خُدا جو خواب
سنڌي شاعريءَ ۾ مون هيل تائين جن به چند شاعرن جي شاعريءَ کي محبوبه جي چھري جيان روح جي مخمور اکين سان بنا اک ڇنڀڻ جي مُسلسل پڙهيو ۽ پُرجهو آهي. تن ۾ شاعر سعيد ميمڻ جو نانءُ پڻ شامل آهي. سعيد ميمڻ جيڪو پنھنجي شاعراڻي ۽ شخصي سڀاءُ ۾ مون کي نه ڄاڻ ڇو هميشه اُن معصوم ۽ ماٺيڻي ٻار جيان لڳندو آهي. جنھن کان راند کيڏندي کيڏندي رانديڪو وڃائجي ويو هُجي. جنھن جي ڏک ۽ تلاش ۾ هُو درد جو ڪو مجسمو بڻجي پيو هُجي. يا راند ڪندي ڪندي. هُن کي مٽيءَ ۾ ئي گهري ننڊ اچي وئي هجي. جنھن ۾ هُن پنھنجي جنمن جي محبوب صورت کي پَسي ورتو هجي ۽ پنکڙين جهڙي ڪچڙيءَ ننڊ مان سُڏڪا ڀريندو جاڳي پيو هجي ۽ جنھن چهري جي تلاش ۾ هو هڪ اهڙي جُستجو بڻجي ويو آهي. جنھن جي پس منظر ۾ سعيد جون نماڻيون نگاهون عينڪ جي اڇن شيشن پُٺيان ڪو ويران منظر بڻجي ويون هُجن. شايد اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هِن جي شاعري ڪنھن پُراڻي ۽ ويران اسٽيشن جي سالن کان بند پيل ويٽنگ روم ۾ ڪنھن جي اَڌ ۾ رهجي ويل اوسيئڙي جو اُهڃاڻ آهي. يا پوپٽ، پڪڙندي، پڪڙندي، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ گهر کان دور نڪري وڃائجي ويل ٻار جي بي وسي ۽ گهر ڏانھن واپسيءَ جي خواهش ۾ معصوم اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن جو ڪو تسلسل آهي.
سعيد ميمڻ جي سانوري، سٻاجهي ۽ معصوم صورت ۽ طبيعت ۾ مون سدائين سيلانيت جي صدا ۽ ڪو گيڙو سنديس محسوس ڪيو آهي. هِن جي شاعراڻي ڪائنات دل جي ڌرتيءَ کان شروع ٿي. هن سموري ڪائنات کان ٿيندي دور خلائن ۾ ڪنھن حسين خواب جيان گم ٿي وڃي ٿي. جنھن جي ڇيڙي جي ڳولا ۾ سعيد تنھائي جي آڱر پڪڙي بن بن ۾ ڀٽڪندي ڀُري ۽ جُهري رهيو آهي. هِن جي ڳالھائڻ جو ڌيمو ڌيمو لھجو خاموش واديءَ ۾ پھاڙن تان ڪرندڙ مُترنم جهرڻي جهڙو دل لُڀائيندڙ هوندو آهي. جنھن جي وهڪري ۾ اطمنانيت جا ڪيترائي پشم جھڙا رنگ لھرون، لھرون وکرندا محسوس ٿيندا آهن. هِن جو ٿڌو ۽ پيار ڀريو آواز روح جي گهراين مان ايندي ڀائيندو آهيان. پر پوءِ به کيس اکين جي ڪنھن نراساين ڀري ڪُنڊ ۾ مون زندگيءَ سان محبت جو احساس مڪمل سجاڳيءَ سان جاڳندي ڏٺو آهي.
