي. سو دليپ اُن ڏينهن يعني مٺيءَ ۾ صادق فقير جي دعوت جي ٻئي ڏينهن اسان لاءِ مٺي جلدي پُهچڻو هو. اُهو ڏينهن اسان دليپ جو انتظار ڪندي مٺيءَ جي ننڍڙي بازار جو درشن جهٽڻ واسطي بازار وياسين، دُڪانن تي ٿري ڀرت جا، هٿ جي هُنر جا شاندار نمونا ڏسي ٿري ماروئڙن لاءِ اڃان به عزت ۽ احترام وڌي ويو. ڇا ته ڀرت جا نرالا نمونا هئا. جيڪي ٿري عورتن، پنهنجي پورهيت هٿن سان وڏي هُنرمنديءَ سان ڀريا هئا. پر مارڪيٽ ۾ انهن جي قيمت کي هڪ ويلي جيتري مزدوري به مَس ملندي هوندي. سرمائيداراڻي نظام جون معاشي چالاڪيون. پوري دنيا جي مارڪيٽ جيان اسان جي لوڪل مارڪيٽ تي به بُري طرح سان اثر انداز ٿي چُڪيون آهن. تنهن ڪري پورهيت، تخليق ڪندڙ اُن مارڪيٽ جي وسيع پس منظر ۾ گم ٿيو وڃي. ۽ هُو پنهنجي محنتن جي پورهئي جو پورو ۽ حقي اُجورو به ڪو نه ٿو ماڻي سگهي. ائين مارڪيٽ ۾ شيون مُتعارف ڪرائيندڙ يا منظر تي آڻيندڙ اُن پورهئي جو اصل فائدو حاصل ڪري ڏينهون ڏينهن پئسي کي پنهنجي اڪئونٽس جي زينت بڻائيندو رهي ٿو. ۽ ائين هر پورهيت جو استحصال ٿيندو رهي ٿو. مِٺيءَ جي بازار ۾ پَڙن جا حسين، رنگين نمونا ڏسي مون سان گڏ منهنجي دوستن ستار سندر ۽ عبدالغفور مريءَ تمام گهڻي خريداري ڪئي ۽ مون به خريدارن ۾ نالو لکرائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي مِليءَ لاءِ هڪ ڀرٿ ڀريل ناسي رنگ جو دل کي وڻندڙ گهگهي نما ننڍڙو پتڪڙو چولو خريد ڪيو. ائين وقت گذارڻ لاءِ غفور مريءَ جي دوستن وٽ ڪچهري لاءِ وياسين، دليپ جو انتظار ڪندي نيٺ شام پنهنجا سليٽي پَرَ پکيڙڻ جا سانباها ڪرڻ لڳي ته اسان ماروي گيسٽ هائوس وڃي، وهنجي، سهنجي، چانهه پي تازا توانا ٿي. مٺيءَ جي حسين پوائنٽ ۽ تمام مٿاهين بلنديءَ تي مِٺي شهر مٿان پنهنجو ڳاٽ اوچو کنيو بيٺل گڍي (ڀٽَ/ننڍڙو قلعو/ڳڙهه) تي گهمڻ لاءِ نڪتاسين. گڍيءَ ڏانهن مٿي گاڏيءَ ۾ چڙهندي ڀلوڙ ڏامر جي ڪاري روڊ جو وروڪڙ انداز ڏاڍو وڻيو. جُهڙالي شام سَمي سُرمئي ڀٽن جي وچ مان گڍيءَ تي ويندي يقين ئي نه پئي آيو ته ڪو اسان سنڌ ۾ ٿر/مِٺيءَ ۾ گهمي رهيا آهيون. گڍيءَ جي ريتيلي سيني تي پُهچي مِٺيءَ شهر جو ديدار ڪنهن خماريل خواب جيان ڀاسڻ لڳو. تيز ٿڌي هوا ۾ مٿي سڄو آڪاس وسڻ جا ويس ڪيو، سڄي مِٺي جي آڪاش مَنڊل تي سليٽي رنگ جي منظرنگاري ڪري رهيو هو. مٿان کان مِٺيءَ جي ننڍڙي پر حسين شهر جو سنهڙيون، واسينگن، جهڙيون ور وڪڙ گهٽيون ۽ گهٽائن جهڙا گهر، پڪيون جايون، چونئرا، ڇپر، عجيب قسم جي رومانوي ڪيفيت کي جاڳائي مدهوش ڪري رهيا هئا. گڍيءَ جو ديدار ڪندي، گڍيءَ جي حسين درشن جي تصوير ۾ نوان، نوان انڊلٽي رنگ نکري پيا. جو اُتي تاج جويي، گل گوماڻي، روپلي جويي ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان ملڻ ٿي ويو. سائين تاج وارا اُن مهل گڍيءَ تي ڪرائي تي ڪرائي ويل ڪجلا سر ترائي تان ڪار ۾ آيا هئا. ۽ ڪجلا سَر جي سونهن ۽ تاريخي پس منظر بابت ٻُڌائي مون کي ته اصل ديوانو ڪري ڇڏيائون. اُها گڍيءَ تي يادگار، حسين ملاقات ۽ ڪجهه گڏ نڪتل تصويرون هميشه لاءِ محفوظ ٿي وقت جي اتهاس جو حصو بڻجي ويون. کوڙ سارو وقت گڍيءَ تي شام جي جُهڙالي ۽ پرسُڪون هوائن ۾ ڪچهري ڪندا. ٿر جي سونهن کي ساراهيندي من جي آرسيءَ ۾ سنڌ جي حُسناڪيءَ جا ڪيترائي عڪس/رنگ نکري پيا. ائين تاج جويي سان گڏجي ڪار ۾ گڍيءَ تان لهندي ننڍڙي روڊ جي پاسن کان سرن ۽ ديوان ۾ لوڙهن جي پاڇي مان گذرندا گُل گوماڻي جي بيٺڪ تي آياسين. اِن دوران پياري دليپ ڪوٺاريءَ به مِٺي پُهچڻ جو اطلاع ڏنو. ايئن مٺيءَ ۾ ٻي رات به پئجي وئي. مٺيءَ جي دوستن مٺيءَ ۾ کوڙسارن دوستن جي موجود هُجڻ جو فائدو وٺندي سنڌ جي لوڪ گيتن جي راڻي، ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي جي ايڪيهين ورسي ملهائڻ جو هڪ ننڍڙو پروگرام رٿيو. اُتي گُل گوماڻي جي بيٺڪ تي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ۽ پنهنجي طبيعت ۾ فقيري رنگ رکندڙ سائين داد ساند به اچي ويو. گُل وٽ رات جي ماني کائي ڪار ۾ چڙهي تاج جويي، سائين داد ساند سان گڏ مِٺيءَ کي رات جي اُونداهه ۾ ڀٽن جي ڀاڪرن ۾ ڏسڻ ۽ گهمڻ جو لُطف ماڻيوسين. سائين داد ساند ٿڌي پيئارڻ لاءِ ڪنهن دُڪان تي هلي ٿڌيون بوتلون پيئاريون. ۽ اُتان سڌو پروگرام واري هنڌ وياسين. مائي ڀاڳيءَ جي ورسيءَ جي پروگرام ۾ شفيع فقير، تاج جويي، صادق فقير، اسحاق سميجي، سائين داد ساند، علي دوست عاجز، ستار سُندر، روپلي جويي، عبدالغفور مري، ڪالو فقير، ديلپ ڪوٺاري، ميوو ٻالاڻي، وجي شرما، ڀيشم ڪوٺاري، دليپ دوشي، ارشاد ڪُنڀر، رجب فقير، نصير ڪُنڀر ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي، اُن موقعي تي موسيقي ۽ مُشاعرو پڻ ٿيو. رنگن ٽهڪن، سُرن ۽ شاعري جي نفيس احساسن کي سهيڙي، رات جو صادق فقير وٽ وڃي رهياسين. سَت جولاءِ 2007ع آچر جي صبح جو، صبح سوير منهنجي اک کُلي وئي ڪمري کان ٻاهر نڪري صادق فقير جي جاءِ مٿان بيٺڪ تان مِٺي جو پهريون ڀيرو ديدار ڏينهن جي سپني جهڙو لڳو. سارو آسمان ڪارن ڪڪرن سان گهيريو پيو هو. تيز ٿڌڙي هوا گهلي رهي هئي. ۽ هوا ۾ سنهي، سنهي بوندا باندي مُحبوبه جي چمين جهڙي مُک تي پئجي صبح جو سلام ڪري رهي هئي. سامهون گڍي پنهنجو اُوچوڳاٽ کنيو مرڪندي پڻ آڪاس ۾ اڏامندڙ ڪڪرن کي ڇُهي رهي هئي. مٺي جي چوطرف ڀٽن جون لهرون ڪنهن آرٽ مووي جو ڏيک جوڙي رهيون هُيون. جهڙو دور، دور تائين مهاساگر ڇوليون هڻندو ايندو هجي. صبح جو صادق فقير وٽ اسحاق سميجي ۽ علي دوست عاجز سان گڏجي ناشتو ڪندي ڳالهيون ٻولهيون ڪندي حالي احوالي ٿياسين. ۽ پوءِ سنگت کان موڪلائي ٿر ڪتاب گهر تي دليپ جي ڏنل پروگرام تحت پُهتاسين. ۽ دليپ سان گڏ ننگر پارڪر جي