ڪالم / مضمون

تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان

بخشل باغي بنيادي طرح شاعر آھي. شاعِرَ جڏهن نثر لکندا آهن تہ اهو بہ سندن شاعريءَ وانگر رنگن ۽ احساسن سان ڀريل هوندو آهي. بخشل باغيءَ جو نثر بہ ائين ئي آهي. سندس نثري لکڻين جو هي ڪِتابُ مختلف رنگن جو مجموعو آهي. هن ڪتابَ ۾ مختلف شخصيتن جا خاڪا بہ آهن تہ مختلف ڪتابن تي تبصرا/اڀياس بہ شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار ۽ مذهبي انتھا پسنديءَ جي موضوعن تي اهم مضمونَ بہ شامل آهن. ساڳي وقت بخشل باغيءَ جي شاعراڻي نثر ۾ لکيل سندس يادگيريون / ساروڻيون بہ هِنَ ڪِتاب جو اهم حصو آهن ۽ آخر ۾ ٿر جا حسين رنگ بہ مختصر سفر ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ شامل آهن.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان

مون سي ڏِٺا ماءِ!

مون سي ڏٺا ماءِ: (سنڌ جي ڏاهپ جو بي مثال ڪردار ”حَشو ڪيولراماڻي“)

سنڌ جي ڌرتي سدائين ڀاڳوَند پئي رهي آهي جنھن پنهنجي پوَتر ڪُک مان اهڙن ته عظيم انسان کي پئي جنميو آهي جن پنھنجي عظمت توڙي ڏاهپ سان، سندس مانُ ۽ مرتبي کي پئي وڌايو آهي.جن پنھنجي شعور جي ڏياٽين سان ساري ڏيھه کي روشن پئي ڪيو آهي. جن جي سوچ ۽ ويچار، فڪر ۽ فهم، خوابن ۽ خيالن سنڌ جي سونھن ۾ اضافو پئي ڪيو آهي. اهڙن ئي عظيم، ڏاهن ۽ غير معمولي انسانن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جو شُمار سڀ کان پھرين ڪري سگهجي ٿو. هي سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ من چلو انسان،اديب، ڪهاڻيڪار، عالم، سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ جي مُکيه ترقي پسند ڪارڪنن مان صحيح سوچ رکندڙ، باهمت، وڏيءَ نگاھ وارو، دل جو درياءُ ۽ قلم جو بادشاھ هو. حشمت ٽھلرام ڪيولراماڻي يا حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻيءَ جو ڏاڏو ديوان کيومل زمينداري ڪندو هو. جنهن کي ديوان ٽھلرام نالي هڪ پُٽ ٿيو. جنھن پڙهي لکي،روينيو جي نوڪري ڪئي. جيڪو پوءِ ساڳي کاتي ۾ مُختيار ڪار جي عھدي تي پڻ پُهتو. بعد ۾ هُو ٽنڊي آدم۾ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي عھدي تي رهيو. هي اُنھن ٿورن سرڪاري ملازمن مان هو جيڪي ايماندار ۽ انصاف پسند ٿي رهيا هئا. هن 3 ڊسمبر 1922ع تي حيدر آباد سنڌ ۾ وفات ڪئي.
هن کي ٻه فرزند ٿيا. جن ۾ هڪ حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻي ۽ ٻيوگوپچند عرف گوپ ڪيولراماڻي. حشو ڪيولراماڻي 20 ڊسمبر 1914ع تي تعلقي نوشھرو فيروز جي ڳوٺ ڀريا ۾ ڄائو. سندس والد جي وفات وقت حشوءَ جي عمراٺ سال هُئي. ”والد جي انتقال کان پوءِ حشوءَ جي سموري تربيت ۽ تعليم جو انتظام سندس والده جي هٿ هيٺ ٿيو، جا سُندرتا ۽ سچائيءَ جو روپ هئي. ٽيويھه سالن جي عمر ۾ هوءَ ودوا ٿي هُئي. باوجود ننڍيءَ عمر جي هُوءَ سمجھدار، خوددار ۽ باهمت عورت هُئي“. سنڌ جي عظيم انسان سائين جي ايم سيد پنھنجي شاهڪار ڪتاب ”جنب گُذاريم جن سين“ ۾ حشوءَ جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال قلم بند ڪندي لکيو آهي ته ”حشوءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي، اين.جي. وي هاءِ اسڪول مان ڏنائين. اُن کان پوءِ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هي هندستان کان ٻاهر سيلون ۾ رهڻ هليو ويو، جتان لنڊن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت هي ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن سوسائٽيءَ مان ڪيترن سيلون جي سياستدانن ۽ مدبرن تربيت پاتي هُئي“. اهڙيءَ طرح سان هي سنڌ جو يگانو ۽ غير معمولي انسان زندگي ۽ سوچ جي سفر تي پنھنجي نالي جي مُھر ثبت ڪرڻ لاءِ ”سنه 1935ع ۾انگلنڊ ويوجتي آئي.سي.ايس جي پڙهائي ڇڏي پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پراُنهيءَ کي به اَڌ ۾ ڇڏي پاليٽيڪس ۽ ايڪانامڪس پڙهڻ لڳو. پنهنجي قلندري طبيعت سبب اُتي هو ڪو خاص امتحان پاس ڪري نه سگهيو. لنڊن ۾ رهائش وقت هن ڪُجهه وقت ڪرشنا مينن سان انڊيا آفيس ۾ ڪم ڪيو. ”لنڊن مجلس“ نالي هڪ جماعت جو ڪُجهه وقت پريزيڊنٽ به رهيو.اُنھيءَ وقت هُن جي فيروز گانڌي ۽ اِندرا گانڌيءَ سان واقفيت ٿي. اُتي ئي جواهر لعل نھروءَ سان به واقفيت ٿيس. اُتي هُو هندستان جي آزاديءَ سان تعلق رکندڙ ميٽنگن ۾اڪثرشرڪت ڪندوهو.
1939ع ۾هي سنڌ ۾ موٽي آيو. جنھن کان پوءِ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي ڪري هُو واپس لنڊن نه وڃي سگهيو. سنڌ ۾ اچڻ بعد هُن شاگردن جي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو.شاگردن ۽ نوجوانن مان گهڻن تي هُن جي صحبت ۽ خيالن جو اثر پيو. فرقيوار ذهنيت کان هي ايئن بالاتر رهيو، جيئن ڪنول جو گُل پاڻيءَ ۾ رهي به پاڻيءَ کان مَٿي اَڇو، اُجرو، پاڪ ۽ اوجل رهندو آهي“. سائين جي ايم سيد ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته، ”مُنھنجي ساڻس واقفيت سنه 1945ع ڌاري ٿي، جڏهن آءُ مُسلم ليگ کان ٻاهر نِڪتُس ۽ مُلڪ جي سياست ۾ نوَن نظرين ۽ نئين طريقه ڪار جي ڳولا ۾ هُوس. اُن وقت حشوءَجي صُحبت ۽ گُفتگو منھنجي لاءِ روشنيءَ جي تِروِري جو ڪم ڏنو.هُن ”مسلئه قوميت“ جي بُنيادي مَتن کان مون کي واقف ڪيو، جن جي روشنيءَ ۾ آءُ ساري صورتحال کي نئين نقطه نگاھ سان ڏسڻ لڳس. اڳي سياسي مسئلن ۾ هوش کان جوش کي ترجيح پئي ڏنم، پر اُها حشوءَ جي صحبت هُئي، جنھن سياسي مسئلن ۾ رئشنل(عقلي) بنيادن تي غور ڪرڻ ۽ هوش کي جوش تي ترجيح ڏيڻ جو مون ۾ مادو پيداڪيو.
اُن منزل تي خان عبدالغفار خان کي مُستقبل جي سياسي رهبريءَ لاءِ ليڊر چونڊي سندس صدارت هيٺ ”پيپلس پارٽي“ ٺاهڻ، ۽ اُن جا مقصد واضح ڪرڻ ۾ هُن جو هٿ هو. ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ جي ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ آڻڻ منجهه هُن جو هٿ هو. اُنھيءَ کان پوءِ جيڪي نظرياتي خيال پئي سوچيا اٿم، تن جو بُنيادي رستو ساڳيو پئي رهيوآهي. حشوءَ پنھنجي زندگيءَ جو احوال مون ڏانھن موڪليندي لکي ٿو ته، ”سياست ۾ دلچسپي وٺندي، ڪڏهن به پارٽي بازيءَ ۾ نه ڦاٿس. عوام جي جدوجھد ۾ شامل هوندي،اميرانه ۽ آدرش پسند طبيعت قائم رکيم!“. پاڪستان ٿيڻ بعد هي اُنھن ماڻھن مان هو، جن پنھنجو سنڌ ديس ڇڏڻ نٿي گُهريو. اول ۾ کيس جيل ۾ موڪليو ويو. بعد ۾ سنڌ اندر سندس رهڻ ناقابلِ برداشت ڪري،کيس مُلڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کان پوءِ هِن هندن جي مسئلن ۽ هند ڀارت جي سوالن تي ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ پئي لکيا. ٻه ننڍا ڪتاب به لکيا اٿس. هڪ، ”سنڌ جي آکاڻين جو ڪتاب“ ۽ ٻيو ”پاڪستاني سوالن جي ڇنڊ ڇاڻ“ جيڪي ٻئي ڪتاب انگريزيءَ۾ لکيل آهن.دهليءَ ۾ هن ”سنڌو سماج“ کي بَرپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي، پھرين ”سنڌي ٻولي ڪنوينشن“ سڏائڻ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشن کي به دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکندي چوي ٿو ته، ”جيل ۾ڇو ويس؟ الله کي خبر! ڪنھن خاص پارٽيءَ جو ڪڏهن به ميمبر نه ٿيس. نه ڪڏهن قانون ڀڃڻ جي ڪوشش ڪيم. شايد شڪل ۾ تيز ڏسڻ ۾ پئي آيس. ولايتي جوان ٿي، سنڌي بلوچ بنجڻ جي ڪوشش ٿي ڪيم“. اهڙيءَ طرح سان حشوءَ جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته، ”لڙائيءَ کان پوءِ 1940ع کان 1941ع تائين هڪ دفعي ارڙهن مھينا جيل ۾ ويو هو. 1942ع ۾ وري کيس فوجي ماڻھن سان لھه وچڙ رکڻ جي شڪ ۾ ٻه مھينا جيل ۾ رکيائون، باوجود اُن جي جو هُو کُليو کلايو فاشزم جي خلاف هو. وري پاڪستان ٺھڻ کان بعد 1949ع ۾، کيس، چارج شيٽ ڏيڻ کان سواءِ ڏھ مھينا جيل ۾ رکيو ويو“.
هي سنڌ جو من موجي، ذهانت جو ڀرپور مثال ۽ ويھين صديءَ جي سنڌ جي عظيم انسانن تي پنهنجي گهري سوچ ويچار، سياسي توڙي فلسفياڻن خيالن جا نقش چِٽيندڙ حشوڪيولراماڻي، سنڌ جي ظاهري منظرکان پاسيرو پسمنظر ۾ رهي ڪري سنڌ جي شعور تي پنھنجا صحت مند ۽ اَڻ مِٽ اثر ڇڏي ويو آهي. هي سنڌ جي ڏاهپ جو انمول ڏيئو پنھنجي لافاني فھم ذريعي سنڌ جي اڄوڪي شعور جواُهو خالق هو جنھن سائين جي ايم سيد جهڙي بين الاقوامي شخصيت جي ذهن تي انقلابي اثر ڇڏي کيس نئين سياسي شعور سان آراستا ڪري ڇڏيو. هونءَ ته حشو سنڌ ۾ پرڻجڻ جي قيد ۾ ڦاسڻ کان پيو ڇِرڪندو هو پر هند ۾ وڃڻ کان پوءِ هو گرهستي بنجي ويو. کيس صالح اولاد هئڻ ڪري هو خوش رهڻ لڳو هو. سندس پُٽ کي مُصوريءَ ۾ هڪ سال اندر ٻه انعام مليا هئا. حشو،سنڌ جو اُهو هيرو آهي جيڪو اڄوڪي غلام سنڌ جي هيروز جو پڻ انمول هيرو رهيو آهي.
