گلاب جو گل
“ٺيڪ آ هي پٽ.........ها رابيل پٽ ٻيو ٻڌ ٽيوب ويل تي وڃجانءِ ۽ ڏسجانءِ ته تالو لڳل آهي يا نه..! چاچهين پنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏنو هيو، اِهو مڙئي خيال گهٽ رکندو آهي“ عبدالرحيم پٽ کي تاڪيد ڪندي چيو.
“جي بابا” ائين چئي رابيل هليو ويو.
رابيل هر موڪل واري ڏينهن تي پنهنجي زمين گهمڻ لاءِ به ضرور ويندو آهي، شهر ۾ نوڪري ڪري هن کي موڪل کان سواءَ ٻيو ٽائيم ناهي ملندو، هنن جي زمين ڳوٺ ڀرسان ئي آهي جيڪا هارپي تي ڏنل آهي. هن جو پيءُ عبدالرحيم پرائمري ماستر آهي. پٽ کي سٺي تعليم ڏياري وڏي جدوجهد کانپوءِ رابيل کي سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏنائين. رابيل هر روز وانگر زمين جو جائزو وٺندي جڏهن ٽيوب ويل تي پهتو ته هن کي ٽيوب ويل جي حوض تي گلاب جو گل نظر آيو اهو کڻي واپس آيو، وري ٻئي هفتي جڏهن زمين تي ويو ته ساڳي جڳهه تي گلاب جو گل هن کي نظر آيو، هن ڀيري ٿوري حيرت ٿيس هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر ڪير به نظر نه آيس، اهيو سوچيندي گهر آيو ته اهيو ڪير ٿي سگهي ٿو، گل ڪير رکي ٿو يا ڪو اتفاق آهي. هفتو ٻيو گذري ويو جڏهن ٽئين هفتي تي ويو ته وري به گل پيو هيو. هاڻي سمجھي ويو ته اهيو اتفاق نه پر ڪير سايو ڪري رکي ٿو ۽ هن سان ائين ڪجهه هفتا ٿيندو رهيو ۽ گل رکڻ وارو سامهون نه آيو. هڪ ڏينهن اهو به آيو جو هن کي گلاب جو گل نظر نه آيو ۽ هي سمجھي ويو ته هي شخص يا ته ٿڪجي پيو هوندو يا وري بيمار ٿيو هوندو، پر اهيو سٺو ٿيو جو هن مان جان ڇٽي هروڀرو ذهن تي سوچون اچن پيون، جئين واپس گهر جي دروازي تي پهتو ته هن کي گلاب جو گل ڀت ۾ لڳل نظرآيو، هاڻي ته هن کي پهريان کان به وڌيڪ حيراني ٿي جلدي گهر اندر داخل ٿيو پر گهر ۾ گهر ڀاتين کان علاوه ڪير به نه هيو. هن کي اُن شخص تي گهڻي ڪاوڙ اچڻ لڳي ته هرو ڀرو ڇو پريشان ڪري رهيو آهي ۽ ائين مونکي پريشان ڪرڻ مان هُن کي ڪهڙو فائدو ملي ٿو، هاڻي رابيل اهيو پرگرام ٺاهيو ته آفيس کان موڪل ڪري ڏسان ته اهو شخص منهنجي باري ۾ ڪيترو باخبر رهي ٿو، هي آفيس ويو ۽ اڳين ڏينهن جي موڪل لکي آيو، شام کان پهريان زمين تي ويو پر اتي هن کي گل نطر نه آيو، گهر موٽي آيو دروازي تي به هن کي گل نظر نه آيو سمجھي ويو ته اهو گل رکڻ وارو شخص ايترو باخبر ناهي. سڌو پنهنجي ڪمري ۾ آيو ته سامهون ٽيبل تي رکيل گلاب جي گل تي نظر پيس، جلدي ڪمري کان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي ماءُ کان پڇيائين:
“امان منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪمري ۾ ڪير آيو هيو....؟“
“ابا مان پاڙي ۾ وئي هيس، خير ته آهي......!“
“ها امان خيرآهي، رضيه ڪاٿي آ....؟“
“جي ادا” رضيه رڌڻي مان نڪرندي چيو:
“ادا منهنجي دوست مهوش کان علاوه ته ٻيو ڪير نه آيو هيو“
“اهيا مهوش ڪير آ....!“
“ادا تون هُن کي نه سڃاڻين، چار پنج مهينا پهريان ڀر واري ڳوٺ مان لڏي سامهون واري گهر ۾ ويٺا آهن“
“پر هوءَ منهنجي ڪمري ۾ ڇو آئي“ اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪرڻ لڳو.