لاءِ لڳ ڀڳ منجهند جي وقت ستار سندر، غفور مري، دليپ ۽ دليپ جو ننڍڙو پُٽ رابيل ڪار ۾ چڙهي ننگر پارڪر ڏانهن اُسهڻ لڳاسين. ائين سفر دوران دليپ ٿر ۽ ٿر جي تاريخي ماڳن مڪانن بابت معلومات ڏيندي . ڪچهري ڪندي هِن ٿر جي حسين سفر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هڪ دور هو جو مٺيءَ کان ننگر پارڪر يا سڄي ٿر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هند وڃڻ لاءِ ٿر جي سواري کيکڙن تي چڙهي يا پيرين پنڌ ڪري کوڙساري وقت کان پوءِ سفر ۽ موسم جي تڪليفن مان گذرڻ کان پوءِ وڃي پنهنجي منزل تي رسبو هو. کيکڙن تي چڙهي ڀٽن ۾ سفر ڪرڻ جو مزو ته آهي ئي پر اَڄ جي ترقي يافته دور ۾ ٿر جهڙي مشڪل علائقي ۽ پٺتي پيل خطي ۾ ڀٽن کي چيري وڇايل روڊن جي ڄار ٿر جي مُشڪل سفر کي آسان ڪري نوان رنگ ڏئي ڏاڍو دلچسپ ڪري ڇڏيو آهي. ڀٽن مان کُنڀين جيان ڦٽي پيل (ٺاهيل) ڪاري ڏامر جي روڊن سڄي ٿر کي ملائي رابطي ۾ ڪري ڇڏيو آهي. توڙي جو روڊ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي لائين وڇائڻ وارو ڪم ظاهر طور عوام جي ڀلائي لاءِ ٿيل ڏسجن ٿا پر اُن جي پس منظر ۾ سياسي مُفاد، حاصل ڪرڻ يا سياسي مجبورين سان گڏ سرحدي محافظن جي ڀلائي کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. عام ماڻهو اڄ به ڪالهوڪي پُراڻي ٿر ۾ پنهنجي سڀني ڏکن، ڏولاون ۽ مُفلسيءَ ۾ جيءُ رهيو آهي هميشه ٿر جي ڏُڪار کان اُهو ئي مُتاثر ٿيندو رهي ٿو صرف چند صاحب هستيءَ ئي اڄ جي ترقيءَ جا مزاماڻي سگهيا آهن. ٿر ۾ خاص طور تي نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين مٺي پاڻيءَ جي پائيپ لائن ۽ مختلف هنڌن تي ٺهيل پاڻيءَ جون ٽانڪيون جن تي موجود محافظن جو پاڻيءَ تي پهرو ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ اڄ به جڏهن ڪو ٿري پاڻي واسطي سندن آڏو ٻاڏائي ٿو ته پاڻيءَ عيوض مُلڪي محافظ ڪجهه نه ڪجهه کائون وصول ضرور ڪن ٿا. ائين ٿر جو رهاڪو پاڻي به پنهنجي جياپي جي ثمر مان حصو ڏئي حاصل ڪري ٿو. اصل ۾ اُها پاڻي جي پائپ لائن سرحد تي موجود فورسز لاءِ پاڻي ۽ ٻيو سهولتون ڏيڻ ئي اصل مقصد آهي. نڪي ٿر جي اُڃي، بُکي ۽ مُفلسي جي ٽياس تي ٽنگيل عوام سان همدردي.
ننگرپارڪر ڏانهن سفر ڀٽن وچ مان ڏاڍو سحر انگيز هو. مٿان ڪڪرن جي ڇانوَ دور ڀٽن تي ننڍڙا ڳوٺڙا ۽ انهن ۾ اڏيل چونئرا، جيڪي سانوري ڪنهن عورت جي ارهن مِثل ڏيک ڏئي رهيا هئا ۽ مينهن جي آسري ۾ آسروند اکيون کڻي نهاري رهيا هئا. ڀٽن تي ڀٽڪندڙ جانور ۽ اڃارا ٿري پنهنجن ٿاڪن ۾ صدين جا ٿڪ کنيو دور گگن ۾ نهاريندي نظر آيا ٻار وري پنهنجي مستيءَ ۾ مَگن ڊوڙي، ڪڏي، ڪڏي رانديون رهي رهيا هئا. عجيب نظارو هو. ڪٿ، ڪٿ ته مينهن جي آسري تي هيٺاهين تي وارياسي زمين کي کيڙي، ٻج ڇٽي، مُستقبل جي بُک کان بچڻ لاءِ جتن پئي ڪيا ويا. ننگر ڏانهن سفر ڪندي پهريون اسٽاپ اسلام ڪوٽ ۾ ڪيوسين. جتي سنت نيڻو رام آشرم جو درشن ڪيوسين. اندر گهمي، پرساد کاڌوسين ۽ اُتي موجود مندر ۽ آشرم جي پروهت سان پڻ هٿ جوڙ ڪئي سون. عجيب دنيا هئي، ڪيڏو نه آنند پئي ڀاسيو، ڪيڏو نه اصل پڻي جو احساس ٿي رهيو هو. عجيب ۽ روح کي راس ايندڙ ڪلچر جي جهلڪ من کي گيڙو ڪري ڇڏيو هو. عورتون ۽ مرد توڙي ٻار رنگا رنگي ويس ڍڪيو. خوابن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. سانورا، ڪڻڪ رنگا چهرا هڪ عجيب ڪشش ڪري رهيا هيا. عورتون نڪن ۾ بولا، ڪنن ۾ والا، نرڙتي تلڪ، پڙا پهريل ٻانهن ۾ اڇا آج جا ڪنگڻ ۽ مردن کي مٿن تي پڳڙيون، رنگين شلوار قميصون وغيره ننڍڙي شهر ۾ ماڻهن جي رش ميلي جو ڏيک ڏئي رهي هئي. ائين اسلام ڪوٽ کان اڳتي سفر شروع ٿيو، دور دور تائين واريءَ جو ڀٽون لهرن جو روپ ڌاري ڄڻ آسمان ڏانهن وڌي رهيو هيون. ۽ اداس ڪَر کڻي اسان کي اُڃايل نيڻن سان ڏسي رهيو هيون. ننگرجي مين روڊ کان لِنڪ تي ڪچي ۾ واري جي رستي تي ڪار پنهنجي زور آزمائي ڪندي، ڌرم جي عبادت گاهه، گوڙيِءَ جي مندر ڏانهن وڌڻ لڳي. هڪ هنڌ ته ڪار واريءَ ۾ ڦاسي پئي پوءِ مڙئي ڌڪا ڏئي اُن واريءَ مان ڪڍيوسين ائين جڏهن اسان چوطرف ڀٽن جي وچ ۾ ڪجهه ورياسي زمين تي آباد گوڙيءَ نالي ڳوٺڙي ۾ پهتاسين جيڪو ننگر پارڪر تعلقي شهر کان اٺاويهن ميلن جي مفاصلي تي، ڀالوا ڳوٺ کان ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي. ڪکائن ڇپرن ۽ چونئرن مان ننڍڙا ننڍڙا ٻار ڪار کي ڏسندي اسان ڏانهن ڊوڙندا پئي آيا. ڄڻ سِلو مِشن ۾ ڪو ”سين“ اسڪرين تي هلي رهيو هجي. سموري فضاتي خاموشيءَ جو رنگين ۽ دل لُڀائيندڙ ڀرت ڀريل هو، ٻار اسان جي گاڏي کي وري ويا ۽ ڪاڪا، ڪاڪا چئي خرچي گهرڻ لڳا. سچ ته دل سيني ۾ لُڇي پئي. ننڍڙن ٻارڙن جي اهڙي حالت مان ٿر جي غربت جو اندازو ٿيو. ته ڪئين نه هو هر ايندڙ ماڻهن کان خرچي گهرندا آهن ۽ معصوم ٻولن سان ليلائيندا آهن. گوڙيءَ جي مندر جي ننڍڙي ڦٽل چوديواري جو ننڍڙو ڪاٺ جو در کولي اندر داخل ٿياسين ته اُتي مندر جي پنهنجي طور تي پنهنجي گذر سفر لاءِ سار سنڀار ڪندڙ هڪ جُھونو به اچي پُهتو. پوڙهي هٿ ٻُڌي آجيان ڪئي ۽ مندر ڏيکارڻ لاءِ اڳيان، اڳيان هلڻ لڳو. پڌر جو ننڍڙو رستو ٽپي مندر جي جُهريل ورانڊي واري ٺهيل گُنبذ هيٺان اچي صدين جيڏيون حيريون ويڙهي ويون. ”اِها عاليشان عمارت ڳوٺ کان اُڀرندي طرف کُليل ميدان ۾ شايد ڪجهه کوهن جي ڀر ۾ هئي. هي مندر سوڍن حاڪمن جي اوج واري دور ۾ لڳ ڀڳ 1376ع ۾ تعمير ٿيو. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن. جو گروگورکناٿ جو چيلو هو. ۽ کيس گوڙيچو به سڏيندا هئا اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ڳوٺ جو نالو گوڙي پيو. گوڙيءَ جا ڏهرا يعني جينين جو جهونو مندر تمام قديم آهي. اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻنهي پاسي ٻارهن، ٻارنهن ننڍيون ڪوٺيون آهن. جتي هڪ هڪ ماڻهو ويهي پوڄا ڪري سگهندو هو. اُتي هڪڙو ننڍو ٿلهو به ٺهيل آهي جتي شايد ايڪانت ۾ يوگ اڀياس ڪندا هئا. سڄي جاءِ مٿان ٻاونجها سُهڻا گنبذ ٺهيل آهن. جن مان چاليهه گُنبذ ڏهرن مٿان آهن. هن عمارت جو پٿر سنگمرمر جهڙو آهي. جو، جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو جين ڌرم جا ڪُل چوويهه پيشوا يا ڌرم ـــ نيتا ٿي گذريا آهن جن مان ”ورت مان“ جيڪو مُها وير جي نالي سان مشهور ٿيو. مهاوير، گوتم ٻُڌ جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي. ۽ سندس ديهانت عيسوي سن کان 536 ورهيه اڳ ٿيو هو. هو جين ڌرم جو باني هو. جيتوڻيڪ جين ڌرم وارن جو چوڻ آهي ته سندن ڌرم مهاوير کان ڪي صديون اڃان به آڳاٽو آهي.“ پوڙهي پوڄا واري مندر جي پراڻي ڪمري جو ڪاٺ جو دروازو کوليو ته ڪجهه چمڙا، چرڙاٽ ۽ چيچاٽ ڪندا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ اڏامڻ لڳا. اسان ڊڄندي ڊڄندي مندر ۾ داخل ٿياسين هلڪي اُونداهيءَ ۾ ويران اجڙيل عبادت گاهه پنهنجي اتهاسڪ ڪٿا ٻُڌائي رهي هئي مندر ۾ مورتي پرارٿنا جا سنتوش بخشيدڙ لفظ ٻُڌڻ لاءِ صدين کان انتظار ڪندي ڪندي پٿرائجي چُڪي هئي. جين ڌرم پنهنجي مذهبي عروجي دور ۾ وڏي انداز سان ڦهليو هو پر پوءِ وقت هر شيءِ جو انت آڻيندو آهي ۽ هر پُراڻي شيءِ نئين جنم سان وجود وٺي نروار ٿيندي آهي. مون ڪٿ پڙهيو هو ته جين ڌرم جي وڌيڪ نه اُسرڻ يا ڦهلجڻ جو هڪڙو سبب جين ڌرم جا انتهائي مُشڪل قانون قاعدا هئا. مسئلن، جين ڌرم ۾ زمين کي کيڙڻ وڏو پاپ هو. ڇاڪاڻ جو هر ڪاهي ڌرتي کيڙڻ سان ڌرتيءَ ۾ موجود جيوت جو انت آڻڻ مهاپاپ هو. هلڻ مهل ڏسي وائسي هلڻ ته جئين ڪو جيت جڻيو پيرن هيٺان اچي نه وڃي. اُن ڪري اونداهيءَ ۾ سفر ڪرڻ انهن لاءِ پاپ هو. کائڻ ۽ پئيڻ روشنيءَ ۾ ڏسي وائسي، متان انهن ۾ ڪو ساهوارو پنهنجو جيون نه وڃائي ويهي. ڪنهن به ساهه واري جانور توڙي پکيءَ کي پنهنجي خوراڪ يا ڪنهن ٻئي سبب لاءِ مارڻ ٺيڪ نه هو. عبادت ۾ مشغول رهڻ، دنيا کي تياڳڻ، ساهه کڻڻ لاءِ مُنهن تي ماسڪ نُما ڪپڙو يا ڪا ٻئي شيءِ ڏئي ساهه کڻڻ وغيره. ائين گوڙيءَ جي مندر جي شاندار اڏاوت ۽ اعلي فني مهارت ڏسي سچ ته حيرانگي روح کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. صديون پراڻو مندر اڄ به پنهنجي شان ۽ شوڪت جي ڀرپور نيشاني لڳي رهيو هو. توڙي جو ڪا به خاص طور تي سرڪاري يا نجي سنڀار نه هئڻ جي باوجود به وقت جي بي رحم بادشاهه اڳيان پنهنجو جهيڻو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو. ۽ جين ڌرم جي پيغمبر مهاوير جي ساک ڀري رهيو هو. توڙي جو سندس ڪجهه جهريل حالت گذريل 2000ع واري خطرناڪ ڀونچال ڪري کيس ڪمزور ڪري وڌو هو. پوءِ به ايڏي سُڃ جي وچ ۾ اهڙي شاهڪار جي اڏاوت، سا به اُن دور ۾ جڏهن اڃان مشيني طريقي جو تصور به نه جڙيو. اُهي باري پٿر، اُنهن کي ڪٽي مختلف شڪلون ڏيڻ، اونهن تي شاندار چسٽاليءَ جو ڪم، اُن جي نرالي ڊزائين ڇا چئجي ڪلاسڪ فن جي سونهن جو اعلي مثال لڳو. گوڙيءَ جي مندر مان گهوريندڙ، مُرڪندڙ، شانت مها ويرجي نيڻن کي الوداع چئي واپس ننگر پارڪر ڏانهن مين روڊ تي چڙهي اڳتي وڌڻ لڳاسين ۽ ڪجهه سفر ڪرڻ کان پوءِ مين روڊ ڇڏي ڀالوا ڳوٺ ڏانهن مارويءَ جو کوهه ڏسڻ لاءِ وياسين وچ ۾ ڪجهه ڪچي جو مفاصلو طئي ڪري ڳوٺ جي گهرن وٽان گذرندا پُڇائيندا مارويءَ جي کوهه وٽ اچي پهتاسين. مار اڄ کان صديون اڳ اتهاسڪ دور ۾ عمر بادشاهه ماروي جهڙي سونهن جي ديوي کي هن کوهه تان کڻي وڃي پنهنجي محلاتي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو هو. عمر مارويءَ جو ڪلاسيڪل قصو مشهور آهي. جنهن کي سنڌ جي بادشاهه ڀٽائي سرڪار پنهنجي ڏات جي ڏياٽين سان روشن ڪري امر ڪري ڇڏيو آهي مارويءَ جو کوهه اڄ به ڄڻ ته ماروي جو اوسئيڙو ڪندي سندس وارياسي راهه نهاري رهيو هو. جتان ماروي جهڙي سونهن ۾ نفيس چنچل، معصوم پنهنجن سهلين سان پاڻي ڀرڻ ۽ پنهنجي مال کي پاڻي پيئارڻ لاءِ ايندي هئي. ڀٽن جي گود ۾ ڀالوا جو ڳوٺڙو جنهن جي چوطرف رُڃ جا پڙاڏا روح کي اُداس ٿي ڪري ڇڏيائون. اهو ئي کوهه مارويءَ جھڙي خوبصورت وينگس ۽ ڪلاسيڪل ڪردار جو اکين ڏٺو شاهد آهي جنهن عمر بادشاهه جي ڏاڍائي کي به پنهنجن نماڻن نيڻن سان ڏٺو هوندو ته نه ڄاڻ ڪيترين حسينائن جي زلفن جي ڇانوَ مَٿس رهي هوندي ۽ ڪيترن اُڃايل مسافرن ۽ گلاب جهڙن چپڙن سندس مِٺو ۽ ٿڌو پاڻي پي اڃ اُجهائي هوندي. اڄ اهو کوهه خود سراب جئين سُڪي ٺوٺ ٿي ويل لڳو ۽ رُڃ جي ويرانين جي ويچارن ۾ ويڙهيو پيو هو. سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن، آثارن جا اهڙا حال ڏسي پنهنجي قومي بي حسي تي انتهائي گهڻو افسوس ٿيو. مارويءَ جي کوهه تان ڀرجي آيل اکيون کڻي هڪ سرد آهي ڀري واپس ورياسين. ائين ٿر جي سفر جا رنگ، روح ۾ سمائيندا، اکين کي ٿڌو ڪندا، پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندا. اوچتو ڀٽن جي آغوش مان نڪري اسان جي ڪار ٿــر جي رِڻ واري ميدان مان نڪتل روڊ تان ڊوڙڻ لڳي ۽ اسان جي پاسي کان دور دور تائين رڻ جي چمڪندڙ چادر وڇايل نظر آئي، ڪارونجهر جي ڪناري ٿـــر جو رڻ سفيد واريءَ سان سراب جي اڃايل تصوير لڳي رهيو هو. دور تائين رڻ جو وسيع ڏيک اُڃ جي احساس کي وڌائي رهيو هو. پاري ننگر تاريخ جو مشهور بندرگاهه هو. ڪارونجهر جي ويجهو سمنڊ پنهنجي هانءُ ڏهڪائي ڇڏيندڙ گجگوڙ سان پيو گجندو ۽ ڇوليون ماريندو هو. چون ٿا ته تاريخ ۾ ڪو وڏو سامونڊي زلزلو آيو هو. جنهن سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ۽ سمنڊ پُٺيان اڄوڪو رڻ ڇڏي ننگر جي بندر کي ويران ڪري هليو ويو. هي رڻ ايترو ته ڦهلاءُ ۾ وسيع آهي جو اُن جو رڳو هڪڙو حصو هن مهل ٿر ۾ آهي. باقي ٽي حصا ڀارت جي حصي ۾ آهن . ٿَــر جي رڻ جي پکيڙ ست هزار چورس ميل آهي سڪندراعظم جڏهن سنڌ مان گذريو هو تڏهن ٿَــر جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو . ائين ننگرپارڪر جي ويجھو ڀوڏيسر جي تاريخي ۽ اُجڙيل مسجد جي حاضري ڀرائڻ لاءِ مين رستي کان لهي وياسين. اُتي کوڙ ساري ساواڻ نظر آئي ڳوٺ جي وچان رستي تان گذرندا عجيب ماحول جا رنگ پسندا .