اهڙي ڀاڳوَندي ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ کي نصيب ٿيندي آهي. اِها ٻي ڳالھه آهي ته اهڙن ساڃاھ وندن جو وجود سدائين ڪٺن حالتن جي ٽياس تي ئي ٽنگيل رهندو آهي پر اُهي ڪڏهن به پنھنجي حق ۽ سچ وارن مقصدن تان هٿ نه کڻندا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جو هي بي ڊپو، ارڏو، بھادر پُٽ پنھنجي شعور جي سُھائي سان روشن آئيندي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هي سنڌ جو ترقي پسند،سدا جوان، بھترين ليکڪ. مُفڪر، پڪو سنڌي قومي ڪارڪن ۽ سنڌ ۾ سنڌيت جي پيدا ڪرڻ ۾ گهڻو مُتحرڪ رهندڙ حشو ڪيولراماڻيءَ، سائين جي ايم سيد کي جيڪي پُرمَغز ۽ پُرعزم خط لکيا هئا، اُهي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم باب جي حيثيت طور هميشه ياد رهندا. ۽ پنھنجي وقت جي سياسي توڙي سماجي صورتحال جي چِٽي آرسيءَ جيان اُجرا رهندا. حشوءَ جا اهڙا مُختلف وقتن تي لکيل عاليشان خط، سائين جي ايم سيد پاڻ ڏانھن آيل خطن جي شاندارڪتاب، ”اچ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ شامل ڪري ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي وڌائي ڇڏيو آهي. حشوءَ جا هي خط ويھين صديءَ جي صحرا ۾ٽڙيل اُهي گُلاب آهن جن جي خوشبوءِ ڪڏهن به اَجائي ڪونه ويندي.جيڪي برِصغير ۽ خاص طورسنڌ تي ظلم ۽ ستم جي ڇانيل ڪارن ڪڪرن ۾گجگوڙ ڪندڙ کنوڻ جي تجلن مثل آهن. هي خط ٻن ساڃاھ وندن جي وچ ۾ ٿيل شعور جي اُها اُڻت آهن جنھن سان سنڌ جا ايندڙ نسل سدائين سيراب پيا ٿيندا. 23، ڊسمبر1948ع تي ڀِريا مان حشو، هڪ خط ۾ سائين جي ايم سيد سان مُخاطب آهي ته، ”هن وقت ڪجهه ليک تيار پيو ڪريان، مگر سچيءَ دل سان لکڻي نٿي وهي، مُلڪ آهي عجيب. زبان ڌاري ۽ اخبارن وارا سڀ شريف ڊاڪو، سو حقيقي ڳالھين بابت لکي به نٿو سگهجي. جي مان پنھنجي وطن مان پناھگير ٿي ڀڳس، ته بُنيادي سبب اِهو ئي هوندو. جتي ذهني آزادي ناهي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڊاڪُن جا ڀائيوار، اُتي ته وڃي صوفي ٿجي يا پنھنجو پليٽ فارم پاڻ کَڙو ڪجي. پهرين ڳالھه ته منھنجي وت کان ٻاهر آهي ڇو ته دماغي آپريشن کان سواءِ پُٺتي قدم هٽائي نٿو سگهجي. مھرباني ڪري شاھ صاحب جو ڪتاب (باءِ سورلي) ڪراچيءَ طرف موڪلڻ جو يڪدم انتظام ڪندا، جو خيال اٿم ته پنھنجي قومي شاعر جي جهوني ڪلام کي نئين دنيا جي نوَن اَصُولن موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان“. حشو هڪ ٻئي خط ۾18، مئي 1949ع تي ڪراچيءَ مان لکي ٿو ته، ”اسان جي جندڙي ته پنھنجي سنڌڙيءَ سان ڳنڍيل آهي سو اسان کي اعتراض ناهي ته جيڪڏهن آرهڙ جا ڏهاڙا سَن ۽ ڀِرين جي وچ ۾ گهارڻا پيا. پَلن جي موج ٿيندي، درياھ جي ڪپر تي ڏينھن گُذاربو، پنھنجي ٻِلِيءَ ۽ پنھنجي ڪٿڙي سان، ۽ شام جو شاھ صاحب جو ڪلام ٻُڌبو“.
3، جنوري1950ع تي دي پنجاب هائوس ڪولابا ڪاز وي، بمبئيءَ مان حشو هڪ خط ۾سائينءَ کي لکي ٿو ته، ”بمبيءَ ۾ پنجن سالن کانپوءِ پير پاتو اٿم، هاڻي شرنارٿيءَ جي حالت ۾مگر دل و دماغ ۾ بي وسيلائيءَ جو هڪ جذبو به حاضر ناهي. شخصي حالت جي ڳالھه ٿو ڪريان، جنھن ڪري غريباڻي زندگي رهڻي پَئِي، يا خود بُک جو شڪار ٿيڻو پيو، مگر اهو سنڌي فخر ۽ پنهنجي قوم جو اخلاقي غرور هميشه ساڻ آهي. ٻين غريب ۽ بي وسيلن ڳوٺاڻن جي حالت جو عارضي ڏُک ۽ مُصيبت ڏسي به آئيندي جو سوچ ويچار ڪندو آهيان ۽ آخرين فتحيابيءَ ۾ ايمان رکندو آهيان“. 14، مئي1950ع تي، 6 تلڪ نگر مٿرا مان حشو هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، ”عوام اسان جو نيٺ سنڌي آهي، ديسي مسلمانن لاءِ قرب ۽ احساس اَٿس، ۽ اُن اُميد ۾ ويٺو آهي ته ڪنھن ڏينھن ملڪ ٺھندو ته واپس سنڌڙيءَ ڏانھن ورنداسين، هتي سندن لاءِ موت آهي، هُو سنڌ کي پراپرٽي يا ڪنھن ملڪيت ڪري ياد نٿا ڪن،مگر سمجهن ٿا ته پنھنجي ديس ۾ بُک وگهي نه مرنداسين“. 4، فيبروري 1952ع تي حشو، هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، ”پنھنجي مُلڪ کي ڇڏي، جيڪو ارمان مون کي ٿيو هوندو، سو توهان سمجهي سگهو ٿا. شايد بي صبري ۽ اُٻھرائي ڏيکاري اٿم، مگر مان سمجهان ٿو ته اُنھيءَ ۾ به قدرت جو راز هوندو ۽ ضرور ڪُجهه نه ڪُجهه فائدو ئي رَسندو.اسان جي وفاداري ۽ زندگي، اسان جي مادر وطن تائين هِن وقت محدود آهن. جيڪڏهن اسان جي قومي اصليت ناس ٿي وئي ته پوءِ اسان دنيا ۾ ڇا حاصل ڪري سگهنداسين؟ هتي ته پرديس ۾ اسان جا ماڻھو ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن. سندن دليون دُکي ۽ بي آرام آهن. سندن آئيندو اُونداهو پيو ڏسڻ ۾ اچي. سوچ ويچار لاءِ نه اَٿن وقت، نه اُهو زنده روح، مگرپنھنجي اصليت ڀُلجي نه ويا آهن. پنھنجي زبان، پنھنجو ماضي، پنھنجو ڪلچر نه فقط ياد اَٿن، مگر هِن مُلڪ جا ماڻهو ڏسي، هاڻ پاڻ فخر اَٿن ته ڪھڙي نه عاليشان قوم جا فرد آهيون. مون کي آخرين ڪاميابيءَ تي مڪمل ايمان آهي، جي ڳالھيون جهوني زماني ۾ نه ٿي سگھيون، سي ويھين صديءَ ۾ ٿيون آهن، مگر بي بقا آهن، جنهن طوفان اِهو مانڌاڻ مچايو، اُن جو ردِعمل به طوفاني صورت اختيار ڪندو. جن طاقتن اسان کي روھ ۾ رُلايو آهي، سي پاڻ ۾ ضرور ٽڪرڻ واريون آهن ۽ سُتت ئي پوءِ اسان کي پنهنجو انصاف پلئه پئجي سگهندو“. مٿين خط ۾ حشوءَ ورهاڱي جي بي رحم حالتن جي عڪاسي ڪندي، پنھنجي گهري سوچ، ويچار، اُميد پرستيءَ جو ڀرپور اظھار ڪيو آهي. ۽ مُستقبل تي مُفڪراڻي نظر رکندي جيڪا اڳ ڪٿي ڪئي آهي، اُها اڄوڪين حالتن تي مُڪمل طور تي ٺھڪندي نظر اچي ٿي. اهڙي طرح سان حشوڪيولراماڻيءَ جا، سائين جي ايم سيد ڏانھن لکيل ويھه خطَ، سنڌ جي تاريخ جا اڻ مِٽجندڙ باب آهن.7، جنوري،1953ع تي دريا گنج، دهليءَ مان هڪ خط ۾ حشولکي ٿو، ”پنھنجي اباڻي وطن جو راز حقيقي ته توهان کان سکياسين ۽ ولائتي فطرت مٽجي ديسي ٿي پئي. مگر جذبات مٿان هميشه دماغي قوت ۽ ڪشاده آئيني کي بُلند پئي رکيو اٿم. اسان جون ولائتون پنھنجي وطن ۾ آهن“. 30، نومبر 1955ع تي دهليءَ مان حشولکي ٿو ته، ”مون سمجهو ته توهان کي اڳ ۾ ئي خبر هوندي ته مان گهڻي وقت کان چوکنڀو ڦاٿل آهيان، هڪڙوڀيرو لکيو هُئم ته مُلتان فتح ڪيو اٿم ۽ قوم جي خدمت ڪئي اٿم. ٻه نياڻيون جاڙيون اٿم، ۽ هڪ ڪِڪو، جنھن کي ڄائي ٻه مهينا ٿيا، گهر ۾ هندستاني ۽ انگريزي ڳالھايون، مگر شريمتيءَ کي سنڌي پڻ ايندي آهي، جو ڪراچيءَ ۾ سالن کان وٺي رهندڙ هُئي ۽ اسان جي سنگت ۾ هُئي“. سائين جي ايم سيد ڏانهن مُختلف شخصيتن پاران لکيل خطن جي ڪتاب ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ حشوءَ جي ويھن خطن جي فڪر، فھم، سوچ ۽ ويچار جي انفراديت پڙهندڙ جي من کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي ۽ اهڙي دانشمنداڻن ۽ فڪري خيالن جي گهرائي هن گُمنام رهندڙ عظيم انسان تي فخر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. خط نمبر سترهن، الائي ڇو حشوءَ جي سڀني خطن ۾ مون کي اهم، عليشان ۽ ڀرپور خط لڳي ٿو. جنھن ۾ حشو، سائينءَ سان مُخاطب ٿي، لکي ٿوته، مان توهان جو ”سياسي اُستاد“ ڪيئن سڏبُس؟ پنھنجي گهر جي ئي سياست هلائي نه سگهيس، ۽ سياست جي هنگامي خلاف ئي پنهنجي عيش پرست زندگي ڇڏي، هيڏانھن هوڏانھن ڪاهي پيس، بغير ڪنھن گروھ جي پيچيدگين ۾ ڦاسڻ جي. سنڌ جي سياست بابت ته توهان وٽان ئي پتو پيو. ڪتاب پڻ لکي ڏنم مگر اهو پڻ انگريزي ٻوليءَ ۾، ۽ توهان جي سياسي ماضيءَ جي بنياد تي“، ”آئون اوهان جو ”ادبي اُستاد“ ٿي ته سگهان ٿو، پر ”سياسي اُستاد“ نه. اڳتي ساڳي خط ۾ لکي ٿو ته، ”جيسيتائين منھنجو تعلق آهي، ته آءُ نه ڪنھن کان ڊڄان ٿو ۽ نه ڪنھن کي نفرت سان ڏسندو آهيان، پوءِ ڀلي ڪھڙي به فرقي ۽ زبان سان واسطو رکندڙ هُجي. ماڻھن کي سندن شخصي ارتقا ۽ روَش مُطابق سمجهيو وڃي ته بھتر آهي. معاف ڪرڻ وڏي ۾ وڏي خوشيءَ جو باعث سمجهيو وڃي ٿو“. اهڙيءَ ريت حشوڪيولراماڻيءَ جي هنن خطن ۾ سندس فقيري طبيعت، ذهني وسعت، مُنفرد ۽ پُرڪشش شخصيت جا عڪس نظر اچن ٿا. سنڌ جِي هِن يگانِي شخصيت، سائين جي ايم سيد کان علاوه شيخ اياز، مُحمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ ۽ هندستان جي اهم شخصيتن سان گڏجي سياست ڪئي ۽ کين جديد سياست ۽ ادب کان روشناس ڪرايو ۽ کين تربيت ڪئي. سنڌ جي جديد سنڌي شاعريءَجي نرالي ۽ اهم نانءُ شيخ اياز، پنھنجي ڪتاب ”خط، انٽرويو، تقريرون جي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، ”طالب علميءَ جي دور ۾، مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي مليا، جن ٽنھي جي باري ۾، مون کي ڀٽائيءَ جي هيٺين سِٽَ ياد ايندي آهي، ”جوڳيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامري!“، ۽ اُهي هئا.
سوڀوگيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو ڪيولراماڻي“. ايازخط لکڻ واري سان مُخاطب ٿي لکي ٿو ته: ”حشوءَ سان تنهنجي واقفيت ناهي. جي تون هُن سان ملين ها، ته توکي معلوم ٿئي ها ته ڀٽائيءَ جي اُنھيءَ سِٽَ ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي!“ ۾ ڪھڙي ڪيفيت سمايل آهي. حشو، سنڌ ٻيو حشو ڪٿان آڻيندي؟ حشو، جو چوندو هو ته ”مان واڻيو نه آهيان. ڄٽ آهيان، مان سردار حشمت الله آهيان. ڄٽ ڪُهاڙي آهي، ڪوڏر آهي، هر آهي، واهولو آهي، ڌرتتيءَ جي دانهن آهي، پگهر جي پُڪار آهي، واڻيو موڙي آهي، مُرادي آهي، ٿر جي ٿڌي مٽي آهي، اڳڙيءَ جو انقلابي آهي. سنڌ ۾ سچو ڪرانتيڪاري فقط ڄٽ ٿي سگهندو آهي!“ اياز حشوءَ جي جلاوطنيءَ ۽ پنھنجي سنڌ کي ڇڏڻ واري ڪربناڪ وقت جي ڪيفيتن جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ جي روح کي جنجهوڙي وجهي ٿي. ۽ هڪ عظيم شاعرڪيڏا نه لفظن جي آرسيءَ ۾ تشبيهن ۽ تمثيلن جا اولڙا سمائي ڇڏيا آهن. ”حشوءَ مون سان مُرڪي موڪلايو هو ۽ مون اهڙي مُرڪ اڃا تائين ڪنھن جي به چپن تي نه ڏٺي آهي، ڄڻ ڏُک جي ڏائڻ جو ڪَنجرو ڪِري پيو هو ۽ اُن مان ڪائي اَٻوجهه نينگري گُڏيءَ جا ڪپڙا سِبي رهي هُئي. ڪھڙي نه انوکي هُئي اُها مُرڪ! ڄڻ ڀنڀور جي ڀت تي سسئيءَ جي پوئين چُمي هئي! ڄڻ راءِ ڏياچ جو دهرو دان هئي! پر اُهو دان،هُن ڪنھن کي ٿي ڏنو؟ ڪنھن کي هُن جي سِر جي طلب هئي؟مان جڏهن به حشوءَ جي باري ۾ سوچيندو آهيان، تڏهن ايئن نظر ايندو آهي ته مِٽيءَ جي ڍير ۾ ڪائي سُرنگهه آهي، جنھن مان هُو دور دور وڃي رهيو آهي. اُها سُرنگهه موت جي سُرنگهه آهي، جلاوطنيءَ جي سُرنگهه آهي، ۽ اُن جي مٽيءَ ۾ سنڌ جون روايتون ليٿڙيون پيون آهن ۽ هُو مومل جي مانگ ۽ مارئي جي لوئيءَ کي لتاڙيندو وڃي رهيو آهي. هُن کي ويندو ڏسي مان ڊوڙپائيندو آهيان ته هُن جي پاند کي پڪڙيان، روئان، ليلڙاٽيون ڪيان، ۽ هُن کان پنهنجو عظيم گُناھ بخشايان پر سُرنگهه جو لنگهه مون لاءِ بند ٿي ويندو آهي ۽ حشو موٽي نه سگهندو آهي! مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪيئن مان حشوءَ کي هوائي جهاز تي ڇڏي موٽي برنس باغ ۾ آيو هوس ۽ بينچ تي ڦان ٿي ڪريو هوس. اُن وقت هڪ ڀونر، گينڊي جي گُل تي ڀِري رهيو هو. مون اُن کي ٻُڪ ۾ پڪڙي، ٻنھي ترين جي وچ ۾ چيڀاٽيو هو ۽ منھنجا هٿ هُن جي لويل، نچويل کنڀڙاٽين ۾ لُٻجي، گندا ٿي ويا هُئا. پوءِ مون اُهو گينڊي جو گُل پٽي، اُن جي پتِي پتِي چپٽين ۾ مروڙيِ هُئي ۽ اُن جي ڏانڊيءَ کي لتون هڻي، اُن کي جَڙ کان جهونجهاڙي، ڇِڪي ڪڍيو هو. جڏهن مون کي چين نه آيو هو، تڏهن کيسي مان چاقو ڪڍي، مون اُن ناريل جي ٿُڙ ۾ ڪيئي بار هنيو هو. ”ڪانئر، ڪمينا، نيچ“ مون پاڻ کي بار بار گاريون ڏنيون هيون. جڏهن رات ٿي هئي، تڏهن مون کي ستارا ايئن لڳا هئا، ڄڻ ڪنھن ازلي باد فرنگ جون ڦرڙيون ڦِسِي ويون هيون“. حشوءَ جي لاءِ اياز جا مٿيان احساس ۽ خيال، حشوءَ جي عظمت ۽ ڏاهپ سان محبت ۽ احترام جو ڀرپور ثبوت آهن. اڄ حشو اسان وٽ وجودي طور تي ته گڏ ڪونھي پر هُن جون يادون، هُن جو فڪر ۽ فهم ۽ هُن جا عاشق وڏا، وڏا ڏاها، شاعر توڙي مُفڪرآهن. جن پنهنجين تحريرن ۾ هن لافاني ذهانت رکندڙ ڏاهي جي ڏاهپ کي سھيڙي هڪ شاندار ڪارنامو ڪيو آهي. اياز ايئن پنھنجن تقريبن ڪتابن ۾ حشوءَ جي ياد کي ڪنھن نه ڪنھن طرح پئي تازو ڪيو آهي.
ايئن اياز ”خط، انٽرويو، تقريرون“ ۾ شامل هڪ تقرير۾، جيڪا اياز آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ساٿي ٻارڙا سنگت جي مذاڪري تي 14، آگسٽ 1987ع ۾ ڪئي هئي. اُن ۾ اياز هڪ هنڌ اعتراف ڪندي چئي ٿو ته، ”مان جڏهن بي.اي. ۾ پڙهندو هوس ته ڊي.جي ڪاليج جي سنڌي سرڪل ۾ لالچند امر ڏني مل جي صدارت هيٺ، مون ڏيڍ ڪلاڪ ترقي پسند ادب تي تقرير ڪئي هئي ۽ اُن جو مواد ڪُجهه ته حشوڪيولراماڻي سان بحث مُباحثي ۾ حاصل ڪيو هُيم“. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ لکي ٿو ”مون کي ڪاليج جي زماني ۾ حشوڪيولراماڻيءَ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا هئي ۽ اُنهن ۾ خاص ڪري نورا رسيل(Nora Russel) جي موضوع تي مضمون ڏاڍو پسند آيو هو. ”حشوءَ جي فلئٽ تي ڇا ڇا نه بحث ٿيندا هئا! ڪيڏن اديبن، نقادن ۽ انقلابين جا نالا ورتا ويندا هُئا“. ”مون کي اُهو دور به ياد آيو، جڏهن مان ۽ حشو ساريون راتيون سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندا هئاسين“. اياز ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي هلي نڪولائي بُخارن مُتعلق حشوءَ پاران ٻُڌايل معلومات کي ياد ڪندي لکي ٿو: ”اُهو مون کي حشوءَ غالبا ”تڏهن ٻُڌايو هو، جڏهن مان جونير بي.اي. ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هوس. هُن ماسڪو جي ڪارواين تي مون کي هڪ ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. حشوءَ 1938ع جي”صفائي“ (Purges) جي مُخالفت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڪميونسٽ غلط آهن، جڏهن هو چون ٿا ته(Trotiskytism) ٽراٽسڪائيٽزم ۽(Fascism) فاشزم هڪ ڳالھه آهن، ۽ اهو سارو چڪر اسٽالن جو هلايل آهي“. اياز پنھنجي ڪتاب ”ڪتين ڪَر موريا جڏهن“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ”مان ۽ حشوڪيولراماڻي، ايم.اين.راءِ کي پڙهي، اُنھيءَ ڳالھه تي مُتفق هوندا هياسين ته، انساني تاريخ ۾ ڪميونزم به عارضي حالت آهي ۽ ڪنھن نه ڪنھن وقت ڦِرندي، ڇو ته انسان ڪنھن ڳالھه سان هميشه مُطمئن نه رهيو آهي.“، “Thomas Paine) ٿامس پين) جوڪتاب Rights of Man (انسان جا حق) جو ٿنڪرس لئبرري سيريز جو حصو هو. مون کي ۽ منهنجي مرحوم دوست مُونس کي حشوڪيولراماڻيءَ پڙهڻ لاءِ ڏنو هيو، جڏهن اسان حشوءَ جي ڪمري ۾ رهندا هياسين، جنھن ۾ نئپولِين بونا پارٽ جوهڪ خوبصورت مجسمو رکيو هوندو هو“. ايئن هي ننڍڙيون ننڍڙيون يادون حشوءَ جي شخصي تصوير کي چِٽو ڪرڻ ۾ ڪافي مدد گار ثابت ٿينديون. ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙي هستي، جنھن زندگيءَ کي پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان گُذاريو ۽ پنھنجي نموني ئي اَلُوپ ٿي وئي اُن جون ٽُڪرا ٽُڪرا يادون ئي هُن جي شخصي روپ کي اُجاگر ڪري سگهن ٿيون. جيئن اياز پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مُسافر“ ڀاڱو پھريون ۾ هندستان جي سفر دوران رشيد ڀٽيءَ جي ڊائريءَ مان ورتل نوٽس ڏنا آهن. جن ۾12، جنوري 1964ع جي هڪ نوٽس ۾ لکيل آهي ته، ”9 بجي جاڳ ٿي.اياز11بجي حشوءَ وٽ ويو.حشوءَ سنڌ ۽ ون يونٽ تي ڳالهايو. لطيف جو خواب ۾ اچڻ حشوءَکي“. اياز پنھنجي آتم ڪٿا جي ٻئين ڀاڱي ۾ پنهنجي وني زرينا جي ڪيل سوال ته”تو سياست ۾ به ڪافي وقت وڃايو آهي.ڪنهن سياستدان کي سفر ۾ کڻندين“. جنھن تي اياز کيس جواب ۾ چوي ٿو ته، ”ها، حشوڪيولراماڻيءَ ۽ مھاتما گانڌيءَ کي“، اياز اڳتي هلي غلام هندستان لاءِ انگريزن سان وڙهندڙ، ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي ساٿي پرچو وديارٿيءَ مُتعلق ٻُڌائيندي لکي تو ته، ”اها سڄي ڳالھه مون کي حشوڪيولراماڻيءَ، جو به شايد ساڳئي جيل ۾ نظر بند هو، ٻُڌائي هئي.حشوءَ وڌيڪ ٻُڌايو هو ته پرچو جيل ۾ قيدين کان ڇھه ست ڪمبل هٿ ڪري پاڻيءَ ۾ ڀڄايا جيئن اُهي آلا ۽ ڳورا ٿي پوَن. هِن اُهي ڀِت جي پار اُڇلايا، جي هُن جا دوست سُڪ ڪري جھلي بيٺا“. هي يادن جا رنگ برنگي لھجا ڪيڏا نه نرالا ۽ تاريخ جا اَڻ وِسرندڙ ۽ مِٽجندڙ قصا آهن، جن جي لفظ لفظ ۾ اذيتون، ڪٺنتائون، ۽ مُسلسل جدوجھدون سمايل آهي.