“ادا مهوش کي پين کپندي هئي مون وٽ نه هئي انهيءَ ڪري توهان جي ڪمري مان کڻي ڏني مانس“
“وڏي سياڻي آهي“
“ڇو ادا خير ته آهي، ڇا ڪيو آهي مهوش“ رضيه حيرانيءَ مان چيو
“انهيءَ ڪري چيم جو ڪمري ۾ پين نه هئي“ رابيل ڳالهه لڪائيندي چيو:
رابيل سمجھي ويو ته اهيا مهوش ئي ٿي سگهي ٿي جيڪا هٿ ڌوئي منهنجي پويان پئي آهي، پر هن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي طرفان ڪهڙي موٽ ملندس. رابيل دل ۾ چوڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن تي رابيل جڏهن آفيس وڃڻ لاءِ گهر کان نڪتو ته سامهون مهوش جي نظر پيس جيڪا دروازي مان جھاتي پائي هن جو ديدار ڪري رهي هئي، هي هاڻي سمجھي ويو ته ائين ئي روز ڏسندي هوندي. هن سان ٿيو به ائين روز هن جو ديدار ڪندي هئي، ٻنهين جي طرفان ڪا به چرپر نه ٿي، آخر مهوش سمجھي وئي ته رابيل مون تي ڪابه توجهه نه ٿو ڏئي ته مهوش ڇا ڪيو جو پنهنجي دروازي کان بيهي رابيل کي گل ڏيندي چوڻ لڳي:
“هي وٺو منهنجو تحفو“
“توکي ڪنهن سمجھايو آهي ته منهنجي سامهون گل رک، تنهنجي گهر ڪا گلن جي فيڪٽري آهي ڇا، جو مان جتي وڃان ٿو اڳيان گل پيا آهن“رابيل پهريون ڀيرو هن سان ڳالهايو.
“توهان جيئن به چئو پر مان هميشه توهان جي اڳيان گل وڇائيندي رهندس“
“بس هاڻي گهڻو ڊرامو ٿي ويو، مهرباني ڪري منهنجا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي ۽ آئنده اڳيان نه بيهجان“ ائين چئي رابيل آفيس لاءِ روانو ٿي ويو.
مهوش رابيل جا اهڙا لفظ ٻڌا ته مايوس ٿي وئي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، مهوش رابيل جي اهڙي رويي کانپوءِ دروازي تي يا هن کي ڪاٿي به گلاب جو گل يا پاڻ نظر نه آئي، انهن ڏينهن ۾ ئي رابيل جو ٽرانسفر اسلام آباد ٿي ويو، رابيل اسلام آباد وڃڻ لاءِ جيئن گهران نڪتو ته سامهون مهوش بيٺي هئي، ٽن مهينن کانپوءِ هن کي ڏٺائين ته ڪافي ڪمزور لڳي رهي هئي، جيئن هن رابيل کي ڏٺو ته روئڻ ۾ پئچي وئي ۽ روئندي چيائين:
“اڄ ته توهان وڃي رهيا آهيو پر هاڻي ته گل وٺندا وڃو ۽ چئو ته مون سان محبت ڪندا آهيو، مان سڄي زندگي توهان جو انتظار ڪندي رهندس“
“ڏس! مهوش توکي پهريان به چيو هيم ته ان ڊرامي بازي ۾ پنهنجو وقت ظايع نه ڪر ۽ نه منهنجو وقت ظايع ڪر، ڪوئي سٺو ڇوڪرو ڏسي اُن سان شادي ڪري ڇڏ“
“مري ته سگهان ٿي پر توهان کان سواءِ ٻي ڪنهن جي ڪنوار بڻجي گلن جي سيج تي نه ٿي ويهي سگهان“
“ٺيڪ آهي تنهنجي مرضي پر مان ان چڪر ۾ پوڻ وارو ناهيان“ ائين چئي رابيل هليو ويو ۽ مهوش پنهنجا ڳوڙها اگهندي رهي.
