پيراڊائيز پوائنٽ تي شام جا ڪجهه رنگ
جڏهن به ڪنهن تخليق کي پڙهندي محسوسيات جي هم آهنگي جُڙندي آهي ته عجيب سوچ ۽ سَمجهه کان ماورا ڪيفيتن جون لهرون دل کي ڀِڄائي ڇڏينديون آهن۔اهڙيون تحريرون مُطالعي جي سُهاني سفر ۾ تمام گهٽ مِقدار ۾ احساس جي آرسي تائين پنهنجا عڪس ڇڏي سگهنديون آهن۔اهڙا ڪجهه عڪس جيڪي يادگيرين جي آڪاس تي ڪتين جيئن ڪَر موڙي پيا ڪيفيتن کي ڪڪوريندا آهن۔اُنهن ۾ مختلف موضوعن تي ناول، ڪهاڻيون،آتم ڪٿائون، مضمون،خط،شاعري،خاڪا رهيا آهن۔۽ سچ ته مون جڏهن به پنهنجي محسوسياست سان رَچي روح کي رنگ ترنگ ڪري ڇڏيندڙ تخليقون پڙهيون آهن ته مان ڪيترائي ڏينهن اُنهن جي تخليقي سَحر ۾ جَڪڙجي پئي ڀوڳيندو آهيان۔ اُنهن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا لکڻ مان ضروري ٿو سمجهان۔ اَجيت ڪور جي آتم ڪٿا ”خانه بدوش“، ايوان ترگنيف جو ناول ”سحر هوني تڪ“، مُستنصر حسين تارڙ جا ٻه ناول”پيار ڪا پَھلا شهر“ ۽ ”بَهاؤ“،پرويز ابڙي جو ناول ”تون هڪ خواب آهين“، نٽ همسن جو ”بُک“، طارق عالم ابڙي جو ”رَهجي ويل منظر“، ممتاز بخاريءَ جو ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“، ڪافڪا جو شاهڪار افسانو ”ڪايا ڪلپ“، امر جليل جون ڪهاڻيون ”مان توسان برف ۾ ملندس“ ۽ ”ٽيون وجود“، آسڪروائلڊ جو ناول ”تصوير جو خون“، چنگيز اعتماتوف جو روسي ناول ”ڌرتي ماء“، بانو قدسيه جو ”راجه گڌ“، قرة العين حيدر جو ناول ”آگ ڪا دريا“، عبدالله حُسين جو ”اُداس نَسلين“، واسديو موهي جي افسانن جو ڪتاب ”چيڪ بوڪ“،لَرمنتوف جو ناول ”اسان جي دور جو هيرو“،هيمنگوي جو”پوڙهو ۽ سمنڊ“،ملاليم ٻوليءَ مان تَڪشي شِو شنڪر جو ناول ”ساگر جي سَنتان“ يا ”درد هڪ پيار جو“، ڪرشن چندر جا ناول ”ميري يادون ڪي چنار“ ۽ ”پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون“، ڪلا پرڪاش جو ناول”وقت وٿيون وڇوٽيون“، وڪٽر هيوگو جو ”ڪُبڙا عاشق“، عمرريوابيلا جو ”ماتم ايڪ عورت ڪا“، منور سراج جو تازو آيل ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“۽ ٻيا به ڪجهه ڪتاب آهن جيڪي هن وقت منهنجي ذهن تي نه پيا اچن۔
مُنور سراج سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو هڪ سيبتو ڪهاڻيڪار آهي۔جنهن جي تخليقي ذهن مان جنم وٺي ايندڙ ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ جي ڪري پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ طور ڄاتيو سُڃاتيون وڃن ٿيون۔پر منور سراج جي من جو قصاگو ڪهاڻي جي ڪيئنواس کي تخليقي انداز سان وسعت بخشي”کاٻي اک جو خواب“ ناول کان پوءِ ھاڻ ”پيراڊائيز پوائينٽ تي شام“ جو جيڪو منظر پينٽ ڪيو آهي اهو دل کان دل تائين جي وچ تي اَڏيل اُها پُل آهي۔جنهن تي بيهي توهان ´پيراڊائيز پوائنٽ تي شام` جي رنگن کي اکين وسيلي پنهنجي روح تائين لاهي سگهو ٿا۔۽ انهن رنگن ۾ ڪيفيتن جي هڪ اُداس سَڙڪ دريافت ڪري سگهو ٿا۔ جيڪا اوهان کي عشق جي پُر درد وادي ۾ پُهچائي ڇڏي ٿي۔ جتي اوهان کي´ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل اڻ چٽو پاڇولو نظر ايندو۔
”ڄاتل سُڃاتل
اڻ ڄاتل اجنبي۔