اياز، حشوءَ جي گهڻ رُخي شخصيت کان ايترو ته مُتاثرهو جو هُن پنھنجي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب حشوءَ کي ارپنا ڪيا آهن. جن ۾ ”سَر لوهيڙا ڳڀيا“ جو انتساب هيئن ڪري ٿوته، ”حشوڪيولراماڻيءَ جي نالي، جنهن مون کي جديد ادب، سياست ۽ تاريخ سان روشناس ڪرايو“. ”سانجهي سمنڊ سِپون“ جو انتساب ”سنڌ جي عظيم انسان، حشوڪيولراماڻيءَ جي نالي“ ۽ ”ميِنهن ڪڻيون“ جو انتساب ”سوڀو گيانچنداڻي، حشوڪيولراماڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي“ جي نالي ڪيو آهي. انتساب جو ذڪر نڪتو آهي ته اُتي هندستان جي هڪ علائقي اديپور، ڪڇ، گُجرات ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران موهن گيھاڻيءَ جو ڇَپرايل ڪتابHistory of Sindh سائين جي.ايم.سيد ۽ حشوڪيولراماڻيءَ کي ارپيو ويو آهي. ارپنا ۾ لکيل آهي، (Dedicated to proud of sindhi soil saeen G.M.Syed and Hashu Kewalramani) اهڙيءَ طرح سان سنڌ ۽ هند جي نامياري ڪھاڻيڪار کرشن کٽواڻيءَ پنھنجو آخري ناول ”تَرندڙ بادل“ پڻ حشوڪيولراماڻيءَ جي زندگيءَ جي پس منظر ۾ لکيو آهي.
اهڙيءَ طرح اياز نه رُڳو پنھنجي نثر ۾حشوءَکي ياد ڪيو آهي پر هُن پنھنجي شاعريءَ ۾ به حشوءَ کي سانڍي رکيو آهي.”سَر لوهيڙا ڳڀيا“۾ هڪ نثري ٽُڪري ۾ اياز لکيو آهي ته،”حشوڪيولراماڻيءَ کي اُلھاس نگر ۾ رات گُذارڻ لاءِ ڪوئي گهر نه هوندو هو ته هُو مساڻ جي وِچ ۾ سُمھندو هو.جي ڪوئي هُن کان پُڇندو هو ته هُو ائين ڇو ٿو ڪري ته جواب ۾هُو چوندو هو، ”نيٺ ته اُتي ئي وڃڻو آهي“. ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”ماڌو! توسان ملِي، مون کي پاڻ ملِي ويو آهي. جڏهن ته حشوءَ وانگر مان گُذر ته ڀُڳڙن مُٺ تي ڪندو هوس. پر دنيا جو آزاد ترين انسان هوس“. ايئن اياز پنھنجي نثري شاعريءَ جي ڪتاب ”هَرڻ اَکي ڪيڏانهن“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته،“ حشوڪيولراماڻي!تون سولزي نٽسن کان وڏو هُئين جو سنڌ ۾ رهي تو دنيا جي انقلابي سياست تي ايتري دور رس نِگاھ ٿي رکي! سولزي نٽسن کي ته اڃا تائين سنڌ جي نالي جي به خبر نه آهي!“
سنڌ جي هِن عظيم شاعرجا سنڌ جي ٻئي عظيم انسان لاءِ اهڙا ڀرپورخيال،ڪيفيتون ۽ احساس ڪيڏا نه معنيٰ خيز ۽ دلچسپ آهن. ويھين صدي جتي المناڪ واقعن کي جنميو، اُتي هُن حشوءَ جهڙن باشعور۽ پنھنجي مٽيءَ سان ملھائيندڙن کي به جنم ڏنو، جن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري بارود جي ڍير تي به گُل ڦُٽي پيا،جن جي سُرهاڻ ۽ سُڳنڌ ساري دنيا کي جيئڻ جو هڪ ڀرپور ڍنگ عطا ڪيو، جنھن جي آڌار تي هي تباهي جي ڪناري تي پُھتل دنيا اڃا به همت ۽ حوصلي سان جيئڻ جو ساهس رکندي، شيطاني قوتن سان مھاڏو اٽڪائيندي پئي اچي.شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ 8، ڊسمبر1968ع واري صفحي تي لکيوآهي ته، ”مون سان مُونس پنجاپيءَ جي واقفيت 1946ع ۾ حشوڪيولراماڻيءَ ڪراچيءَ ۾ ڪرائي هئي. مُونس، مارڪسوادي هو پر حشوءَ وانگر بورجوا فن ۽ فڪر جو توجهه سان مُطالعو ڪندو هو. حشوءَ هُن کي ۽ مون کي انگريز اديبن، اسٽيفن اسپينڊر، ڪراسٽافر اِشِروڊ ۽ آڊن تي ليڪچر ڏنا هُئا.
آڊن ۽ اسپينڊر، شاعر آهن ۽ اشِروڊ ناول نويس آهي. حشو جڏهن انگلينڊ ۾ هُيو ته اُهي ٽئي اديب اُتان جي ترقي پسند ادب تي ڇانيل هيا. حشوءَ، مون کي اِشِروڊ جو ناول(Goodbye to Berlin)پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جو مون کي ڏاڍو وڻيو هو.حشو اسان کي ڪميونزم ۽ سوشلزم تي ليڪچر به ڏيندو هو۽ اُن دور جي ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ رهنمائن۽ اُنهن جي سوشلسٽ خيالات سان اسان جي واقفيت به ڪرائي هُيائين.هُو هڪ اينسائيڪلو پيڊيا(جامع اللغات) هو. جَي. پرڪاش نارائڻ تي ڳالھائيندو هو ته هندستان جي سوشلسٽ پارٽيءَ جي پوري تاريخ ۽ اُن سان ڪميونسٽ پارٽيءَ جا سارا اختلاف اکين اڳيان اچي ويندا هُئا. هُو جڏهن ايم.اين.راءِ تي ڳالھائيندو هو ته انٽر نئشنل ڪميونزم جي ساري تاريخ اکين اڳيان ڦِري ويندي هئي. مارڪس، لينن، اينجلز، اسٽالن، ٽراٽسڪي، پاليخانوف، فيور باخ، روزالڪسمبرگ، ڪارل ليبنڪ وغيره ڪيئي انقلابي تاريخ مان نالا اسان جي ڪَنن ۾گُونجندا هُيا ۽ هُو اسان کي اُنھن جي نظرين سان واقفيت ڪرائيندو هو. هڪ ڀيري هُو اسان کي ٽراٽسڪيءَ ۽ هُن جي همسفر اديبن ۽ دانشورن جي باري ۾ پنھنجا رايا ٻُڌائي رهيو هو. پارووس، ڊيوسش، راڊڪ، هيننگس، بال، تِرستان تزار، ائنا بليوم، اِنيسا، راڪووسڪي، بريٽن، ڊيگور ويرا، ميري مئڪارٿي وغيره، ڇا ڇا نالا آيا ها هُن جي گُفتگوءَ ۾ ۽ ادب ۽ آرٽ جا رنگا رنگ گُل اسان جي ذهن ۾ ٽڙي پيا ها. هُن منھنجي جديد انگريزي ادب سان به واقفيت ڪرائي هئي ۽(New Writing) جا سلسلي وار ڪتاب ڏنا ها جن ۾ مغرب جو جديد ترين ادب هوندو هو. حشو ڪراچيءَ ۾ لاڪاليج جي ڀرسان هڪ فلئٽ ۾ رهندو هو، جنھن ۾ ٻه ڪمرا هوندا هيا. ٻئي ڪمرا ڪتابن سان ڀريل هوندا هيا، جن جي وچ ۾ رُڳو ويھڻ ۽ سُمھڻ جيتري جاءِ هوندي هئي. حشو پاڻ کي Bohemian چوندو هو. هن شادي نه ڪئي هئي ۽ ائين ئي پرائي زال سرلا سان پيار ڪندو هو. هُو آڪسفورڊ ۾ تنھن وقت اِندراگانڌيءَ سان پڙهندو هو جنھن وقت اِندرا ۽ فيروزگانڌيءَ جو معاشقو هلندو هو.
ڪراچيءَ ۾ موٽي، حشوءَ انگريز سامراج جي خلاف پوسٽر ڪڍيو هو، جنهن ۾ هندستان جي نقشي تي لانگ بوٽ نڪتل هو ۽ لکيل هو“Stop this march of imperialism” اُن پوسٽر ڪڍڻ تي انگريزن هن کي ٻه سال ٽيپ ڏني هئي پر هُو ڏيڍ سال کان پوءِ آڪٽوبر 1941ع ۾ ڇُٽي آيو هو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هُو سوڀي سان گڏ سنڌ جي دوري تي نڪتو هو. اُن وقت ساري سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن حشوءَ جي اثر هيٺ هئي. هُن سوڀي کي شاگردن سان واقف ڪرايو ۽ پوءِ سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيائين. سوڀو اڃا تائين مُرڪي چوندو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ حشوءَ سوڀي جو ڳوٺ ٻِنڊي ڏسي،هن کي چيو هو (“You are a flower on a dung hill” تون ڇيڻي جي ڍير تي هڪ گُل آهين.) انگلنڊ مان حشو بنا ڊگريءَ وٺڻ جي موٽي آيو هو، ڪنھن به پارٽيءَ جو ميمبر نه ٿيو هو ۽ ڪڏهن به وقت تي ماني نه کاڌي هيائين. هُن نه ڪنھن مُستقل روزگار لاءِ ڪوشش ڪئي هئي ۽ نه ڪنھن هڪ نظريي جي پيروي ڪئي هئي. ايئن لڳندو هو ته هُن جي پوري زندگي هڪ سوال جي نشاني آهي. هُن جي ذاتي زندگيءَ ۾ به هُن جي ذهني تذبذب جي عڪاسي هئي.