رابيل اسلام آباد پهچي اُتي هن ڊيوٽي جوائن ڪئي، رابيل کي آفيس جي طرفان رهڻ لاءِ جڳھ به ملي وئي، رات جو اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پيو هيو ته هن جو ذهن پنهنجي ڪاليج جي دوَر ۾ هليو ويو، هن کي اُهي گهڙيون اُهي پل ياد اچڻ لڳا جيڪي هن پنهنجي زندگيءَ سان گذاريا هئا، ڪيڏو نه ٻئي هڪٻئي تي ساھ ڏيندا هئا، اهي زندگيءَ جا وڏا وڏا ٽهڪ هن کان ڪيئن وسري سگهندا، اهي گهڙيون ياد اچڻ لڳس جڏهن هن زندگي جي چوڻ تي پنهنجي پيءُ ماءُ کي رشتي لاءِ موڪليو هيو، ڪيڏو نه اهو خوشيءَ جو ڏينهن هيو هن جو هڪ ڏينهن سالن وانگر گذريو هن هڪ هڪ سيڪنڊ ڏسندي گذاريو ۽ جڏهن شام ٿي ته هن کي اهي لفظ ٻڌا ته “توکي زندگي نه ٿي ملي سگهي ڇو ته تون هڪ پرائمري ماستر جو پٽ آهين“ اهي لفظ هن کي ڪنهن پٿر وانگر لڳا، صرف گهر وارن کي اهيو چيو ته “زندگي کان بغير منهنجي زندگي جو هلڻ مشڪل آهي“ زندگيءَ کي به گهڻو سمجھايائين ته ڪنهن به طريقي سان گهر وارن کي راضي ڪر شروع ۾ ته زندگيءَ سٺو ساٿ ڏنس پر پوءِ آهسته آهسته زندگي به ساٿ ڇڏي ڏنس، انهيءَ کانپوءِ دل ۾ ارادو ڪيائين ته ڪڏهن به شادي نه ڪندس، زندگيءَ کان سواءِ ڪهڙي زندگي آهي. موبائل جي آواز تي هي سوچن مان نڪتو، موبائل کڻي ڏٺئين ته ڪنهن اڻڄاڻ نمبر تان ميسيج آيل هيو، ميسيج کوليائين ته جنهن ۾ لکيل هيو “رابيل تون منهنجو آهين“ هي سمجھي ويو اهيا مهوش ٿي سگهي ٿي اهيا هتي به پچر نه ٿي ڇڏي، ڳوٺ وڃان ته هن کي سبق سيکاريندس. پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو.
رابيل ٻن مهينن کانپوءِ موڪل تي ڳوٺ آيو ته مهوش کي هن جي اچڻ جي خبر پئي ته هن جو محبوب آيو آهي ته بهانو ڪري رضيه سان ملڻ آئي، رضيه سان ڳالهين ۾ ويٺي ته هن جي نظر باربار رابيل جي ڪمري طرف پئي وڃي، رضيه به اهيو نوٽ ڪرڻ لڳي، ٿوري دير ۾ رابيل ڪمري مان نڪتو ۽ مهوش ۾ ساھه پئجي ويو.
“اسلام عليڪم“ مهوش اٿي سلام ڪيو،
“وعليڪم اسلام دشمنن کي خبر پئجي وئي“ رابيل ڪاوڙ مان چيو.
“الله نه ڪري جو تنهنجي دشمن ٿيان“
“نه باقي سڄڻن جا اهڙا ڪم هوندا آهن جو اُتي به جيئڻ نه ٿا ڏين“ ائين چئي رابيل گهران نڪري ويو، رضيه ۽ اُن جي ماءُ ٻئي حيران هئا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، هي پهريون ڀيرو هيو جو هنن ٻنهين سڀني جي سامهون اهڙي انداز ۾ ڳالهايو هيو.
“مهوش هي مان ڇا پئي ٻڌان، ادا کي تون ڇا ڪيو آهي جو تومان ايڏو بيزار آهي. رضيه حيران ٿيندي چيو:
“رضيه تنهنجي ڀاءُ جي دل پٿرآهي، جيڪڏهن ٻيو ڪو ڇوڪرو هجي هان ته پيو منهنجي گهٽيءَ ۾ چڪر هڻي هان“
“مهوش توکي ادا جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ ناهي، منهنجي ڀاءُ جھڙو نرم دل شايد ئي ڪو ٻيو هجي، بس ادا کي ته زندگيءَ اهڙو ڪري ڇڏيو آهي“
“زندگي ڇا مطلب مون نه سمجھيو...!ٰ“ مهوش حيرانيءَ مان پڇيو.
“زندگي ادا جي ڪلاس ميٽ هئي ۽ ادا......................“ پوءِ سڄي حقيقت مهوش کي ٻڌايائين.
