مَنظر، پَس مَنظر ۽ دل جون ڳالهيون!
ٻن، ٻن ڪمرن تي مُشتمل اصل ۾ اهي ٻه جايون هيُون پر مونکي ياد ٿو پوي ته تيز برساتن ۾ انهن جي وچان ڏنل ڪچيءَ سرن جي ديوار پَٽ پئجي ٻن گهرن جي آڳر کي وسيع ڪري هڪ گهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. ڪچي جاءِ هُئڻ ڪري جڏهن به مينهن جي موسم يا بنا مينهن – موسم جي مينهن وسندو هو. ته گهرجي پُٺين پاسي کان گهٽي ۾ مينهن جو پاڻي اندر ڪمرن ۾ کاٽ هڻي گهڙي پوندو هو. پوءِ ته عجيب صورتحال هوندي هئي. ڪمرن جي سوراخن کي بند ڪندي يا پاڻي ٻاهر ڪڍندي رات توڙي ڏينهن امان، بابا وارن کي ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي. مٿان وري ڇِت ڪمزور ۽ ڪچي هئڻ ڪري اُن جو به خطرو هوندو هو. اُن وقت اسان جي ڪُل جائيداد. ٻه چار کٽون، هنڌ بسترا هڪ پينگهو، ڪجهه جست ۽ ٽامي جا ٿانءُ، ڪپڙن لاءِ لوهي پيتي ئي هوندي هئي. امان اسان کي گرميءَ ۾ منجهند جو پينگهي ۾ سُمهاريندي هئي ۽ مونکي ۽ مونکان ننڍي ڀيڻ نجمه کي ڪهاڻيون، آکاڻيون ٻُڌائي ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيندي هئي. گرمين جي رات جو کُليل پڌر تي کٽن تي هنڌ وڇائجي ويندا هئا. ته ڏاڏو پيارو ريڊيو تي بي بي سي تان خبرون ٻُڌندو هو. سچ ته اڄ به منهنجي سماعتن ۾ خبرن کان اڳ وڄندڙ هلڪو ”سيربين“ پروگرام جو ميوزڪ پڙاڏن جيئن گونجي رهيو آهي. ۽ پوءِ ريڊيو جي آواز کي ٻڌندي، ٻُڌندي ننڊ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندي هئي. اُها جاءِ ڪجهه هن طرز جي ٺهيل هئي جو اندر گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پهرين پُراڻي طرز جو هڪ وڏو لوهي دروازو (جيڪو پڻ ڀڳل، ٽُٽل هوندو هو) اُڪري ٻن، ٻين جهڳين جي وچان هڪ سنهڙي ڪچي گهٽي گذري گهر ۾ وڃڻو پوندو هو. (رات جو اُن گهٽيءَ مان لنگهندي ڏاڍو خوف ٿيندو هو. ڇاڪاڻ جو اسان ٽي وي ڏسڻ لاءِ سائين سيف الله قريشي جي گهر ويندا هئاسين. اُن وقت بليڪ اينڊ وائٽ ٽيليويزن جو دور هو. اُن وقت ٽي وي تي ڪارٽون وڏي چاهه سان ڏسندا هئاسين. اُن کان علاوه مختلف پروگرام، الف ليليٰ، ٽِڪ، ٽڪ ڪمپني، ”وه ڪون ٿي“ اسٽار ٽريڪ، نائٽ رائيڊر، چپس، وغيره وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا هئاسين) ان سنهڙي ۽ ڪچيءَ گهٽيءَ مان ئي گهر جي نيڪال لاءِ هڪ نالي پڻ هوندي هئي، جيڪا به ڪچي ۽ گندگيءَ سان ڀريل هوندي هئي. ايئن اها مِڙئي ڪُجهه ڊگهي گهٽي پار ڪري گهر ۾ داخل ٿبو هو. باقي اندر گهر ۾ ڪمرن توڙي ڪاڪوس کي ڪو به دروازو نه هوندو هو. اندر ڪمرن ۾ وڏا وڏا ڪوئا ٻِرن ۾ رهندا هئا. ڪچي جاءِ هئڻ ڪري ٻين جيت جڻن سان گڏ وِڇون به هوندا هئا. اُن ئي جاءِ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ ارشد گذاري ويو هو. اڄ به تصور ۾ اُن گهر جي پڌَر تي سندس معصوم ۽ ننڍڙو جسم ڍڪيو پيو آهي. امان زاروقطار روئي رهي آهي ۽ ٻيا مائٽ امان کي پَرچائي رهيا آهن ۽ ٻاهر در تي تڏو ڪيو بابا وارا ويٺا آهن. بابا به ڏاڍو رُنو پئي. مونکي ياد آهي ته ارشد اچانڪ بيمار ٿي پيو هو. سندس علاج ڊاڪٽر فضل پيرزادي کان ڪرائيندا هئاسين، پوءِ اچانڪ هُن جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي پئي. جنهن ڪري ڊاڪٽر سول اسپتال نواب شاهه ۾ داخل ڪرڻ لاءِ اسان کي اوڏانهن موڪليو هو. شايد. او پي ڊي جي ڪنهن روم جي بيڊ تي ارشد کي برف جون پٽيون رکيو پئي وريون. امان بابا ڏاڍا پريشان هئا. پوءِ اسان کي اندر اسپتال ۾ ڪنهن وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيو هئائون. رات جو مان ڀرواري خالي بيڊ تي سُمهي پيو هئس. اچانڪ امان جي رڙين تي مان سُجاڳ ٿي پيو هئس. بابو ڀرسان قرآن شريف پڙهي رهيو هو ۽ پوءِ ارشد اسان کي عصر جو ڇڏي هليو ويو. مون کي اڃان به ياد آهي ته اسان اسپتال کان ايندي عيد گاهه ۽ ڊي سي هاءِ اسڪول واري گند سان ڀريل گهٽيءَ مان گذري رهيا آهيون. امان تمام گهڻو روئي رهي آهي ۽ ڪڇ ۾ ارشد جو بي جان جسم کنيو هلي رهي آهي ۽ مان اُن ڏک ۽ درد ۽ حالت کان اَڻ ڄاڻ اهو سڀ ڪُجهه ڏسي رهيو آهيان. اڄ بلڪِ هن وقت هي لفظ لکندي اکيون ڀرجي آيو آهن ۽ نڙي صفا سُن ٿي پئي آهي.
