خوابن جي کير ٿر تي
هڪ ڀيري اسڪول نه وڃڻ جي صورت ۾ مون کي منهنجي ماءُ ٻانهن کان پڪڙي زوري اسڪول وٺي وڃي رهي هئي جو واٽ تي سائين پير نورالحق ملي ويو جيڪو پڻ اُن وقت اسڪول وڃي رهيو هو.سائين امان سان گڏ مون کي ڏسي منهنجي اسڪول نه وڃڻ واري نيت سمجھي ويو ۽ امان کان منهنجي ٻانهن وٺي پاڻ سان گڏ اسڪول وٺي ويو.اُنهن پٽي پڙهڻ جي ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن اسڪول مان رسيس جي وقت،مان ڀَڄي گھر هليو آيو هُئس.ٻئي ڏينهن سائين نورالحق مون کي مار ڏيندي پُڇيو ته ڪلهه ڇو رسيس ۾ ڀڄي ويو هُئين؟ ته مون ٻاراڻي خوف ۾ اچي پنهنجن ٻن مائٽن طالب ۽ خادم تي ڏوهه ڏيندي چيو ته مون کي اُنهن ڀَڄايو هو.(طالب ۽ خادم اُن ساڳي ئي اسڪول ۾ پنجون درجو گڏ پڙهندا هئا)سائين مون کي ٻانهن کان پڪڙي اُنهن جي ڪلاس ۾ وٺي آيو. مون روئيندي پاڻ بچائڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڏيندي چيو ته سائين هي ٻهَ ڄڻا آهن.پوءِ ته سائين راھ گُناھ اُنهن ويچارن کي به ٺاهوڪي مار ڏني.جن گھر اچي بابي ۽ امان کي منهنجي اها ڳالهه شڪايتن ٻُڌائي.يا ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو ته منهنجي اسڪول نه وڃڻ جي صورت ۾ بابا سائين مون کي پاڻ سان گڏ زوري اسڪول وٺي ويندو هو ۽ اُهو به اِن شرط تي ته بابا به مون سان گڏ ٻارن جي بينچ تي ويهندو ۽ سبق وٺرائي پاڻ سان گڏ گھر وٺي ايندو.ايئن مون پٽي به مُختلف اُستادن وٽ پڙهندي پُڄائي.۽ پوءِ ڪچو پڪو پهريون سائين نورالحق وٽ پڙهڻ کان پوءِ مون ٻيو درجو محترم سائين داد جمالي وٽ پڙهڻ شروع ڪيو.سائين پڻ پنهنجي اُستادي پيشي سان سچو ۽ هڪ بهترين اُستاد ٿي رهيو.جن جي محنتن ۽ مُحبتن جي بدولت مان ٻيو درجو پاس ڪري ٽئين ڪلاس ۾ سائين گُل مُحمد جي ڪلاس ۾ آيس. سائين پڻ طبيعتن خاموش ۽ ذميوار اُستاد هُيو.اِن وچ ۾ ڪُجھ ٻيا به اُستاد ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس اچي وٺندا هئا پر اُنهن جا نالا ياد نه آهن. پر سندن چهرا اکين ۽ تصور جي فريم ۾ هُوبهو جڙيا پيا آهن.مثلن هڪڙو اُستاد شايد عزيز عباسي هُيو.سنهڙو،ڊگھڙو، ڀُورو،ڳاڙهسرن سنهڙن چپن جي مٿان ٺهڪندڙ مُڇُون،سَڀاءُ ۾ ڏاڍو نفيس.يا هڪڙو اُستاد نالو ته ياد ناهي پر ذات جو گوپانگ هو. مٿي تي ٽِڪن واري جرڪندڙ ٽوپي،پُٺيان ڪُجهه گھنگھريالا وڏا وار،قد جو پورو پُنو،چپن مٿان پوريون ساريون مُڇون،ڏاڍي سخت مزاج وارواُستاد هو.پڙهائڻ جي معاملي ۾محنتي،غلطيءَ جي ذرو به گنجائش نه،يا سائين صادق علي شاھ،جيڪو پڻ پنهنجي طبيعت ۾ ڏاڍو گرم هوندو هو.مٿي تي تمام گھٽ پر اڇا ۽ ڪُجھ ڪارا وار،قد ۽ بُت ۾ سنهڙو ۽ ڊگھڙو،اکين تي نظر جي اڇي عينڪ،چهري تي سدائين حد کان وڌيڪ ظاهر ٿيندڙ ڪاوڙ،۽ ڏاڍو سخت مزاج اُستاد هوندو هو.هڪ ڀيري اسان کي صورتخطي پئي لکرايائين.اسان سڀ ٻار بينچُن تي لانگ ورائي هڪ ٻئي جي پُٺيان،ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي لکيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته مون ڪنهن ڇوڪري جي سليٽ تي ڏسي نقل ڪرڻ بجاءِ،بي ساخته ڪنڌ مٿي ڪيوئي ڪونه هوته پُٺيان سائينءَ جي زُوڪاٽ ڪري آيل چماٽ منهنجي ڪنڌ ۾ لڳي ۽ آءُ وائڙو ٿي ڪري سائين ڏانهن ڏسڻ لڳس،ته سائينءُ هڪ زوردار دڙڪو ڏئي مون کي پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ لاءِ چيو. ايئن ننڍپڻ جي يادن جا رنگ برنگي لغڙ منهنجي تصور جي آڪاس تي اُڏامندي،مون کي پاڻ ڏانهن ڇِڪيِن ٿا ته ياد ٿو پوي ته هن ئي اسڪول جي ننڍڙي آڳُر تي گھاٽِي ٻيرن سان جھنجھيل ٻير مان،مون ڪيترائي ڀيرا ڳاڙها ٻيرَ ڇاڻي کاڌا هُئا. جن جي مٺاڻ اڄ به مان پنهنجي ذائقي واري حِس ۾ محفوظ ٿيل محسوس ڪيان ٿو.ڇاڪاڻ جو اُن اسڪول ۾ کوڙ سارين موسمن جا رنگ منهنجي وجود ۾ رچجي، منهنجي احساسن کي ڪئي رنگينيون بخشيندا رهيا آهن.۽ منهنجو روح،اُنهن ۾ رنگجي،ننڍپڻ واري ڪيفيتن ۾ کوئجي ويندو آهي ته حال جا ڀيانڪ حالات مون کان پل ۾ وسري ويندا آهن.هي اهوئي ساڳيو اسڪول آهي، جنهن ۾ مون ٻئي يا ٽئين درجي ۾ ڪنهن ڪلاس جي ڪچين ڀِتين تي لکيل ڀٽائيءَ جا بيت
سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سُلطاني سُھاڳ،ننڊون ڪندي نه ملي.
