جنوريءَ جو هڪڙو سرد صبح
هُن بنيادي طور تي پئسي ڏوڪڙ جي حوالي کان بلڪل مسڪين هوندي به نواب شاهه شهر جي ڪنهن به ڊاڪٽر کي ڪو نه ڇڏيو جيڪو ساڻس نظر ۾ هو، پر سندس ذهني توازن جو بحال ٿيڻ ناممڪن بڻجندو محسوس ٿيندو هو. گذريل جنوري 2001ع کان وٺي مسلسل عجيب قسم جي هڪ خوف، دهشت، بيقراريءَ ۾ دوائون کائيندي به ڏينهون ڏينهن جڪڙجندو پئي ويو. مذهبي هئڻ جي ناتي سندس والدين هر قسم جا سنوڻ ڪرايا پر هُو هر روز صبح جو سوير اُٿندي ئي مرڻ شروع ٿيندو هو ۽ رات ٿيندي ئي ڪجهه ڪجهه جيئڻ جهڙو ٿيندو. هو ايئن هُو مسلسل اٺ مهينا حيرت انگيز ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيفيتن ۾ گذاريندو رهيو. هُن جي انهن اٺن يا نون مهينن ۾ گهڻو ڪجهه کاڌو، پيتو ۽ڪجهه پاتو هو ته اُهو کائڻ ۾ گوريون، پيئڻ ۾ شربت ۽ پائڻ ۾ ڊپ، ڊاءُ ۽ نه بچڻ جو احساس هو. اڪثر ڪري پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو ڪرسيءَ تي ويٺي ڏکڻ طرف ڪمري جي ڀت تي نه ٻرندڙ ٽيوب لائيٽ جي هيٺان پنهنجي ۽ پنهنجي دوست ستار سُندر جي سمنڊ ڪناري تي نڪتل تصويرن جي وچ ۾ سندس پهرين شعري مجموعي ”سمنڊ جي هُن پار“ جي ٽائيٽل جي مٿان سائين جي ايم سيد جي تصوير سميت ڏسندي (جيڪا هُن ڪراچيءَ واري پروگرام دوران ڪيڏي پيار ۽ پاٻوهه مان سج لهندي ويل ڪڍائي هئي.) سوچيندو هو ته اُن گهڙي مان ڪيڏو نه خوش باش هئس ۽ شام ويلي سمنڊ جي ڪناري پکين جون اڏارون ۽ ماڻهن جا ميلا ڪيڏا نه وٺندڙ ۽ دل لڀائيندڙ هئا. ڇا مان وري اُنهن ذهني حالتن ڏانهن واپس موٽي سگهندس؟! اهڙيون نااميدون ۽ مايوسيون سندس رنگينيءَ ۾ ملي اُن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. اهڙي حالتن ۾ رهندي نيٺ هو حالتن جي هڪ اهڙي اسٽيج تي اچي پهتو جو کيس دنيا جي ڪنهن به ڳالهه ۾ سڪون يا اطمينان نظر نه پئي آيو ۽ هو صرف خودڪشيءَ جو سوچي ئي بلڪل پاڻ کي پُرسڪون محسوس ڪندو هو انهن مڙني ڀيانڪ حالتن ۾ دوستن مان ساڻس ستار سندر جسم جي پاڇي ۽ روح جيان گڏ گڏ رهيو. جيڪو پڻ سندس ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻن جيان سمورو وقت پريشانين جي عالم ۾ رهندو هو. آڌيءَ هجي يا مانجهي هُو فون جي گهنٽي تي وٽس اچي پهچندو هو. اهڙين خودڪشيءَ وارين ڪيفيتن جي موسم ۽ هڪ رات هن سان سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ سندس دوست وسيم سومرو پنهنجن ننڍڙن ٻن پُٽن سراج ۽ سانول سان گڏ سُڌپوڻ تي ملڻ آيو. سچ ته اُها رات ۽ وسيم جو کيس ڪلاڪ ڏيڍ ويهي حوصلو ڏيارڻ وارو وقت هن کي گذريل ڀيانڪ حالتن ۾ پهريون ڀيرو مليو هو. هن کان پوءِ وسيم ۽ ستار سندس ڪنهن ماءُ جيان سنڀال ڪندا رهيا ۽ کيس حوصلو ڏيندا رهيا، وسيم سندس حالتن کي سمجهندي کيس ٻئي ڏينهن تي نفسيات جي ڊاڪٽر حيدر شاه وٽ وٺي ويو (ان کان پهرين هڪ ڀيرو سندس ڀاءُ طالب ڊاڪٽر حيدر شاهه ڏي سول اسپتال ۾ وٺي ويو هُئس. جتي ڊاڪٽر سندس نالو ٻڌي اڳي ئي نئين زندگي رسالي ۾ پڙهي چُڪو هو).