اُن ئي گهر ۾ ارشد کان پوءِ ڄاول منهنجي صفا ننڍي ڀيڻ رابيل کي تنجڻن ۾ ڪوئا، ڏينهن ڏٺي جو اندر ڪمري ۾ ڏياڙي ۽ سندس ڪچڙا ڦد ٽُڪي رتو رت ڪري ويا هئا، ۽ پوءِ سڄي گهر ۾ هاءِ گهوڙا مچي وئي هئي. اصل ۾ امان ٻاهر گهر جي پڌر تي لڳل نلڪي تي ڪپڙا ڌوئي رهي هئي جو اندر ڀيڻ جي روئڻ جي آواز تي امان اندر وڃي حيران ٿي روئڻ لڳي هئي. اُن ئي جاءِ ۾ مون ڪبوتر ۽ هڪ ڪُڪڙ جو گُلابي رنگ وارو فارمي چوزو به پاليا هئا. ڪبوتر ته هڪ ، هڪ ٿي اُڏامي ويا، پر چوزي کي رات جو ٻلي ماري وئي هئي. صبح جو چوزي کي مُئل ڏسي، ڏاڍو رُنو هئس ۽ اُن چوزي جي ٻاهر در تي مٽيءَ ۾ ننڍڙو کڏو کوٽي قبر ٺاهي اُن ۾ پوريو هُيم. اُها قبر اڄ به منهنجي اکين ۾ موجود آهي. مان ننڍي لاڪون اڪثر طور تي بيمار رهندو هُئس ۽ ڊاڪٽر فضل پيرزادي جي چوڻ تي بابا منهنجي طُهر به اُن ئي جاءِ ۾ ڪرائي هئي. مون کي اڃان به چڱيءَ طرح ياد آهي ته منهنجي طهر جو ڀَت بابا، اُن دور جي حساب سان ۽ اسان جي معاشي حالتن جي ڀيٽ ۾ اسان جي اُن وقت تائين ٿيل شادين مُرادين ۾ وڏو هو. بابا منهنجي طهر جي سرگس لاءِ هڪ اڇي ڊگهي ڪار ۾ مون کي ويهاري دُهلن، شرناين سان سومرا مسجد تائين وٺي هليو هو. ايئن واپس اچي ڀت واري جاءِ تي ڪنهن حَجم کان منهنجي وڏي مامي (خدابخش خُشڪ، جيڪو هينئر ڄامشوري ۾ واپڊا ۾ آفيسر آهي) پنهنجي هنج ۾ ويهاري، مصريءَ جي ڳڙي منهنجي وات ۾ وجهي سوني جهرڪيءَ جو ڏٽو ڏئي طهر ڪرائي ڇڏي هئي. اُن ئي جاءِ ۾ منهنجو مامون. مون کي پهريون ڀيرو هٿ ۾ پٽي ڏئي الف، ب پڙهڻ جي لاءِ مين پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ڇڏي آيو هو. ۽ مان کوڙ سارن ٻارن ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي روئيندو رهجي ويو هئس. پوءِ اُن ئي اسڪول مان مون چوٿون درجو گسائيندي يا رسيس ۾ اسڪول مان ڀڃي وڃي موڪل جي وقت تائين رُلندي پاس ڪيو هو ۽ پوءِ پنجين درجي لاءِ خواجه گارڊن اسڪول ۾ داخلا ورتي هُيم. جنهن جي لاءِ پڻ مون کي سنڌيءَ جي ٽيسٽ ڏيڻي پئي هئي ۽ اُن ۾ پاس ٿيو هئس. اُها داخلا وٺڻ لاءِ مون سان گڏ منهنجو ٻيو نمبر مامون فدا حُسين گڏجي هليو هو.
مون کي ياد ٿو اچي ته مان اسڪول کان گُسائڻ لاءِ گهران نڪري اڪثر طور تي ڀڄي وڃي دولي جي ٻنيءَ ۾ راند ڪندو هئس (دولي جنهن جو اصل نالو دولت هو ۽ پوءِ جنهن جي نالي پُٺيان اڄوڪي دولت ڪالوني ٺهي هئي) ۽ منهنجي پوئيان مون کي ڳولڻ لاءِ منهنجو بابو ڳوليندو، ڳوليندو، اُتي به اچي پُهچندو هو. پر مان اُتان به لِڪي لِڪي ٻئي پاسي ڀڄي ويندو هئس. بابا جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پُٽ هئڻ جي ڪري بابا مون سان بي انتها مُحبت ڪندو هو. هُن زندگي ڀر ڪڏهن به مون کي نه ڪا چماٽ يا ڌڪ هنيا، نه ئي وري ڪڏهن ئي ڪو ڪوسو ڳالهايائين. پر اسڪول لاءِ مون کي زور ضرور ڀريندو هو. امان ته مونکي اسڪول نه وڃڻ يا ٻين حرڪتن تان ڏاڍو ماريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن امان به مون کي بُرقو پائي ڳولڻ لاءِ نڪري پوندي هئي.
مون کي ياد ٿو پوي ته پٽي ۽ پهرين ڪتاب تائين ته بابو مون سان گڏجي منهنجي ضد جي ڪري بينچ تي به ويهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جو ئي اُستاد کان سبق وٺرائي پاڻ سان گڏ واپس گهر وٺي ايندو هو.
اسان جي وڏڙن جو مکيه ذريعي معاش مڱڻهارڪو ڌنڌو هوندو هو. بابو توڙي جو پنهنجي دور جا سَت درجا به پڙهيل هو (جنهن کي شايد اُن وقت فائنل چوندا هئا) بابا جا سنڌي اکر ڏاڍا وڻندڙ هوندا هيا. (مون کي ياد ٿو اچي ته بابا منهنجي ضد جي ڪري پنهنجي هٿن جي لکڻ واري ”پارڪر“ پين مون کي ڏني هئي. جنهن کي ٻيا ڪلاس جا ڇوڪرا وڏي چاهه مان ڏسندا هئا) بابا سائين جي پيدائش شناختي ڪارڊ مطابق 1930ع لکيل آهي. بابا جي بقول ته ”بابا کي اُن وقت ماستري نوڪري به ملي هئي. پر بابا پنهنجي ڀيڻويي پياري فقير جي چوڻ تي ڇڏي ته ”اگر تون نوڪري ڪندين ته پوءِ هي پنهنجو راڄ ڀاڳ ڪير سنڀاليندو ۽ پوءِ بابا به نوڪري ڇڏي مڱڻهارڪي ڌنڌي تي پنهنجو گُذر سفر ڪرڻ لڳو. بابو پنهنجي مزاج ۾ فقيراڻي طبيعت رکندڙ ماڻهو هو ۽ مڪمل طور تي مذهبي ماڻهو هو. جيڪو عمر جي آخري ڏهاڪن تائين به نماز ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو رهندو هو. نماز، روزا، تهجد بابا تمام ننڍي عمر کان شروع ڪيا هئا ۽ سڄي زندگي بابو انهن کان پري نه ٿيو. بابا جي بقول ته بابو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام پڻ هوندو هو ۽ اُتي ئي ٻارڙن کي قرآن شريف جو درس به ڏيندو هو. پر جيئن ته اهو مُختصر وقت تائين رهندو هو ۽ باقاعده گذران لاءِ بابا کي وري به پنهنجو راڄ ۽ ڀاڳ سنڀالڻو پئجي ويو. راڄ جي شادين مُرادين ۾ دُهل ۽ شرنايون وڄاءِ پيا پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا. اُن وقت اهڙي ڌنڌي جي وڏي عزت هوندي هئي ۽ بابا کي ته اڪثر راڄ وارا احترامن ڏاڏو چوندا هئا ۽ پيرين پئي هٿ ڏيندا هئا ۽ بابا کي ”پريو فقير“ ڪري سڏيندا هئا. بابو توڙي جو سازن ۾ ”بين“ وڄائيندو هو. پر بابا ٻڌائيندو هو ته اهو ڌنڌو منهنجي مزاج وٽان ناهي، ۽ پنهنجي ماضي ۾ ڇڏيل ماستري جي نوڪري واري فيصلي تي ڏاڍو پڇتائيندو هو.