پنھنجي ڪويتا ۾ پيار ڀريا سنيھا ڏيندڙ منھنجو هي محبوب شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ الڳ مقام جو مالڪ آهي. اسٽيٽس جهڙي مصنوعي ڏکاءُ کان دؤر پنھنجي من ۾ صوفياڻو رنگ رکندڙ سعيد سچ ته دل ۽ دماغ جو امير ترين شاعر آهي. هي هميشه پنھنجن نفيس، نڪور خيالن ۽ خوابن جا رنگين پوپٽ اڏاريندي ۽ خوشبوئون ورهائيندي. مون کي سندس ئي چيل سٽن:
لٽ نه مون کي صحرا جي واري
آءُ خدا جو خواب آهيان
جيان خدا جي اکين مان ڪري پيل ڪو خواب لڳندو آهي. سعيد ميمڻ ڏات جي حوالي کان ڏات ڌڻي ته آهي ئي پر هي زبردست ڏانءُ-ڌڻي پڻ آهي. ڇو ته هِن سنڌي شاعريءَ جي نازڪ، نفيس ۽ سنھڙين گلابي هٿ – ترين تي جيڪي به پنھنجي تجربن جا گُل ڪڍيا آهن. اُنھن جي ڊزائين بلڪل به سعيد جي تخليقي ذهن جو ڀرپور پورهيو آهي. هِن نت نون، نون خيالن جا رنگين احساس اڄ جي سنڌي شاعريءَ جي ريشمي آغوش ۾ وڌا آهن. جن تي صرف سعيد ميمڻ جي نالي جي ئي مُھرثبت ٿيل نظر اچي ٿي. مُحبتن جو هي مصور شاعر اُداسين، اڪيلاين، دردن، وڇوڙن ۽ ڳوڙهن جا ڪيئي سمنڊ پنھنجي معصوم شاعراڻي دل ۾ سمائي جئيندڙ اهو حساس دل شاعر آهي. جيڪو پنھنجي شخصي توڙي سماجي زندگيءَ ۾ ساڳيءَ رنگ ۾ رهجي ويو آهي. نه ڪي انھن وڏن نالي ۾ نھال ليکڪن وانگر جيڪي پنھنجي شخصي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ”ڪريڪٽر لوز“ آهن. جيڪي پنھنجين لکڻين ۾ حساسيت جو ڍونگ ڪندي اصل زندگيءَ ۾ ٻھروپيا ثابت ٿيندا آهن. پر سعيد ميمڻ جي دل ۽ روح ٻنھي تي حقيقت جو اهڙو رنگ لڳل آهي. جيڪو پاڻ سڃاڻڻ جو مُتلاشي ۽ تصوف جي تانگهه ۾ ٻُڏل آهي.
سعيد ميمڻ جو شاعراڻو روح جيڪو ڪنھن انتظاري جي پاتال ۾ ڪري پيل پريوش جيان جڏهن شاعريءَ جي آتڻ تي ويھي. سوچ جو چرخو درد سان چوري ٿو ته ڪيترن ڪومل ڪومل احساسن ۽ خيالن کي ڪتي ٿو وجھي ته ڪيترين ئي بي آواز دلين لاءِ اظھار جا رنگين ۽ ريشمي ڌاڳا جُڙي پون ٿا. اِهو ئي سبب آهي جو هُنَ اِن ڪتڻ واري فنائتي سليقي سان مون سميت نه ڄاڻ ڪيترن ئي دلين ۽ روحن کي پنھنجي درديلي احساس جي ريشمي، نازڪ ۽ نفس سنھي تند سان جوڙي ڇڏيو آهي. هِن لطيف جي ”نازڪ نينھن“ واري رسم کي روحاني رنگ ۾ اهڙو ته رنگيو آهي. جو ڇڄڻ جو تصور ئي بي معنيٰ بڻجي پوي ٿو. تڏهن ئي ته مون هميشه سعيد ميمڻ سان ملي ڪري اتساهه ۽ احساس جا نوان نوان رنگ ۽ ذائقا پئي محسوس ڪيا آهن.
سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جو سفر ڪندي ”نيڻ سفر ۾“ گم ٿيو وڃن ۽ نيٺ مُسلسل دردن ۽ مايوسين جي ٿڪاوٽن کانپوءِ ”ڪاري بَر ۾ چنڊ“ جو اُڀري پوڻ ڪنھن شاعراڻي معجزي کان گهٽ ڪو نه ٿو لڳي ۽ پوءِ هاڻ اُن معجزي جي اُتساهه جا احساس نوان، نوان ”خواب چارا“ تخليق ڪري وجهن ٿا. ته سعيد ميمڻ جو شاعراڻو پورٽريٽ مونا ليزا واري درد ڀري مُرڪ، مُرڪندي نظر اچي ٿو.
(2004ع)