ڪنهن اسڪول جي سرڪاري بلڊنگ جي ڀرسان ڀوڏيسر جي تاريخي مسجد جي سامهون پُهتاسين ڪا طلسماتي حيراني ۽ ويراني هانءُ کي ڌوڏي رهي هئي. ”هي تاريخي مسجد محمود شاه (بيگڙي) بن مظفر شاهه غياث الدين _ سن 1505ع هيٺ نسبت 1562ع ۾ جوڙائي هئي“. مسجد جي آڳنڌ تي پُهچي مسجد چوڏس نظر ڦيرايم. خماريل شام جي خاموشي، هوائن ۾ خرمست گھوڙن جيان ڊوڙندڙ ڪڪر، هوائن جا کيپ، مسجد جو الف ليلوي منظر، مسجد جي پُٺين پاسي وڏا وڏا ۽ گھاٽا ساوا وڻ . انهن تي مورن جا اکين کي جهومائي ڇڏيندڙ رنگ برنگي پَر. سچ ته اُن حسين منظر منهنجي روحاني ڪيفيت کي وڌيڪ جُهڙالو ڪري ڇڏيو. دليپ ڪوٺاري، ستار سندر، غفور مَري ۽ مون ان جي فني حُسن جي حوالي بابب ڪچهري، ڳالهيون، ڪندي، موسم ۽ ماحول کان لُطف اندوز ٿيندي ڪئيمرا سان ڪجهه يادگار تصويرون پڻ ڪڍيوسين. مسجد ۾ هڪ ڦاٽل تڏو ۽ ڦٽل جارن ۾ سالن جو اُجهاڻيل ڏيئو نماڻين نابين نگاهن سان ڄڻ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو. اوچتو ڪنهن ڪنهن مهل وڻن مان ڪنهن اُڃايل مور جي ڏک جي رنگن ۾ ٻُڏل دانهن/ رڙ هانءُ ۾ وڍ وجهندي ڏهڪائي ٿي ڇڏيو ڀدرشير ننگري، جنهن کي اڄ ڪلهه، ڀوڏيسر چون ٿا. سا ننگر پاررڪر کان ٻه ميل اُتر اُلهندي ڪارونجهر جي آغوش ۾ ڏاڍي سونهي رهي هئي. ڀدريشر جي جهونن کنڊرن جو جلوو پسي ائين پئي ڀاسيو ته ڪو وقت هو جو اتي ڪي تمام خوشحال انسان رهندا هئا. سنڌ جي تاريخي ماڳ کي جُهڪي سيس نمائي واپس ننگر ڏانهن نڪتاسين. حَسين روڊ جي ويڪري ڇاتيءَ تي ڊوڙندڙ ڪار ننگر جي نگهباني ڪندڙ جبل جي نظر ايندڙ پري کان ڪور ويجهو پئي ٿيندي وئي. جيئن، جيئن ويجهو پئي ٿياسين، ننگر جي سونهن جو سحر وڌندو پئي ويو. ائين ننگر پُهچڻ کان پهرين ويرا واهه چيڪ پوسٽ وٽان گذرڻو پيو هو جتي اسان کي بيهاري پُڇا ڳاڇا ۽ چيڪنگ ڪئي وئي. ننگر جي ويجهو ٿيندي پري کان ڪارونجهر جبل جو حَسين ڏيک روح ۾ لهندو ئي ويو. پري کان روڊن جي ڪناري فصلن جي پوک، سائو ويس ڍڪيو، جهڙالي هوائن ۾ رقص ڪري رهي هئي. ڪارونجھر اڏولتا، هشمت جي علامت پنهنجن سمورن فطري رنگن سان نروار پئي ٿيندو ويو. ائين ننگر ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين وري ٻيو ڀيرو چيڪ پوسٽ جي قانون کان گذرڻو پيو. ۽ افسوس ٿيو ته ڌرتيءَ ڌڻين سان ائين ورتاءُ پيو ڪيو وڃي ڄڻ اِهي هِت اجنبي ۽ ڌارياهجن ۽ اهي سرحدن جي محافظي ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ امن امان جو ماحول پيدا ڪرڻ جي آڙ وٺي سنڌ جي بجيٽ تي ڌاڙو ۽ سنڌ جي سڀني شهرن ۾ هاڻ داليون ، چڻا ، جنرل اسٽور ۽ ٻيا دُڪان کولي عام شهرين جي معيشت تي قبضو ڪري پئسو ڪمائيندڙ ڄڻ سنڌ جا اصل وارث هجن. جيڪي شهرن مان ايندڙن سان ائين ٿا پيش اچن. اُهي مقامي ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا . نيٺ ننگر پار جي ننڍڙي الڳ،الڳ ڏيک ڏيندڙ شهر جي رستن کان ٿيندا ننگر جي ننڍڙي رستي بازار ۾ داخل ٿيا سين. اُتي مُڪمل شام جي حسين پاڇن ننگر جي بازار کي ڀاڪرن ۾ڀري ڏاڍو پُر رونق بڻائي ڇڏيو هو مٿان وري آڪاس تي ڇمر ڇاٽ ڪرڻ جي ڄڻ ته ويجھو اچي پُهتا هئا . اسان دليپ ڪوٺاريءَ جي بابا سائين تهلاش مل ۽ ڀاءُ اشوڪ ڪمار سان سندن ڪريانه جي دوڪان تي ملياسين ۽ بلڪل دوڪان جي ويجھو دليپ جي گھر جي ڀر ۾ وسيع اوطاق جي لوهي گيٽ جي دروازي مان اندر داخل ٿياسين. اوطاق بلڪل ڪارونجھر جي هنج ۾ آجيان ڪري رهي هئي . هٿ منهن ڌوئي منجھند واري ماني جيڪا دليپ جي بابا دليپ جي ننگر ۾ دوستن سان اچڻ واري اطلاع تي تيار ڪرائي ڇڏي هئي. کاڌيسين . چانهه پي ٿڪ ڀڃي ، ڳالهيون ٻولهيون ڪري ڪارونجھر کي اُن جهڙالي موسم واري شام جو ڏسڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيا سين. اوطاق کان نڪري سامهون بازار جي سنهڙي گھٽي وٽ اچي ٿورو ڪجھه قدم ڀري چؤطرف ڪجھه دوڪانن جي وچ تي گولائي ۾ ڪجھه ”اِسپيس“ جو نظارو ڪندا ڪارونجھر ڏانهن هلڻ لڳاسين. ڪارونجھر ڏانهن ويندي واٽ تي جين ڌرم جو هڪ عاليشان مندر ڏٺوسين. پاري ننگر ۾ جين ڌرم جا خاص مندر هئا آبُو ۽ اُن جي آس پاس به جينين جا مندر آهن. پارڪر جينين جو وڏو خاص مرڪز هو. جتي مندر سان لاڳو هڪڙي خاص جڳھه ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا .اڄ تائين اها جڳھه موجود آهي. جنهن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون اُڪريل آهن جيئن ته جين ڌرم جا ڪُل چوويھه پيشوايا ڌرم نيتا گذريا آهن. جن ۾ يارهين نمبر تي آيل پيغمبر ”شِري انشاناٿِ“؛ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. انشاناٿ ساريءَ سنڌ ۽ هند ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪيو، کيس پنهنجي زماني ۾ اُهوئي پد حاصل هو . جيڪو مهاوير کي سندس سمي ۾ حاصل هو. انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرهن سو سال اڳ جو آهي. ”جيئن موهن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو. جين ڌرم جي شروعات ٿي . اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيه گذري چُڪا آهن سندس رهڻي ڪهڻي سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو . سندس ديهانت اولھ بنگال ۾ ٿيو. ”اهڙين عظيم هستين جي عبادت گاھ کي ڏِسي افسوس سان شديد حيراني پِڻُ ويڙهي وئي. افسوس اِن ڪري جو جنهن مذهبي عبادت جي جاءِ جي ايڏي تذليل ۽ بي حُرمتي ۽ اُهابه اسلامي رياست ۾ . اصل ۾ هئڻ ته ائين گھرجي ها ته انهن مندرن يا تاريخي ماڳن“ مڪانن جي سرڪار طرفان مڪمل طور سارسنڀال هئڻ گھرجي ها. ۽ انهن مندرن عبادت گاهن کي احترام جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ها پر اُهو ساڳيو افسوس جو اُهي مندر بي ڌياني ۽ مذهبي جُنونيت جي ور چڙهي گندگيءَ جو شڪار ٿي تباھ ۽ برباد ٿي چڪا آهن . حيراني جي حوالي سان مندرن جي اڏاوت جي عمارت جي ھُنري خوبي؛ اُن جي مضبوطي . مندر اندر آرٽ جي نفيس چٽسالي اُن جي بيهڪ ۽ مندر جي ڀرسان هڪڙي حال نُما وڏي گڏجڻ جي جاءِ ڏسي دل باغ بھار ٿي پئي توڙي جو انهن مندرن کي صديون گذري چُڪيون هيو. پر پوءِ به هو پنهنجي عظمت ۾ اڄ به عليشان نظر پئي آيا. ڪيڏين مُحبتن ۽ مُحنتن سان انهن عظيم عليشان عمارتن کي بڻايو ويو هوندو. ۽ ڪئين نه مندر جي مورتين، درن، ديوارن، گنبذن ۽ انهن تي آرٽ جي شاهڪارن، جنين جا عبادت ۾ ملبوس آواز ۽ لفظ ٻڌا ۽ انهن جا چهرا ڏٺا هوندا. اُڄ اُهي تيسپا جا ماڳ ۽ مڪان وقت جي بي حسين جي ورچڙهي. ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهيا آهن. مندر جو ديدار ڪري پٿريلو رستو وٺي ساين وڻن جي هوائن ۾ جهومندڙ چهچ ساين ٽارين کي ڇُهندا ڪارونجهر جي خوش نما، وسيع دامن ۾ هڪڙي اوچي ۽ ويڪري سونهري پٿر تي وڃي ويٺاسين. جُهڙالي شام جو اهو منظر، ماحول، منهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺل پهريون ڏيک هو. ڪارونجهر پنهنجي سون ورني رنگ سان بادلن جي سليٽي عڪس ۾ ڪلاسيڪل رومانوي ڪردار سڏونت جي محبوبه سارنگا جي هرڻيءَ جهڙين نيڻن ۾ ڪجل جيان ڀاسي رهيو هو. مختلف قسمن جا جانور پنهنجو چارو چري رهيا هئا. ٿڌيون پُرڪيف هوائون ساري فضا کي خواب نما بڻائي مخمور رڪري رهيو هُيون. شام جي وڻندڙ ماحول ۽ خاموشيءَ ۾ اوچتو دور ڪارونجهر جي ڪنهن ڪُنڊ مان مورن جون مينهن کي سڏيندڙ رڙيون ايڪوسائونڊ وانگر خلائن ۾ گونجي ٿي ويون. سچ ته منهنجي اڳ ئي ڏکياري دل ۾ هڪڙو عجيب گونگو درد ٿي اُڀري پيو. ڪارونجهر جبل جي حسين بيهڪ ۽ اُن جي پٿر جي نرالائپ ڏاڍي وڻندڙ هئي. ”هي جبل ننگرپارڪر شهر جي چوڦير، گولائي قطار جي صورت ۾ ڏکڻ ۽ الهندي پاسي اٽڪل سورهن ميلن ۾ پکيڙيل آهي. ان جي اوچي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ هزار ڦُٽ مٿي آهي. جتي تروٽ صاحب جو ٿلهو ٺهيل آهي. جنهن کي ”صاحب چڱو“ ڪري چوندا آهن. منجهس ڪيترائي پانڊون جي نالن جا نيشان آهن. جيڪي ڏسڻ وٽان آهن هن جبل ۾ ڪيترائي قديم آستانه آهن چون ٿا ته ڪورون جڏهن پانڊون کي 13 سال ديس نيڪالي ڏني هئي. تڏهن پنج ئي پانڊون ڪجهه وقت ڪارونجهر جبل ۾ اچي رهيا هئا. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي جبل مان گگر ۽ ماکي، مختلف ٻوٽيون، ڪاٺيون وغيره مزور ماڻهو جام آڻي وڪرو ڪندا آهن. تنهن ڪري عام چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو.“ يعني هن جبل جي ايتري پيدائش آهي جنهن جي قيمت سوا سير سون جي برابر آهي. هن جبل مان قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون. جيڪي هتي جي ماڻهن لاءِ دوا طور ڪم اچن ٿيون. مثلن کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شوجتي، اٺ ڪنٺي، اٽنگڻ، لاجونتي، گوگڙو، وغيره هن جبل ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر گوگڙو جهڙو نظر ايندو. اونهاري جي موسم ۾ ڪڏهن، ڪڏهن جبل مان زوردار آواز ٻُڌبا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ جبل گندرف سان ڀريل هجي. برسات جي موسم ۾ جبل تان اٿاهه پاڻي سمنڊ جيان وهي هلندو آهي گوڙ درو ۽ ڀٽياڻي نديون به هتان نڪرن ٿيون اُهي ٻئي نديون پاڻيءَ سان ٽمٽار وڃي ٿيون پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙڪن. جيڪڏهن انهن ندين تي بند ٻڌي پاڻيءَ کي پوک لاءِ گڏ ڪيو وڃي ته پارڪر کي جيڪر ڪڏهن به ڏڪار سان دوچار ٿيڻو نه پوي ڪارونجهر جبل ۾ سار (گدڙ) چراخ (جرک) جانور (بگهڙ) مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ۽ پکي رهندا آهن.“ اهڙيءَ ريت ڪارونجهر جي ڪائنات ۾ کوڙ ساري دير هلڪي اَنڌيري ٿيڻ تائين ڪارونجھر جي آغوش ۾ سُڪون ماڻي اُٿياسين. ڪارونجھر جي ڪور تائين وسڻ جا ويس ڪري اُڏامندڙ ڪڪر ڪارونڀار سپني ۾ سُرمئي ساحل جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. ۽ ڪارونجھر جي ڪور تان سنڌ جي بهادر ڪردار روپلي ڪولهي جا نماڻا نيڻ الوداع چئي مسڪرائي رهيا هئا. ائين اُن لافاني درشن کي روح جي نيڻن ۾ سمائي واپس دليپ جي بيٺڪ تي آياسين ۽ ڪارونجھر جي سونهن سوڀيا ۽ ٿر جي حالتن تي ڪچهري ڪندا رهيا سين رات جي ماني کائي ٻاهر چڪر هڻڻ لاءِ اُٿڻ وارا ئي هياسين ته بجلي هلي وئي . ۽ سڄو ننگر رات جي اونداهي ۾ گُم ٿي ويو . پر ايڏي گُهگهه، اونداهيءَ ۾ به ڪارونجهر پنهنجي روپ جي روشنيءَ سان نروار بيٺو ننگر جي نگھباني ڪري رهيو هو . ۽ آسمان تي ڪڪرن جي ڪٿان ڪٿان ڦاٽل چادر مان ستارا اکيون ڀڃي مُسڪرائي رهيا هئا. چنڊ جي ٻيڙي بادلن جي بادبان سان جھومندي ڪارونجهر جي گھنگھوري گھاٽ تان گذري رهي هئي. اسان بيٺڪ کان ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي ننگر جي بند پيل بازار جي سَنهڙي گھٽيءَ ۾ آياسين جِتي دليپ وارن جو دُڪان هو . جتان اسان کي دليپ جي بابا سائين گھُپ اُنداهي مان دور هلڪي روشني جي جھيڻي ٽمٽماهٽ ڏيکاريندي چيو ته اِها لائٽ راجسٿان (انڊيا) جي آهي . سچ ته ڀارت جي