يا
سائينم سدائين،ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست ! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
پڙهيا ۽ پنهنجي ڪنهن ڪاپيءَ ۾ اُتاريا پڻ هئا.جتان ئي منهنجي ٻالڪ اوستا جي شاعريءَ جهڙي اَپسرا سان معصوماڻي واقفيت جُڙي هُئي.جيڪا هاڻ عاشقيءَ جي مُسلسل گھري سفر ۾،همسفر رهندي،هاڻ منهنجي محبوبا بڻجي،منهنجي زندگيءَ جو هڪ ڀرپور اُتساھ بڻي آهي. ايئن مين پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ڪُجهه ٻيا اُستاد به ياد پيا اچن.جيڪي ٻين ڪلاسن ۾ پڙهائيندا هئا.تن ۾هيڊ ماسترسائين پيرعبدالخالق، سائين ظهير شيخ،سائين جھُونو،سائين الله بخش خاصخيلي، سائين سومر ڀٽي،سائين هارون ميمڻ،۽ ٻيا به ڪُجھه اُستاد هُئا، جن مان ڪن جا نالا ته ڪن جا وري صرف چهرا منهنجي تصور ۾رهجي ويا آهن.ايئن مون چوٿون درجو سائين واحد بخش بروهي وٽ پڙهيو.سائين پڻ محنتي اُستاد ۽ پڙهائيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت هوندو هو.مون کي ياد پيو اچي ته اسان جي چوٿين درجي جو ڪلاس مين اسڪول جي مين گيٽ جي بلڪل سامهون،رستي جي اولهين طرف هڪ الڳ حصي ۾ هو.جِت صرف ٻَه ڪلاس هئا.جن کي ورانڊو پڻ هوندو هو.(جتي اڄ ڪلهه ٽي آر سي جي هڪ وڏي بلڊنگ آهي.) اُنهن ٻن ڪلاسن مان هڪ ڪلاس ۾ سائين واحد بخش بروهي اسان کي چوٿين ڪلاس ۾ پڙهائيندوهو. هڪ ڀيري سياري جي موسم ۾گرامر جا سوال ياد نه هئڻ جي ڪري سائينءَ مون کي سزا ۾ هٿن تي لڪڻ هنيان.جن جي ڪري منهنجي هٿن ۽ آڱرين جي لڪيرن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو.۽ آءُ شديد سور جي ڪري روئي رهيو هئس. جنهن تي سائين به شايد پريشان ٿيندي مون کي پيار وچان پرچائي رهيو هو.مون اها ڳالهه ڪڏهن به پنهنجي گهر نه ڪئي.اُن ڪلاس ۾مون کي ياد ٿو اچي ته مون سان جيڪي ڇوڪرا يا ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا اُنهن ۾ اشفاق جُماڻي (منهنجي وڏي مامي خُدا بخش جو سالو)، آصف، نفيس، فيروز گورچاڻي ۽ اُن جو وڏوڀاءُ صدر،ريشمان،فرزانه،مينا ۽ ٻيا به ڪُجهه شاگرد گڏ پڙهيا هئا.اُن مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ٻيا به ڪُجهه هم عمرڇوڪرا جيڪي مُختلف ڪلاسن ۾ مون سان گڏ پڙهيا هئا، تن ۾منهنجو ننڍپڻ جو پيارو دوست اڪبر علي شاھ،افضل ميمڻ،عقيل سومرو،مُحسن،الطاف ميمڻ،آفتاب ميمڻ،علي حيدر جمالي، فضل.
ايئن چوٿون ڪلاس پاس ڪري مان پنجين درجي ۾داخلا لاءِ خواجه گارڊن جي ولس برانچ ۾ ويس.توڙي جوپنجون درجو سنڌي مين اسڪول ۾ به پڙهايو ويندو هوپر مون چار درجا سنڌي پڙهي پنجين درجي لاءِ انگريزي ۾ داخله ورتي. جتي خواجه گارڊن اسڪول جي وڏي ڊرائنگ هال ۾ داخلا لاءِ آيل سڀني شاگردن کي ويهاريو ويو.۽ پوءِ اسان سڀني کي سنڌيءَ ۾ صورتخطي لکرائي وئي.اُها صورتخطي صحيح هُئڻ جي صورت ۾،مون کي خواجه گارڊن اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ داخلا ڏني وئي.مون کي ياد آهي ته اُها داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ مون سان گڏ منهنجو مامو فداحُسين گڏجي هليو هو.۽ ٽيسٽ لاءِ صورتخطي سائين منظور حُسين قُريشيءَ لکرائي هئي.سائين منظور حُسين قُريشي،پنجابي هوندي به سندس ايم.اي سنڌي ۾ ٿيل هُئي.سندس هٿ اکر موتين جا داڻا هوندا هئا. ۽ اُن کان علاوه هُو سنڌ جواديب ۽ سنڌي ادبي سنگت نواب شاھ جي بُنيادي ميمبرن ۾ شُمار ٿيندڙ ۽ اڳوڻو سيڪريٽري پڻ رهي چُڪو هو.ياد رهي ته هي اُهوئي اسڪول آهي جتي سنڌ ۽ هند جو ناميارو اديب لڇمڻ ڪومل پڻ پڙهيو هو.جنهن جو ذڪر هُن پنهنجي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” ۾ ڪيو آهي.يا جڏهن لڇمڻ ڪومل سان سنڌ ياترا دوران مان مليو هُئس ته هُن نواب شاھ جو احوال وٺندي، مون کان خواجه گارڊن اسڪول جو پڻ پُڇيو هو.۽ هُن اهو به ٻُڌايو هو ته هُو پڻ هن ئي اسڪول ۾ پڙهيو هو. هي اسڪول سنڌ جي ناليواري تعليمدان سائين ايڇ.