درد، خدا کان به وڏو ۽ عظيم آهي
آرٽ جو رشتو ڪيترو نه گهرو ۽ سگهارو ٿئي ٿو اُن جو اندازو مون کي انڊين فلم انڊسٽريءَ جي نامياري ۽ مُنفرد اداڪار عرفان خان جي وڇوڙي تي شدت سان محسوس ٿيو.پولار مان پڙاڏا پڙاڏا ٿي اُڀرندڙ آواز ۽ پُرتجسس اکين وارو هي گهڻ رُخو اداڪار عرفان خان پنهنجي زندگيءَ ۾ اوچتو آيل خطرناڪ ڪُن ۾ شديد درد جون گهوماٽيون کائيندي به پنهنجي آخري خط ۾ پنهنجي روح جو اعليٰ ۽ آرٽسٽڪ اظهار ڪيڏو نه دل آويز ڪيو آهي،ڄڻ پُردرد ڪيفيتن کي لفظن جي ڪاري ردا ڍڪائي پنهنجي زندگيءَ جو هڪ نوحو لکيو آهي۔جيڪو”اَڌوري زندگيءَ ۾ لکجي ويل هڪ مڪمل خط“آهي. جنهن کي عرفان خان لنڊن جي هڪ ڪينسر اسپتال ۾ تلخ گهڙين جو وِھُ،ڍُڪ ڍُڪ پيئندي تحرير ڪري فن جو ڳاٽ اُوچو ڪري ڇڏيو آهي.هُو لکي ٿو ته”ڪجهه مهينا پهرين اوچتو مون کي خبر پئي ته،مان”نيورواينڊوڪرن“ ڪينسر ۾ ورتل آهيان.مون پهريون دفعو اُهو لفظ ٻُڌو هو.معلوم ڪرڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته،هِن لفظ تي گهڻي تحقيق نه ٿي آهي.ڇو ته اِهو هڪ اَڻ لڀ جسماني حالت جو نالو آهي،۽ اُن جي ڪري هِن جي علاج ۾ بي يقيني گهڻي آهي.اڃان تائين پنهنجي سفر ۾،مان ڊوڙي رهيو هُئس،مون سان گڏ منهنجا منصوبا،اُميدون،خواب ۽ منزلون هُيون.مان اُنهن سان لاڳاپجي اڳتي وڃي رهيو هُئس ته،اوچتو ٽڪيٽ ڏسندڙ،منهنجي پُٺيءَ کي ٿَپڪيو، تنهنجي اسٽيشن اچڻ واري آهي،مهرباني ڪري لهي وڃجان،منهنجي سمجهه ۾ نه آيو....نه نه، منهنجي اسٽيشن اڃان ناهي آئي... جواب مليو،توکي ايندڙ ڪنهن به جاءِ تي لَھڻو پوندو،تنهنجي منزل اچي وئي آهي....مون کي يڪدم احساس ٿيو ته توهان ڪنهن ڪاٺ جي ٻُوچ جيان اَڻڄاڻ ساگر ۾ نااميديءَ جي لهرن تي لُڙهي رهيا آهيو، لهرن کي قابو ڪرڻ جي غلط فهميءَ ۾.اُن وٺ پَڪڙ،حِراس،۽ ڊپ ۾ گهٻرائجي مان پنهنجي پُٽ کي چوان ٿو،اڄوڪي هِن حالت ۾ صرف ايترو ئي چاهيان ٿو....مان هِن ذهني حالت ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي،ڊپ ۽ بدحواسي جي حالت ۾ جيئڻ نٿو چاهيان. مون کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا پير کپن،جن تي بيهي ڪري پنهنجي حالت ۾ بنا پاسداريءَ جي جيءُ سگهان،مان بيهڻ چاهيان ٿو،اهڙي منهنجي خواهش هئي، منهنجو ارادو هو..ڪُجهه هفتن کان پوءِ مان هڪ اسپتال ۾ داخل ٿي ويس،بي انتها درد ٿي رهيو آهي،اِها ته ڄاڻ هئي ته درد ٿيندو پر اهڙو درد؟هاڻ درد جي شدت سمجهه ۾ اچي پئي. ڪو به ڪم نٿو ڪيان، نه ڪا تسلي ۽ نه ئي ڪو دلاسو، پوري ڪائنات اُن درد ۾ سُڪڙجي وئي هئي، ”درد،خدا کان به وڏو ۽ عظيم محسوس ٿيو.“مان جنهن اسپتال ۾ داخل آهيان،اُن ۾ بالڪوني به آهي.ٻاهر جو ڏيک ڏسندو آهيان.”ڪوما وارڊ“بلڪل منهنجي مٿان آهي.رستي جي هڪڙي پاسي منهنجي اسپتال آهي ۽ ٻئي پاسي لارڊ اسٽيڊيم آهي،اُتي”ووين رچرڊس“جو مُرڪندڙ پوسٽر لڳل آهي،منهنجي ننڍپڻ جي خوابن جو تصور،اُن کي ڏسڻ سان پهرين نظر ۾ مون کي ڪو احساس ئي نه ٿيو.يقين ڪيو ته ڪڏهن ڄڻ اُها دنيا منهنجي هئي ئي ڪا نه،مان درد جي پَڪڙ ۾ هُئس.۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن اِهو احساس ٿيو ته.....جيئن مان ڪنهن اهڙي شيءِ جو حصو نه آهيان، جيڪا مُقرر ٿيڻ جي دعوا ڪري،نه اسپتال ۽ نه اسٽيڊيم، منهنجي اندر ۾ جيڪو ڪجهه به بَچيل هو، اُهو اصل ۾ ڪائنات جي لامحدود قوت ۽ عقل جو اثر هو. منهنجي اسپتال اُتي هُجڻي هئي،مون چيو، صرف بي يقيني ئي طيءِ آهي.