ٺري ويل چانهه جو ڪوپ
پر، ان ڏينهن سالن پڄاڻا سندس گهر ۾ سندس سامهون هُو چانهه پي رهيو هئو. ۽ هاڻ جڏهن جواني جي سرحد عبور ڪرڻ تي هئو ته خاموشي سندس مزاج ۾ پيهي وئي هئي. هُو جيڪو ڪنهن وقت ۾ جهنگ جو خطرناڪ شڪاري رهيو هئو پر هن وقت سندس اندر جو ماحول گهاٽي جهنگ جهڙو هو. جتي ڪنهن وقت پکين جون ٻوليون هيون ته ڪنهن ڪنهن وقت خونخوار جانور جي رڙ گونجي ٿي نه ته اڪثر سندس من اندر موت مار خاموشي هئي.
‘‘جيئن هن سهڻي ڪوپ ۾ پيل چانهه گرم نه هجڻ ڪري پنهنجي سموري لذت وڃائي ويٺي آهي. منهنجي همسفر جو مثال به بلڪل ايئن ئي آهي. هُو سهڻو، جوان ۽ ويڪري ڇاتيءَ رکندڙ قدآور مڙس آهي مگر هن چانهه وانگر بلڪل ٺري ويل آهي.’’ عمر چڙهيل عورت چيو ۽ وڏي مايوسيءَ سان ڪوپ ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي.
هن چانهه پي خالي ڪوپ رکي ڇڏيو هو پر عورت جي چانهه جو ڪوپ ايئن ئي ٽيبل تي پيل رهيو هو.
ڪافي دير هُو ٻئي خاموش رهيا هئا. هُو عورت کي حسرت سان ڏسي رهيو هو ۽ هُوءَ اداسي مان ڏانهنس نهاري رهي هئي.
پوءِ هن مسڪرايو ۽ ٺري ويل بي سوادي چانهه کڻي پيئڻ لڳي هئي.
جڏهن هن چانهه پي بس ڪئي ته هن کيس چيو؛ ‘‘ تون چاهين هان ته اها بي سوادي چانهه هاري ڇڏين هان يا ٻيهر گرم ڪري به پي پئي سگهينءَ ’’
چانهه ٻيهر گرم ٿي به سگهي ٿي ڇا...؟ هُن کانئس سوال پڇيو.
هن سندس سوال جي گهرائي کي سمجهي ورتو هو، وٽس سندس ان سوال جي نوعيت جو هاڻ شايد ڪوبه جواب نه هو، هُو خاموش رهجي ويو هو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو هو،
‘‘ هاڻ گهڻو وقت گذري چڪو آهي مان ٺريل چانهه جي عادي بڻجي چڪي آهيان. بي سوادي چانهه هاريان ته ڇا نه هاريان ته ڇا!’’
‘‘ تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ جلد ئي توکي ڏاڍو ياد ڪرڻ لڳي هئس. ’’ هُن وڏي اداسيءَ مان چيو ته هن جي روح سڏڪي ڏنو ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳو هئو.
هُن چيو؛ ‘‘ جڏهن تو طرف کلندڙ دل جي دري مان ڏٺم ته تون دور دور تائين مون کي نظر نه آيو هئين تڏهن گهڻو پڇتاءُ ٿيو هئم ته ڇو نه ڌرتتي جهڙي تنهنجي زندگيءَ ۾ توتي گهٽا ٿي گهليس! ڇو نه توکي پنهنجين ٻاجهارين ٻانهن سان پياريم! ڇو نه توکي پنهنجي جوڀن جي بارشن ۾ ڀڄايم! ’’
هاڻ جڏهن سندس ڇاتي لڙڪڻ لڳي هئي، وار اڇا ٿيڻ لڳا هئس ۽ جسم خشڪ ٿيڻ جي موسم جي انتظار ۾ هئس ته کيس جواني جا آنڀون نه پچائڻ جو ڏک ويڙهي ويو هو.
هُو شطرنج راند ۾ راڻي کي مخالف پيادي هٿان مارجڻ لاءِ ڇڏيندڙ رانديگر اداس ٿي کيس ڏسي رهيو هو.
عورت وري ڳالهائڻ شروع ڪيو هو.
مون چرين جيئن توکي ڳوليو آهي، مون کي ڪٿي به تنهنجي خوشبو نه ملي، ڪيڏانهن ويو هئين . . ؟ هن چيو ۽ اٿي سندس ڀر ۾ اچي ويٺي.
سندس چهري تي هٿ گهمائيندي چوڻ لڳي هئي، ‘‘ مان تولاءِ ڏاڍو تڙپي آهيان.’’ هيتري عمر گذاري پوءِ آيو آهين! وهي گذري وڃڻ سان ڄاڻي ورتو اٿم ته محبت جي لذت جي ڌارا جسم مان شروع ٿيندي آهي ۽ روح ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. عورت چيو؛
هُن پنهنجون پُر اسرار اکيون عورت جي اکين سان ملايون ته عورت چيو؛ ‘‘ هڪ منٽ مان اڇي چادر کڻي اچان ٿي.!’’
جڏهن، هُوءَ واپس موٽي آئي ته ٽيبل تي چانهه جو ڀريل ڪوپ ٺري چڪو هو. ۽ هُوءَ هٿن ۾ اڇي چادر کنيل وهيءَ کان موٽ کائيندڙ عورت اداس رهجي وئي هئي.