ايم خواجه صاحب جن جي ٿورن سان وجود ۾ آيو.سائين ايڇ ايم خواجه جو سنڌ جي تعليم ۾ تمام بهترين ڪردار ۽ سهڪاررهيو آهي.نه رُڳو اهو پر هُن پنهنجي سڄي زندگي تعليم ڏيندي ۽ اُن مُتعلق جاکوڙيندي گُذاري. ايئن خواجه گارڊن ۾ مان پنجون درجو سائين احمد بخش ميمڻ وٽ پڙهيس.جنهن پهريون ڀيرو اسان کي اي.بي.سي.جو پهريون سبق ڏنوهو.۽ بورڊ تي لکي اسان کي لکڻ سيکاريو هو.اِن اسڪول ۾ ڪُجھ وڌيڪ سخت ماحول جي ڪري منهنجو من پڙهائيءَ کان پري ڀڄڻ شروع ٿيو هو.۽ ٻيو ته پرائمري اسڪول ۾ ئي منهنجو شاعريءَ سان اَٽوٽ رشتو جُڙي پيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن سُوڌو اڳي کا اڳرو آهي.اُن ڪري پنجين درجي ۾ اُهو شوق اڃا به ڪُجھ وڌيڪ ئي پروان چڙهيو.جنهن ڪري هڪ اڌ ويجھي دوست کي منهنجي شاعر هُئڻ جي خبر به هوندي هئي.پر جيئن ته اُهو دور ڪو ايترو ذهني پُختگي وارو ڪو نه هو جو شاعريءَ جي اصل مقصد کي ڄاڻي سگھان ها پر جيئن ته اُها ننڍڙِي،من ۾ ٻري پيل چڻنگ،ڀنڀٽ بڻجڻ جي انتظار ۾ هُئي.جيڪا هاڻ منهنجي روح توڙي وجود جي اُونداهين گھٽين ۾ ڏياٽيون ڏياٽيون روشني بڻجي،منهنجي زندگيءَ جي سادي ڪيئنواس کي،مون لاءِ ڏاڍو پُرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. جيئن ته اُنهن ڏينهن ۾گھر وارن جي سختيءَ جي ڪري مون کي زوري به اسڪول وڃڻو پوندو هو.پر اُهو اسڪول وڃڻ دلچسپيءَ کان بلڪل به خالي هوندو هو.اُنهن ڏينهن ۾ خواجه گارڊن جو هيڊ ماستر سائين غوث بخش بروهي هوندو هو.جيڪو پڻ پڙهائيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت هوندو هو.اڪثر طور تي اسڪول کان گُسائڻ ۽ اُتان رسيس ۾ ڀڄي اچڻ منهنجي عادت ۾ شُمار ٿي ويوهو.۽ آءُ اسڪول کان نٽائڻ ۾ ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهندو ويس.اُهي ئي ڏينهن هئا جو بابو اڪثرڪري“هَرنيان” جي تڪليف جي ڪري بيمار پيو رهندو هو.۽ اُنهن ئي ڏينهن ۾ بابا جي“هرنيان”جو وڏو آپريشن پڻ سول اسپتال نواب شاھ ۾ ٿيو هو.جنهن ڏينهن بابا کي گھڻي تڪليف جي ڪري ٽانگي تي اسپتال پئي وٺيو ويا،اُن وقت مان ڪاٽا ٿيل لغڙن جي پُٺيان بي پرواھ ٿيو پئي رُليس.اُن رولاڪيءَ دوران ئي سڪرنڊ روڊ تي مون ٽانگي ۾ بابا کي اسپتال ويندي ڏٺو هو.بابا کي اَڇو پٽڪو ٻڌل هو.۽ پوءِ مان جڏهن گھر آيو هُئس ته وڌيڪ بابا جي حالت جي خبر پئي هُئي ته بابا کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.پوءِ مان اسپتال بابا وٽ ويو هئس.بابا بيڊ تي ليٽيل هو.بابا جي نڪ ۾ نلڪي لڳل هئي.۽ بابو گھڻي تڪليف ۾ مبتلا هوندي به مون کي ڏسي پاڻ ڏانهن اشارن ۾ سڏيو هو ۽ مان سندس ڀر ۾ وڃي بيٺو هُئس.بابا جي آپريشن واري اُها رات مون کان ڪڏهن به نه وسري سگھندي جو اُن جي شام جو آڪاس،ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي کنوڻن ۽ گجگوڙن سان هانءُ کي ڏهڪائي رهيو هو.۽ پوءِ اُن رات تمام گھڻو مِينهن وسيو هو.اسان سڀ گھر جا ڀاتي بابا جي ڪامياب آپريشن لاءِ دُعائون گھُري رهيا هئا سين.۽ اسان ننڍڙا ٻارڙا به الله سائين کي پنهنجن ٻاتن ٻولن ۾ ٻاڏائي رهيا هُئاسين.پوءِ رات جو دير سان منهنجي وڏي مامي خُدابخش اچي گھر وارن کي ڪامياب آپريشن جي خوش خبري ٻُڌائي هئي.اُنهن حالتن جي اثر جي ڪري ۽ پنهنجي تعليم سان ذاتي عدم دلچسپيءَ جي ڪري مان اُن سال پنجين درجي جي امتحان ۾ نه ويهي سگھيو هُئس.۽ مون کي ٻيو سال به پنجون درجو ٻيهر پڙهڻو پيوهو.ايئن پنجون ۽ ڇهون درجو سائين احمد بخش ميمڻ وٽ پڙهڻ کان پوءِ مان ستين درجي ۾ وري سائين محمد ابراهيم سمي وٽ پڙهيس.پنجين ڪلاس کان وٺي ئي مان ڪلاس جي پوئيان پيل آخري ڊيڪسن تي ويهندو هُئس.۽ اڪثر طور تي اُستادن جي پيرڊن ۾ پڙهائڻ دوران مان اُن ماحول کان دلي ۽ ذهني طور تي لاتعلق پئي رهندو هُئس.۽ ڪُجھ نه ڪجھ ويٺو چوري چوري لکندو هُئس.