اسان جا وڏا خود دار هوندا هئا. مسڪيني حال هوندي به بُک ڏُک ۾ به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيندا هئا. هو پنهنجي پورهيي جي محنت تي ئي ڀاڙيندا هئا. فقيري لڏو هئڻ ڪري هو جهيڙي جهٽي، چوري چڪاري، يا ٻين منفي ڪمن کان ڪوهين ڏور هئا. بابا کي ته پنهنجي راڄ مان اَن ۽ مال متاع به ملندو هو. ڇاڪاڻ جو بابو مذهبي ماڻهو هئڻ جي ڪري تعويذ ۽ ڦيڻا به ڪندو هو ۽ ماڻهن کي فائدو به ٿيندو هو. ته وري اڃان به بابي جو وڌيڪ خيال ۽ عزت ڪندا هئا بابا جو راڄ ۾ وڃڻ جي ڪري منهنجو ننڍپڻ به مختلف ڳوٺن ۾ بابا سان گڏ ويندي ۽ اُتي ڪُجهه، ڪجهه ڏينهن رهندي گُذريو هو. منهنجو چاچو ”بکُو“ (جيڪو بابا جو ننڍو ڀاءُ هو) ته رهندو ئي ڀٽ شاهه جي ڀرسان پرهياڙن جي ڳوٺ ۾ هو، يعني پنهنجي راڄ ۾. هُن جي ڀٽ شاهه شهر ۾ ڀٽائي جي درگاهه جي ڀرسان ڪٿي ڪچي جاءِ به هئي. جتي اسان جڏهن به ڀٽ شاهه ويندا هئاسين ته اُتي به وڃي رهندا هئاسين. چاچا به مون کي بابا وانگر ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ بابا وانگر مون کي بابا ڪري سڏيندو هو. بابا ۽ چاچا جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي ته ڪڏهن به منهنجو نالو وٺي نه سڏ ڪيو پر هميشه بابا چئي سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ جو مون تي بابا سائينءَ پنهنجي بابا يعني منهنجي ڏاڏي جو نالو رکيو هو.
بنيادي طور تي اسان معاشي حوالي کان انتهائي غريب رهيا آهيون. وڏڙن جي سادا مزاجيءَ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ڪا جاءِ به ناهي ۽ اڄ تائين ڪرايي جي جاين ۾ پيا رهندا اچون. وري به بابا ۽ امان جا لک ٿورا جو اُنهن بُک ڏُک ۾ رهي ڪري به اسان کي پڙهائي وڌو. اسان کي خودداري جو شعور ڏنو ۽ اسان کي هِن طبقاتي سماج ۾ جيئڻ لاءِ همت ڏئي هڪ مَقام جوڙي ڏنو. اِها منهنجي بابا ۽ امان جي پرورش جو ڪمال هو جو آئون ادب ڏانهن راغب ٿيس ۽ منهنجي اهڙي عمل تي اُنهن ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. مان ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو حساس هوندو هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن رمضان شريف ۾ روزا به رکندو هئس. تڏهن رمضان شريف گرمين ۾ ايندو هو. بابا مذهبي حوالي کان هڪ مڪمل مذهبي ماڻهو هو. اُن ڪري اڄ ڏينهن تائين اسان جي گهر ۾ امان، منهنجو ڀيڻون ۽ منهنجي گهر واري پنج وقت نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ انکانسواءِ پاڙي جي ٻارن کي قرآن شريف جو درس ڏيڻ انهن جو روز جو معمول آهي. اهڙي ماحول ۾ منهنجو شاعر ٿي پوڻ منهنجي گهرو ماحول ۾ وڏي تبديلي آهي. جيڪا مونکي ڏاڍي سُٺي لڳندي آهي. اهو سُٺو ٿيو جو منهنجي اندر ۾ موجود شاعر جاڳي پيو نه ته مان به ايندڙ جنمن تائين نه جاڳي سگهان ها. هاڻ مونکي محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ منهنجي سڄي زندگي ڪنهن مدرسي يا مسجد ۾ گذري آهي. ايترو ڪجهه هوندي به منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ اسان کي پڙهايو ۽ ڪڏهن به مون کي پنهنجي ڪا ڳالهه جبرن نه مڙهي. ايئن ئي مان پنهنجي خانداني ننڍڙي پر سادي ۽ فخر لائق پس منظر مان جنم وٺي. اڄ پنهنجي منظر جي صورت ۾ توهان جي سامهون آهيان.
پنهنجي پس منظر مان منظر جي صورت وٺڻ ۾ مون مين سنڌي اسڪول ۾ ئي ڀٽائي جا شعر/بيت پنهنجي ڪنهن ڪورس جي ڪاپي تي لکندي ڪئي هئي. مثلاَ َ ”سُتا اُٿي جاڳ“، ننڊ نه ڪجي ايتري ۽ ڪجهه ٻين بيتن کي پنهنجي هٿ ۾ موجود قلم سان تحرير ڪندي، شاعريءَ سان اَڻ ڄاڻائي ۾ ئي شناسائي ڪري ويٺو هئس. ايئن سنڌي ۽ اردو جي مختلف شاعرن جا شعر پڙهندي، پاڻ وٽ لکندي، الائي ڪڏهن ۽ ڪيئن پنهنجي اندر جو سادو سودو اظهار به ڪري ويٺو هئس. مون کي ياد ٿو اچي ته اُن وقت اسڪول کان تقريبن گُسائي، گهر ۾ ويهي، اسڪول لاءِ ورتل ڪاپين تي اردو ۾ شاعري پيو ڪندو هئس. جيڪا اڄ تائين مون وٽ محفوظ ٿيل آهي. (انهن ئي ڪاپين تي. جن تي لکندو هئس توڙي جو اها شاعري، ڪچي، ڦِڪي هئڻ جي ڪري شاعريءَ جي قانو ۽ قاعدن کان بلڪل خالي هوندي هئي). بس عجيب قسم جو جنون ۽ شوق هوندو هو. جنهن جي ڪري پيو ڪاغذ ڪارا ڪندو هئس. اُن وقت پنهنجو اڌو گابرو اظهار ڪري مان ڏاڍو پيو خوش ٿيندو هئس. حساس طبيعت هئڻ ڪري هر ڳالهه کي ڏاڍي گهرائي سان محسوس ڪندو هئس. ايئن ڏک توڙي سُک کي محسوس ڪرڻ جي حِس ڏينهون، ڏينهن تيز کان تيز تر ٿيندي وئي. اُن ڪري شايد جُهڙالي موسم ۽ مينهن مون کي ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين ڏاڍو وڻندا آهن ۽ خاص طور تي مينهن ۾ ڀِڄڻ ته مون لاءِ اڄ ڏينهن سوڌو منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي عياشي هوندو آهي. اکين کي بچپن کان ئي سونهن پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ اهو حُسن جو عڪس، منهنجي روح جي آرسيءَ ۾ منهنجي تصور مان پوپٽن ۽ رنگن جيئن اُڏامندو، منهنجي ساري وجود ۽ منهنجي خوابن کي رنگين ۽ خوشبودار بڻائيندو رهيو ۽ اُن رنگينيءَ مان ئي منهنجي معصوم، شاعريءَ جو جنم ٿي پيو. جنهن تحت مون لڳ ڀڳ 1988ع کان سنڌي رومانوي ۽ قومي شاعري جي ڪچي ڦِڪي ابتدا ڪئي. ائين باقاعدگي سان 1991ع کان منهنجي سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه سان وابستگي ٿي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. جنهن تحت مطالعو، مُشاهدو ۽ مشق منهنجي زندگيءَ جا اَٽوٽ حصا بڻجي پيا. جيڪي اڄ تائين ڀرپور جذبن تحت جاري آهن.