ڌرتيءَ تان روشنيءَ جي صورت ۾ ڪنهن شيءِ کي ائين دور کان حقيقت ۾ ڏسڻ مون لئه پهريون موقعو هو. مان مُسلسل اُن جھيڻي روشنيءَ کي گھوري رهيو هئس جو اوچتو لائٽ اچي وئي . ۽ دور دور کان جهيڻي نظر ايندڙ لائٽ گُم ٿي وئي. اسان ٻاهر چڪر هڻي موٽي اچي بيٺڪ جي فرشيلي آڳنڌ تي گھلندڙ ٿڌڙي هوا ۾ کٽن تي وڇايل بسترن تي ڪارونجھر جي آغوش ۾ آهلجي پياسين . سڄي رات ننڊ جي گلابي احساس ۾ رنگين خوابن جا عجيب ، عجيب خاڪا جڙندي گذري . صبح جو سوير جھُڙ جي چادر چيري سِج ڪارونجھر جي ڪور تان ڪُر کڻي ، اسان کي صبح جو سلام ڪيو. ۽ اسان اُن جادوئي فضا ۾ وهنجي تيار ٿي ناشتو ڪري چاچي محمد ڪُنڀار جون خدمت گذاريون ساراهيندي ننگر مان ڪِرائي تي فور ويلڊ جيپ ڪرائي . پنهنجي ڪارِ اُتي ننگر ۾ ڇڏي ڪاسبي ڏانهن نڪتاسين . ڪاسبو ٿر جو اُهو حسين ۽ سرسبز علائقو (ڳوٺ ) آهي، جيڪو ٻاروهي زرخيز، سدا آباد ، ۽ ساوڪ جو ويس ڍڪيل خواب نُما رهندو آهي ڪاسبي ڏانهن ويندي گوڙدرو نيئن جي ڪپ تي اُن تاريخي ۽ عظيم جاءِ کي به سجدو ڪيوسين جت سنڌ جي بهادر باغي، ۽ تاريخ جي ارڏي ڪردار روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏني وئي هئي. اڄ به نديءَ جي ڪپ تي اُها جاءِ اڏولتا ۽ ارڏائي جي عظيم نشاني طور ياد ڪئي وڃي ٿي. انگريز گورن سان مهاڏو اٽڪائندڙ هي جوڌو جوان سنڌ جي تاريخ جو هڪ يادگار ۽ امر ڪردار آهي. ”سوڍن جي راڻي ڪرڻجئي“ جو انگريز سرڪار سان جهيڙو هلندڙ هو. آخر بغاوت جي باهه ڀڙڪي اُٿي ۽ 19 جون 1859ع ۾ راڻي ڪرڻجئي ڀڄي ڪارونجهر جبل ۾ پناهه ورتي. جتي اُن کي سندس هڪ گهرو دوست ڪاسبي جو لُهاڻوسيٺ مهاوجي، هلنس پري ٻائو ۽ روپلو ڪولهي کاڌي جو سامان رسائيندا هئا ۽ خبر چار ٻُڌائيندا هئا. پارڪر واري ڀاڱي جي اُن وقت جي انگريز ايجنٽ ”تروٽ“ کي خبر پئي. تڏهن روپلي ڪولهي کي جاگير جي لالچ ڏنائين ته راڻي جو ڏسُ ڏئي. مگر هُو وفادار هو. تنهن چيو ته مون کي ڪا خبر ڪانهي پوءِ کيس ڏاڍي مارڪُٽ ڪيائون هٿ جي ترين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي وٽيون ٺاهي. باهه ڏنائون تڏهن به روپلو پنهنجي ست تي ثابت رهيو“. ڪاسبي ڏانهن هلندي وچان پٿريلي ۽ وارياسي رستي جي ٻنهي پاسي، دل لُڀائيندڙ ماحول ڇا ته سحر انگيز هو. ٿري عورتون پنهنجي خاص لباس ۾ ملبوس گهڙا کنيون، قطارن ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪنهن کوهه تان جُهڙالين هوائن ۾ ساون کيتن منجهان جهومنديون، ڊيلن جيان ٽلنديون وڃي رهيو هُيون. سانورين ٻانهن ۾ عاج جا اڇا ڪنگڻ پاڻ ڏانهن متوجه ڪري رهيا هئا. ته ڪٿ وري کوهه تي ٻارن ۽ عورتن جا ميڙ، پاڻي ڀرڻ ڪاڻ کوهه مان پاڻيءَ جا ڀريل ڏول ڇڪي ڪڍي رهيون هيون. ساون کيتن تي مست هوائن ۾ اڇن پکين جون آزاد اُڏارون، دور کان ڪارونجهر جي سون رنگي ڪور، واهه! ڇا ته قدرت حُسن جو شاندار ميلاپ ڪيو هو. ڪاسبي جي ڳوٺ ۾ پُهچي ڪجهه جهونن هارين سان ملياسين. جيڪي اُتي آباد زمينن تي هارپو ڪندا هئا. ٽيوب ويل ذريعي پاڻيءَ سان زمينن کي آباد ڪيو پئي ويو پري پري تائين ساون فصلن جا سِلا هوائن ۾ لڏي ڄڻ اسان جو آڌرڀاءُ ڪري رهيا هئا. پکي پنهنجي مستين موجن ۾ آزاد، پرسڪون فضائن ۾ پنهنجا پر پکيڙي خوابن جهڙيون اڏارون اُڏري رهيا هئا. جهومندڙ فضلن جي ڀر ۾ شوِ جي مندر ۾ داخل ٿياسين مندر جي پروهت هٿ جوڙي پرڻام ڪيو ۽ اسان به موٽ ۾ هٿ ٻڌي پرڻام ڪيو. ڪاسبو پنهنجي روح ۾ مورن، ڊيلن ۽ قسمين، قسمين پکين ۽ زرخيزيءَ جي ڪائنات ڀاسيو. شوِ جي مندر جي چوديواري آڳند) جيڪو وڻن ۽ ٻوٽن سان جهنجهل هو.) ۽ مندر جي پوئين پاسي وڻن جي جهنگ نما گهاٽن جُهڳٽن ۾ رڳو مور ئي مور پنهنجا انڊلٽي پر پکيڙيون اکين کي ٺاري رهيا هئا. اهڙي ماحول ۾ مورن جي پرن جا خوابن جهڙا رنگ هوليءَ جي ياد ڏياري رهيا هئا ڄڻ قدرت مورن جي رنگن سان هولي کيڏي رهي هئي. مور مستيءَ ۾ جڏهن پنهنجن پرن جي رنگين پکيڙ ڪري رهيا هئا ته ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سندن پرن جي رنگن ۾ هيءَ سموري ڪائنات سمائجي چڪي آهي. اکيون رنگن جو حصو ٿي بڻجي ويون ۽ خبرئي نٿي پئي ته اکيون ۽ رنگ ڪٿي ۽ ڪهڙي مهل الڳ ٿين ٿا. هي منهنجي زندگيءَ جو هيل تائين حقيقت ۾ ڏٺل عظيم تر ۽ پوتر ڏيک هو. مون ان کان اڳي ائين روبرو ساڀيان ۾ ايترن سارن مورن جا گڏيل رنگ انهن جي پرن جي پکيڙ، انهن جو مستانو ناچ، انهن جون اڏارون ڊوڙون ۽ ٽهوڪا هڪ شاعر جي نگاهن سان پهريون ڀيرو ڏٺا هئا. مندر جي گُنبذ تي مور، ڇت تي مور، بلڪ اُتي ته ڪو، ڪوهه قاف جو جادو نما ڏيک هو. مون کي ائين ڀاسي رهيو هو. ڄڻ منهنجو پهريون جنم اڄ ئي هن شو جي مندر ۾ ٿيو آهي. ۽ اڄ ئي پنهنجي جسم جي رت ۽ ست ۾ روحاني سگهه محسوس پئي ڪيم. دل جي خواهش هئي ته مورن ڊيلن ۽ ٻين پکين کي هٿ هڻي سندن پرن جي نفاست کي محسوس ڪيان. پر انهن جي وجهو وڃڻ سان ئي اُهي سڀ مور پکي خوف کان ئي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي ٿي ويا. يا وري ڊوڙي ڀڄي ٿي ويا. مندر جي پروهت ٻڌايو ته ابا! اِهي ساڳيا مور ۽ پکي هت انسانن سان گڏ بنا خوف پيا هلندا گهمندا هئا ڪو به خوف خطرو ڪونه هوندو هُئن پر جڏهن کان، اهي بارڊر تي ڪارين ۽ خاڪي وارين وارا هت آيا آهن. تڏهن کان اِنهن مورن ۽ ٻين معصوم پکين ۽ جانورن کي ماري کائڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان اهي سڀ جيو انسانن کي ڏسڻ سان ئي خوف کائي ڀڄڻ/اُڏامڻ لڳا آهن. مون ڏٺو ته مورن، پکين ۽ پري پري هراسيل جانورن جي نيڻن ۾ ورديءَ وارن جو ڏهڪاءُ لياڪا هڻي، سندن معصوم، پاڪ، امن پسند علامتن کي گهائي رهيو هيو. ڊيلن جو ڊوڙون، مورن جا رنگين منظر، پکين جون پروازون، جانورن جا جٽادار جلوا، شِوَ جي مندر