اُن ئي ستين ڪلاس ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن اُستاد پڙهايو پئي ۽ مون ويٺي پنهنجو ڪم ڪيو جو اوچتو اُستاد اچي منهنجي مٿان بيٺو ۽ مون کان منهنجي اُها لکيل ڪاپي وٺي اُن کي پڙهڻ لڳو ته ڪُجھ ڇوڪرن به حرام پائي ڪندي وضاحت سان منهنجي شاعر هُجڻ جي شاهدي ڏني.جنهن تي اُستاد مون کي پنهنجي جاءِ تان اُٿاري سامهون پيل ٽيبل ۽ ڪرسي وٽ وٺي اچي بيهاريو ۽ اِن شرط تي مون کي سزا کان بچڻ جو موقعو ڏنو ته مان سڄي ڪلاس جي اڳيان بيهي وڏي آواز ۾ شاعري پڙهي ٻڌايان.سچ ته اُهو منهنجو پهريون ڀيرو هو جو مون ايترن سارن ڇوڪرن ۽ اُستاد جي موجودگيءَ ۾ شاعري پڙهي ٻُڌائي هئي.۽ سڀني ڪلاس جي ڇوڪرن ڀرپور تاڙيون وڄائي مون کي داد ڏنو هو.اُن ڏينهن کان پوءِ مون کي سڀ ڇوڪرا شاعر ڪري سڏيندا هُئا.اُنهن ڏينهن ۾ آءُ پڙهائي ۾ جڏو هُئڻ جي ڪري ۽ اڪثر اسڪول کان گُسائڻ يا اسڪول مان رسيس ۾ ڀڄي وڃڻ جي ڪري پيو اُستادن جو مارون کائيندو هُئس.پر آءُ ڪڏهن به روئيندو ڪونه هُئس.اُن ڪري اُستاد اڃا به ڪُجھ وڌيڪ سَٽڪو ڏئي ڇڏيندا هُئا.سائين ماجد ميمڻ ته سزا ۾ شاگردن جي ڪنن ۾ آڱوٺي ۽ آڱُر جي نَنهن جي زور سان رڙيون ڪرائي ڇڏيندو هو.پر مان سور برداشت ڪري چُپ ڪيو بيٺو هوندو هُئس ته سائين مون کي چوندو هو ته تون پٿر جو ٺهيل آهين ڇا ڇورا.۽ پوءِ ڪن مان هٿ ڪڍي چوندو هو ته وڃ ڇورا وڃ.ايئن اڪثر طور تي ڪنن جي پاپڙين مان رت به وهي ايندو هو. خواجه گارڊن اسڪول ۾ ٻين اُستادن، جن مُختلف پيرڊن ذريعي پڙهايو تن ۾سائين ماجد ميمڻ،سائين عاشق،سائين علمبردار،ڊرائينگ ٽيچر سائين محمد ملوڪ سومرو،سائين شير جمالي ۽ ٻيا اُستاد هُئا.جيڪي هِن وقت منهنجي ذهن تان لهي ويا آهن.ڪُجھ هم ڪلاسي شاگردن جا نالا به ذهن تي تري ٿا اچن.جن ۾ منهنجي صفا ننڍپڻ جو دوست وحيد قُريشي، نديم ڀٽي، ايازملاح، اعظم ملاح، معروف ملاح، عارف ٻُگهيو، راشد انصاري، بابر انصاري ۽ ڪُجهه ٻيا هم ڪلاسي جن جا نالا هينئر ياد نٿا اچن. خواجه گارڊن مان ستون درجو پڙهي اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ لاءِ مون کي وري خواجه گارڊن جي مين برانچ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾وڃڻو پيو.جتي مون اٺون درجو سائين امان الله بروهي وٺ پڙهيو.اُن ئي اسڪول ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران اسان وٽ شايد دينيات جو پيرڊ وٺڻ لاءِ سنڌ جو ناميارو مزاحمتي شاعر سائين عبدالحڪيم“ارشد” ايندو هو.پر اُن وقت آءُ سائين جي اهميت ۽ حيثيت کان واقف ڪونه هوس.اُن ئي اسڪول ۾ نائين درجي ۾ اسان جوسنڌي ادبي سنگت نواب شاھ جواڳوڻو سيڪريٽري ۽ اهم سرگرم اديب سائين منظور حُسين قُريشي به پڙهائيندو هو.جيڪو اسڪول جي لائيبريريءَ جو انچارج پڻ هوندو هو.اسان ساڳي ئي پاڙي ۾ ساڳي ئي جاءِ جي مالڪ ڀَنڀي لاکي جي ڪرائي جي جاين ۾ رهندا هُئاسين.مون اٺون درجو پاس ڪيو ته مون کي نائين ڪلاس ۾ سائين امان الله سمي وٽ پڙهڻ لاءِ وڃڻو پيو.اُن وقت نائون ۽ ڏهون درجو سائنس سا گڏ آرٽس ۾ به پڙهايو ويندو هو.اُن ڪري مون جڏي شاگرد هُئڻ ڪري ۽ سخت پڙهائي کان ڀڄندي، ضد ڪري، سائين امان الله سمي وٽ نائون درجو سائنس ۾ پڙهڻ بدران آرٽس ۾ سائين محمد ڪامل پيرزادي وٽ پڙهڻ کي ترجيح ڏني.هي مُعتبر اُستاد ڏاڍو صابرين ۽ موسيقيءَ سان بيحد لڳاءُ رکندڙهو.سائينءَ جو هڪڙو تڪيا ڪلام هوندو هو(گڏھ جا........)سائين جڏهن به ڪاوڙ ۾ ايندو هو ته هُو وڌ مان وڌ پنهنجي ڪاوڙ کي مارڻ لاءِ فقط پنهنجو مخصوص تڪيا ڪلام ورجھائيندو هو.سائين ڪامل ڊي سي هاءِ اسڪول جي صبح جو هر روز ٿيندڙ اسيمبليءَ ۾ اسڪول جي ميدان آڏو ٺهيل اسٽيج نُما سيمينٽ جي وڏي ٿلهي تي هارمونيم وڄائي ترانو ڳائيندو هو ۽ ساڻس ٻيا ٻار به گڏجي ڪورس ۾ ترانو ڳائيندا هئا.ايئن نائون ۽ ڏهون مون کي سائين محمد ڪامل پيرزادي وٽ پڙهڻ جو موقعو مليو.