آڪسفورڊ ۾ هُن جي هڪ ڪرستان ڇوڪريءَ، شانتي سيلدونا، سان واقفيت ٿي هُئي جا بمبئيءَ جي رهندڙ هُئي. حشو ڪراچيءَ موٽي آيو هو ته هُن شانتيءَ سان خط و ڪتابت جاري رکي هُئي. 1942ع ۾ جڏهن انگريز سرڪار جي خلاف آزاديءَ جي تحريڪ زور تي هُئي ته حشو بمبئيءَ هليو ويو هو ۽ اُتي شانتيءَ سان زبردست معاشقو لڙايو هُيائين ۽ هُن سان واعدو ڪري آيو هو ته هُو جلدئي بمبئيءَ موٽي ايندو. 1944ع ڌاري حشو ٻيھر بمبئيءَ ويو ته شانتيءَ هُن کي آخري اطلاع ڏنو ته: ”جي هاڻي مون سان شادي نه ڪندين ته مان تو لاءِ نه ترسندَيس“. حشو ارادو نه ڪري سگهيو ۽ شانتي سيلدونا هڪ انگريز آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي. هڪ ڀيري مان، مُونس ۽ حشو، حشوءَ جي فلئٽ ۾ وسڪي پي رهيا هئا سين. حشو هُون ته سارو وقت سياست، بين الاقوامي معاملات، فلسفي ۽ ادب تي ڳالھائيندو هو، پر اُن ڏينھن هُن پھريون ڀيرو عشق و محبت جي باري ۾ ڳالھايو. هُن چيو ته ”هُن کي اُنهن مردن کان نفرت هوندي آهي،جي ڪنهن خوبصورت عورت جي دوستيءَ تي ٽِڏندا آهن.اُنهن ۾ قابلِ رحم احساسُ ڪمتري هوندي آهي، ڄڻ ته هُو اُن تي پاڻ پَڏائيندا آهن ته هُنن سان ڪائي خوبصورت عورت ساٿ آهي“. هُن هڪ دوست جي ڳالھه ڪندي چيو هو ته: ”هُو ماڻھو آهي يا چراخ آهي، جو ماکيءَ ۾ ٻُوٿ ٿڦي آيو آهي“. ۽ پوءِ منھنجن چپن تي ڦِڪي مُرڪ ڏسي چيو هيائين ”تون ڇو ٿو لڄي ٿين؟ شاعر اِن معاملي ۾Exception ( مُستثنا)هوندا آهن“ حشوءَ کي ڪئسانووا(Casanova) ٽائيپ مرد نه وڻندا ها ۽ هُو هڪ اَڌ عشق جو قايل هو.ڳالھيون ڪندي جڏهن هُو کيپ ۾ آيو هو ته هُن انگريزيءِ ۾ چيو هو، ”شانتي تون به.....تون به شانتي؟“ پوءِ هُن ٿڌو ساھ ڀري ڳيت ۾ ڊبل پيگ پيتو هو ۽ هُن کي ننڊ اچي وئي هُئي.اُهو تذبذب حشوءَ جي ذهن ۾ ڪميونزم سان محبت وقت به پيدا ٿيندو هو.هُو اڪثر ڪنهن جو قول دُهرائيندو هو ته ”مان ڪميونزم لاءِ جيئڻ چاهيان ٿو،ڪميونزم لاءِ مرڻ چاهيان ٿو،پر ڪميونزم هيٺ رهڻ نه ٿو چاهيان. ”حشو،سوڀي کي به چوندو هو،“توکي ڪميونسٽ هميشه استعمال ڪندا ۽ تنھنجي حياتي ۽ هڏا هڪ نئينءَ تعميرجي بُنيادن ۾ ڪم آڻيندا“. سال 1947ع ۾ هُن کي نظر بند ڪري رکيو هيائون. ڇوته هُو پنهنجيءَ فلئٽ ۾ ساري رات ڪُجهه ٽائيپ ڪندوهو. (هُو اُن وقت سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو هو.)جڏهن هُن جو نظربنديءَ جو معياد وڌائڻ لاءِ هُن کي مسعود کدرپوش وٽ پيش ڪيو هيائون، جو اُن وقت ڪراچيءَ جو ائڊيشنل ڪمشنر هو، ته مان هُن سان هُن جي وڪيل جي حيثيت ۾ گڏجي ويو هوس. مسعود آءِ.سي.ايس هو ۽ جنھن وقت هو بمبئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ته آدي واسين ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. هُواڳ ئي حشوءَ جو واقف هوندو هو ۽ حشوهُن جي سياسي فلسفي کي ڀيل ازم(Philosophy of Bhilism) جو فلسفو چوندو هو. هندستان ۾ ڀيل مسعود کي ”مسعود ڀڳوان“ ڪوٺينداها. جڏهن پوليس حشوءَ کي مسعود وٽ پيش ڪيو هو تڏهن حشوءَ کي ٿِري پيِس سوٽ ۽ فيلٽ هئٽ پيا ها.حشوءَ فيلٽ هئٽ لاهي مسعود کي چيو هو ”هلومسعود!“، ”هلو حشو“ مسعود جواب ڏنو هو. پوءِ حشوءَ مسعود کي مون سان واقف ڪرائيندي چيو،”هي ٽئگور کان پوءِ برِصغير جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي پر هِن وقت منھنجي وڪيل جي حيثيت ۾ آيو آهي“. مسعود ڪُجهه مُرڪيو، ڄڻ ته هُن کي حشوءَ جي مُبالغي آميزيءَ جي عادت اڳيئي معلوم هُئي ۽ پوءِ اسان ٻنھي کي ڪُرسيون آڇيائين.ڳالھيون ڪندي مسعود حشوءَ کي چيو هو،حشو تون هندستان ڇو نه ٿو وڃين؟“، ”مسعود، هي منھنجو وطن آهي، مان هندستان ڇو وڃان؟“ حشوءَ چڙي جواب ڏنو. ”مسعود پنهنجي آڱوٺي سان ڀر واري ڪمشنر جي ڪمري ڏانهن اِشارو ڪندي چيو: ”اوهان سنڌي ريڊ انڊينن وانگر مليا ميٽ ڪيا ويندءُ“. ،پوءِ مسعود ڪنڌ جُهڪائي حشوءَ جي نظربنديءَ جي معياد وڌائڻ جو آرڊر لکيو ۽ جيستائين اسان هُن جي ڪمري مان نڪري وياسين، هُن اسان کي اکيون مٿي کڻي نه ڏٺو. حشوءَ جي رهائيءَ کان ڪُجهه وقت پوءِ هُن کي مُلڪ بدر ڪيو هيائون.اسان هُن کي سائين جي.ايم.سيد جي گهر تان ايئرپورٽ تي ڇڏي آيا هياسين. موٽڻ وقت مُونس ايئر پورٽ جي ڀتين ۾مُڪون هَنيون هُيون ۽ ڪار ۾ ٽاھه ٽاھه ڳوڙها ڳاڙيا ها.سائين جي.ايم.سيد جڏهن انگلنڊ ۾ ڪرشنا مينن سان گڏيو هو. جتي هُو هندستان جو هاءِ ڪمشنر هيو، تڏهن مينن کي چيو هيائين،“مان اوهان کي اڳيئي سُڃاڻان ڇو ته مون سان اوهان جو ذڪرحشوڪيولراماڻي ڪندو هو.”مينن ٻه ٽي ڀيرانِرڙ تي آڱر هڻي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي ۽ پوءِ چيو هيائين، هائو، هائو، هاڻي مون کي اُهو شخص ياد اچي رهيو آهي. هُو ڇوٽي قد واروشخص جو هميشه چوندو هو ته سنڌي هڪ قوم آهي.“ 1963ع ۾مان جڏهن حشوءَ سان دهليءَ ۾ مليو هوس ته حشوءَ سان سرلا جي شادي ٿي چُڪي هئي. مان ڀانيان ٿو ته سرلا جو اڳيون مُڙس مري ويو هو ۽ اُن کان پوءِ هُن حشوءَ سان شادي ڪئي هُئي.هُن کي ٻه جوان ڌيئر ۽ گُل جي نالي سان هڪ ننڍو پُٽ هُيو ۽ ساريءَ فئمليءَ جا فوٽو منھنجي آلبم ۾ آهن.حشو پنھنجو نالو حشمت الله ۽ پُٽ جو نالو گُل محمد ٻُڌايو هو. گُل پِيءُ وانگر جينيس ٿي لڳو ۽ هُن کي ڳڀرو فنڪار(Child Artist)جي حيثيت ۾ نھروءَ آل انڊيا اوارڊ ڏنو هو. حشواُن وقت به آزاد صحافي(Free Lancer) هو. هُن پاڪستان جي باري ۾ ڪيترائي مضمون (Pakistan Xrayed) جي نالي سان ”هندستان اسٽائنڊرڊ“ اخبار ۾ ڇپايا ها،جي هُو (The Uprooted and the Upright)جي نالي سان مُرتب ڪري رهيو هو.مون کي ائين ٿي لڳو ته حشو ٽُٽي چُڪوهو. هُن مون کي تڏهن چيو هو ته: ”منھنجي ماءُ جڏهن دهليءَ ۾ مري وئي ۽ جمنا جي ڪناري تي هُن جي چِکيا جلي رهي هئي،تڏهن نه ڄاڻان مون ڇا محسوس ڪيو هو جنھن منھنجي دنيا بدلائي ڇڏي آهي“. هُن کي اِن ڳالھه جو شديد احساس هو ته هُن جي قوم هُن جي بيقدري ڪئي هُئي. هڪ ڀيري منھنجي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ پنھنجي گهر تي ماني ڪئي هئي.دهليءَ جا ڪيترائي سنڌي اديب، مرد ۽ عورتون اُتي آيا ها.حشو به موجود هو. رات جا اٽڪل ٻارنھن لڳا ها،مان پنھنجو شعرپڙهي رهيو هوس ۽ چوڌاري وھ واھ ٿي رهي هُئي.ايتري ۾حشو، جو پيتل هو، اُٿي بيٺو ۽ مون کي ٻانھن کان وٺي چيائين: ”مُنھنجن پيرن تي هٿ رک ته هنن کي معلوم ٿئي ته مان ڇا آهيان“. مون هُن جي پيرن کي ڇُھيوهو ته منھنجين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ها.