جو شاندار ڏيک، اُتان جي رهاڪن جي سادگي، خلوص، روح رهاڻ، ساون کيتن جي سونهن، جُهڙالين پُرڪيف هوائن جي هُٻڪار، چوڏس وڻن جي ٿڌي وڻڪار، مطلب ته اُهي سڀ تصويرون، احساس، تصور ڪيميرا جي اک ۾ سانڍي، شِو جي مندر کان ٿورڙو پرڀرو راماپير جي مندر جو درشن، جَهٽڻ لاءِ واريءَ تان هلندا پهتاسين. هي مندر، شِو جي مندر کان ايراضيءَ ۾ ڪافي ڦهليل هو. جتي پڻ اُن جي جهوني، تاريخي ڪردار، پروهت سان ملياسين. مندر ۾ وڃي رام، رام ڪئي سين. اُن جي فني بناوٽ کان متاثر ٿياسين، تصويرون ڪڍيوسين ائين واريءَ تان پنڌ ڪندي جيپ ۾ چڙهي ڪاسبي جي تاريخي ڪائنات کي الوداع ڪري واپس ننگر ڏانهن روانا ٿياسين. موسم جي مهرباني جيڪا گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسان جي تڙپندڙ ۽ ڀٽڪندڙ روح تي جُهڙالين هوائن ۽ ڪڪرن، جي گهاٽي ٿڌي ڇانوَ جي روپ ۾ ڪرم نوازي ڪئي هئي. اُها هِن سفر جي سونهن ۾ سورنهن سينگارن جيان وڌيڪ اضافو هئي. نه ته وسڪاري کان اڳ تپندڙ ٿر، جو ائين خوش نُما سير ڪرڻ مان ته سمجهان ٿو. ڏاڍو مُشڪل ۽ اڻ وڻندڙ ٿئي ها. مون کي ياد پيو اچي ته جڏهن اسان نواب شاهه مان مٺيءَ لاءِ روانا ٿيا هئاسين ته اُن وقت نواب شاهه تي آڳ اوڳاڇيندڙ سج جي ٽچڪندڙ اُس جي گرميءَ مون کي تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو هو. ته مان ڪئين هي سفر ڪري سگهندس توڙي جو ڪار ۾ فُل اي.سي هئي پر گرميءَ جي شدت جي ڪري اُها به ڀرپور ڪولنگ نه ڪري رهي هئي پر خدا جو شان جو جُهڏي ۾ پُهچندي ئي خوشگوار موسم جا سنيها گهلندڙ ٿڌڙين ۽ جُهڙالن هوائن ڏنا. سچ ته ٿر جو جيڪو به سفرڪيوسين اهو به بنا اي.سي. جي ڇا ڪاڻ جو اهڙي موسم کي ڪارن شيشن جي نظرن سان ڏسڻ قدرت جي ڪمال سان ناانصافي ٿئي ها. ڪاسبي مان ننگر واپس موٽي سامان کڻي دليپ جي بابا تهلاج مل، ڀاءُ اشوڪ ڪمار ۽ اسان جي خدمت ڪندڙ محمد ڪُنڀار کان ڀاڪر پائي موڪلائي، ننگر جي سنهڙي بازار جي گهٽي ۽ رستن کي نينهن سان نهاريندي ساڳي رستي تان واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسين. واٽ تي دليپ ڀٽياڻي نديءَ جو به بدرشن ڪرايو، جنهن جو ڇوڙ ڪارونجهر جبل جي پريان ڪڇ جي چمڪندڙ، سفيدرڻ ۾ ٿيندو آهي. اُهو رڻ سرحدي ڪڍيل لڪير جي ڪري انڊيا جي ٿر يعني راجستان کان الڳ آهي. سٺ ڏهاڪا اڳ اهو هڪ ئي خطو هو ۽ تاريخ ۾ به سنڌ جو ڦهلاءُ انهن حدن تائين هو. اڄ به انهن ٻنهي حصن ۾، ٿر ۽ راجستان ۾ ڪلچرلي هڪ جهڙائي لڳ ڀڳ ساڳي آهي. پر افسوس جو مذهبن جي بنيادن تي ٿيل وراثت ڌرتيءَ سان گڏ انساني رشتن ناتن کي به ورهائي الڳ ڪري صدين جي گڏيل جياپي کي ڪُچلي ڇڏيو آهي. هُونءَ به فطرت هميشه پنهنجي اصل ڏانهن موٽندي آهي. توڙي هٿ وٺي ڪيل تبديلون ڪيتريون به مضبوط هُجن يا گهڻي وقت تائين مڙهيون وڃن پر فطرت جو قانون آهي ته اُها پنهنجي وڃايل، زوري ڌار ڪيل حصي کي پائي اُن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي. ننگر پارڪر کان واپس موٽي مِٺي آياسين. هوٽل تي هٿ مُنهن ڌوئي چانهه پيتيسين. اُتي هڪ شاعر دوست اشرف درس سان ملاقات ٿي. جنهن جي اسرار تي ريڊيو پاڪستان مِٺيءَ لاءِ انٽرويو ڏنم. ٿڪاوٽ ۽ موڊ نه هئڻ جي باوجود به اشرف جي مُحبتن ۽ عزتن اڳيان آڻ مَڃڻي پئي. ائين مٺيءَ مان دليپ ڪوٺاري، صادق فقير ۽ اشرف درس کان موڪلائي، سندن مُحبتن ۽ عزتن کي سنڀاريندا لڳ ڀڳ چَئين ڌاري کن چيلهار رستي عمر ڪوٽ ڏانهن سفر شروع ڪيوسين. خوبصورت، صاف سُٿري روڊ جي ٻنهي پاسي وڏيون، وڏيون ريتيليون ڀٽون، ڀٽن تي هلڪي وسڪاري سبب ڪٿ، ڪٿ ساواڻ جا رنگ ۽ موسم جا مڌمات مزا، سچ ته فلمن ۾ ڏٺل يورپ جي حسين منظرن کان ڪنهن طور تي به گهٽ نه هئا. چيلهار جي سرسبز ۽ من موهندڙ ڳوٺ جي سونهن جي نرالائپ کان مُتاثر ٿيندا. چيلهار جي ويجهو ڪِٿ دل لڀائيندڙ پڪنڪ پوائنٽ (قدرتي طور تي) راڻا سَر جي ترائي ڏانهن پُڇائيندا روڊ کان هيٺ لٿاسين. عجيب قسم جي مٽيءَ نُما وارياسي رستي تان هلندا، واريءَ مان ڦٽي نڪتل پاڻمرادو ٻنهي پاسي ساواڻ جي سائي مان گُذرندا سامُهون وڏين ڀِٽن جي گود ۾ راڻا سَر ترائي جو ڏيک روح ۾ لهي ويو. ترائي جي ڪنڌيءَ تي هڪڙي پاسي ساوا گهاٽا وڻ تيز هوائن ۾ لُڏي رهيا هئا. ترائي جي سون رنگي پاڻي ۾ آڪاس پنهنجو، سُرمائي ويس ڍڪيو عڪس ڏسي رهيو هو. ۽ عجيب عڪسن کي ڇُهي رهيو هو. اُوچا ڪَرَ کڻي بيٺل چوطرف ڀٽون راڻاسر ترائي ۾ پاڻ کي اوچو ڏسي رهيو هيون ترائي ۾ وهنجندڙ نوجوان ٿڌي پاڻي ۾ تري، ٽٻيون هڻي، پاڻي ۾ لهرون پيدا ڪري. ماحول کي دلچسپ بڻائي رهيا هئا. اسان به ڪجهه دير ترائي جي ڪنڌيءَ تي لڏندڙ وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي. اهڙي حسين نظاري کي ڏسي مزو ماڻيوسين. ترائي جي ٿڌي پاڻيءَ مان هَٿ، مُنهن ڌوتاسين ۽ وقت جي ڪميءَ جي ڪري ڀٽن جي آغوش ۾ جهومندڙ ۽ هندوري جئين لُڏندڙ راڻا سرترائي کي پرڻام ڪري واپس عمر ڪوٽ لاءِ روانا ٿياسين. سفر دوران سنڌ جي قومي ۽ رومانوي شاعر، فقير مشن انسان حليم باغيءَ کي موبائيل تي رابطو ڪري کيس اچڻ جو اطلاع ڏنوسين. اسان سوچيو هو ته اڄ ئي حليم باغي سان مُختصر ڪچهري ڪري ڪجهه وقت ساهي کڻي چانهه چُڪو پئي ڪهڙي به حالت ۾ نواب شاه پُهچنداسين. ڇا ڪاڻ جو لڳ ڀڳ پنجون يا ڇهون ڏينهن ٿي چڪو هو گهران نڪتي. ائين عمر ڪوٽ پهچي حليم باغي سان ملڻ لاءِ ڪارونجهر هوٽل تي پُهتاسين جتي حيلم باغي ملڻ لاءِ چيو هو. اُتي پُهچي حليم جو پُڇايوسين. خبر پئي ته حليم اڄ هوٽل تي آيو ئي ڪونهي. موبائيل جو ٽرائي ڪئي ته اُها به بند. سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر حليم موبائيل بند ڇو ڪئي آهي. چارج ختم ٿي وئي اٿس يا شايد ڳالهه وسري وئي اٿس. بحرحال اسان کي