تون هڪ خواب آهين
کوڙ عرصي کان وٺي سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي، ناول ۽ شاعري متعلق اسان جي سينيئر اديبن جا مُختلف رايا مُسلسل ادبي فضائن ۾ گوجندا پئي رهيا هئا ته، ڪھاڻي مري وئي آهي. ناول ڪو نه ٿو لکجي ۽ شاعري مُقام ڀيڙي ئي چُڪي آهي. اهڙيون خطرناڪ ۽ حيرت انگيز خبرون ٻڌي ۽ پڙهي هڪ عجيب قسم جا وسوسا ٿيڻ لڳندا هئا ۽ عجيب خدشا جنم وٺندا هئا ته آخر سنڌي ادب ايترو ڪمزور حالت ۾ ڇو اچي ويو آهي (جيڪا حالت اسان جي ادبي ڊاڪٽرن ۽ سينيئر سرجنن پئي ڪئي ٻُڌائي يا آهي. اهڙي قسم جي ادبي حساس حالت ٻڌي واقعي به خوف ۽ افسوس ٿيڻ لڳو هو.
پرسُتت ئي ڪھاڻي جي مري وڃڻ واري ڳالھه هوائي افواهه بڻجي پنھنجي اهميت وڃائي غلط ثابت ٿي ۽ ڪھاڻي ڪتاب ڪھاڻي جي وڃايل ساک کي بحال بڻائڻ لاءِ منظر عام تي پھچي ويو. اِهو ڏسي سنڌي ادب جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تري آيا ۽ افواهين جا منھن هيڊا ٿي ويا. اِها ٻي ڳالھه آهي ته ڪھاڻي ڪتاب لاءِ ۽ ڪھاڻي جي جيئدان لاءِ ڪھاڻي جي ليکڪن کان زوري ڪھاڻي لکرائڻ وارو حيرت انگيز ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو ته ڪھاڻي زنده آهي. مُئي ناهي پر اِهو به شڪر جو اُن ڪتاب ۾ امرجليل، علي بابا، نور الھُديٰ شاهه، طارق عالم ابڙو، غلام نبي مغل ۽ ڪجهه ٻين ڪھاڻيڪارن جي تخليقي ڪھاڻين جي دم سان ڪھاڻي ڪتاب ۾ زوري لکرايل ڪھاڻيون به اگهامي ويون. پر جي مٿيان ليکڪ به زوري ڪھاڻي لکائڻ واري لسٽ ۾ اچن ها ۽ زوري واري عذاب ۾ لکن ها ته اڄ هوائي افواهه پنھنجو مقصد ماڻي سرخرو ٿئي ها. بحرحال اهو به سُٺو ٿيو هو يا ڪيو ويو جو سنڌي ڪھاڻيءَ کي مُقابلي بازي جي ميدان ۾ آڻي تخليقي ۽ لفاظي ۽ اجائي پتاڙ واري فرق کي ظاهر ڪيو ويو. يا اُن کان اڳ جيڪي ڪھاڻي جي اوائلي دؤر جي ڪھاڻي جي تاريخ ۾ پنھنجي معاشي طور مٿانھين رُتبي جي ڪري ڪھاڻي ۽ ادب جا وڏا نالا بڻجي. اڄ سوڌو هر ڪھاڻي ۽ ادبي ذڪر ۽ بحث مباحثي ۾ اول، اول هوندا هئا نيٺ اُهي هاڻ پڌرا ٿي پيا ۽ پنھنجي فني صلاحيتن ۾ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ضرور اندر ۾ پيشمان ٿيا هوندا ۽ پنھنجي نالي جي مھانتا آڏو شڪي ٿيندا هوندا. اهڙي طرح سنڌي شاعري جي مقام پُھچڻ يا مُقام ڀيڙي ٿيڻ واري واويلا ۽ وٺ پڪڙ به اِن ڳالھه کي سامھون ضرور آندو ته اها راءِ جن ڏني هئي. دراصل اُنھن کي پنھنجو ادبي ۽ تخليقي مستقبل مقام ۾ پھچندو يا بيٺل نظر آيو هو. اُها هو پنھنجي ذاتي احساس ڪمتري مجموعي شاعري تي مڙهي پاڻ اِن ادبي ۽ تخليقي ذميواري کان آجا ٿيڻ گهرن پيا. رهي ڳالهه سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ جي ته اُن جا به ڪي مُنفي ۽ مثبت سبب هئا ۽ آهن. جنھن متعلق ڪجهه وقت اڳ سنڌي ڪھاڻي جي مھان ۽ انفراديت رکندڙ ڪھاڻيڪار علي بابا پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ ناول جي کوٽ واري سوال کي هِن ريت جواب ۾ سلجهايو هو ته ”ناول لکڻ جي کوٽ جو سبب اِهو ناهي ته اُهو لکجي ڪو نه ٿو. پر اُهو لکجي اُن ڪري به ڪو نه ٿو جو هڪ ته اُهو ڪم محنت طلب آهي. ٻيو وري جي اگر ڪير لکي به ته اُن کي ڇپرائڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. اُن کان علاوه ليکڪ کي اُن ناول جي ايڏي سخت محنت جو ڦل ڪھڙو ٿو ملي. هُن چيو ته توهان مون کي ناول جي رائلٽي ڏيو. مان توهان کي هر مھيني هڪ ناول لکي ٿو ڏيان. مون وٽ ايترا ته موضوع آهن جو مان هر مھيني هڪ ناول لکي سگهان ٿو“. ان ڳالھه جي حقيقت کي ڏسندي ادبي ادارن جي بد سلوڪي ۽ زيادتي جي ڏکوئيندڙ ڳالھه سامھون اچيو وڃي ٿي ته هڪ ليکڪ جي قلمي ۽ ذھني پورهئي جي ڪئي. ڪمائي رڳو پبلشر ئي کائي ٿو. ليکڪ رڳو واهه، واهه ۽ ٺلهي مڃتا سان ته پنھنجو پيٽ گذر ڪو نه ڪندو. پوءِ به اُنھن سڀني ڳالھين جي باوجود به هڪ ليکڪ پنھنجي تخليق سان ڪميٽينڊ، سچو ۽ کرو رهي ٿو.