هُو پوءِ ويھي رهيو هو ۽ پنھنجيءَ دنيا ۾ گُم ٿي ويو هو. حشوءَ جي ڪراچيءَ واري گهر ۾ اخبارن،رسالن ۽ ڪتابن جا ڍير پيل هوندا ها۽ هُن جو سامان چوڌاري ٽڙيل پکڙيل هوندو هو. حشوءَ ۾ ضد بلڪل ڪو نه هو،حشوءَ ۾ تذبذب هو،حشو بين الاقوامي ڪميونزم جون ڪمزوريون پاڻ ٻُڌائيندو هو“. اياز،حشوءَ جي زندگيءَ جو هي جيڪو خاڪو جوڙيو آهي اُن مان حشوءَ جي سڄي زندگيءَ جو رنگ ۽ ڍنگ نکري نروار ٿي اچي ٿو. ۽ دل درد جو سگريٽ بنجي دُکڻ لڳي ٿي ته اکين مان سور جو سُرمئي دُونھون اُٿڻ لڳي ٿو جنھن مان حشوءَجون ذهانت سان چمڪندڙ اکيون مُرڪنديون نظر اچن ٿيون. سوڀي گيانچنداڻيءَبه پنھنجي ڪتاب“وڏي وٿ هُئام” ۾حشوءَ جو ذڪر ڪيو آهي.حشوءَ جهڙي شخصيت سان لاڳاپيل يادون يا ڳالھيون وڏي اهميت رکن ٿيون.اُن ڪري هن تفصيلي مضمون ۾ حشوءَ جي هر ياد يا ڳالھه کي سھيڙڻ مان ضروري سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مُختلف ڪتابن ۾ مُختلف جاين تي اُهي وکريل يادگيريون هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ منهنجي نظر ۾ اِنتھائي لازمي آهن. ته جيئن سُڀاڻي ڪو به حشوءَ تي وڌيڪ لکڻ چاهي ته اُن کي حشوءَ تي هڪ جامع قسم جو ڪو مضمون پڙهڻ لاءِ ملي سگهي. سوڀي گيانچنداڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”وڏي وٿ هُئام“ ۾ هڪ يادگيري، جيڪا پارٽيءَ جو ڪو حُڪم نه مڃڻ جي ڪري کيس محمد امين کوسي وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ سوڀي سان پروفيسرآصف جاھ ڪارواڻيءَ ڳالھه جي شروعات ڪُجهه هِن ريت ڪري ٿو ته، ”تو شاگرد فئڪشن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ سان دوستي ٽوڙڻ کان نابري واري آهي. سو توکي پارٽي ٽربيونل اڳيان جواب ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي“. جنهن تي سوڀو چوي ٿو ته، ”مان پارٽيءَ جو ميمبر ڪو نه آهيان، مان فقط همدرد آهيان. شاگردن ۾ حشوڪيوراماڻيءَ جي اثر کان واقف آهيان. اوهان ساڻس اٽڪي پنهنجي تحريڪ کي نقصان پُهچائيندا“. ايئن اڳتي هلي غلام رباني پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“ ۾ لکي ٿو ته، ”عبدالقادر انڍڙ، فقير منش هو. ڪراچيءَ ۾، سائين جي.ايم.سيد وٽ ”حيدر منزل“ تي ساڻس اڪثر مُلاقات ۽ ڪچهري ٿيندي رهندي هئي. پاڻ دل وجان سان حشوڪيولراماڻيءَ جو مداح هو. مون سان سندس ڳالهيون ڪندو هو. حشوڪيولراماڻي مون ڪونه ڏٺوهو. سندس دوستن کان سندس ڳالھيون ٻُڌيم“. اڳتي حشوءَ جون ٻين کان ٻُڌل ڪُجھ ڳالھيون لکندي، رباني لکي ٿو ته، ”سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دل جي تار ڳنڍيل رکيائين. دهليءَ ۾(Sindhi Short Stories) نالي ڪتاب ڇپايائين. پھرين ڇاپي ۾ منھنجو هڪ افسانو وڌو هئائين. ٻئي ۾ ٻيو به شامل ڪيائين. ”بُري هِن ڀنڀور ۾“ اُنهيءَ جو انگريزي ترجموThe Deluge عنوان سان ڪيائين، جيڪو دهليءَ ۾چين جي ڪنھن سفارتڪار کي اهڙو وڻيو، جوچينيءَ ۾ ترجمو ڪري بيجنگ موڪليائين. حشوءَ جي، پرپُٺ مون سان دل ٿي وئي. ڏاڍا محبت ڀريا خط لکندو هو“. هند ۽ سنڌ جوناليوارو ڪھاڻيڪار گوبند مالهي پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌڙي، منھنجي جندڙي“ ۾لکيو آهي ته، ”محمد امين کوسي سان منھنجي واقفيت حشوءَ ڪرائي.حشو،گهڻو ڳالھائيندو هو. هڪ محمد امين کوسو ئي هو جيڪو کيس رَدڪَد ڏيندو هو“. گوبند مالهيءَ لکيو آهي ته، ”سنه1940ع هو. (تاريخ ياد ڪانهي) صبح جو اٺين وڳي ڌاران سي.آءِ.ڊي جو هڪ هندو انسپيڪٽر آيو. حشوءَ درکوليو ته پوليس انسپيڪٽر چيس ته تون (پنھنجين سياسي سرگرمين ڪري) گرفتار آهين.حشوءَ مون ڏي نھاري چيو ته،”تون گهر وڃ ۽ منھنجو ڌوتل ڪُڙتو ۽ پاجامو کڻي اچ ته مان پائي انسپيڪٽر سان وڃان.ڊائري يا نوٽبُڪ به آڻج“.،”مان ٽئي نَنگَ کڻي آيس ته چيائين ته ”محمد امين کوسي سان وڃي مل ۽ چئينس ته منھنجي ضامن جو بندوبست ڪري“، گوبند مالھي لکي ٿو ته، ”حشوڪيولراماڻي ڪراچيءَ جي آرٽس ڪاليج ۾ پڙهندو هو، جيڪو ڊي.جي.ڪاليج جي هڪ انيڪسيءَ ۾ هو.اُن جو ڊي.اين هو پروفيسر ايڇ.ايم.گُربخشاڻي.ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين فيون گهٽايو ۽ قسطن ۾ وٺو. اُنھيءَ هلچل جو روح روان هو حشو ڪيولراماڻي. هُوڪاليج جو شاگرد ڪونه هو.انگلينڊ مان تعليم پرائي آيو هو ۽ هندستان جي، انگريزن کان آزاديءَ جو اُتساھه کڻي آيو هو. جوان ۽ رُعبدار پرسنلٽيءَ جو مالڪ هو. گڏيل سڏيل انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندو هو ۽ هٿن جي حرڪت سان ڪافي اثردار اڳواڻ لڳندو هو. مان حشوءَ کي پري کان ڏسندو هُئس. دل ئي دل ۾هُن جي تنظيمي صلاحيتن ۽ ليڊر شِپ جي قوتن جو داد ڏيندو هئس. مون حشوءَ ۾ آدرشي اڳواڻ ڏٺو. بهادر ۽ مقصد سان سچو. ساٿين سان برابريءَ واري سلوڪ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو.هُوصبح جو سوير گهران نڪرندو هو.پوءِ سڄو ڏينهن هل هلان“. هي سنڌ جو سچو،بي باڪ، ۽ مُسلسل سفر ۾ رهندڙ کاهوڙي حشوڪيولراماڻي ڪڏهن به مُنهن مونن ۾ وجهي هڪ هنڌ نه ويٺو نه ئي هُن ڪڏهن کرڪڻا لاهي سُک جي ننڊ ڪئي.بلڪه هُو ته جاڳ ۽ سُجاڳيءَ جو اُهوجُھونجھار هُيو،جنهن جي خوابن کان وڌيڪ ساڀيان سان ياري هئي،جنهن پربت پربت پيچرا اورانگھي،نئين سوچ ۽لوچ کي پئي سنواريو.سچ ته اهڙن لوچيندڙ۽ انقلابي جدوجهد جي سرواڻي ڪندڙ انسانن تي تاريخ توڙي قومون فخر ڪنديون آهن ۽ سندن تيز ترين مُثبت تحرڪ مان ايندڙپيڙهيون،نسل اُتساھ ۽ حوصلا پائي،اُنهن جي جدوجهد جي تسلسل کي وڌائيندا،اڳتي وٺي ويندا آهن.سنڌ ۽ هند جي ناليواري دانشور،اديب،قومپرست سياستدان ڪيرت ٻاٻاڻي،جنهن کي سيد جي جدوجھد دوران هند جي سنڌين جو جي.ايم.سيد قرار ڏنو ويو آهي، اُن پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪُجهه ٻُڌايم، ڪُجهه لڪايم“ ۾حشوڪيولراماڻيءَ لاءِ هيئن لکيو آهي ته، ”حشوڪيولراماڻيءَ سان به اُن سمي، منهنجي ڪراچيءَ ۾ مُلاقات ٿي.هُو شھاڻي لا ڪاليج جي سامهون، ڪنھن جڳهه جي هڪ ننڍي فلئٽ ۾ اڪيلو رهندو هو.حشو ڪيولراماڻي هڪ وڏو انقلاب پسند شخص ۽ اعليٰ قد جو ٻُڌيمان هو.سندس جيون ڪھاڻي تمام دلچسپ ۽ اڌڀت رهي آهي، پر اُن جو تفصيلي احوال مان هِت نه ڏيئي سگهندس، ڇاڪاڻ ته اُهو منھنجي ڪھاڻي کان به وڏو داستان ٿي ويندو پر پوءِ به کيس پنھنجي طرفان خراج عقيدت پيش ڪندي،پاٺڪن کي اهڙي اعليٰ درجي جي مُفڪر جي جيون ڪهاڻيءَ جي جَهلڪ ضرور پَسائيندس. حشوڪيولراماڻي سنڌ جي اُنھن چند آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن بُلند پائي جي عاقلن مان هو، جن تي سنڌي جاتي بجا طور فخر ڪري سگهي ٿي.1939ع ۾ هُوانگلينڊ مان واپس وريو ۽ فورن ڪراچي مزدور تحريڪ ۾گهڙي پيو. اُن ئي سال ٻي مھاڀاري جنگ ڇڙي پيئي. هٽلر جي فاشسٽ طاقتن جي خلاف سڄي دنيا جي جمھوري ۽ ترقي پسند عناصرن ۽ شڪتين ملي،آواز بُلند ڪيو، حملي جي نِندا ڪئي. حشوڪيولراماڻي پڻ پنھنجن ساٿين قاضي مُجتبيٰ (پورهيت اڳواڻ) سنتوش ڌرماڻي ۽ پريتم ٽھلراماڻي (وديارٿي اڳواڻ) سان ملي، وديارٿين ۽ پورهتين ۾ جنگ خلاف ڪراچيءَ جي رستن ۽ گلين ۾ جلوس ڪڍي پرچار ڪيو، جنھن ۾هن انگريزي سلطنت شاهي خلاف ۽ ڀارت جي آزاديءَ جي حق ۾ به زوردار ڀاشڻ ڏنا.