به دير ٿي وڃڻ جي ڪري تڪڙ هئي سو اسان هوٽل جي ڪائونٽر واري کي حليم لاءِ نياپو ڏئي وياسين پئي ته حليم باغي ڪجهه دوستن سان اچي پُهتو ۽ ٻکين پئجي وياسين. حال احوال اورڻ کان پوءِ حليم بلڪل واضح ڪيو ته اڄ رات توهان نه ويندا ۽ رات منهنجي ڳوٺ روحل واءِ ۾ ڪچهري ڪنداسين. اُتي لڳ ڀڳ شام هوريان هوريان ڇَم ڇَم ڪندي شفق جي رستي سمنڊ ۾ لهي رهي هئي. ڳالهيون ڪندي حليم کان موبائيل بند هُجڻ جو پُڇيوسين. هن فقير ماڻهو، سادڙي مُحبتي انسان رڙ ڪندي چيو ته اڙي يار مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويوس. اُن ڪري موبائيل کي بند ڪرڻو پيو. نماز پڙهڻ کان پوءِ موبائيل آن ڪرڻ وسري وئي هُن موبائل ڪڍي کولي ڇڏي. هي ٿر جا سڪيلڌا، سٻاجها، سادا، کرا، سچا، محُبتي ماڻهو روح ۾ ڏاڍا، وسيع، گهرا ۽ اوريجنل آهن. ڪا به بناوٽ ڪين اُٿن. ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کائڻ، پيئڻ، ملڻ، جُلڻ، ڪٿي به مصنوعيت کان ڪم نه وٺن. بلڪ مان ته ائين چوندس ته هي ٿر جا سادڙا سانگي مصنوعيت جي مفهوم کان ئي واقف ناهن. سنڌ پنهنجي جوهر ۽ سونهن ۾ اڄ به تازي تواني ۽ سگهاري آهي ته اُن جو سبب اهڙا مُخلص، محبتي، من ۾ پيهي ويندڙ ماڻهو آهن. باقي اڄ جي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ نالي ۾ سنڌي سڏائيندڙ ته پنهنجي اصل حقيقتن کان پس پرده رهن ٿا. ۽ پنهنجي ذات سان به سچا ناهن. نيٺ حليم باغي جي پنهنجائپ ڀريي اسرار تي رات رهي پياسين. عمر ڪوٽ ۾ حليم باغي ۽ سندس دوستن سان گڏجي عمر جو ڪوٽ (قلعو) ڏٺوسين. ماروي جي عظمت، پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان اُنس ۽ اُڪير واري جذبي ۽ سچائي کي ساراهيوسين. حليم باغي عمر ڪوٽ جي تاريخي ڄاڻ پڻ ڏني. ٻُڌ ڌرم. جين ڌرم، هندو ڌرم، وغيره تي ڪچهري ڪئي سين. رات کي رنگين ۽ يادگار بڻائڻ لاءِ اسان حليم جي سنگت سان مَڌ جو ذڪر ڪيو. جنهن تي دوستن چيو ته بابا سائين وارن جي اوطاق لطيف جو اوتارو آهي پاڻ مَڌ کي هٿ به نه لائن باقي جنهن به سنگت کي پيڻو هوندو آهي. ته اچي پيئندي آهي. وڏي ڪچهري مچندي آهي. اسان جا ته وارا نيارا ٿي ويا. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ ڊڄندي، ڊڄندي حليم سان اهڙو حال اوريوسين. سائين به مُسڪرائيندي فقيري انداز ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي. ائين اهڙي حسين موقعي کي يادگار ۽ رنگين بڻائڻ واسطي وسڪي (مڌ) وٺي سِڌو روحل واءِ حليم باغي ۽ جُمن دربدر جي ڳوٺ ۾ پُهتاسين جيڪو عمر ڪوٽ شهر کان بلڪل ويجهو ٻن يا ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وارياسي ڀٽ تي هو. شام کان پوءِ هلڪي اُونداهه ۾ ڳوٺ ۾ پهچي اوطاق جي سامهون ڀٽ تي، کٽن تي ڪجهه دوست ويٺا هئا. جن ۾ سائين جُمن دربدر، حاجي ساند ۽ ٻيا دوست ويٺا هئا. (جن مان گهڻن جا نالا هن مهل ذهن تي نٿا اچن.) جن سان ملياسين. ڪچهري ڪندي مَڌ جو دور شروع ڪيوسين. آسمان ۾ کِجندڙ کنوڻ جي تجلن ۽ ٿڌين هوائن ۾ جام جي ڍُڪ ڍُڪ مان انڊلٽي رنگن کڙي سڄي ماحول کي رنگين ڪري ڇڏيو. حليم باغي جي شاعري ٻُڌڻ، سائين جمن دربدر جا ترنم ۾ پنهنجا ۽ ٿري گيت ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي سُريلن آوازن جي سُرن ۽ چرچن، ڀوڳن سچ ته اُن گهنگهوري رات کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. روحل واءِ جي اُها پُرڪيف جُهڙالي رات، مڌ ۾ ملي مهڪار جي وئي. ذائقي ۾ ڪڙو مڌ به سچ ته مِٺو، امرت نُما محسوس ٿيڻ لڳو. ۽ ذهن ڄڻ ته کيپن جي لهرن تي جُهومڻ لڳو. اهڙن خُمار آويز لمحن ۾ کوڙ دير تائين ٽهڪن، سُرن ۽ خوشين جا رنگ هوائن ۾ ڪيڏي نه رنگت وکيري رهيا هئا. دير سان ماني کائي اُتي ئي ڀٽ تي رکيل کٽن تي وڇايل بسترن تي ليٽي پياسين. مون آڪاش کي ڏٺو جيڪو اسٽيج ڊرامي جي پردن جيان ڪڪرن جا ڪيئي پردا مٽائي نوان نوان ڏيک ڏئي رهيو هو. صبح جو سجاڳي ٿي ته ڀنل ڀنل ڪنهن حسين مُک جهڙومن موهيندڙ سليٽي صبح جي نرالي روپ هلڪن مڌ جي خُمارن ۾ وڌيڪ خُماري ڇڏيو. آسمان تي ساڳي ئي جُهڙ جي جهالر هوا ۾ لهرائي رهي هئي. بلڪل سامهون روحل واءِ جو سرسبز، چٽو، ڌوتل پوتل ڳوٺڙو ۽ پاسي کان آباد سرسبز ٻنيون پنهنجي پوري حُسناڪي سان جلوا افروز هُيون. اهڙي سونهن ڏسي سوچي رهيو هئس ته هي ماڻهو ڪيڏا نه خوش قسمت آهن جو هِن نج فطرت جي وچ ۾ زندگي گذارين ٿا. ڪيڏا نه فطرت جا رنگ چوطرف پکڙيل آهن ائين صبح جو ٿڌڙي هير ۾ محسوس ٿيو ڄڻ جنمن جو سفر ڪري هت پُهتو هُجان. زندگي جو ڀرپور احساس روح مان ڦٽندو محسوس ٿيو. صبح جو وهنجي سهنجي تيار ٿي ماکيءَ مکڻ ۽ سبزي سان ناشتو ڪري حليم باغي، جُمن دربدر، حاجي ساند ۽ ٻي سنگت کان موڪلائي عمرڪوٽ کان ميرپور خاص پهتاسين ۽ پوءِ ميرپور خاص مان سانگهڙ. اهڙي طرح لڳ ڀڳ منجهندڌاري نواب شاه جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري گرميءَ ۾ پُهتاسين منجهند جو آرام ڪري، شام جي ٺرندڙ احساس ۾ ڪئميرا مان رول ڪڍرائي صفائي لاءِ ڏنوسين. اُن آس تي ته هاڻ ٿر جا سمورا حسين منظر جيڪي ساڀيان ۾ ڏٺا هئاسين انهن کي هاڻ تصويرن ۾ ڏسي پيا روح ۽ اکين کي تازو ڪنداسين. پر افسوس جو مٺيءَ مان ورتل ڪونيڪا جي رول ۾ صفائي کان پوءِ خبر پئي ته صرف چئن پنجن تصويرن جيتري نيگيٽو رول ۾ هئي جيڪا پڻ خالي پٽيءَ جي صورت ۾ هئي. اُن سفر دوران ستار سندر ڪجهه فوٽو موبائيل تي ڪڍيا هئا جيڪي ئي ڪجهه يادگيرين کي سهيڙڻ ۾ ڪامياب ويا. ۽ رُول جي چڪر ۾ رُلي اسان ٿر جي يادگار ۽ حسين ياترا جي حسين، جاين ماڳن مڪانن، لمحن ۽ دوستن سان نڪتل تصويرن کان محروم رهجي اُداس ٿي وياسين.

(22 مئي 2008ع)

مددي ڪِتاب:
ـــ پُراڻو پارڪر ــــ منگهارام اوجها