“رضيه مونکي گھڻو افسوس ٿيو آهي جو رابيل سان ائين ٿيو، پر تون بي فڪر ٿيءُ تنهنجي ڀاءُ جي دل مان ئي نرم ڪندس ۽ هُن کي زندگي منهنجي روپ ۾ ملندي“
رضيه کي ته تمام گهڻي خوشي ٿيڻ لڳي جو سندس ڀاءُ کي اهڙي سگھڙ ڇوڪري پسند ڪرڻ لڳي آهي، رضيه به دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته مهوش کي ڀاڀيءَ جي روپ ۾ ضرور ڏسندي، رضيه پيءُ ماءُ سان اهيا ڳالهه ڪئي انهن کي به ڏاڍي خوشي ٿي
ڇوته خوبصورت ۽ سگهڙ ڇوڪري کي ڪير گهر ۾ نه آڻڻ چاهيندو، بس هاڻي اهيو سوچي رهيان هئا ته پٽ کي ڪيئن راضي ڪن.
رابيل جي موڪل پوري ٿي ۽ واپس ورڻ لاءِ جيئن دروازي کان ٻاهر نڪتو ته سامهون هميشه وانگر مهوش بيٺي هئي پر هن ڀيري هن جي هٿ ۾ گل نه هيو، رابيل ٿورو اڳتي وڌيو ته مهوش اڳيان اچي ٻانهون ٻڌندي چوڻ لڳس:
“رابيل مونکي معاف ڪجو، اهيا مونکي خبر نه هئي ته زندگي توهان کي ايڏا ڏک ڏنا آهن ۽ هُن توهان جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي مان اهيو نه ٿي چاهيان ته منهنجي ڪري توهان کي ڪا تڪليف پهچي، هاڻي ڪڏهن به توهان کي تنگ نه ڪندس، پر ايترو ضرور به سوچجو ته هر ڇوڪري زندگي ناهي هوندي ۽ نه ئي هر ڇوڪري جا والدين اهڙا هوندا آهن“
“اهيا به توکي خبر پئجي وئي!، تون ڇو ٿي ايڏي منهنجي باري ۾ با خبر رهين“ رابيل ڪاوڙ مان چيو:
“رابيل مان توهان جا ڏک ونڊڻ ٿي چاهيان“ مهوش پيار مان چيو:
“ڇو تون منهنجو ٺيڪو کنيو آ، ٻيو ته مهوش پيار هڪ طرفو ناهي ٿيندو، انهيءَ ڪري منهنجو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ“ رابيل صاف انڪار ڪندي چيو:
“رابيل هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکجو ۽ ڏسجو ته هڪ ڏينهن اهو به ايندو جڏهن توهان منهنجي ڪري هڪ ٻن ڏينهن لاءِ نه پر هميشه لاءِ هتي بدلي ڪرائي ايندا“
“مهانڊو به اٿئي ڀلو جو تنهنجي ڪري بدلي ڪرائي ايندس“ ائين چئي رابيل هليو ويو، مهوش جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ آلين اکين سان گهرهلي وئي. رابيل جي اهڙي جواب کانپوءِ به مهوش همٿ نه هاري ۽ رابيل جي موبائل تي روزانو صرف هڪ ميسيج ۾ هڪ ئي جملو لکي موڪليندي هئي ته “رابيل توهان صرف منهنجا آهيو“ ۽ رابيل هن جو اهڙو جملو پڙهي چوندو هو “چري ڇوڪري“.
رابيل جي پيءُ کي جڏهن انهيءَ ڳالھ جي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ اهيو ارادو ڪيائين ته مهوش کي پنهنجي ننهن ڪري ضرور گهرآڻيندو.