انگريز سرڪار بغاوت جي ڏوھ ۾ حشو ۽ سنتوش کي 1940ع ۾گرفتار ڪري وڃي ڪراچي جيل ۾ بند ڪيو. هڪ سال جي سزا ڪاٽي جڏهن ٻاهر نڪتو ته صفا خاموش ٿي ويو. گُذر بسر جو به ڪو وسيلو ڪو نه هوس. ڪٿان گُذران ڪندو هو، تنھن جي ڄاڻ ڪا نه پوَندي هئي. ڪي سَرنديءَ وارا دوست ۽ ڪي شَرڌالو شاگرد شايد سندس مدد ڪندا هئا. حشوءَ سان سندس چانھه جي ڪوپ تي ويھي، ماٺ ڪري سندس چِڻنگائي ويچار ٻُڌڻ هڪ قسم جي ذهني مجلس هئي. هُو سياسي ڄاڻ ۽ علم جو ڀنڊار هو ۽ انگريزي ڀاشا تي ايڏو ضابطو هوس، جوخود انگريز به حيران ٿي وڃن. ڪنھن به وشيه تي، هڪ ته وڏي اختياريءَ سان ڳالھائيندو هو ۽ ٻيو ته سندس لفظن ۽ دليلن ۾ ايترو ته زور هو ڄڻ تيز ڌارا وهندي ٿي وڃي، بنا بيھڻ جي. کيس ٻُڌڻ ۾ آنند ايندو هو ۽ ڪافي ڪُجهه علم حاصل ٿيندو هو. راڄنيتي فلسفي ۾ ته هُو پرٻيڻ هو. پر ٻين علمن ۾ پڻ سندس حاصلات حيرت جهڙي هئي. مان اڪثر وٽس فلئٽ ۾هليو ويندو هوس. کيس چانھه جي دعوت ڏيئي ڀر واري ايراني ريسٽارنٽ ۾وٺي ايندو هوس. ٻه چانھيون ۽ کارن بسڪيٽن جي هڪ پليٽ گهرائي وٺندو هوس. هڪ چانھه تي ٻه ٽي ڪلاڪ لڳاتار سڄي دنيا جي سياست تي ڳالھائي ويندو هو. مان سندس ڳالھائڻ کان ڏاڍو مُتاثر ٿيندو هوس. ٿورن سالن کان پوءِ حشو دهلي ڇڏي اچي بمبئيءَ ۾ وسيو پر سندس ذهني ميزان ٺيڪ نٿي لڳو. اهڙو ڇا ٿي گُذريو جو، سندس من ۽ دماغ جي اِسٿتي بِگڙي ويئي هئي.هُن جو وهنوار ۽ ويچار ڪُجهه اَساڌارڻ پئي لڳو. ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ويجهن دوستن وٽ ويندو هو. ڪنھن کان ٻه روپيا، ڪنھن کان پنج روپيا ته ڪنھن کان ڏھ روپيا گهري وٺندو هو، ائين چئي ته ”مان اُتم گرنٿ (World Classic) ويٺو لکان، جنھن مان لکن ۾ مون کي رايلٽي(اُجورو) اَچڻو آهي. مان هيءُ قرض طور ٿو وٺان، جيڪي پنھنجي ڊائريءَ ۾ داخل ڪندو ٿو وڃان ۽ جيئن ئي منھنجي رقم آئي ته مان سڀني کي اُهو قرض موٽائي ڏيندس.....“. ائين هُو چانھه ،ڊٻلروٽيءَ تي گُذران ڪندو هو. سگريٽ کان سواءِ به رهي نه سگهندو هو.هڪ ٻئي پُٺيان ڦُوڪيندو ويندو هو. سَستي اگهه وارو سگريٽ خريد ڪندو هو. ڳالھائڻ ۾ پوندو هو ته ڄڻ بند ٽُٽي پيو. نڪو ڪنھن کي ڳالھائڻ ڏيندو هو نڪو پاڻ ڪٿي دم پٽيندو هو. گهڻي ڀاڱي هوش ۽ عقل سان ڳالھائيندو هو ۽ ڏاڍو اثرائتو لڳندو هو، پر جي اوچتو جُجڪي آيس ته پوءِ پَٽي تان لھي ويندو هو. اهڙيون ادڀت ڳالھيون ڪندو جو سندس سنوائيءَ ۾ ئي شڪ پئجي وڃي. اڪثر چوندو هو، مان جيڪو پستڪ لکان ويٺو، اُن جو هڪ هڪ صفحو ڀارت جو راشٽر پتي گهرائي وٺندو آهي.... ڀارت جو پرڌان منتري اِندرا گانڌي ڪي به اهم فيصلا ڪرڻ کان اڳ مون سان صلاح ڪندي آهي، جيڪي به دنيا ۾ نيون کوجنائون ٿين ٿيون، تن جي پھرين اڳڪٿي مان ڪندو آهيان“. مطلب ته ڪيترو ئي بيجوڙ ۽ اَڻ ٺھڪندڙ ۽ وشواس کان ٻاهر چوندو ويندو هو. ظاهرهو ته هو اُتي ـــ اهم(Super Ego) جي احساس ۾ مُبتلا هو. اها ڳالھه سڀاويڪ به هئي، جيڪو شخص ايڏو عقل جو صاحب، جو مائٽن کيس ڪلڪٽر بنجڻ جي آس سان انگلينڊ موڪلي ڏنو سو هن نموني بلڪل ناڪامياب ۽ نڪمي زندگي گهاريندو هُجي، سو پنھنجي اهم کي ڪو ته آٿت ۽ آسرو ڏيئي جيون سڦل هُئڻ جي ڀرم کي پاليندو.... رهڻ لاءِ شروعات ۾ ته پيڊر روڊ تي پنھنجي ٻُڍڙي ڀيڻ جي گهر جي کُليل بالڪونيءَ ۾ هڪ فراسي ۽ هڪ چادر سان ڪم هلائي ويندو هو،پررات جو تمام دير سان اچڻ ڪري کيس اُتان به نيڪالي ملِي. پوءِ هڪ لاوارثن وانگر ڪڏهين ڪٿي، ته ڪڏهين ڪٿي سُمھي پوندو هو، رات ڪاٽي، وري بمبئيءَ جون گهٽيون ۽ رستا ڪڇيندو وتندو هو. ڌرمشالائن ۾، پلئٽفارمن تي يا مساڻن ۾ رات گُّذاريندو هو. آخرين ڏينھن ۾ اُلھاس نگر جي مساڻن ۾ رهندو هو..... پوءِ اوچتو لاپتا ٿي ويو.آخرين وقت تي جنھن شخص کيس ڏٺو هو، سو سندس ويجهو مائٽ آهي، مسٽر ماڌوڀمڀاڻي، جنھن کان آخري دفعي هن ٽن سَوَنِ روپين جي گهر ڪئي ۽ ضد ڪري ٽي سو روپيا کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري ويو.اُن ڏينھن تي اوڙڪ برسات پَئي پيئِي.گهٽيون،رستا،نديون نارا ٿي لڳا.سندس لاپتا ٿي وڃڻ جو هڪڙو اَنومان اِهو به آهي ته هو سنڌو نگر ويندي ويندي،اَهڙي ڀيانڪ رات جي اُونداهيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي تِرڪي پاڻيءَ ۾ لُڙهي، الائي ڪٿي وڃي دفن ٿيو هوندو. ٻيوانومان اِهو به آهي ته مساڻيءَ، ٽن سَوَن ڦُرڻ جي لالچ تي.حشوءَ کي گهري اُونداهي رات جو فائدو وٺي، ختم ڪري، اُن مساڻ ۾ پوري ڇڏيو ٿو ڏسجي. اَهو انومان برک ليکڪ موهن ڪلپنا به ڪڍيو هو. جنھن به حشوءَ جي پوئين ڏينھن ۾ ڏاڍي مدد ڪئي هئي. اهڙي قسم جي رپورٽ پوليس کي به ڪئي ويئي هئي. پر اُن جو ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو. ڪيئن به هُجي، هڪ اعليٰ سنڌي ٻُڌيمان جي پڇاڙي هھڙي تنگ دستي ۽ درد ناڪ نموني ۾ ٿئي،سا نھايت پيڙا دائڪ ۽ اسان سڀني لاءِ ”حيف“ لائق آهي“. ڏاهيون هميشه ڏُک ڏسنديون آهن، سندن ئي ڏاهپ کين ڏنگيندي رهندي آهي، جنھن جو زهر، دل ۽ دماغ جي سرسبز سونھن ۽ سوڀيا کي نيراڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي ڏاهپ جو وِھُ، حشوڪيولراماڻي زندگي ڀر کِلندي ڪُڏندي پيئندو رهيو. ۽ علم، عقل، شعور، ڏاهپ جا رستا جوڙيندي جوڙيندي، پنھنجي اندر ۾ اهڙو ڪو ٽُٽي ۽ ڀٽڪي ويو جو پوءِ وري ڪڏهن به هُو پاڻ کي جوڙي ۽ ڳولي نه سگھيو ۽ نه وري جن جي جوڙ ڪندي ٽُٽو هو تن ئي کيس جوڙڻ جي ڳولڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي، جن جي لاءِ حشو مُئو اُهي کيس ڪانڌي به نه بڻيا. اِهو الميو حشوءَ جو نه بلڪ اُن قوم جو آهي جنھن اهڙي ناياب، باڪمال هستيءَ کي وساري پنھنجي ڌُن ۾ غرق ٿي وئي. حشوڪيولراماڻي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ماڻي فضائن ۾ الوپ ٿي ويو. ۽ هن بي حس دنيا جي ڪينواس تي هڪ سواليه نشاني بنجي ويو. لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ جي ڀاڱي ٽئين ۾ لکي ٿو ته، ”تن ڏينهن،هندستان اسٽئنڊر اخبار لاءِ حشوڪيولراماڻي هفتيوارڪالم(Pakistan X_rayed) لکندو هو. حشوءَ جو اُهو ڪالم بيحد دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس۽ اسان ٻيئي اڪثر اُن بابت بحث مباحثو ڪندا هُئاسين. حشوءَ جي اُن ڪالم مون کي پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ ساهتڪ ماحول سان روشناس ڪرايو.