پنهنجي ذاتي لڳاءُ ۽ دلچسپي بلڪ شاعريءَ سان عشق هئڻ جي ڪري شاعريءَ موٽ ۾ مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري منهنجي وجود کي بلڪل ڪُندن ڪري ڇڏيو. نه ته سنڌي ادب ۾ ته پڙهيا لکيا شاتر ماڻهو ويٺا آهن. جيڪي ٻي ڪنهن جي موجودگيءَ کي ته برداشت به نه ٿا ڪري سگهن. اگر کين وس پُهچي ته هُو پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ادب ۾ داخل ئي نه ٿيڻ ڏين. پر جيئن ته اهو خود ساخته عمل آهي. ڪنهن جي وڻڻ يا نه وڻڻ سان ڪو به ادب جي دنيا ۾ داخل ۽ بي دخل نٿو ٿي سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پسند ۽ نا پسند واري غير منصانه عمل جي ڪري سنڌي ادب ۾ رڳو افراتفري جو اڻ وڻندڙ ماحول متل آهي. جنهن جي ڪري مُنافقت ۽ ڄُنڊاپٽ جي تعليم ۾ ئي اضافو ٿيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ماڻهو تخليقي گهٽ پر تخريبي ڪمن ڪرڻ جو مها ماهر ته ٿي سگهي ٿو پر اديب نه. پر پوءِ به مون کي نواب شاهه سنگت ۾ هڪ باقاعده ادبي ماحول مليو. جنهن منهنجي به ادبي پرورش ڪئي. اُن وقت منظور حسين قريشي، نور احمد چنڙ، صالح بِلو، عبدالحڪيم ارشد، سارنگ سهتو، رفيق ارباب انڙ، مسعود جمالي، بشير ٻگهيو، وسيم سومرو، فياض چنڊ ۽ ٻيا سنگت نواب شاهه ۾ هوندا هئا. جن جي اهم راين جي روشنيءَ ۾ ۽ پنهنجي ڀرپور لڳاءُ جي ڪري مون اُتساهه سان شاعريءَ جي سفر جي شروعات ڪئي. ان وقت نواب شاهه سنگت جا ادبي ڪلاس ڏاڍا ڀرپور ٿيندا هئا ۽ مون کي هر هفتي گڏجاڻيءَ جو ڏاڍي شدت سان انتظار به رهندو هو. وقت جي گُذرڻ سان ڪجهه دوست ادبي سنگت کان پري دنيا جي گردش ۾ هليا ويا ۽ ڪجهه نوان دوست، ضراب حيدر، منور سراج، مراد قريشي، عابد مگسي، فهيم شناس ڪاظمي، امداد رند، بادل لرا، ستار سُندر ۽ ٻيا سنگت ۾ آيا. اُن شروعاتي دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن نواب شاهه يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ دوست مُنور ابڙو ۽ مُنور سولنگي به گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪڙي گڏجاڻيءَ جي ته سنڌ جي ناليواري اديب پروفيسر عبدالله مگسي به صدارت ڪئي هئي جنهن ۾ مون پڻ پنهنجو ڪو شعر پڙهيو هو. مطلب ته مان اڄ به چوندو آهيان ته فطرت جي هر ذري کان وٺي سنگت نواب شاهه تائين مان سڀني جو گڏيل طور تي شاگرد رهيو آهيان. ڇاڪاڻ جو مون ڪنهن نه ڪنهن طور تي اُنهن سڀني کان ڪُجهه نه ڪجهه پئي پرايو آهي. مان پاڻ کي ته اڄ به هڪ شاگرد ئي محسوس ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ جو شاعري، ادب سڄي زندگي جو اهڙو رياض آهن. جنهن کي جنمن جون ڀرپور تپسيائون ئي حاصل ٿيون ڪري سگهن. پر مان ته اهڙو هڪ جوڳي آهيان. جنهن جيون جي جوڳ مان اڃان ڪجهه به نه پاتو آهي. اُن ڪجهه نه پائي سگهڻ واري جنون ۽ جستجوءَ ۾ مون هيل تائين جيڪي به ڪجهه رنڍا روڙيا آهن جن جي آڌار تي اڄ آئون شاعر ٿو سڏجان يا منهنجي هڪ شاعر جي سُڃاڻپ جڙي آهي ۽ اُن شاعريءَ جي رنڍن کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ لاءِ قدرت مون کي ستار سُندر جهڙو پُرخلوص دوست عطا ڪيو. جنهن مون جهڙي معاشي مُفلس شاعر جي ڪچي ڦڪي شاعري کي اَڏوهي جي ور چڙهي وڃڻ کان بچاءِ مونکي ستن ڪتابن جو خالق بنائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ جڏهن مان سنڌ جي موجوده ادب ۽ سياست تي سوچيان ٿو ته اهي مون کي ڪنهن به سماج جا اهڙا بنياد نظر اچن ٿا. جن جي آڌار تي قومن جو تقديرون تبديل ٿي وينديون آهن. قومن جي بقا ۽ فنا جا سبب ۽ ڪارڻ ادب ۽ سياست جي پيراميٽر تي ئي طئي ڪري سگهبا آهن. ڇاڪاڻ جو ادب ۽ سياست جي ڪارڪردگي مان ئي ڪنهن به سماج جي فني ۽ فڪري ڌارائن جو اندازو لڳائي ڪا راءِ قائم ڪري سگهبي آهي هِن وقت سنڌي ادب ۽ سياست جي عملي چُرپُر ڪا تحرڪ بخشيندڙ نه ٿي نظر اچي مان هِت وفاق پرست ذهن رکندڙ سياست جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته اُها آهي ئي ”سياهه-ست“ يعني انڌي طاقت ۽ اُن جي 63 يا 64 سالن جي ڪاري تاريخ اُن جو چٽو آئينو آهي جنهن جي هاڻ سڀني کي ڄاڻ آهي. رهي ڳالهه قوم پرست سياست ۽ سنڌي ادب جي ته سنڌي ادب توڙي جو اڄ به تخيلقي طور تي سِرجي پيو ۽ اڄ جي موجوده حالتن، سماجي ريتن، رسمن جي اُپٽار به ڪري ٿو . پر اڄ جو اديب (لکندڙ) ڏاڍو سَهل پسند بڻجندو پيو وڃي جنهن ڪري هو رڳو لکڻ جي حد تائين هت پاڻ کي ذميوار سمجهي ٿو پر عملي طور تي هو صفا ونءُ ٿو وڃي. اهڙي قسم جي بي حسي، مان سنڌ جي سڀني اديبن سان لاڳو نه ٿو ڪيان پر پوءِ به اڪثريت اهڙن ليکڪن جي ٿيندي پئي وڃي جيڪا يورپ جي اديب جي سماجي زندگيءَ وارو معيار هتي سنڌ جي غلام سماج ۾ رائج ڪرڻ چاهين ٿا. يورپ ته پري جي ڳالهه آ. رڳو ايشيا ۾ برصغير / ننڍي کنڊ ۾ ۽ وري هِن ٺڳيءَ جي ٺاهه واري مُلڪ ۾ به سنڌي سماج ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق آهي. اهڙين سنگين ۽ غلامانه حالتن ۾ سنڌ جي غلام قوم جو اديب اگر پاڻ کي به آزاد محسوس ڪندو هجي ته اُها آزاد خياليءَ واري آزادي اُن ليکڪ جي ذاتي آزادي ته چئي سگهجي ٿي. نه ڪي قومي آزادي. اِن کان وڌيڪ سنڌ لاءِ وڏو ٻيو ڪهڙو هاڃيو چئبو جو باشعور سڏرائيندڙ اديب فطري طور تي تبديليءَ جي تناظر مان بنا گذرڻ جي پاڻ کي تبديليءَ جو تصوراتي خواهشمند سمجهندو هجي ۽ پنهنجي ذات جي خوشيءَ کي سموري غلام ديس جي خوشي سمجهي مطمئن ٿي لاتعلقي جي ڪُن ۾ غرق ٿي وڃي. مطلب ته هر ڪو پنهنجي انفرادي آزاديءَ تي يقين رکي ۽ اُن کي هر دل عزيز ڀائيندو هجي. نه ڪي قومي اجتماعي آزاديءَ تي. ٻيو ته اديب يا خود اديبن جي تنظيم ادبي سنگت مُنفي لاڙن جي دلدل ۾ ڏينهون ڏينهن لهندي پئي وڃي تنظيم جو اصل منصب پس پرده هليو ويو آهي. سنگت هاڻ رڳو ماضيءَ ۾ ئي رهجي وئي آهي ۽ سنگت جي مرڪز ۾ عهدو حاصل ڪرڻ يا اُن ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ ۽ شاخن ۾ ٻن ووٽن کي پنهنجي پنهنجي حق ۾ حاصل ڪرڻ جي بي مقصد جنگ ايتري ته وڌي وئي آهي جو هاڻ ادبي سنگت هر ٻئي سال مداريءَ جو تماشو ڪرڻ لاءِ اديبن / تماشائن کي گڏ ڪري ٻين قومن لاءِ کِل جوڳو بڻائي ڇڏيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ غلام قوم جا عام فرد ڪهڙو سبق پرائيندا، جيڪي رڳو ذهني انتشارن جي اوڙاهن ۾ سَڙي رهيا آهن. مرڪز ۾ عهديدار ٿيڻ جي انڌي جنون ۾ ڌڙا بندي جو فضول ناسور ڦهلبو ٿو وڃي. قومن جي قسمت لکندڙ زميني فرشتن جهڙو وقار رکندڙ ماڻهو به اگر پنهنجي ذات جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پون ته پوءِ باقي ڇا بچيو. جڏهن ته سنڌ جي قوم پرست سياست جي جدوجھد صفا سُست رفتاري سان روايت جو شڪار بڻجي پئي آهي. ۽ مِڙئي آزاديءَ جي نالي ۾ ذاتي مفادن ۽ اَنائن جي بنا ڦيٿن واري گاڏي کي زوري ڌڪي رهي آهي.
