پاڻ کي ڪھاڻين ۾ دريافت ڪندڙ ڪھاڻيڪار
هر ماڻهوءَ جي زندگي هڪ ڪهاڻي آهي پر هر ماڻهو ڪهاڻيڪار ڪو نه هوندو آهي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو فنڪار موجود هوندو آهي جنهن کي وقت ۽ حالتون ظاهرڪنديون آهن۔بقول شيڪسپيئر ته،”هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي ۽ اسين سڀ اداڪار آهيون جيڪي پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائي هليا وڃون ٿا“.
زندگي مُختلف شعبن ۾ ورهايل هُئڻ جي ڪري اُن جا رنگ توڙي رُوپ،ڪيفيتون توڙي نفسيات پنهنجي پنهنجي انداز سان پَروان چڙهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زندگي تضاد جو اهڙو ته روپ اختيار ڪري وٺندي آهي جو ماڻهو پنهنجي فطرت ۽ سماجي بيهڪ ۾ هڪ وڏي مُونجهاري جو شڪار بڻجي پوندو آهي.
منهنجو ڪهاڻيڪار دوست امداد رند، پنهنجي شاعراڻي حساس فطرت ۾ هڪ تُز لفظن سان سماج جي چٽي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو ڪهاڻيءَ جي جُستجوءَ ۾ هر وقت مُتحرڪ رهندڙ اهڙو ليکڪ آهي جنهن جي مُشاهداتي تيز نِگاھ سماج مان ڪهاڻين جو خام مال دريافت ڪري اُن کي فن ۽ فڪر جي سانچي ۾ اهڙو ته فٽ ڪندي آهي جو هڪ ڪهاڻي پنهنجي مُڪمل دنيا سان ساھ کڻڻ لڳندي آهي. پوليس جي ڪَٺن ۽ سَخت ترين نوڪري ۾ هوندي به هُن جي مَن جو ڪهاڻيڪار سدائين حساس ڪيفيتن هٿان پيو ڪڪوربو آهي۔
ڪوئلي جو گهاٽو دُونهون اوڳاڇيندڙ (اسٽيم انجڻ)ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏي جي ڊرائيور غازي خان رند اهو سوچو به ڪونه هو ته ڪو سندس وجود جي پهرين تخليق اڳتي هلي سنڌي ادب جي تخليقڪار جو روپ وٺندي۔
ڪوٽڙي جي ريلوي ڪالوني ۾ سنڌو درياھ جي ڪنڌيءَ تي28 مئي1970ع تي جنم وٺندڙ امداد رند پَڊعيدن جي ڌرتيءَ تي پنهنجي بابا جي آڱر وٺي پهريان قدم کڻڻ سکيو۔جنهن کان پوءِ پڊعيدن اسٽيشن پرائمري اسڪول ۾ پڊعيدن جي نامياري اُستاد علي اڪبر سومري وٽ الف بي جي پٽي پڙهي پهريون درجو پاس ڪيو ته سندس والد جي ترقي سبب بدلي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿي۔جتي هُن کي اُستادن ٻيهر پهرين درجي کان پڙهائڻ جي شروعات ڪئي۔ امداد رند لاڙڪاڻي ۾ ريلوي ڪالوني ۾ رهندي پنهنجي فراخ دل ۽ پنهنجي فطرت ۾ هڪ خوش مزاج پيءُ جي صُحبت ۾ سينيمائن ۾ فلمن ڏسڻ سان گڏ لاڙڪاڻي جي وسيع تر رستن تي ڪڏهن ٽانگي تي ته ڪڏهن سائيڪل تي گُهمندي جيڪو به لُطف يا ٻاراڻي عمر ۾ جيڪو به معصوم مُشاهدو ماڻيو هو.اُهو سندس ڪهاڻين ۾ ڀَرپور فن جي صورت ۾ عَيان آهي۔ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي ريلوي ۾ نوڪري هُجڻ ڪري سنڌ جي مُختلف شهرن جي آب هوا امداد رند جي ڪهاڻيڪار کي آڪسيجن پئي ڏني آهي۔ سنڌو چوڪ لاڙڪاڻي تي موجود فُٽ پاٿ تي پيل ڪتابن مان ٻاراڻين آکاڻين جي چوپڙين ڪهاڻيڪار امداد رند کي دريافت ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو۔
امداد رند جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب”ٽِيون نَسُل“ ڇپجي سنڌي ادب ۾ مَڃتا پڻ ماڻي چُڪو آهي۔۽ انجمن ترقي پسند مُصنفين سنڌ پاران 2018ع جو فڪشن ۾ بهترين ڪهاڻين جي ڪتاب جو ايوارڊ ماڻي چُڪو آهي۔جنهن ڪتاب جون ڪهاڻيون سماجي حالتن جون وڏي فنائتي انداز ۾ پيش ڪيل اهڙيون ته ڪهاڻيون آهن. جن کي پڙهي ماڻهو اُنهن ڪهاڻين جي سَحر ۾ منڊجي اُنهن جو ڪردار بڻجي وڃي ٿو۔جن ۾ پيار،محبت، جماليات توڙي مزاحمت جا رنگ جابَجا نظر اچن ٿا۔سندس ڪهاڻين ۾ ڪردارنگاري، منظرنگاري، ٻولي، ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن جَهجهي انداز ۾ ملي ٿو.
امداد رند هڪ ڪهاڻيڪار هُئڻ سان گڏ،هڪ روشن خيال،نظرياتي طور تي پَڪو ۽ پُختو،سن جي سرزمين جو پانڌيئڙو آهي۔جنهن جي سوچن ۽ خيالن جي مٽي سندس ساهن ۾ مهڪندي، سندس وجود کي معطر ڪندي رهندي آهي.
)2020ع)