اُنهن ٻن سالن ۾ مون شايد ئي ڪڏهن ڪو پيرڊ يا ڏينهن گُسايو هُجي. ڇاڪاڻ ته آرٽس جي ڪلاسن ۾ جيڪي به اُستاد پيرڊ وٺڻ ايندا هئا اُهي هرو ڀرو ڪا ايڏي سختي نه ڪندا هئا جو ائين محسوس ٿئي ته شاگرد ڪنهن ڪلاس بجاءِ قيد خاني ۾ ويٺو آهي.اُن وقت آرٽس جا نائين ۽ ڏهين جا صرف ٻَه ڪلاس هوندا هئا.ڇاڪاڻ ته تقريبن سڀ شاگرد نائون ۽ ڏهون سائنس ۾ ئي پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا.باقي مون جهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ نڀاڳا شاگرد نه پڙهڻ کان مڙئي نائون ڏهون آسانيءَ سان پاس ڪري اڳتي ڪاليج ۾ وڃي پڙهندا هئا. يا وڃي ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪندا هُئا.اُن ڪري اسان آرٽس جي شاگردن کي “مولائي گُروپ” ڪري سڏيو ويندو هو.نائين ۽ ڏهين جي ڪلاسن ۾، هڪ پيارو ۽ خوش مزاج اُستاد سائين بشير احمد ٻُگھيو،اسان جو سنڌيءَ جو پيرڊ وٺندو هو.هي اُستاد نواب شاھ جو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو هڪ ڀلوڙ شاعر هوندو هو.جنهن سان اڳتي هلي ادب جي ذريعي وڌيڪ ويجهڙائپ ٿي.سائين ڪامل وٽ پڙهڻ دوران ڪُجھ يادون سارس پکين جيئن پنهنجا پر پکيڙي اچي منهنجي ذهن جي سر زمين تي وسرام ڪن ٿيون.سائين ڪامل پيرزادي جھڙي سنهڙي پوري قد سان،اکين تي نظر جي عينڪ،گھڻا اَڇا ۽ ڪُجھ ڪارا وار،رنگ جو گورو،سدائين پينٽ ۽ شرٽ ۾ ملبوس،پيرن ۾ بوٽ،هلڻ ۾ صفا آهستي،ٿڌي طبيعت جي مالڪ،خوش مزاج اُستاد جو خاڪو منهنجي خيالن مان اُڀري،اُڀري اچي ٿو.سائين ڪامل ڪلاس ۾ ڪُرسيءَ تي ويهي،پُٺيان ٽيڪ ڏئي ڪنڌ کي پُٺتي هلڪو لاڙي،بوٽ پيرن مان لاهي،ٻئي ٽنگون سامهون ٽيبل تي رکي اڪثر پيو ڪُجھ نه ڪُجھ جھونگاريندو هو.۽ اُن ڪيفيت ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو جو هڪ اڌ ڀيري ته اسڪول جو هيڊ ماسترسائين موهن لال به اچي سائين جي مٿان بيهندو هو ته به سائين پنهنجي رنگ ۾ مگن هوندو هو.پر اسان سڀني شاگردن جي يڪدم اُٿي بيهڻ ۽ ٻي ڪنهن چُر پُر تي سائين به اکيون کولي ڏسندو هو ته هيڊ ماستر صاحب سندن ڪُرسيءَ جي ڀر ۾ سندن مٿان بيٺو آهي.ته پوءِ سائين به لڄي ٿيندي اُٿي بيهندو هو.۽ سائين موهن لال هلڪي مُسڪراهٽ سان سائين ڏانهن ڏسي ڪلاس مان نڪري ويندو هو.ته سائين اسان سڀني ڇوڪرن جي گڏجي کلڻ تي ڪاوڙ مان اسان سڀني ڇوڪرن کي بُجو گھروڙي ڏيندو هو ۽ پنهنجو مخصوص جملو ورجھائيندي چوندو هو ته اڙي ڇورا،ٻُڌايوَ به ڪونه،وڏا حرامي آهيو.هڪ ڀيري سائين روز وانگر پنهنجي انداز سان ڪلاس۾ ويٺو هو جو اسان يعنيٰ مون،سعيد انصاري،يعقوب شر،مولا بخش گورچاڻي،رزاق گورچاڻي۽ هڪ مُغل ڇوڪري(جنهن جو نالو ياد نه رهيو آهي) امداد انصاريءَ کي ٽيڪر ڏئي سائينءَ جو هڪڙو بُوٽ چُپ چُپ ڪري لڪرائي ڇڏيو.ڪُجھ دير کان پوءِ،سعيد،سائينءَ کي سڏي چوڻ لڳو ته سائين!توهان کي آفيس ۾ هيڊ ماستر سڏرايو آهي.ته سائين يڪدم اُٿي بُوٽ پائڻ لڳو.پر صرف هڪڙو پيرجو بُوٽ موجود ته ٻئي پير جو بُوٽ غائب.جنهن لاءِ سائين پريشان ٿيندي سوچڻ لڳو ته اهو بُوٽ آخر ڪيڏانهن ويو.جڏهن سائين بوٽ کي ٽيبل جي هيٺان ۽ اوسي پاسي ۾ نظر ڦيرائي ڏٺو ۽ بوٽ نظر نه آيس ته سائين اسان ڇوڪرن ڏانهن گھوري نهارڻ لڳو.جنهن تان اسان کي بي ساخته کِل اچي وئي.۽ سائين سمجھي ويو ته اِها حرڪت هِنن ڇورن ئي ڪئي آهي.۽ پوءِ سائين پيار مان چوڻ لڳو ته ٻچا ناهيو،مون کي بوٽ ڏيو ته مان آفيس وڃان.پوءِ نيٺ سائين کي ڪُجھ پِٽائي اِن شرط تي بوٽ واپس ڪيوسين ته سائين سُڀاڻ (ڊي سي اسڪول جي ڀرسان اڄ سوڌو موجود جمالي هوٽل جي) سڀني شاگردن کي چانهه پياريندو؟ ۽ سائين مجبورن ٻئي ڏينهن رسيس ۾ اسان سڀني ڇوڪرن کي چانهه پيارڻ جو واعدو ڪري کلندو پنهنجو مخصوص جملو ورجھائيندو ڪلاس مان نڪري ويو.هڪ ڀيري ڪلاس جي بليڪ بورڊ جي مٿان لڳل قائد اعظم جي تصوير لاهي اسان اُتي سائين جي ايم سيد جي تصوير لڳائي ڇڏي.