حقيقت جي نظر سان اگر ڏسجي ته قوم پرست سياست جا بنياد ۽ اصول ايترا ته پُختا ۽ مضبوط آهن جو اگر اُن تي سچائي سان باعمل ٿي بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي سياست ڪجي ته اها عبادتن جو معراج ماڻي قوم جي تقدير کي مٽائي سگهي ٿي. پر اُها ساڳي صورت حال اسان جي قومي سياسي ادارن جي به ساڳي آهي. سائين جي. ايم سيد سنڌ جي غلاميءَ مان نجات جي جيڪا نظرياتي ۽ فڪري دوا ڏئي ويو آهي. اسان اُها عملي طور تي واپرايون ئي ڪو نه ٿا. ويتر اهڙي قومي غلاميءَ جي قُنوطيت واري دور ۾ اسان بي عملي، ذاتي مُفادن ۽ انائن جي سکڻي ڪُني ڌار، ڌار چاڙهيو ويٺا آهيون. جنهن ڪري سڄو سنڌي سماج بي راهه روي جو شڪار بڻجي مايوسين جي ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائي رهيو آهي. اسان کي هاڻ سڀ منفي سوچون، خيال ۽ بي عملي ڇڏي سنڌ جي سياست کي عبادت جو درجو ڏئي اُن مقام تي پُهچائڻو پوندو جنهن مقام تي سياست جي سيني مان آزاديءَ جو سُرخ سورج اُڀري سڄي ڌرتي کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. ٺلهي نعري بازي، بينر، جهنڊا، پوسٽر ڪلچر کي هاڻ عمل ۽ سچائي جي رنگ سان نئون روپ ڏيڻو پوندو سنڌ جي تعليم جي تقدس کي بحال ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليمي ادارن ۾ سياست کي پنهنجي مثبت عمل سان سنڌ جي نئين نسل لاءِ تعليمي سرگرمين سان دلچسپ بنائڻ ۽ وڌيڪ جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو هِن وقت سنڌ جي ادب ۽ سياست ۾ اشد وڏي تبديلي جي ضرورت آهي، اهڙي طرح هر اُهو ادب جنهن ۾ پنهنجي سماجي حالتن جي باقاعده اُپٽار ناهي هوندي ۽ جنهن جو پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي گهراين ۾ ناهن. اُهو ادب، ادب جي نالي ۾ اديب جي ذاتي ۽ ذهني عياشي ته ٿي سگهي ٿو. پر ادب نه، لازوال ادب تڏهن ئي تخليق ٿيندو آهي. جڏهن ليکڪ وٽ پنهنجي ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪتل ڪو نظريو ڪو فڪر هجي ۽ اُهو نظريو / فڪر اجتمائي شعور سان سرشار ۽ سلهاڙيل هجي نه ته اهو ادب عارضي ۽ بي مقصد آهي مان سمجهان ٿو ته ”ادب برائي زندگي“ ئي اهڙو لاڙو يا رجحان آهي. جنهن ۾ فطرت جي سڀني رنگن سان گڏ سماجي، نظرياتي، فڪري ۽ ڌرتيءَ جي هر ڏک ۽ سور جي عڪاسي/نمائندگي ڀرپور ٿيل هوندي آهي. سڄڻ ۽ ساڻيهه ادب جون ٻه اهڙيون ته ڀرپور ۽ سگهاريون وِٿون آهن جن ۾ هِن سموري سنسار/ڪائنات جون سڀئي حالتون ۽ لڪاءُ سمائجي وڃن ٿا.
هر اُهو ادب جيڪو تبديليءَ جي تناظر مان نٿو گُذري اهو بيٺل ۽ ڌپ ڪري ويل پاڻيءَ جيان. ڏاڍو خطرناڪ ٿي پوندو آهي. سنڌي ادب به جيئن ته مختلف روين جو شڪار رهي چُڪو آهي. انهن ۾ ”ادب براءِ ادب“، ”ادب براءِ آرٽ“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جا لاڙا گردش ڪري رهيا آهن. ”ادب براءِ ادب“ ته آهي ئي خلائي مخلوق جي پيداوار جيڪا اڃان سنڌ جي ڌرتيءَ تي ته ڪونه لٿي آهي. جنهن جو مقصد ئي اهڙن خيالن جي اُپٽار ڪرڻ آهي. جن جي سمجهه جو تعلق ڪنهن به انساني زندگي يا ذهن سان ناهي هوندو. اُن ۾ سوچڻ جا زاويا، انداز جي ترتيب، علامت نگاريءَ جو غير رواجي استعمال، مُنجهيل غير واضع صورت ۾ صرف ليکڪ جي سمجهه تائين محدود هوندو آهي. جنهن تي بي مقصديت جو رنگ غالب هوندو آهي. جنهن جا رستا ۽ راهون پنهنجي ڌرتيءَ، سماج بجاءِ آسمان مان نڪرندا آهن. جيڪي لاتعلقي ۽ نا سمجهيءَ جي هڪ اهڙي دنيا جوڙيندا آهن جنهن ۾ ڪنهن به ذميواريءَ جو احساس جنم نه وٺي سگهندو آهي. ان کان اعلاوه ”ادب براءِ آرٽ“ به آرٽ جي آڙ ۾ پناهه وٺندڙ وري هڪ اهڙو رويو آهي. جيڪو پڻ سرمائيدارانه سوچ ۽ نظام جي اَڻ سڌيءَ طرح ادب ۾ پيدا ڪيل اهڙي حالت آهي. جيڪا ڏينهون ڏينهن ليکڪ، جي عملي ۽ ذميوارانه خيالن يا احساسن کي اُڏوهي جيان کائي اُن کي چٽ ڪري غير ذميواري ۽ لاتعلقي جي هڪ تصوراتي دنيا اَڏي ٿي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ذات جي تسڪين جي رنگن ۾ ٻُڏي وڃي ٿو. مان ته سمجهان ٿو ته زندگي کان وڌ ڪوبه آرٽ ناهي ۽ هر اهو آرٽ جنهن جون جَڙون زندگيءَ ۾ ناهن يا جنهن ۾ زندگي ناهي اهو آرٽ به رڳو آرٽ جي نالي ۾ خام خيالي ئي ٿي سگهي ٿو. نڪي نج آرٽ، اهڙي سوچ رکندڙ اديب پنهنجي ذات جي نشي ۾ ڌُت ڌرتي، سماج، سياست، انقلاب ۽ زندگيءَ جي مڙني احساسن کان پري هڪ گُمناميءَ جي تصوراتي زندگي گذاريندڙ عمل کان خالي ذهن رکندڙ ”يوٽو پيائي“ قسم جو ماڻهو هوندو آهي جيڪو عمل جي ميدان ۾ اچڻ کان نابري واري آرٽ جي آڙ ۾ پنهنجو پيو بچاءُ ڪندو آهي.
