امرتا جو اُهڃاڻ
سنڌي ادب پنھنجي وجود ۾ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو رکي ٿو. لطيف کان وٺي هيل تائين جو ادب اُن ساڳي ئي سُڳنڌ سان واسيل آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب (شاعري) موجوده سنڌي ادب جي اتھاسڪ شناسائي آهي. جنھن ۾ سنڌ جو تاريخي پس منظر پنھنجي پوري سچائيءَ سان لفظ لفظ جي آئيني ۾ پسجي ۽ پَساهه کڻي رهيو آهي.
هن صديءَ جي سرجيل ترقي پسند ۽ انقلابي ادب جا سرجڻھار سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنھنجي عشق جو اظھار پنھنجي لکڻين ۾ روح جي گهرائين سان ڪري هڪ اهڙو ادب تخليق ڪري ڇڏيو اٿن، جيڪو آئينده ادب جي آبياري ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن کي فڪري گس ڏَسڻ سان گڏ سندن ذهني پالنا پڻ ڪندو رهندو.
سنڌ جو سدا حيات شاعر تنوير عباسي پڻ اهڙي ادب جي تخليقڪارن مان هڪ آهي. جنھن پنھنجي دؤر جي انتھائي نازڪ ترين حالتن ۾ رهي ڪري رياستي ڏاڍ سان قلم جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هُن روح جي آواز سان ڌرتيءَ جي عشق جا نغما جوڙيا ۽ اُن عشق ۾ تنوير عباسي ڪٿ به مايوس ڪو نه ٿيو. بلڪ هُن پنھنجي تخليقي جوهر ذريعي ڀٽڪيل قوم ۾ اُتساهه ۽ عظيم جذبا پئي پيدا ڪيا. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ جي زلفن ۾ هُن پنھنجي خوبصورت خيالن جا گلاب پئي سجايا.
هڪ پُختي شاعر هئڻ جي ناتي تنوير عباسي پنھنجي شاعري وسيلي رومانويت ۽ انقلاب کي گَڏي پنھنجي روح جو آواز بڻائي پيش ڪيو ۽ سدائين اڳڀرو رهيو. اِهو ئي سبب آهي جو سندس ئي دؤر جي حالتن جي پس منظر ۾ هُن جي شاعريءَ جو بُنيادي مُحرڪ جذبو ڌرتيءَ جو عشق ئي هو. جنھن عشق تنوير عباسي کي اسان کان اڄ به روحاني طور تي الڳ ڪو نه ڪيو آهي. تڏهن ته اڄ به تنوير عباسي پنھنجي لکڻين جي آئيني ۾ اسان سڀني جي وچ ۾ آهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ تخليقڪار جي بقا اُن جي تخليق ۾ ئي آهي. فنا ته رڳو جسم کي آهي. روح خدا جي هڪ اهڙي تخليق آهي. جنھن ۾ خود خدا پنھنجي امرتا جو ڀرپور اُهڃاڻ بڻيل آهي.
تنوير عباسي هڪ شاعر هئڻ سان گڏ تمام سُٺو مُحقق پڻ آهي. هُن جو سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف، سچل سرمست ۽ شاهه لطيف تي لکيل تحقيقي مواد سنڌي ادب ۾ تحقيق واري پاسي ۾ انتھائي سگهاري حيثيت رکي ٿو. خاص طور تي قابل تعريف شاهه لطيف جي شاعريءَ تي لکيل تحقيقي طويل مقالو جيڪو پڻ ڪتابي صورت ۾ ”شاهه لطيف جي شاعري“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. سو انتھائي ڀرپور ۽ ساراهه جوڳو آهي. شاهه جي شاعريءَ تي لکيل اُن تحقيقي مقالي تنوير عباسي کي هڪ وڏو مُحقق بڻائي ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ اگر غور سان ڏٺو وڃي ته اُهو تنوير عباسي ئي هو. جنھن شاهه جي شاعريءَ کي جديد رنگ ۽ ڍنگ سان پَرُوڙيو ۽ پُرجهو آهي ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود هر ڪيفيت تي انتھائي زبردست انداز سان لکيو ۽ واضح ڪيو آهي. جيڪو انداز ان کان اڳ شاهه جي شاعريءَ تي لکيل ڪنھن به ليک ۾ ڪو نه ٿو ملي. ڇو ته اِن کان اڳ شاهه جي شاعري تي هڪ روايتي انداز ۾ مُسلسل ورائي ورائي پئي لکيو ويو هو ۽ مخصوص نظر جي پئماني سان سندس شعر کي پرکيو ويو هو، پر تنوير عباسي شاهه جي شاعريءَ ۾ پھريون ڀيرو ادبي سياسي ۽ تاريخي پس منظر، سماجي ۽ اخلاقي قدر، عواميت موسيقيت، عڪسي اُهڃاڻ ۽ رنگن جا اڀياس يا شاهه جي شاعري ۾ زوارئتا اُچار جهڙا ڳُجها پاسا اُجاڳر ڪري تنوير، شاهه کي نئين ۽ سائينسي انداز سان سمجهڻ جا نوان رستا ڳولي ڏنا آهن ۽ شاهه کي اُنھن سڀني رُخن ۾ پھريون ڀيرو دنيا جي وڏن اديبن جي راين جي روشنيءَ ۾ پرکي لطيف جي شاعريءَ کي جديد رنگ ۾ متعارف ڪرائي سنڌي ادب جو سَر اوچو ڪري ڇڏيو آهي.
اِها تنوير عباسيءَ جي لطيف جي شاعريءَ تي اهڙي کوجنا آهي. جنھن تنوير کي تحقيق جي کيتر ۾ مٿاهون مقام ڏئي ڇڏيو ۽ هڪ شاعر جي پُختي ۽ مڪمل سُڃاڻپ هوندي. سنڌي ادب ۾ وڏي مُحقق جو اعزاز بخشي ڇڏيو آهي.
(1999ع)