ارمانن جو مقبرو
علاج باوجود به مرض چوي ته مون کي ملوڪ جو گهر ڇڏڻو ئي نه آهي. رکيل پونجي ايڪس ري، رت ، پيشاب جي تپاس، ڪمري ۽ علاج ۾ خرچ ٿي ويس پر هاڻي نوبت اچي زمين وڪڻڻ تائين پهتس. ڳوٺ جو وڏيرو ريئس ولي محمد اصل هن کي اڳ ۾ تڪيو ويٺو هو. ڄڻ ته هن جي مصيبت جو انتظار هئس. جڏهن هن تي پريشانين جا پهاڙ ڪريا ته وڏيري ولي محمد هن جي وڌيڪ ويجهو ٿي هن جي هر مدد جي حامي ڀري. هن جي ڏوڪڙن ختم ٿيڻ سان ئي وڏيري ولي محمد پنهنجي پئسن جو منهن ملوڪ ڏي ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر هوندراج ڪجهه ڏينهن جي داخلا، ٽيسٽن ۽ علاج جا ملوڪ کان پنجاهه هزار کان به مٿي خرچ ڪرائي ڇڏيا پر ڦڪين فرق نه ڪيو. آخر جڏهن ملوڪ وٽ سمورا پئسا ختم ٿيا. مطلب ته ڊاڪٽر هوندراج ملوڪ کي چوسي نپوڙي خالي ڪري ڇڏيو. تڏهن هن کي مشورو ڏنائين ته هاڻ مريض کي شهر جي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائي. ملوڪ کي ڊاڪٽر هوندراج جي ذهنيت جو ڏک ٿيو ته اهو جواب پهرين ڏي ها جڏهن هٿ ۾ ڏوڪڙ هئم. پئسن ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر وڏي اسپتال جو مشورو ڏنو. جڏهن ته غلط علاج جي ڪري مرض به وڌي چڪو هو. ملوڪ وڌيڪ پئسن لاءِ وڏيري ولي محمد ڏانهن رخ ڪيو. وڏيري جو منهن هينئر ڪجهه ڦريل هو. جنهن ڪار وهنوار رکندي چيس ته:
“ملوڪ ٻه ڀائر، ٽيون ليکو، تو کان پئسا مٿي نه آهن پر دنياداري به ضروري آهي. پئسا اُڌار وٺڻ کان بهتر ته اهو آهي ته تون مون کي پنهنجي زمين لکي ڏي. جنهن وهنوار سان دنيا رکي ان حساب سان مون کي زمين نالي ڪري ڏي.”
ملوڪ مجبور هو، جو زال کي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرايائين. ٽيسٽون ٿيون، بيماري دل جي ظاهر ٿي. ڊاڪٽرن چيو ته دل جي رت جي هڪ نلي بند آهي. جنهن جو آپريشن ڪراچي ۾ ٿيندو. ملوڪ پنهنجي زال کي حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪيو. جتي سندس زال جي اينجوگرافي ٿي. ان ۾ بيماري ظاهر ٿي پئي. انهن ڊاڪٽرن چيس ته ڪافي دير ڪير پهتو آهين. جلد اچين ها ته بيماري ايترا ڪامپليڪيشن پيدا نه ڪري ها !! پر وري به ڪوشش ڪيون ٿا. وڏن شهرن ۽ وڏين اسپتالن ۾ ته مريضن کي ڏسڻ تپاسڻ ۽ آپريشن لاءِ تاريخون ملنديون آهن. روپاوتي جي داخل ٿيڻ سان هن جون مختلف ٽيسٽون شروع ٿي ويون ۽ علاج چالو ٿي ويو. ملوڪ جي وڪيل سموري زمين جو وڏيري ولي محمد طرفان مليل پئسو، ڊاڪٽرن جي فين ۽ دوائن، اسپتال ۽ آپريشن جي خرچ لاءِ هڪ وڏو چٺو ٺاهي ملوڪ جي هٿ تي رکيائون ته ملوڪ ويتر اُداس ۽ ويڳاڻو ٿي ويو.