ناول جي ايڏي وڏي ڇڪتاڻ کانپوءِ کوڙ عرضي کانپوءِ مارڪيٽ ۾ لاڳيتو ٽي ناول نظر مان گذريا. اخلاق انصاري جو ”خالي بينچ“، حفيظ هالار جو ”مُرڪن جو مُرجهايل قافلو“ ۽ ٽيون ناول ادب جي دنيا ۾ بنھه نئين نانءُ پرويز ابڙي جو ”تون هڪ خواب آهين“. جيڪو سنڌ جي خوبصورت شاعر عامر سيال جي سورٺ اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران خوبصورت ٽائيٽل ۽ اوچي پيپر ۾ ڇپجي آيو آهي.
مان مٿين ٽنھي ناولن مان پرويز ابڙي جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جو مُختصر طور تي مطالعاتي جائزو هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان پيش ڪندس. ڇو ته ناول يا ڪھاڻي منھنجي صنف ناهن. جو مان ناول جي مڙني رُخن تي تنقيدي ٽيڪا ٽپڻي ڪيان. پر مون اُن ناوَل کي پڙهندي جيئن محسوس ڪيو آ، يا جيئن منھنجا جذبا هئا. اُهي مان اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيندس.
”تون هڪ خواب آهين“ منھنجي نظر ۽ منھنجي مشاهدي ۽ مطالعي آهر سنڌي ادب ۾ رومانس جو هڪ شاهڪار ناول آهي. هِن ناول جي ٻين ڪيترين ئي خوبين مان هڪڙي خوبي جيڪا ناول جي پڻ جان آهي. اُها اِها ته هي ناول پاڻ ۾ شروع کان آخر تائين ائين کلندو ٿو رهي جيئن ڪي ڪپڙن جا رنگين، ريشمي ۽ اَڻ ڇھيا خواب نما بي انت ٿانَ کُلندا هُجن.
ناول پنھنجي شروعات ۾ ئي پڙهندڙ کي پنھنجي پيار ڀري سحر ۾ اهڙو ته سوگهو ٿو ڪري ڇڏي جو اُن کي پورو پڙهي ڪرڻ کانسواءِ اُن مان پاڻ کي ڪڍڻ انتھائي مشڪل آهي ۽ هرباب جي تسلسل سان اکين مان ڳوڙهن وهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪونھي. پرويز ابڙو هِن ناول جي نئين ليکڪ هئڻ جي باوجود به انتھائي گهڻو پنھنجي لکڻي ۾ موضوعاتي اظھار ۾ ٻولي جي سلاست جي حوالي کان به ڏاڍو پُختو ۽ خوبصورت ملي ٿو.
محبت جي جذبن سان سرشار هِن ناول جي ”ٽريٽمينٽ“ ايتري خوبصورت ۽ منفرد آهي جو هي ناول سنڌ جي ڪيترن ئي سينئر توڙي جونيئر ليکڪن کي پوئتي ڇڏي هڪ الڳ مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو.
ناول جي اهم خوبي اِها به آهي ته ناول طويل هوندي به ڪٿي به پڙهندڙ کي بور ۽ فضوليت جو احساس ڪو نه ٿو ڏياري. ڪردارن جي چُرپُر، اُنھن جي پاڻ ۾ فطري گُفتگو. ماحول جي عڪاسي، اهڙي ته شاندار ڪئي وئي آهي جو پڙهندڙ خود اُن ناول جو ڪردار بڻجي اُنھن ڪردارن سان چُرپُر ڪرڻ لڳي ٿو.