ڪنهن ڇوڪريءَ جو،
ڪنهن پريءَ جو پاڇولو۔
ڪنهن سرمد جي انتظار ۾ بيٺل ڪنهن ساڀيان جو، سهڻيءَ جو يا سنگيت جو پاڇولو۔“
اهڙي طرح سان ”پڇاڙيءَ جي شروعات“ جنهن ۾ ڪجهه ”خوشي هوندي،ڪجهه غمي هوندي، جدائيءَ جو موڙ هوندو،ملڻ جا ڪجهه امڪان هوندا ۽ ان ۾ مور جو هڪ کنڀ هوندو!“
”پيراڊائيز پوائينٽ تي شام“ ناول،ڪتاب ۾ رهجي ويل اهو گل آهي جنهن جي لاءِ ئي اردو ٻوليءَ جي نرالي شاعر احمد فراز لکيو هو ته،
اب کے ہم بچھڑے تو شايد کبهی خوابوں ميں ملیں
جس طرح سوکھے ہوۓ پھول کتابوں ميں مليں
۽ سچ ته هي ناول توڙي جو سنڌي ادب ۾ رومانوي يا يونيورسٽيءَ جي دنيا جو ڪو پهريون ناول ناهي پر پوءِ به هن ناول جي سَحر انگيز رومانوي ڪهاڻي،ان جا ڪردار، ماحول،منظر، حالتون،حادثا پڙهندڙ جي دل جي ويجهو محسوس ٿين ٿا۔۽ ان ويجهڙائيءَ جي ڪري ئي اکين ۽ دل کي ڀِڄائي ڇڏيندڙهڪ ڪيفيت روح سان هم ڪلام ٿي وڃي ٿي۔مَحوِ گُفتگو رهي ٿي۔
هن ناول جي هڪڙي ٽيڪنيڪي خصوصيت اها به آهي ته سرمد جيڪو هڪ شاعر آهي ۽ يونيورسٽيءَ جي روايتي دنيا ۾ هڪ منفرد ۽ حساس طبيعت جي ڪري جيڪو داخلي توڙي خارجي اثرن کان متاثر ٿي به پنهنجي دل جي دنيا ۾ گُم سُم رهي ٿو۔۽ ٻاهرين دنيا جي ڀيڙ ۾ پاڻ کي تنها رکي ئي سڪون ماڻي ٿو۔سو پيار جي روايتي انداز کان محبت جي مئڪشيءَ جي خُمارن کي هڪ خاص نوعيت جي زاويي سان محسوس ڪرائي هڪ وڇوڙي جي سُرمئي شام ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو ته پيراڊائيز پوائينٽ تي هڪ پُر سوز شام پنهنجين سڀني حادثن سان سلهاڙجي منور جي دل جي دنيا ۾ تبديل وڃي ٿي۔
هڪ عجيب اتفاق هي به آهي ته اڄ منهنجي مُطالعي جي ميز تي ٽي ناول لرمنتوف جو ”اسان جي دور جو هيرو“، ميلان ڪنڊيرا جو ”بقائيِ دوام“ ۽ منور سراج جو ”پيراڊائيز پوائينٽ تي شام“ پيا آهن جن مان ٻَه ناول لرمنتوف ۽ منور سراج جا پڙهي چڪو آهيان۔باقي ميلان ڪنڊيرا جو شاهڪار ناول مُشڪل پر مُنفرد ٽيڪنيڪ جي حيرت انگيز لهجي واري ناول کي مڌ جي ڍُڪ ڍُڪ جيان پنهنجي اندر ۾ اوتي رهيو آهيان۔
اصل ۾ لرمنتوف ۽ منور سراج جي ناول ۾ فني انداز واري هڪجهڙائي مون کي حيران ڪري وڌو ته ڪيئن نه اسان جي منور سراج جي تخليقي ۽ فني سطع ايتري مٿاهين آهي جو هڪ روس جو ليکڪ روس ۾ ويهي هڪ ٽيڪنيڪي اُڻت سان هڪ شاهڪار ناول لکي حيران ڪري سگهي ٿو ته ٻي جاءِ تي سنڌ جو هڪ نوجوان ليکڪ پنهنجي ادبي تَپسيا واري جستجوءَ ۾ اهڙي شاندار انداز وارو ناول تخليق ڪري وجهي ٿو۔
مثلن۔۔لرمنتوف پنهنجي ناول ”اسان جي دور جو هيرو“ جي ڪهاڻيءَ جي فني مُنفرد اُڻت اِن ريت ٿو ڪري ته ناول جي پهرين ڪهاڻي يا باب”بيلا“ ۾ تفلس کان تڪڙو سفر ڪندڙ هڪ ڪردار(ناول جو پهريون شخص)ناول جي(ٻئين شخص)ميڪسم ميڪسي مچ سان ملي ٿو۔۽ پنهنجو سفر سَهنجو ڪرڻ لاءِ هُو،ميڪسم کي ڪي حال احوال ٻڌائڻ جي گذارش ڪري ٿو۔۔ميڪسم ناول جي هڪ ٽين ڪردار،گريگوري اليگزينڊرووچ پيچورين جي ڪهاڻي، يعنيٰ ناول جي شروعاتي ”بيلا“ واري ڪهاڻي ٻُڌائي ٿو۔ ۽ پوءِ ڪجهه اڳتي هلي ميڪسم پهرين شخص يعنيٰ پيچورين کي پنهنجي لکيل ڊائريءَ جا پنا ڏئي ٿو۔