اُن ڊاڪٽر جي روين ۽ پنهنجائپ هن جي ڀيانڪ حالتن ۾ ڦاتل ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هُن ڊاڪٽر نه رڳو کيس گائيڊ ڪيو، بلڪه هُو مهربان ڊاڪٽر کيس وقت سر دوائن جا سيمپل پڻ ڏيندو رهيو، ڊاڪٽر حيدر شاهه نه رڳو نفسيات جو ڊاڪٽر آهي، پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل ادب دوست هوندي هڪ بهترين پيارو ۽ محبتي انسان پڻ آهي. هُو پنهنجي هر پيشنٽ کي ان ريت بنا ڪنهن ننڍ وڏائيءَ جي علاج ڪندو آهي. جڏهن ته نواب شاهه جا اڪثر ڊاڪٽر پنهنجي پروفيشن کي نوٽن ڇاپڻ واري مشين بنايو ويٺا آهن ۽ اهڙا ته سنگدل ۽ بي رحم آهن، جو هو مريضن جي رت سان ڳاڙها ۽ ساوا نوٽ ڇپيندا رهندا آهن جنهن جو تجربو هُن شاعر کي اُن ذهني بيماريءَ دوران اُنهن نالي چڙهيل ڊاڪٽرن جي ور چڙهندي ٿيو هو، هُو ڪيئن نه سَون جا سَو ڊاڪٽرن جي فيسن ۽ سندن لکيل مهانگين دوائن لاءِ امڙ پاران اُڌارا ورتل پيسه خرچ ڪري چڪو هو، جنهن مان کيس ذرو به فائدو نه ٿيو. هُو رات جا چار پهر ننڊ کي پرچائڻ لاءِ ايٽيوان. زينڪس، ليگزوٽنل، ريليڪسن، نيوزيم، واليم ٽين ۽ فائوِ، ليپرانيڪس وغيره گوريون کائي به ننڊ کي پرچائي نه سگهيو هو. ڪيتريون ئي راتيون ۽ ڏينهن ننڊ ۽ سڪون لاءِ تڙپيو ۽ ڀٽڪيو هو. ڊاڪٽر حيدر شاهه جي ڪيل ڪچهرين ۽ ذهني ٽريٽمينٽ هُنَ ذهني طور ڀٽڪي ويل شاعر کي نيٺ پنهنجي دڳ تي آندو. هُو جيڪو اڪثر دوائن وٺڻ ۽ ڊاڪٽرن جي فيسن جي پيسن لاءِ به گهڻو ذهني طور بدحال ٿيندو پئي ويو، سو پنهنجي محسن ۽ مسيحا ڊاڪٽر حيدر شاهه جي ڏنل مانُ سان پُر سُڪون ٿيڻ لڳو. اهڙين ڀيانڪ حالتن ۾ به هن شاعر تي شاعري ديوي ڏاڍي مهربان رهي. نواب شاهه جا ماهر نفسيات ڊاڪٽر جميل شاهه يا ڊاڪٽر رشيد لاکو کان هُنَ کوڙ ڀيرا دوا ورتي پر کيس بنهه ٽڪو به فرق نه ٿيو. پل پل ۾ گهڙيال ۾ وقت ڏسي ان کي گذارڻ لاءِ پيو وس ڪندو هو. پر هڪ هڪ سيڪنڊ سالن برابر محسوس ٿيندو هو. ۽ شديد بي چيني ۽ بي سُڪوني ڄڻ پهاڙن وانگر سندس دل ۽ دماغ تي موجود رهندي هئي. اهڙي وقت ۾ رات جو بستر تي پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جيئن پيو ڦتڪندو هو. ۽ جي ڪجهه پل ننڊ اچي به ويندي هُيس ته وڏي عصر جو دور ڪٿ سج اڀرڻ سان سجاڳي ٿي پوندي هيس ۽ وري سڄو ڏينهن عجيب پيڙاتي حالتن ۾ گذاريندو هو!
(23 سيپٽمبر 2001ع)