رسيس بند ٿي ته سائين ڪامل به اچي ڪلاس ۾ پنهنجي رنگ ۾ ويٺو.ڪنهن ڇوڪري سائين کي اشارو ڪندي چيو ته سائين ٿورو بورڊ جي مٿان ته ڏسو.سائين ويٺي ئي عينڪ پائي بورڊ جي مٿان لڳل سائين جي ايم سيد جي تصوير کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پُڇڻ لڳو ته هي تصوير هِت ڪنهن هنئي آهي؟ڇورا خُدا کي مڃو هي تصوير اِتان لاهيو.منهنجي نوڪري هلي ويندي.اسان سڀ هڪ آواز ٿي چوڻ لڳاسين ته سائين هي تصوير ته اوهان پاڻ اسان کي چئي هڻائي آهي.سائين ويچارو تيئن پريشان ٿيندي چوڻ لڳو ته اڙي ڇورا منهنجي نوڪري ته ويندي ئي ويندي پر مون کي توهان ٽيپ به ڏياريندو.اڙي ٻچا ناهيو.لاهيو جلدي ته ڪير ڏسي نه وٺي.اسان ڇوڪرن کي تيئن رونشو.نيٺ سائينءَ کي پٽائي پٽائي اُها تصوير لاهي وري ساڳي تصوير هنئي سين.تڏهن وڃي سائين سامت ۾ آيو.اڄ الائي ته ڇو ماضيءَ جون اهڙيون پُرشرر يادون مِينهن جيان اوڙڪون ڪري دل مٿان وسڻ لڳيون آهن.۽مان ماضيءَ جي کنڊرن ۾ ننڍ پڻ جي سحر وسيلي بي ساخته ڇڪجندو وڃي رهيو آهيان.هڪ دفعي نائين يا ڏهين جي ڪلاس ۾ رسيس دوران اسان سڀ هم ڪلاسين، ڪلاس ۾ ويٺي ڪچهري پئي ڪئي.جو اوچتو منهنجي نظر امداد انصاريءَ جي لڙڪندڙ اَڳٺ تي وڃي پئي. مون موقعو نه وڃائيندي يڪدم وڃي سندس اَڳٺ کي زور سان سَٽ ڏئي هيٺ ڇِڪيو.سَٽ سان ئي امداد جو اَڳٺ ٽُٽي پيو ۽ سندس شلوار وڃي پيرن ۾ پئي.جنهن تي سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.امداد حيران ٿيندي شلوار کي مٿي ڪري ورائي کڻي پاڻ کي ڍَڪيو.۽ روئڻهارڪو مُنهن ڪري اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.ايتري ۾ وري سعيد انصاري باقي رهيل اَڌ اَڳٺ کي سَٽ ڏئي سندس شلوار مان ڪڍي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.جنهن تي وري ڪلاس ۾ وڏو رونشو مچي ويو.امداد ويچارو روئيندو،ڪانچ کي سنڀاليندو،وڃي ڪلاس جي ڪُنڊ ۾پيل ڊيڪس تي ويهي روئڻ لڳو.اسان اڳٺ جي ٻنهي ٽُڪرن کي ڳنڍي،ٽيبل تي ڪُرسي رکي،اُن تي چڙهي،اَڳٺ کي ڇِتِ واري پکي ۾ ٻڌي،پکي کي فُل اسپيڊ سان هلائي ڇڏيوسين ته اَڳٺ گول دائري ۾ سڄي ڪلاس مٿان ڦيراٽيون ڏئي ڦِرڻ لڳو ته اسان تيئن وڌيڪ شرارت ۾ اچي ويچاري امداد سان ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين.خيرن سان رسيس بند ٿي ۽ ڪلاس ۾ سائين پنهنجي مخصوص انداز سان گُنگنائيندو اچي پنهنجي ڪُرسيءَ تي ويهي رهيو.اسان ڇوڪرن جي اکين ۽ چهرن تي شرارت جا رنگ ڏسي سائين پُڇڻ لڳو ته “گڏھ جا......” اڄ وري ڇا ڪيو اٿوَ.۽ امداد کي روئيندو ڏسي کيس سبب پُڇڻ لڳو.پر ويچارو امداد ته رُڳو روئڻ ۾ پورو ته ڪنهن ڇوڪري سائين کي پکي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سائين پکي ۾ پُڇ وارو لغڙ ڦاسي پيو آهي.جنهن تي سائين ڪنڌ مٿي کڻي پکي ڏانهن ڏِٺو ته پکي ۾ ڪا ڊِگھي شيءِ تيز تيز چوطرف ڦري رهي آهي.سائين وري پُڇيو ته ڇورا! هي پکي ۾ ڇا ٻَڌو اٿوَ؟جنهن تي امداد روئيندي سائين کي ٻُڌائڻ لڳو ته سائين! هنن منهنجو اَڳٺ ڇڃي پکي ۾ ٻڌو آهي.سائين تجسس نُما انداز ۾ اسان ڏانهن ڏسندي،امداد کان پُڇڻ لڳو ته اها شرارت ڪنهن ڪئي آهي.ته امداد منهنجو،مولابخش گورچاڻي،ممتاز ڪلهوڙي،سعيد انصاري ۽ هڪ مُغل ڇوڪري جو نالو کنيو.جنهن تي سعيد ڪوڙا قسم کڻي ۽ امداد کي اکين ئي اکين ۾ پري کان لڪ ڇُپ ۾ داٻا ڏئي پنهنجو نالواُن حرام پائي واري معاملي مان ڪڍرائي امداد جو پاسو کڻندي اسان جو مُخالف ٿي بيهي رهيو.چئي سائين منهنجي مائٽ جو هِنن اَڳٺ گڏجي زوري ٽوڙيو آهي.مون کيس بچائڻ پئي چاهيو ته هِنن مون کي به پادر هنيان آهن.اِن تي سائين تيش ۾ ايندي ڪنهن ڇوڪري کان ڪاپي وٺي اُن تي هيڊ ماستر ڏانهن انگلش ۾ ڪُجھ لکي،اُن پني سان گڏ ٽُٽل اَڳٺ ويڙهي امداد کي ڏنو ته هي هيڊ ماستر ڏانهن کڻي وڃ ۽ هنن کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.