جن کي پهريون شخص پڙهندي ناول کي فني انفراديت ۽ اعليٰ ڪهاڻين جي حسين تسلسل سان پُڄاڻي تي پُهچائي ٿو۔ پر منور سراج ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ کي سرمد جِي يونيورسٽيءَ جي ماحول ۾ پيار ڪهاڻيءَ سان گڏ،سرمد جون لائيبريريءَ ۾´هڪ ڏينهن زنده ڪتابن ۾ جهاتيون پائيندي هڪ بنھه پُراڻي ڪتاب جي پُراڻن پَنن جي هلڪي هيڊي رنگ تي نظرون ڄَمي وڃن ٿيون۔اُهو ڪتاب کيس پاڻ سڏي ٿو۔هيڏانهن۔۔۔ٿورو کاٻي پاسي۔۔۔اوٿيلو جي ڀر سان Tale of The two Ciries ۽Picture of Dorien Grey جي مٿان.... ۽ سرمد احتياط سان ڪتاب کڻي ٿو. هٿ سان بائينڊنگ ڪرايل ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ۽ شروع وارا ٽي چار صفحا نه آهن۔نه ليکڪ جو نالو،نه ئي ڪتاب جو نالو موجود۔ڪنهن گمنام ليکڪ جا نوٽس لکيل آهن، جيڪي خودڪلاميءَ تي مُشتمل آهن۔بلڪ ڄڻ اها هڪ بي ترتيب ڊائري آهي، جيڪا لڳ ڀڳ ٽي سؤ سٺ صفحن تي آهي۔ باقي رهجي ويل اُهو ڪتاب ان ڏينهن کان سندس دوست بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ اُها دوستي هڪ خواب ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي۔`ايئن منور سراج لاءِ بي نانءُ ليکڪ جي ڊائريءَ بڻجي وڃي ٿي هڪ پناھ گاھ.....۽ پوءِ وڏي مهارت سان منور سراج ”پيرا ڊائيز پوائنٽ تي شام“ جي ڪيئنواس تي سرمد ۽ ساڀيان عرف سُهڻيءَ جي پيار ڪهاڻيءَ ۽ بي نانءُ ليکڪ جي ڊائريءَ ۾ لکيل ”پهرين شخص“ جي پنهنجي پريميڪا اَميڊا سان مُخاطب ٿي لکيل خط نُما اظهار کي جمالياتي علامت نگاريءَ جي ٺاهوڪي ڏانءُ سان هڪ حسين ناول جي دنيا ۾ تحليل ڪري پڙهندڙ کي پنهنجي آرٽسٽڪ انداز سان گڏ گڏ وٺي هلي ٿو، ۽ پنهنجي سحر انگيز رومانٽڪ جُملن ۾ ڀٽڪائي هڪ اهڙي آوارگيءَ کي تخليق ڪري وجهي ٿو، جنهن جي پيرن ۾ جنمن جي ڄڻ ته ڪا خانه بدوشي خواب ڏسندي هجي۔جنهن ۾ هن ناول جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آباد آهي۔جنهن کي توهان دل جي دنيا به چئي سگهو ٿا۔ڇو ته هن جي پريم ڪهاڻي دل جي دنيا ۽ دنيا جي دنيا جي وچ ۾ ڀوڳيندڙ ٻن پريميڪائن جي دردن توڙي ڪيفيتن جي هڪ اهڙي وارتا آهي، جنهن جي”پڇاڙيءَ جي شروعات“ کان ”شروعات جي پڇاڙيءَ“ تائين هڪ درد جو، يادن جو هڪ سُرمئي شام جھڙي گھري تنهائيءَ جو هڪ وسيع سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿئي ٿو۔ ڇو ته:
”ڪنهن ميلي ۾ فقط ٻَه شاگرد پنهنجي مُرڪن جي پُٺيان گھري اداسي ۽ خاموشيءَ ۾ لِڪل هوندا آهن،اُهي ئي ته هوندا آهن: سرمد ۽ ساڀيان“.
”خزان جي اُن هيڊي شام کان اڳ ۽ منجهند کان ڪافي پوءِ سرمد خاموشيءَ سان لکيل گمنام ليکڪ جي ڊائريءَ جو آخري صفحو پڙهي ٿو“.
”آخري صفحو ماڻهوءَ کي هميشه اُداس ڪري ڇڏيندو آهي۔
رڳو آخري صفحو ئي نه
آخري ملاقات
آخري فون
آخري ميسيج
آخري جُملو
آخري نهار
آخري سيمسٽر
آخري ڪلاس
آخري پيپر
آخري ڳالهه
۽
آخري خط به ماڻهوءَ کي اداس ڪري ڇڏيندو آهي“
ائين منوار سراج جو هي ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ڪيترائي اڌورا خواب اکين جي ساحل تي ڇڏي، هڪ سرد آھ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو۔۔۔۔۔
(2019ع)