اُن احساس مون کي پاڻ ارپڻ ۽ ڀروسي جي لاءِ تيار ڪيو.هاڻ جيڪو به نتيجو نِڪري،اُهو ڪٿي به وٺي وڃي.اڄ کان پوءِ اٺ مهينا،چارمهينا،يا پوءِ ٻَه سال....فڪر هڪ پاسي ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ منهنجي ذهن مان جيئڻ ۽ مرڻ جو حساب ختم ٿي ويو. پهريون ڀيرو مون کي لفظ”آزادي“جو احساس ٿيو،صحيح معنيٰ۾!هڪڙي ڪاميابي جو احساس.هِن ڪائنات جي هُجڻ ۾ منهنجو يقين ئي منهنجو مُڪمل سچ ٿي ويو.اُن کان پوءِ لڳو ته اِهو يقين منهنجي هر جُزي ۾ پيهجي ويو آهي،وقت ئي ٻُڌائيندو ته اُهو قائم رهي ٿو يا نه، فلحال مان اِهو ئي پيو محسوس ڪيان ته،هِن سفر ۾ سڄي دنيا جا ماڻهو.... سڀئي،منهنجي چڱ ڀلائيءَ جي لاءِ دعاڳو آهن، مان جن کي سُڃاڻان ٿو يا نه،اُهي مختلف جاين ۽ وقتن تي عبادت ڪري رهيا آهن،مون کي لڳي ٿو ته اُنهن جون دعائون گڏجي هڪ ٿي ويون آهن...... هڪڙي وڏي طاقت.... زندگي تيزيءَ سان منهنجي ڪرنگهي کان مون ۾ داخل ٿي سِر جي مٿان، کوپڙيءَ مان ڦُٽي رهي آهي. ڪڏهن مُکڙي،ڪڏهن پَنکڙي،ڪڏهن ٽاري ۽ ڪڏهن شاخ بڻجي ٿي وڃي.مان خوش ٿي ڪري اُنهن کي ڏسندو آهيان.ماڻهن جي گڏيل دُعائن مان ڦُٽل هر ٽاري،هر پنکڙي،هر گل،مون کي هڪ نئين دنيا ڏيکارين ٿا. احساس ٿيندو آهي ته ضروري ناهي ته لهرن مٿان ڪاٺ جي ٻُوچ جو ڪو وَسُ هُجي...جيئن توهان قدرت جي پينگهه ۾ لُڏي رهيا هُجو...“
عرفان خان کي اِها ڪَل پئجي چُڪي هئي ته کيس هاڻ گهڻو وقت زندگي ساڻس همسفر نه رهي سگهندي۔اُن ڪري هُن مُڪمل شَعور يا سُجاڳيءَ سان زندگي جي دُوري ۽ موت جي ويجهڙائپ کي ڪينسر جهڙي لاعلاج مرض ۾ درد کي وڏي سيبتائيءَ سان دل جي جهيرون جهيرون پاند ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔هڪ بهترين آرٽسٽ وقت جي ڇِرڪ جهڙي لمحي ۾ ڪئين نه پنهنجي پوري هوش ۽ حواس سان بيماريءَ جي پيڙائن کي ڀوڳي ٿو۔جو، هُن جي آرٽسٽڪ ايپروچ ڪٿي به گهٽبي محسوس نه ٿئي ٿي۔بلڪ اُها ته سموري وارتا هڪ ڀيانڪ ڊرامي يا فلم جيان هلندي نظر اچي ٿي۔جنهن جو ڪردار عرفان خان ڪيڏي نه اُتم دلي سان نڀائيندي زندگيءَ جي تيز ويندڙ ريل ۾ اڳتي کان اڳتي وڏا خواب ۽ خيال کڻي ويندڙ مسافر جيان مُسڪرائيندي مُسڪرائيندي اوچتو پنهنجي نفيس ڪُلهي تي وقت جو ڀاري هٿ پوندي محسوس ڪري ٿو.۽ فلم جي ڪنهن سِين جيان هُو پنهنجو ڪنڌ ورائي موت جي”ٽڪيٽ چيڪر“کي اکيون،اکين ۾ وجهي پُرعزم نظرن سان ڏسي ٿو،جيڪو عرفان خان کي پنهنجي اڌوري سفر جي کُٽندڙ سلسلي مُتعلق آگاھ ڪري ٿو ۽ عرفان خان حيرانگيءَ جي حدن کي ڇُهندي وقت کي ڇِرڪائي وجهي ٿو،۽ هُو ايندڙ ايذائيندڙ اَنت جي اسٽيشن تي لهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو۔پر هُو وقت جو ڳرو هٿ هٽائيندي وڏي اعتماد سان کيس مُخاطب ٿيندي چوي ٿو ته،اي انت جا ڀيانڪ آواز!تنهنجي ڪيتري به تِک ۽ تار ڇونه ڏهڪائيندڙ هجي،ڇونه ڪيتري ئي پُر قوت هُجي پر فن جي فلڪ تائين اُن جي رسائي ناممڪن آهي۔مان فن جي آڪاس جو هڪ ستارو آهيان تون منهنجي آرٽ جون اکيون ڪڏهن به بند نٿو ڪري سگهي۔ها تون رڳو مٽيءَ جي وجود تائين رسائي رکين ٿو پر سندس گوناگون رنگينن کي ڪڏهن به ڪين ٿو مات ڪري سگهين/لرزائي سگهين،ڇوته فنڪار جو جسم ته فنا ٿي سگهي ٿو پر سندس فن تااَبد پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ بَقا جي لازوال ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ امر رهجي وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔۔!
(2020ع)