سنڌي ادب ۾ لکيل رومانٽيڪ ناولن ۾ انتھائي گھڻي ۾ گھڻي عرصي تائين اڄ سوڌو مڃتا ماڻيندڙ طارق عالم ابڙو جو ناول ”رهجي ويل منظر“ هو. جنھن جا مختلف دؤرن ۾ ڇاپا پڻ ري پرنٽ ٿيا ۽ اڄ ڏينھن تائين اُهو ناول پنھنجي مڃتا ماڻڻ ۾ اڳتي آهي ۽ اُن سحر کي هيل تائين ڪنھن به ڪو نه ٽوڙيو هو. پر اڄ جڏهن پرويز ابڙو جو پھريون ناول ”تون هڪ خواب آهين“ منظر عام تي آيو آهي ته منھنجي نظر ۾ طارق عالم جي ”رهجي ويل منظر“ جو پراڻو سحر ضرور ٽٽي پيو آهي توڙي جو مون ٻيا به ٻين ٻولين جي ادب جا رومينٽڪ ناول پڙهيا آهن. پر هي ناول ايترو ته احساساتي، ايترو ته درد ۾ ٻُڏل، ايترو ته پُراثر آهي جو گذريل پڙهيل سڀئي ناول مون کي هِن ناول جي آڏو گهٽ متاثر ڪري سگهيا آهن.
هِن ناول جي پيشڪش، شروع کان آخر تائين تسلسل جو سُندر ڳانڍاپو. بي حد ڪرافٽ ۽ آخر ۾ ڪلائمڪس حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيندڙ حيرت ڪنھن ڌماڪي جيان اندر ۾ محسوس ٿئي ٿو. هي ناول منھنجي چند پڙهيل اُنھن ناولن مان هڪ آهي جن کي پڙهندي اکيون آگمجي وينديون آهن ۽ دل جي شيشي تي وقت ۽ حالتن جي ڄميل دز صاف ٿي من کي اُجرو ڪري ڇڏيندي آهي.
هن ناول ۾ ليکڪ دل جو درد لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو انوکو ڏانءُ پيش ڪيو آهي. پنھنجي زندگي جي واقعن ۽ حادثن کي اهڙو ته سھڻي پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي جو سچ ته ليکڪ سان اُنس پيدا ٿي پوي ٿو. ناول جو بيانيه انداز ايڏو ته سليس ۽ رواني وارو آهي جو پڙهندڙ روحاني طور تي هن ناول جي وهڪري ۾ پاڻ کي وهندو محسوس ڪري ٿو.
هي ناول نوجوان ليکڪ پرويز ابڙو جي اها شاهڪار تخليق آهي. جيڪا شايد اڃان ڪنھن سينئر ليکڪ جي نظر مان ڪو نه گذري آهي پر جي گذري به آهي ته اُن نه ڄاڻ ڇو هِن ذهين ۽ پُر اعتماد ليکڪ جي اهڙي شاندار تخليق کي مانُ ڏيڻ کان پرهيز ڪئي آهي؟ هونءُ به اگر غور سان ڏٺو وڃي ته اسان جا سينئر اهڙا گهٽ ئي آهن جيڪي نوجوان لکندڙن جي لکڻين کي کُلي دل سان ساراهيندا ۽ اُتساهيندا آهن. پر جي ڪنھن سينئر ليکڪ اهو ناول پڙهيو به آهي ۽ هن ناول کان متاثر به ٿيو آهي ۽ هُن اڃان هِن ناول لاءِ فرا خدلي وارا جذبا پنھنجي لکڻي جي صورت ۾ ليکڪ جي لاءِ ٽربيوٽ طور پيش نه ڪيا آهن ته اُهو واقعي به پنھنجي اندر ۾ سُسيل سوڙهو ۽ ڪُند ذهن هوندو ۽ هن ناول جي تخليقي سگهه کان ڊڄندو هوندو. پر جي ڪنھن سينئر يا جونيئر هي ناول نه پڙهيو آهي ته هو هي ناول ضرور پڙهي ۽ هن نوجوان ليکڪ جي سچي محبت ۽ محنت کي پاڻ تي فرض ٿيل مانُ ادبي ذميواري طور سچائي ۽ فر خدليءَ سان ڏئي. ڇو ته اُنھن جي اِها همت افزائي ۽ اُتساهه اسان سڀني لاءِ وڏي آٿت ۽ همت هوندي.
”تون هڪ خواب آهين“ جو ٽائيٽل به معصوم اکين ۾ پيار جي پھرين خواب جھڙو پاڪ پوتر ۽ دل لڀائيندڙ رنگن سان پينٽ ٿيل خوبصورت عڪس آهي هي ناول پنھنجي قد ڪاٺ واري حيثيت واري حوالي کان بين القوامي سطح جو ناول چئي سگهجي ٿو.
جھڙي طرح ماهتاب محبوب جي ناول ”خوب، خوشبو، ڇوڪري“ جو مھاڳ جو لکندي سنڌي جي وڏي ڪھاڻيڪار علي بابا اُن ناول جي عظمت کي مڃيندي هي لکيو آهي ته ”اگر مان نوبل پرائيز ڪميٽي جو جج هجان ها ته مان ”خواب خوشبو ڇوڪري“ ناول کي نوبل پرائيز ڏيان ها“. بلڪل اهڙي طرح اگر نوبل پرائيز لاءِ مون کان پُڇو وڃي ته اُن لاءِ مان پرويز ابڙو جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ کي چونڊ ڪيان.
(2000ع)