اسپتال جي عملي ۽ ڊاڪٽرن کان هڪ ڏينهن جي مهلت گهري همراه زال کي اتي وارڊ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. وڏيري ولي محمد کي پنهنجو همدرد سمجهي، حال ڀائي ٿيندي سموري روئداد ٻڌايائين ته:
“وڏيرا زمين توکي لکي ڏنم، تنهنجا ڏنل سمورا پئسا به پنهنجي زال جي علاج ۾ کپائي ڇڏيم، هاڻ ته مون وٽ کائڻ لاءِ به پئسا نه آهن. ڊاڪٽر زال جي علاج ۽ آپريشن لاءِ هي چٺو لکي ڏنو آهي. ان ڪري مهرباني ڪري منهنجي واهر ڪر.”
وڏيرو ولي محمد ڦڪي مرڪ مسڪرائيندو رهيو ۽ چيائين ته: “ ملوڪ! فڪر نه ڪر، پنهنجا ئي پنهنجن کي ڪم ايندا آهن. آئون ته توهان کي پنهنجو وڏو ٿو سمجهان پر هڪڙو عرض اٿم! عرض سمجهين يا شرط سمجهين ان جي گذارش ڪندس”
ملوڪ چيس: “وڏيرا حڪم ڪر!
وڏيري ولي محمد ڪنڌ جهڪائي، شرمائيندي چيو: “اگر توهان پنهنجي ڌيءُ راڻي جي نڪاح مون سان ڪرايو ته آئون توهان جو ٻچو بنجي توهان جي هر واهر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
اهيو ٻڌندي ئي الائي ڪيترا طوفان ملوڪ جي مٿان گذري ويا. هن پاڻ کي ذري گهٽ بي هوش ٿيڻ کان بچائيندي چيو:
“وڏيرا هوش ۾ ته آهين !؟ منهنجي ڌي راڻي ته تنهنجي ڏوهٽين ۽ پوٽين جيڏي آهي، تنهنجي ۽ راڻي جي عمر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اهو بي جوڙ رشتو ڪندي توکي پنهنجي ڌي ڪيئن ڏيان...!؟ ”
وڏيري ولي محمد منهن ڦيرائيندي چيس: “ ته پوءِ سائين توهان جي مرضي”
ملوڪ جي سامهون سندس بيمار زال جو چهرو آڏو اچي ويو. جيڪا پنهنجي علاج لاءِ ڄڻ ليلائي چئي رهي هيس ته: “ مون کي موت جي منهن مان بچاءِ، مون کي زندگي ڏي.” ٻئي پل ئي سندس ڌي راڻي جي معصوم صورت سامهون اچي رهي هيس. ائين محسوس ڪيائين ته ان جي چهري کي مردار سمجهي مرون پٽي رهيا هجن.... هي ٻنهي جي ٻُڏتر ۾ ٻڏي ويو.
ملوڪ جي اکين مان ڳوڙها قطارون ڪري ڪرندا رهيا ۽ پريشاني ۽ پيشيماني ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. کن پل کان پوءِ جهيڻي آواز سان چيائين:
“وڏيرا ! منهنجي مدد ڪر، جيئن تون چوندين ائين ڪندس”
وڏيري ولي محمد چيس: “هينئر تنهنجي زال بيمار آهي، ان ڪري آئون شادي ڌام ڌوم سان نه ڪندس، پر اهو آهي ته سادگيءَ سان سڀاڻي منهنجو نڪاح راڻي سان ڪرائي ڇڏ ۽ صبح جو بئنڪ کلڻ سان ئي آئون توهان کي جيترا به پئسا گهربل آهن، اهي ڪڍي ڏيندس. ڇاڪاڻ ته توهان جي زال رڳو توهان جي زال نه پر منهنجي ماءُ به آهي”
ٻيو صبح ڇا آيو، راڻي جي ارمانن ۽ آرزوئن جو خون کڻي آيو. راڻي پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ سيني جي سورن کي سانڍي ڪنهن خاموش تربت جيان وڏيري ولي محمد جي زال بنجي وئي.
ملوڪ وڏيري کان گهربل رقم وٺي ڪراچي جو رُخ رکيو. اسپتال ۾ قدم رکندي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويو ڇو ته هن جي زال هن جي پهچڻ کان هڪ ڪلاڪ پهرين دل جي دوري جي ڪري گذاري چڪي هئي!
ڊاڪٽرن Death Certificate ٺاهي هن جي هٿ تي رکيو ته هن جي اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي وئي ۽ ائين محسوس ٿيس ڄڻ سندس ارمانن جو مقبرو، زلزلي جي جهٽڪي سان پٽ ٿي ويو هجي.