دراصل سنڌ ۾ اهڙي قسم جا مصنوعي اديب هڪ اهڙي ماحول کي جوڙي رهيا آهن. جنهن ماحول جي مزاجي دنيا هن سنڌي سماج جي مزاج واري ناهي اسان وٽ ڀٽائي ۽ اياز جهڙا سداحيات شاعر آهن جيڪي هميشه ”ادب براءِ زندگي“ جا موجد رهيا آهن. جن هر اُن ڳالهه، موضوع ۽ شيءِ کي پنهنجي ڏات جي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. جن ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي پرچار آهي. هُنن پنهنجي ڌرتيءَ جي مڙني حالتن کي پنهنجي آفاقي فن ۽ فڪر جي تناظر ۾ پيش ڪري ڌرتيءَ جي فرض شناسيءَ جو شعور پئي ڦهلايو آهي. نڪو پنهنجي ذات جي رنگ ۾ رنگجي حقيقت کان لنوائي ”چرس جي سوٽي جهڙو“ ادب پئي لکيو آهي. جيڪو ماڻهوءَ کي ذهني/تصوراتي عياشيءَ جي اوڙاهن جي پاتالن ۾ اُڇلي ناڪارو بڻائي ڇڏي ٿو ۽ اهڙي قسم جا ٺهيل ٺُڪيل اديب پنهنجي گهر جي بند ڪمري ۾ اي. سي جي مصنوعي ٿڌي هوا ۾ شراب يا بيئر جي نشي ۾ پنهنجي ذات جون محروميون تحرير ڪندي ڪندي سکڻي ڪُنيءَ جئين پيا اُڀامندا آهن. جن کي انقلاب، سماج ۽ خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپيل هر چيز نعري بازي ئي لڳندي آهي. هُو آرٽ جو عُزر پيش ڪري ڌرتيءَ جي ناياب عملي ۽ تخليقي ڪردارن کان مُنهن موڙي چاليهه يا پنجاهه هزارن جي مليل ٽڪي واري نوڪريءَ جي ذميواري ۾ غرق ٿي اُن جي بچاءُ پيا ڪندا آهن ۽ مصنوعيت جو ماسڪ پائي سماج ۾ مهذب بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڏٺو وڃي ته اڄ به سنڌ ۾ مزاحمتي ادب تخليق ٿئي پيو، پر جيئن ته اهو صرف موجوده سياسي توڙي ادبي اصل ڪارڪردگي جي عملي چُرپر جي گهٽتائي جي ڪري ڪين محسوس ٿي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ سرجيل مزاحمتي ادب ۽ سياسي مزاحمتي عملي هلچل جو گڏيل عملي ڪارنامو هو جو اُن وقت جو سماج به اُن اُٿل پُٿل / هلچل ۾ پاڻ کي به گڏيل ڀائيندو هو. ته اُهو به مزاحمتي آواز ۾ پنهنجو آواز شامل ڪندو هو. پر اڄوڪي ادبي يا سياسي ماحول ۾ عام ماڻهو شريڪ نه آهي. اُن ڪري به مان ڀانيان ٿو ته اُهو احساس هڪ باشعور ماڻهوءَ کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. اُن جو تازو مثال سنڌ ۾ آندل هٿرادو ٻوڏ آهي. جنهن سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي قهر جي زد ۾ آڻي اُن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اهڙي وقت ۾ سنڌ جي اديبن مزاحمتي ادب سرجيو ۽ اُهو پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا تي به سڀن جي نظرن مان گذريو. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اهو سرجيل ادب ڪو سئو سيڪڙو تخليقي ڪونه هو. پر پوءِ به ڏهه سيڪڙو به مزاحمتي ادب تخليق ته ٿيو. يا ميڊيا (سنڌي)، اِن ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سياسي حوالي کان به طوقع کان گهٽ ئي سهي پر پيش قدمي ضرور ٿي. اهڙيءَ طرح اگر سمورو سماج جيستائين ڪنهن به تحريڪ ۾ نٿو گڏجي اويستائين اُها چُرپُر ڪامياب نٿي ٿي سگهي. اُن لاءِ سياست ۽ ادب ۾ عام کان عام ماڻهو کي پنهنجي عملي ۽ سچي ڪردار ذريعي پاڻ سان گڏجي هلڻ لاءِ اُتساهڻو پوندو. نه ته پنهنجي مُنهن ۽ مرضيءَ سان کنيل قدم پنهنجي انائن ۽ مُفادن جي حدن ۾ محدود رهجي ناڪام ٿي ويندو. پوءِ ان جو ڪو به اجتماعي فائدو نه حاصل ٿي سگهندو. سو مزاحمتي ادب اڄوڪين ادبي تقاضائن مطابق اڄ به لکجي پيو. پر هاڻ اهو به لکندڙ کي سوچڻو آهي ته هو عملي ڪردار سان گڏ ادبي قانون ۽ قاعدن جي پاسداري به ڪري. مثلاَ َ ڪو شاعر آهي ته اُن تي اُهو فرض به عائد ٿو ٿئي ته هو پنهنجي مزاحمتي اظهار کي جديد علامتي، استعاري، تشبيهاتي ۽ تمثيلاتي رنگ ۾ سماج جي روز مره جي حالتن جي تحت اپنائي. ٻوليءَ جو ڀرپور استعمال يا ٻيا جيڪي فني توڙي فڪري پاسا آهن هو اُنهن کي به پنهنجي نظر/خيال ۾ رکي نه ڪي پنهنجي اظهار کي روايتي انداز سان بي اثر پيش ڪري، رڳو ۽ رڳو نالي ڇپرائڻ جي لوڙ پوري ڪري. اُن ڪري اُن مزاحمتي آواز يا اظهار کي تڏهن ئي دل آويز ۽ لازوال بڻائي سگهجي ٿو جو اُن ۾ جديد ادب جي ۽ زندگي جي احساس سان پُر قدر، فن ۽ فڪر توڙي ٻين گهربل زاوين کان به اهو مڪمل هجي.