جنهن تي امداد کان اڳ ۾ ئي سعيد،امداد جو ساٿاري بڻجندي سائين کي چيو ته سائين،اهواَڳٺ ۽ لکيل پنو مان کڻي وڃان ٿو.۽ امداد ۽ اسان کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چئي ڪلاس مان نڪري بيٺو.اسان سائين کي منٿون ڪرڻ لڳاسين ته سائين هيڊ ماستر ڏي نه موڪليو پر توهان ئي ڪا سزا ڏئي ڇڏيو.جنهن تي سائين چوڻ لڳو ته توهان ڇورا مون کان زور آهيو.توهان هي وڏو ڏوھ ڪيو آهي ۽ هاڻ توهان جو فيصلو هيڊ ماستر ئي ڪندو.اِتي اِن ريهه ريهان ۾ اسڪول جي موڪل جو وقت به اچي مٿان بيٺو.سائين اسان کي دڙڪا ڏيندي ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي سعيد ۽ امداد سان گڏ وڃڻ لاءِ موڪليو.اسان جي ڪلاس واري بلڊنگ کان آفيس واري بلڊنگ تائين ٿورو مُفاصلو هُئڻ جي ڪري اسان امداد ۽ سعيد کي داٻا ڏيندا پئي وياسين ته جيئن هي هيڊ ماستر وٽ نه هلن.پر امداد کان وڌيڪ تيز سعيد هو.جيڪو تڪڙو تڪڙو هيڊ ماستر جي آفيس جي در وٽ وڃي پُهتو ته هيڊ ماستر به آفيس مان ٻاهر پئي نڪتو.اسان سڀني کي گڏ ڏسي پُڇڻ لڳو ته ڇا ڳالهه آهي؟ ۽ سڀ گڏ ڇو آيا آهيو؟جنهن تي سعيد يڪدم سائين وارو لکيل پنو ۽ ٽُٽل پر ويڙهيل اَڳٺ سائين هيڊ ماستر کي ڏيندي چيو ته هي سائين اوهان لاءِ موڪليو آهي.سائين هيڊ ماستر پنو پڙهي اچي اسان کي رول سان سَٽڪو چاڙهيو.۽ اسان جا هٿ ئي سُڄائي ڇڏيائين.۽ ايئن مار دوران اسڪول جي موڪل جو به گِھنڊ وڄي ويو۽ اسان هٿن کي سور کان مهٽيندا،سعيد کي گاريون ڏيندا،ايندڙ ڏينهن جي لاءِ سڄي حساب ڪتاب کي ڇڏي،گھر هليا وياسين.يا هڪ ڀيري پيِٽيءَ جي پيرڊ ۾ شاھ جِي،جيڪو اصل سرحد صوبي جو ننڍي قد سان،بُت ۾ ڀريل،مٿي تي مائو اسٽائل ڪيپ،رنگ صفا گورو،بلڪه ڳاڙھسِرو،مُنهن تي ننڍڙيون مُڇون،صفا جھڙو چارلي چپلن.ڪڏهن پينٽ شرٽ ته ڪڏهن ڪپڙن ۾ ملبوس، هٿ ۾ سدائين نِيٽ جو لڪڻ،رهندو به اسڪول ۾هڪ ڪلاس روم ۾هو،جيڪو کيس رهائش لاءِ ڏنو ويو هو.ڏاڍو سخت مزاج هوندو هو.پيِٽيءَ دوران اگر ڪنهن سهي پِيٽي نه ڪئي ته اُن جو خير ناهي.اسان ڪُجھ ڇوڪرا پيٽي دوران پُٺين قطار ۾ بيهندا هئاسين.ڇاڪاڻ جو پيٽي ۾ اڪثر ڪري اسان غلطيون ڪندا رهندا هُئاسين.اُن ڪري پيٽي واري اُستاد جي نظر کان بچڻ لاءِ اسان آخر ۾ بيهندا هئاسين.هڪ ڏينهن پيٽي دوران اسان جي غلطيءَ تي شاھ جيءَ،جي نظر پئجي وئي.هُو اُتان ئي هٿ ۾ نِيٽ جو لڪُڻ ڦيرائيندو،پٺاڻڪي اردو لهجي ۾ ڪُجھ ڳالهائيندو،اسان ڏانهن تيز تيز قدمن سان پئي وڌندو آيو.اهڙي خطري جي صورتحال کي سمجھندي،مان ۽ ممتاز ٻئي ڄڻا قطار ڇڏي وٺي مين گيٽ واري پاسي ڏانهن ڀڳاسين.۽ اسان جي پوئيان شاھ جي پنهنجي لهجي ۾ ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندو اچڻ لڳو.ممتاز،وڌيڪ شاھ جي کي چيڙائڻ لاءِ عجيب قسم جا آواز ڪڍندو،شاھ جِي کي وڌيڪ چيڙائيندو رهيو.پيٽيءَ ۾ موجود ٻيا سڀ ڇوڪرا قطارن مان نڪتا،کِل ۾ ٻُڏا پيا هئا.مان به ڀڄندو کِلندوممتازجي پوئيان پئي ڀڄندو ويس.آخر مين گيٽ جي ننڍي گيٽ کان ٻاهر نڪري ممتاز ننڍو گيٽ بند ڪري،ڪڙو ڏئي،گيٽ جي ٻئي پاسي شاھ جي کي وڌيڪ چيڙائڻ لڳو.شاھ جي اسان کي نه پڪڙڻ واري چڙ ۾ هٿ ۾ جھليل رول ڪاوڙ مان تيز اسان کي اُڇلائي هنيو. جيڪو اسان مان ته ڪنهن کي به نه لڳو پر اهو رول گيٽ جي لوهي شِيخن ۾ لڳي اسان واري پاسي ٻاهر اچي ڪريو. جنهن کي ممتاز کڻي گيٽ جي شيخن مان شاھه جي کي وڌيڪ چيڙائيندي کيس رول هڻي رهيو هو. ۽ پريان شاھه جي باھ لڳو اسان کي ڪچو کائڻ لاءِ بيقرار هو.نيٺ سندس رول اندر شاھ جي ڏانهن اُڇلائي اسان ڀڄي وياسين.۽ ڪيترائي ڏينهن اُن ڳالهه کي ياد ڪري پئي کلندا رهندا هئاسين.ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي منهنجو شاعريءَ سان گھرو تعلق جُڙي چُڪو هو.ايتري قدر جو ياد ٿو اچي ته اٺين ڪلاس ۾ ئي مون شاعريءَ ۾ پنهنجو پهريون تخلص“زخمي” رکيو هو.پر پوءِ وري اُن کي تبديل ڪري مون پنهنجو تخلص“سنڌي”رکيو.