لڇمڻ، اڳتي لکي ٿو ته، ”حشوڪيولراماڻي، فوجي رَمَ جو پئوو چاڙهي ويٺو هو ۽ طارق اشرف کي چيو ته سُڀاڻي توکان پنھنجيءَ اخبار (هندستان اسٽئنڊرڊ)لاءِ انٽرويو وٺندس. طارق چيس، ”مان انٽرويو نه ڏيندس“ ”ڇو؟“حشوءَ پُڇيو. ”مان بنا ويزا جي دهليءَ آيو آهيان، ويزا رُڳو بمبئيءَ جي اٿم“ طارق چيو. حشو، باهڙجي ويو. هُو جيترو ذهين هو اوترو بخيل به هو. ”تون بنا ويزا جي هِتي ڇو آيو آهين؟ تو مُلڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تو غلط ڪم ڪيو آهي. مان حيدر بخش جتوئيءَکي تنھنجي شڪايت ڪندس.مان پيرزادي عبدالستار سان....... حشو، وڦلڻ لڳو“. حشوءَ جو اُهو وڦلڻ اِن ڳالھه جي گواهي آهي ته هو قانون توڙي ٻين مُلڪي ادارن جو ڪيڏو نه احترام ڪندو هو. هِڪ مُھذب، هِڪ باشعور، باڪردار شخص ئي اهڙي عمل جي نِندا ڪري سگهي ٿو. لڇمڻ ڪومل پنھنجي ساڳي ئي آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ۾حشوءَ جي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن جي يادن کي تازو ڪندي لکي ٿو ته، ”پاسي واري فلئٽ ۾ حشوڪيولراماڻي رهندو هئو. هُو اسان جي پتي بازيءَ واريءَ محفل ۾ ته شريڪ نه ٿيندو هئوپر شام واريءَ شراب جي محفل ۾ اچي شامل ٿيندو هئو. ٻه چار پيگ پيئڻ کان پوءِ هُو انٽرنيشنل سياست تي وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ شروع ڪندو هئو. هُن جي چوڻ موجب،اِندرا گانڌي پنھنجي انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ واري شاگرديءَ واري زماني ۾ هُن جي والنٽيئر طور هُن جو هر حُڪم مڃيندي هئي. سياسي۽ سماجي سُوجهه ٻُوجهه ۽ عالمي سياست جو گهرو شعور رکندڙ، مشھور انگريزي اخبار جو مقبول ڪالم نويس حشوڪيولراماڻي پنھنجن پويَن ڏينھن ۾ مُفلسيءَ جو ڀيانڪ روپ ڏٺو. گُذر سفر لاءِ هُو پنھنجا ناياب ڪتاب ڀُڳڙن مُٺ تي وڪڻڻ لاءِ دوستن کي گهر گهرائيندو هو ۽ کانئن زبردستيءَ پنھنجا ڪتاب خريد ڪرائيندو هئو. ڪتابن کان پوءِ هُن پنھنجي گهر واريءَ کان لڪائي گهر جو سروسامان به سستو وڪڻڻ شروع ڪيو، جنھن تان ٻِنھي جي وچ ۾ سدائين جھيڙو رهندو هو.هُن جي گهر واري هُن کي صبح جو ٻه روپيا هٿ ۾ ڏيئي گهر مان ڪڍي ڇڏيندي هئي. ۽ هُو سڄو ڏينھن هِتي هُتي ڀٽڪندي، رات جو دير سان گهر موٽندو هئو. سگريٽن بدران پن جون ٻيڙيون پيئڻ لڳو ۽ فوجيءَ ڪئنٽين جي سَستي رِم تي گُذران ڪرڻ لڳو هو. هُن زندگيءَ جا پويان ڏينهن اُلھاس نگر جي جهوپڙ پٽيءَ ۾ گُذاريا، جتي ئي هُن جي لاش جو ميونسپالٽيءَ وارن مساڻ ۾ آخري اگني سنسڪار ڪري ڇڏيو هئو. هڪ رات مان بمبئيءَ ۾ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي گهر ويٺو هوس. اسان اڃان پھريون پيگ ئي ٺاهيو هئو جو در جي گهنٽي وڳي. ڪيرت جي زال سوتيا در کوليو ته حشو اندر گِهري آيو. ڦاٽل ميري قميص ۽ کُٿل پئنٽ، مھيني کن جي وڌيل اَڇي ڏاڙهي، مٿي تي ڪاري رنگ جي پُراڻي چِٻِي ٿيل فليٽ هئٽ،گُهنجيل ۽ ڏرا ڏيئي آيل اکيون.”اڙي لڇمڻ،تون؟“ ۽ مون کي ڀاڪر پائي چُپ چاپ صوفا تي ويھي رهيو. ڪيرت بي نيازيءَ مان هُن لاءِ پيگ ٺاهيو، هُو سڄو گلاس ڳيت ڏيئي پي ويو. ٿڪل، اُداس ۽ ڳاڙهين اکين سان مون ڏانهن گُهوريندي پُڇيائين، ”ٻُڌاءِ لڇمڻ، حشو اڃا تائين پاڻ ۾ هڪ مڪمل انسٽيٽيوشن(ادارو)آهي يا نه؟“ منھنجي جواب لاءِ ترسڻ کان سواءِ ئي چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي ته روس جو صدر خروشيف اهم ترين عالمي مسئلن تي مون سان ئي مشورو ڪندو هئو. ۽ منھنجي صلاح کان سواءِ ڪو به فيصلو نه وٺندو هئو.توکي خبر، ڄاڻ آهي ته اڄ اڌ دنيا سوشلزم طرف وڌي رهي آهي. ۽ سندن سوچ جو رُخ موڙڻ ۾ حشوءَ جو ڪيترو نه وڏو ڪردار رهيو آهي.آمريڪي صدر جو انڪشاف پڙهيو اٿئي؟ ”انگريزيءَ ۾ ڳالھائي رهيو هئو. ڪيرت مون کي اُتان اُٿاري ڪمري ۾ وٺي آيو. چيائين، ”هي هِتان سولِي جند نه ڇڏيندو، ۽ ماني کائڻ کان سواءِ نه ويندو. سوتيا بيمار آهي، اُن ڪري ماني ٻاهران گهرائڻي پوندي. تون هِن کي پنج روپيا ڏيئي کانئس جان ڇڏاءِ. مان ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيو آهيان. پئسا ملندي ئي هُو هڪدم هليو ويندو“. آلين اکين سان مون حشوءَ کي اچي صوفا تان اُٿاريو. هُوهيڏانھن نِھاري بوتل ڳولھي رهيو هئو. جيڪا ڪيرت الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏي هئي. مون کيسي مان ڏهين جو نوٽ ڪڍي چُپ چاپ حشوءَ جي تِري تي رکي هُن جي مُٺ ڀِڪوڙي ڇڏي. پئسا ملندي ئي حشو تڪڙو تڪڙو در کولي ٻاهر نڪري ويو. در جي چائنٺ تي بيٺي بيٺي مان سنڌ جي هن عظيم دانشور،اعليٰ مُفڪر، انگريزي صحافت ۾ آبرودار رُتبوماڻيندڙ حشو ڪيولراماڻيءَ کي آخري ڀيرو وڏيون وڏيون ٻِرانگهون ڀريندو، اُوندھ ۾غائب ٿيندي ڏسندو رهيس. اندر اچي ڪيرت کي چيم، ”ڪيرت، ماني نه گُهرائجانءِ. اڄ مون کان گِرھ به نه اُڪلندو“. ٻاهر اچي مون مرين لائينس وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪئي. ٽئڪسيءَ ۾ درين کان ٻنھي پاسي رستي جي روشنين ۾ هُن کي ڳولهيندو رهيس. متان ڪٿي هُو نظر اچي وڃي. پر دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هوس ته نه ملي ته سُٺو. ڪٿي سچ پچ ملي ويو ته مان هُن کي رات ڪٿي وٺي ويندس؟ پنھنجي ساهيڙيءَ جي گهر ۾ هُن کي رات ڪيئن رهائيندس؟ بھتر آهي ته نه ملي. ۽ حشو مون کي زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن نه مليو“. ائين هي البيلو انسان،حالتن جي بي رحم هٿن ۾ رانديڪو بڻجي کيڏجڻ لڳو. وقت جي ستم ظريفيءَ هڪ اهل دل، ڄاڻ جي سمنڊ ۽ هڪ باصلاحيت ۽ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ حشو ڪيولراماڻيءَ کي هڪ اهڙي موڙ تي وٺي اچي بيھاريو جتي کيس ڪو به ٻانھن ٻيلي نه بڻيو. هي جيڪو سڄي زندگي، ٻين جو ساٿي رهيو هو تنھن جو آخر ۾ ڪوبه سار سنڀال ڪرڻ وارو نه هُيو. حشوءَ جو ائين اچانڪ ڳُجھارت بنجي وڃڻ، هن بي درد دنيا کان هڪ اهڙو انتقام لڳي ٿو جنهن جي پس منظر ۾ بي انتھا، بي حَسيون ۽ بيقدريون پنھنجا ڀيانڪ چھرا کڻي وڌي رهيون هُيون، جنھن ڪري ئي شايد حشوءَ وقت ۽ حالتن جي مُنھن تي اچانڪ الوپ ٿي وڃڻ جي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي. جو ڪالھه سندس زندگيءَ ۾ جيڪي کيس نظر انداز يا نفرت ڪرڻ لڳا هئا اُهي اڄ سندس ڏاهپ جي ساراھ جا ڍُڪ ڀريندي پنھنجن لکڻين توڙي آتم ڪٿائن ۾ سندس عظمت پڻي جا ڳُڻ ڳائيندي، پنھنجي ڪانه ڪا حشوءَ سان وابسطه يادگيري يا تعلق جي ڪھاڻي لکندي سرهائي محسوس ڪن ٿا. ڪتاب ”شيخ اياز ۽ صحافت“ ۾ اياز، 16، جنوري 1993ع تي عرفان مھديءَ جي خودڪشيءَ تي لکيل مُظفر چاندئي ڏانھن ۽ روزاني برسات اخبار۾ ڇپيل خط، ”خودڪشيءَ جو خبط“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ”مان ڀانيان ٿو ته حشو ڪيولراماڻيءَ به پاڻ کي اُلهاس نديءَ ۾ ٻوڙي ماريو هو. حشوءَ جي ڀائٽي ماڌوءَ پنھنجي گهر منھنجي دعوت ڪئي هئي، جتي مان، منھنجي زال زرينه ۽ ڪلا پرڪاش، ماڌو ۽ هُن جي زال جا مهمان هياسين. اُتي ماڌوءَ ٻُڌايو هو ته حشو“ مون کان سوروپيا وٺي، ڪُجهه نظم ٽائيپ رائيٽر تي ٽائيپ ڪري،اُلھاس نگر هليو ويو هو ۽ پوءِ گُم ٿي ويو هو ۽ هُن جو لاش به نه لڌوهو. تن ڏينھن ۾ڏاڍي برسات پئي هئي ۽ اُلھاس نديءَ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ شايد حشو اُن ۾ ٻُڏي ويو هو. حشو جنهن علامه آءِ.آءِ قاضيءَ کي هڪ خط ۾ پنهنجي قبر جو ڪتبو ڪُجهه هِن طرح لکيو هو، ”هِتي اُهو ماڻھو رکيل آهي جيڪو اُنھن کان ڀَڄي ويو، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، اُن ڳالھه جي ڳولا لاءِ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو“. پر افسوس جو حشو، مٿيون وصيحت جي حيثيت رکندڙ جُملو ساڀيان نه ڪري سگهيو ۽ هُو خوشبوءَ وانگر هوائن ۾ تحليل ٿي ويو. جنھن جو هِن ڌرتيءَ تي هاڻ ڪوبه ڏس پتو موجود نه رهيو آهي، هُو جيڪو آدرشن جي ڳولا ۾سڄي عمر ڇُڙواڳ زندگي جيئندو رهيو. جنھن جي جيئڻ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ به هڪ وڏو حوصلو، همت، جُرئت ۽ اڏولتا هئي. اُن حشوڪيولراماڻيءَ جي زندگيءَ جا مُختلف احوال تحرير ڪندي مان نه ڄاڻ گُذريل ڪيترن ڏينھن کان ڏُک جي سُرمئي احساس ۾، عجيب پيڙا جي ڪيفيتن مان گُذرندو رهيو آهيان، ۽ اکين ۾دُکندڙ، دُود ۾، حشوءَ جهڙي اَڻ ڏٺل شخضيت ۽ ذهانت جو ڪنهن عاشق جيان تصور جوڙيندي، جوڙيندي، پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي ڏاهِي محبوب هستيءَ جي درد ۾ روحاني طور تي ڏاڍو غم زده رهيو آهيان.

(03 ڊسمبر 2013ع)


مددي ڪتاب:
1. جنب گُذاريم جن سين.. سائين جي.ايم.سيد
2. اڄ پڻ چڪيم چاڪ.. سائين جي.ايم.سيد
3. خط،انٽرويو،تقريرون.. شيخ اياز
4. ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون.. شيخ اياز
5. ڪتين ڪَرَموڙياجڏهن (ڀاڱو پھريون) شيخ اياز
6. ڪٿي ته ڀڃبوٿَڪ مُسافر (ڀاڱوپھريون) شيخ اياز
7. ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مُسافر (ڀاڱو ٻيو) شيخ اياز
8. سَرَ، لوهيڙا ڳڀيا... شيخ اياز
9. هرڻ اَکي ڪيڏانھن... شيخ اياز
10. ساهيوال جيل جي ڊائري... شيخ اياز
11. وڏي وٿ هُئام.. سوڀوگيانچنداڻي
12. سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر... غلام رباني آگرو
13. سنڌڙي منھنجي جندڙي...گوبند مالھي
14. ڪُجهه ٻُڌايم، ڪُجهه لڪايم... ڪيرت ٻاٻاڻي
15. وهي کاتي جا پنا (ڀاڱوٻيو) لڇمڻ ڪومل
16. وهي کاتي جا پنا (ڀاڱوٽيون)لڇمڻ ڪومل
17. شيخ اياز ۽ صحافت... شيخ اياز