هونءَ به مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته شاعريءَ جي موسم ڏنگي ٿئي ٿي. جيڪا جڏهن به دل تي لهندي آهي ته ڪنهن تيز طوفان جيان سموري ذهن ۽ وجود کي ڪکن، پنن جيئن اُڏائي، وکيري ڇڏيندي آهي ۽ جيسين تائين به اُها جاري رهندي آهي اوسين تائين هڪ اضطرابي ڪيفيت دل تي طاري رهندي آهي ڪيترائي احساس ۽ جذبن جا جوالا ڦاٽي ساري هستيءَ کي پگهاري ڇڏيندا آهن ۽ وري جڏهن اُها موسم واپس ويندي آهي ته ڪکن ۽ پَنن جيئن وکريل ذهن ۽ وجود، نئين سِر سهيڙجڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيئن ڪو پکي پنهنجي ڪکائين ٽُٽل آکيري کي ٻيهر جوڙيندو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح پاڻ کي سهيڙيندي ڏاڍو سُٺو لڳندو آهي. نئين جنم جي احساس جيئن ۽ شاعريءَ جي تخليق جي مڪملتا جو نفيس احساس ايترو ته اطمينان بخش، سُڪون ڏيندڙ، مڌ جي مستيءَ جهڙو هوندو آهي جو اُها پيڙا جيڪا تخليق ٿيڻ دوران ٿيندي آهي. اُن جو حاصل ڏاڍو دل لُڀائيندڙ ٿيندو آهي. جو بار بار جنم وٺڻ واري ڪيفيت جي احساس کي محسوس ڪندي، ڪندي شاعريءَ جي موسم جو انتظار شدت اختيار پيو ڪندو ويندو آهي. اُن انتظار جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪا به خارجي موسم، وقت، جاءِ، حالت وغيره رُڪاوٽ نه بڻجي سگهندي آهي، شاعريءَ جي گلابي، کَٽي مِٺي موسم پنهنجا رستا ۽ راهون پاڻ طئي ڪندي آهي. اُها ڪنهن وقت به ڪنهن دل تي پنهنجا رنگ پکيڙي سگهي ٿي ۽ مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته جيڪو شاعريءَ جي تخليق ۾ لُطف آهي. اُهو ڪنهن به تخريبي عمل ۾ ڪونهي. تخليق ۽ تخريب ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. اُن ڪري به جيڪو مزو اڏڻ ۾ آهي اهو ڪنهن ٺهيل ٺهڪيل شيءَ کي ڊاهڻ ۾ ڪٿي آهي، اِهو ئي سبب آهي جو تخليقڪار هميشه امن جو اَڏيندڙ رهيو آهي ۽ امن پکين جي وسيع نيڻن جي آڪاس ۾ پنهنجا پاڪ پوتر، نفيس پَرَ پکيڙي اُڏندو آهي ته تخليق جو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو آهي. هونءَ به شاعريءَ مون کي زندگي سان شناسائي جو درس ڏئي، ڌرتي ۽ سرتي جي آفاقي قدرن جي آگاهي پئي ڏني آهي. جنهن مون کي هر حال ۾ اُتساهه سان جيئڻ جو حوصلو پڻ ڏنو آهي. جيئن ڪنهن به زندگيءَ لاءِ هوا، باهه ۽ پاڻي ضروري شيون آهن. بلڪل اهڙي طرح سان هڪ ليکڪ لاءِ مطالعو، مُشاهدو ۽ مَشق به انتهائي لازمي آهن. ڇاڪاڻ جو تخليق جي توازن کي برقرار ۽ پائيدار بنائڻ لاءِ اُهو ضروري شرط آهي ته ليکڪ پنهنجي مُطالعي ۽ مشاهدي کي محدود نه ڪري بلڪِ اُن کي ڪائنات جيان ڦهلائي وسيع ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته اُن سان گڏوگڏ ليکڪ کي لکڻ سان ”ڪميٽيڊ“ هُجڻ گهرجي. ليکڪ کي پنهنجو پاڻ ۾ ڪئي ڪائناتون هُجڻ گهرجي. هُن جو وجود سراپا اُن عمل ۾ مصروف هجي.
جيستائين ليکڪ پنهنجي مُطالعي سان گڏ پنهنجي اردگرد، فطرت ۽ اُن کان اڳتي مُشاهدو نه ٿو ماڻي اويسين تائين اُن جي خيالن جي دنيا بيٺل پاڻيءَ جيان رُڪجي ڌپ ڪري وڃي ٿي ۽ جيڪي مڪمل طور تي انهيءَ دور مان گذرن ٿا. اهي ڀٽائي ۽ اياز وانگر صدين تي پنهنجا نقش چٽي امر ۽ لازوال بڻجي وڃن ٿا. ليکڪ جي قلم جي مَس ڪڏهن به نه سُڪڻ گهرجي ۽ نه سندس قلم جي نوڪ کي زنگ لڳڻ گهرجي. لکڻ به هڪ عبادت آهي. جنهن جي تپسيا مان گُذري ليکڪ پنهنجي سماج ۾ موجود مُنفي لاڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ مهاڏو اَٽڪائي پنهنجي خيالن جي روشنيءَ سان اُوندهه انڌوڪار کي ڌوئي ختم ڪري پنهنجي قوم لاءِ هڪ مثالي معاشرو اڏيندو آهي. مون کي جيڪو به سنڌي يا اردو ڪتاب يا ڪا لکڻي ملندي آهي ته مان اُها وڏي دلچسپيءَ سان پنهنجي مطالعي ۾ آڻيندو آهيان. مان هر ننڍي وڏي ليکڪ کي احترام سان پڙهندو آهيان. ڇاڪاڻ جو مون پاڻ کي ادب جي هِن لامحدود سفر ۾ اڃان تائين هڪ شاگرد ئي پئي محسوس ڪيو آهي. جڏهن کان مان ادب جي دنيا ۾ باقاعده آيو هئس تڏهن کان اڄ تائين منهنجو دوست مطالعو/ڪتاب ئي آهي جنهن منهنجي تنها زندگيءَ ۾ همسفر بڻجي مون کي همت ۽ حوصلو پئي بخشيو آهي. ذهن ۽ روح جي خوراڪ پئي بڻجندو رهيو آهي ۽ مان اڄ جو ڪجهه به آهيان. اُن ۾ منهنجي مطالعي جي شعور جو وڏو عمل دخل آهي. هاڻ ته جيڪڏهن روزانو ڪجهه نه پڙهان ته مزو ئي نه ايندو آهي.
هونءَ به شايد ڪٿ پڙهيو هيم ته پڙهڻ سڀ کان پهرين شوق هوندو آهي. پوءِ عادت ۽ اُن کان پوءِ هڪ اهڙي بيماري جنهن کان پوءِ جان آزاد ڪرائڻ ناممڪن هوندو آهي. سو هاڻ مان ته شايد اڃان شوق وارو دور پورو ڪري عادت واري دور ۾ مَس پهتو آهيان. اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. بحرحال مطالعي جو لُطف ڏاڍو دل لُڀائيندڙ ٿئي ٿو ۽ اڪيلائي ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رومانس دنيا جي ٻين مصروفيتن کان مون کي وڌيڪ ڇِڪ ڪندو آهي خاص طور تي سياري جي رات جو يا ڏينهن جو سَوَڙ ۾ ويڙهجي ڪتاب پڙهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. ڪتابن سان دوستي ڏاڍي پائيدار ٿئي ٿي. ڪتاب ئي زندگي ڪائنات، پيار مُحبت، حُسن و عشق جي تازگي جو شعور بخشي ٿو. مون کي توڙي جو فلسفو ٺُپ سَمجهه ۾ نه ايندو آهي ۽ ذهن تي بار محسوس ٿيندو آهي. پر پوءِ به دلي طور تي مان فلسفي جو مطالعو ڪندو رهندو آهيان. ڇاڪاڻ جو فلسفو ئي ڪائنات ۽ ڪائنات جي ٻين شين جي جوهر تائين رسڻ جو بهترين وسيلو آهي. باقي شاعري، ڪهاڻي افسانو، ناول، مضمون وغيره هر موضوع تي مان وڏي غور ۽ فڪر سان پڙهندو آهيان. پر افسوس جو منهنجو حافظو ايترو ته ڪمزور ٿي پيو آهي جو مطالعي جي يادگيري تمام گهٽ رهندي آهي. ايئن ئي حُسن ۽ عشق به زندگيءَ جا ٻه اهڙا اهم مُحرڪ آهن. جن کان سواءِ ماڻهو خالي مٽيءَ جو بوتو رهجي وڃي ٿو. حُسن ۽ عشق اهڙا حسين احساس، جذبا يا حقيقتون آهن. جن کان سواءِ هن ڪائنات جو خاڪو مُڪمل نٿو چئي سگهجي مون ته هميشه عشق ۽ حسن جي جلالي ڪيفيتن کي ئي پنهنجي جيئڻ جو ڪارڻ پئي ڄاتو آهي. سچ ته عشق ۽ حُسن جو رڳو تصور به خماري ڇڏيندو آهي مون شدت سان حُسن ۽ عشق جي ضرورت کي محسوس ڪيو آهي. حالتن کان اگر مايوس به ٿي ويندو آهيان ته حُسن ۽ عشق جون دلربا، رمزون روح کي رسيلو ڪري ڇڏينديون آهن، هن ڪائنات ۾ حُسن خدا جي اهڙي عظيم تخليق آهي. جنهن مان ئي قدرت جي ڪرشمي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سُونهن انساني هجي يا فطرت کان ويندي پکي، پکڻ، جانورن، ٻوٽن، گلن يا نظارن جي يا وري احساسن يا جذبن جي هجي. يا نيتن جي دل کي اڄوڪي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ آڪسيجن جيان ڀاسندي آهي ۽ وري عشق ته اسان جو خالق آهي جنهن جي مُقدس مٽيءَ مان اسان جو وجود جُڙي راس ٿيو آهي. جنهن ئي اسان جهڙن رولاڪ آواره ماڻهن جي بي مقصد زندگيءَ ۾ مقصديت جا رنگ ڀري جياپي جي رنگينيءَ جو پڻ احساس ڏياريو آهي. مون هميشه عشق جي جنون جي حدن کي وڃي ڇُهيو آهي. تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهيان. پر سچ ته انهيءَ تباهيءَ جو، ٽٽي ٽڪرا ٿي وکري وڃڻ جو لُطف ئي عظيم آهي.