۽ايئن اُهي ٻئي تخلص مان پنهنجي اُن وقت جي ڪچي ڦِڪي شاعريءَ ۾ پڻ استعمال ڪندو هئس.پر نيٺ آخر ۾ مٿين ٻنهي تخلصن کي ڇڏي مون پنهنجي “باغي”تخلص جي چونڊ ڪئي.جيڪو اڄ ڏينهن تائين منهنجي نالي سان سلهاڙيل آهي.اُن وقت ئي مان پنهنجن دوستن ۾ بخشل باغيءَ جي نالي سان سُڃاپجڻ لڳو هئس.رُڳو ايترو نه بلڪ مان توڙي منهنجا ڪُجهه دوست سڄي اسڪول جي ديوارن تي “بخشل باغي”پيا لکندا هئاسين.جنهن جي ڪري منهنجو نالو اسڪول جي حدن ۾ شاگردن توڙي اُستادن ۾ مشھور ٿي چُڪو هو.مون کي چڱيءَ طرح ياد ٿو اچي ته مان جيڪا به پنهنجي توڙي ٻين جي،اردو يا سنڌي شاعري جنهن ڪاپي ۾ اُتاريندو هئس اُها ڪاپي نائين يا ڏهين ڪلاس مان الائي ڪير رسيس جي وقت چورائي ويو.جنهن جو مون کي اڃان تائين شديد افسوس ۽ ڏُک آهي.يا هڪڙي انڊ پين،جيڪا بابا مون کي ڏني هئي.جنهن جو نالو شايد“پارڪر پين”طور مون وٽ يادن ۾ محفوظ آهي.جنهن پين سان بابا لکندو هو.جيڪا پين عام پينن کان مُختلف هوندي هئي.ڪاري رنگ تي گيڙو ۽ ڦِڪي رنگ جا نيشان هئس.ڏاڍي سُهڻي پين هئي.اُها به الائي ڪير رسيس جي وقت منهنجي جيوميٽريءَ مان چورائي ويو.جنهن جو پڻ ڏُک اٿم.
يادگيرين جي اهڙي حَسين ڏياريءَ ۾ ڪُجهه وڌيڪ ئي چهرن ۽ نالن جا ڏيئا روشن ٿيندا وڃي رهيا آهن.اُن ڪري ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ڪُجھ هم ڪلاسي توڙي هم عمر ٻين به دوستن توڙي واسطي وارن جا نالا ذهن تي تري پيا اچن،جن ۾،پپو کوکر،شاهد مگسي،جاويد سومرو،جاني ميمڻ،تنوير مڪراني،سليم پلڪيو،دليپ،جاڙو ميراڻي،علي حيدر دائودي، سرفراز ميمڻ،شير دل ڀنگوار، امام علي ڀنگوار، شريف ڀٽي، نعيم سومرو، عامر ميمڻ،عاشق لاکو، انور لاکو،اشرف راڄپر، وسيم شيخ،حفيظ رند. يا اُن وقت اُن اسڪول ۾ جيڪي اُستاد موجود رهيا هئا تن ۾ سائين فيض محمد علوي،سائين عبدالعليم سومرو، سائين پير عبدالستار، راضي خان جمالي،عبدالحق چنو،سائين صديق چنو،سائين الله بچايو ڀٽي، شاھه جي (پيِٽي اُستاد)سائين معشوق سمون، سائين خليل،سائين فيروز،ٻَه اُستاد جن جا نالا ياد ناهن هڪ ٽائيپ رائيٽر تي ٽائپنگ سيکاريندڙ ۽ ٻيو وُڊ وَرڊ جو پيرڊ وٺندڙ اُستاد.اسان جو اُن وقت جو هيڊ ماستر سائين موهن لال هوندو هو.جيڪو هاڻ ڪُجهه سال اڳ گُذاري ويو آهي.جنهن جي دُعا تي مان سائين علي محمد شاھ سان گڏجي ويو هُئس.۽ تاثرات بُڪ تي مون به تاثر لکيا هئا.ڊي سي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري مون فرسٽ ايئر لاءِ نواب شاھ جي،سچل سرمست ڪاليج ۾ داخلا ورتي.جنهن ڪاليج جي مين گيٽ جي مٿان سچل جو هي بيت سڀني ايندڙ شاگردن جي پيو آجيان ڪندو هوته:
ادب اٿئي اوٽ، اوٽ ته اَڳاهون ٿئين
مار نغاري چوٽ، عاشق اَنالحق جي
سچل ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر مون سائين سرور شاھ وٽ پڙهي.باقي ٻيا به کوڙ اُستاد مُختلف پيرڊ وٺندا هئا پر اُنهن جا نالا هن وقت ياد نٿا اچن.سچل ڪاليج ۾ ئي فرسٽ ايئر جا امتحان ڏئي انٽر جا فارم پئي ڀرايم ته مئٽرڪ جي بُنياد تي،سائين شوڪت حُسين شاھ جن جي ٿورن سان مون کي پرائمري اُستاد جو آرڊر 1992ع ۾ مليو.۽ پوءِ 1993ع ۾انٽر ڪرڻ کان پوءِ مون بي اي،سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان1997ع ۾ پرائيويٽ ڪئي.بي اي ڪرڻ کان پوءِ حالتن اڳتي پڙهڻ جي اجازت ئي نه ڏني.اُن ڪري بي اي ڪرڻ کان پوءِ اُستادي پيشي سان لاڳاپجڻ جي ڪري مون پي ٽي سي 1997ع ۾ گورنمنٽ اليمينٽري ڪاليج مورو مان ڪئي.جنهن کان پوءِ 2010ع ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خير پور مان بي ايڊ ڪري پنهنجي استادي پيشي سان سلهاڙيل آهيان.۽ وڌيڪ امتحانن جي روايتي عمل مان گُذرڻ کان پاسيرو ٿي،زندگيءَ جي مها امتحانن جي ور چڙهي هر روز دل کي اُداس ڪندڙ ناپاس ٿيڻ وارن نتيجن کي محسوس ڪندي پيو گُذاريان.
(13 نومبر 2014ع)