اهو ئي سبب آهي جو منهنجي دل ٻاروهي حُسن ۽ عشق جي جنگ ۾ شهيد ٿيندي رهندي آهي ۽ پوءِ اُها شهادت ئي مون کي، منهنجي اندر جي شاعر کي هر هر پئي نئون، نئون جنم ڏيندي آهي. مان به ڄڻ جنمن کان ”فونيڪس“ (ڏندڪٿائي) پکيءَ جيان پنهنجي لاءِ دردن ۽ اضطرابن جا ڪک، پن ميڙي سهيڙي، درد وندين، پُرسوز آهُن جي سُرن وسيلي جدائي جي آڳ ۾ جَلي رک ٿي ڀسم ٿي ويندو آهيان ۽ وري پوءِ پنهنجي خاڪ مان ٻيهر جنم وٺي پيو ساڳيءَ فطرت پاران سونپيل عمل ۾ جُنبي ويندو آهيان. اهو ئي اهم ڪارڻ آهي جو هي دنيا ۽ پئسو مون کي راس نه آيا آهن ۽ نه وري مون پنهنجي فطري جذبن کي قتل ڪرڻ جو سوچو آهي. مُفلسيءَ جي تيز نٽهڻ اُس ۾ به عشق جي عينڪ پائي، خانه بدوشيءَ جي سائبان هيٺ سونهن جو سفر پيو ڪندو آهيان ۽ بار بار حالتن جي هٿان مري مري به پيو جيئندو آهيان. ڇاڪاڻ جو زندگي اُداسي ۽ تنهائيءَ کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان تخليق ڪيو آهي. وڏي اُڪير ۽ چاهه سان اُن کي پالي وڏو ڪيو آهي. اُن ڪري هاڻ منهنجي دل جو انهن سان اَٽوٽ رشتو آهي ۽ زندگيءَ سان اُن رشتي جي ناتي منهنجو تنهائي ۽ اُداسيءَ سان ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين گهرو تعلق پئي رهيو آهي. جنهن تعلق مون کي پنهنجي اندر جي اجنبي شخص سان مانوسيت جو ڀرپور احساس ڏياري مون کي جيئڻ جو نئين کان نئون ذائقو پئي محسوس ڪرايو آهي. اُداسي پنهنجي روح ۾ ڏاڍي معصوم ٿئي ٿي ۽ اُها جڏهن، جڏهن به منهنجي دل جي بَر تي رم جهم جيئن وسندي آهي، ته دل جي ويران ڌرتيءَ تي پيلا، پيلا گلاب ٽڙي پوندا آهن، ۽ زندگي جي بي رنگينيءَ ۾ ڪئي رنگ نکري پوندا آهن، ۽ وان گوگ جي ڪنهن پينٽنگ جيان سورج مکي جي پيلن گلن جو دلڪش ڏيک بڻجي پوندي آهي. اُداسيءَ مون کي هن گهڻ ڳالهائو دور ۾ گهڻو ڪجهه فضول ڳالهائڻ کان بچائي مخصوص ڳالهائڻ جو درس ڏيندي رهي آهي. اُهو ئي ڪارڻ آهي، جو روح مان ڦُٽي نڪرندڙ ٽهڪن کي اُداسي جو پيلو لباس اوڍيل هوندو آهي. جنهن تي تمام گهٽ ماڻهن جي محسوسيات جي نفيس نظر پوندي آهي، بس سڀ ڪو ٽهڪن جي ظاهري سحر ۾ سحرجي پوندو آهي. هاڻ ته اُداسي چهري جو ايمان بڻجي اکين ۾ پيلن پوپٽن جيئن پئي اُڏامندي آهي. جن کي منهنجا ننڍڙا پتڪڙا معصوم خواب پَڪڙيندا رهندا آهن.
هاڻ اُداسيءَ جو اُجرو احساس دل جي لاءِ روحاني راحت بڻجي پيو آهي. ۽ وري جڏهن اُداسي جي آڪاس تي تنهائي جا تارا چمڪي پوندا آهن، ته زندگي پنهنجو مڪمل روپ ماڻي چنڊ جئين روشن ٿي پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته تنهائي تپندڙ صحرا جو احساس بڻجي منهنجي اندر جي شاعر کان ”ڊسمبر جي اڪيلائي“ به تخليق ڪرائي وجهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن تنهائي پنهنجي قوت سان وقت جهڙي بي پرواهه بادشاهه کي به پنهنجن ڏانوڻن ۾ جڪڙي روڪي ڇڏيندي آهي. جيئن ”ريموٽ“ سان ڪو T.V تي هلندڙ ڪنهن ”سين“ کي ”اسٽل“ ڪري ڇڏي. اُن ڪري به زندگيءَ جي خالي جام ۾ اداسي ۽ تنهائي جي شرابن جو بي مثال ”ڪاڪ ٽيل“ روح جي ڪيفيت کي ڪڪوري، مڌماتو ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ دل جو سمورو عالم خمارن جي خوابن ۾ کوئجي ويندو آهي. اُداسي ۽ تنهائي منهنجي زندگي جا ٻه اهڙا ته همسفر ساٿي بڻجي رهيا آهن. جن زندگي جي پٿرائين ۽ ڪنڊاوين پنڌ کي ڏاڍو نرالو ۽ دلربا بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي سفر ۾ شاعري جي موسم ته سون تي سُهاڳو ٿي پوندي آهي. ان ڪري سچ ته مون لاءِ هن گوڙ گهمسان، پاليوشن، واري دور ۾، اُداسي ۽ تنهائي تازي آب ۽ هوا وانگر آهن. جن جي سنگ مان پاڻ کي هميشه نئون نئون محسوس ڪندو آهي. تنهائي ۽ اُداسي کي انجوائي ڪري پيو ري فريش ٿيندو آهيان. ڇو ته اُداسي ۽ تنهائي هاڻ منفرد روحاني خوراڪ بڻجي پيون آهن. منهنجي ڀرپور جياپي جي. منهنجي شاعريءَ جي. اُن ڪري اي! اُداسي ۽ تنهائي! مان توهان سان بي انتها محبت ڪندو آهيان....!
(28 جون 2013ع)