هن کي پوري پڪ هئي ته رابيل کي هاڻي سٺي نوڪري آهي اُن ڪري هن کي مهوش ضرور به ملندي، گهر واريءَ کي ساڻ ڪري مهوش جي گهر ويا ۽ خوشبريءَ سان گڏ موٽي آيا. رابيل جي والدين کي اهيا به پوري پڪ هئي ته اسان جو پٽ والدين سان انڪار نه ڪندو. انڪري پٽ کي فون ڪري رشتي جي ڳالھ ڪئي ته رابيل تپي باھ ٿي ويو، پر پيءُ ماءُ جي اڳيان گهڻي ڪاوڙ نه ڪڍي سگهيو بس ايترو چيائين:
“بابا اهيو رشتو ڪرڻ کان پهريان مونکان پڇو ته هان“
“پٽ تون آخر ڪيسيتائين ائين ويٺو هوندين، اسان زندگيءَ جي آخري ڏاڪي تي بيٺا آهيون، تون اسان کي خوشي ڏسڻ نه ڏيندين“ رابيل جي پيءُ مايوسيءَ مان چيو:
“بابا ائين نه چيو منهنجو مطلب هيو رشتو منهنجي مرضي وارو وٺو هان“ رابيل ڳالھ تبديل ڪندي چيو:
“پٽ رابيل اسان کي پوري ڳوٺ ۾ مهوش کان وڌيڪ ڪا ٻي ڇوڪري سٺي نه لڳي ۽ تو کي شادي انهيءَ سان ڪرڻي پوندي“ رابيل جي پيءُ فيصلو ٻڌائيندي چيو:
“ها پٽ تنهنجو پيءُ بلڪل ٺيڪ پيو چوي مونکي به مهوش کان وڌيڪ سٺي ڇوڪري نه ملي“ رابيل جي ماءُ پهريون ڀيرو مڙس کان فون وٺي ڳالهايو:
هاڻي والدين جي خوشيءَ اڳيان رابيل مجبور ٿي پيو ۽ مهوش خوشيءَ ۾ ماپي نه پئي سگهي هن جي سالن جي حسرت پوري ٿي رهي هئي ۽ هن جي گلاب جي گلن جي خوشبو سڄي ڳوٺ ۾ محسوس ٿيڻ لڳي، انهيءَ خوشبوءَ ۾ رابيل جي شاديءَ جون تيارون شروع ٿي ويون هيون.
اڄ پورو ڳوٺ جهمريون پائي رهيو هو ڇوته رابيل اسلام آباد کان ڳوٺ اچي رهيو هو، هميشه وانگر هن بس جو سفر ڪيو ۽ الائي ڇو هاڻي رابيل جي دل ۾ مهوش لاءِ پيار جنم وٺڻ لڳو ۽ مهوش جا اهي لفظ باربار هن جي دماغ ۾ گردش ڪرڻ لڳا ته “هڪ ڏينهن تون هميشه لاءِ هتي بدلي ڪرائي ايندين ۽ توکي منهنجا گل قبول ڪرڻا پوندا“ اکيون بند ڪري انهن سوچن ۾ هيو ته ڪنهن جا مظبوط هٿ هن جي قميص جي ڪالرن ۾ پيا.
“اڙي هيٺ لهه“ زوردار آواز هن جي ڪنن ۾ پيو، رابيل حيران ٿي ويو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، مسافرن کي ڏٺائين پر ڪير نظر نه آيس سڄي بس خالي هئي. نقاب پوش هن کي بندوق جي زور تي هيٺ لاٿو ۽ هن کي سڀني سان گڏ لائين ۾ بيهاريائين. چار نقاب پوش سڀني کان تلاشي وٺي رهيا هئا.
“جيڪو به اٿئي ڪڍي ڏي“ انهيءَ ساڳي همراھ چيو:
“اڙي ٻڌين ڪو نه ٿو چيم نه ته جيڪو اٿئي ڪڍي ڏي“ وڌيڪ ڪاوڙ ۾ چيائين:
رابيل سوچ ۾ پئجي ويو ته اگر هي سڀ پئسا هنن کي ڏنم ته منهنجو ڇا ٿيندو، منهنجي بابا ۽ امڙ جيڪي منهنجي شادي جا خواب ڏسي رهيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو.
“گار ڏيندي........اڙي ٻڌين ڪونه ٿو“ ٻي همراھ چيو.
رابيل پڪو ارادو ڪيو ته ڪجهه به ٿي پوي پر هنن کي هڪ رپيو به نه ڏيندو، هن چالاڪيءَ سان ڀر واري نقاب پوش کان پسٽل کسي انهيءَ کي منڍيءَ مان پڪڙي اُن جي مٿي تي پسٽل جو نشانو ڪندي چوڻ لڳو:
“خبرادر جو ڪنهن چالاڪي ڏيکاري آهي ته پوءَ گولي هن جي پارهوندي.
هنن جي سربراھ پنهنجي ساٿي جي پرواھ نه ڪندي ڪلاشن جو منهن رابيل جي طرف ڪيو ۽ مسافرن جي رڙين سان گڏ زمين ڳاڙهي ٿي وئي.
رابيل جي بابي ۽ امڙ سان گڏ اڄ پورو ڳوٺ هن جي واٽ تڪي رهيا ته ڪيڏي مهل ٿو هنن جو شهزادو اچي، هرڪو پنهنجي طرفان خوشي جا منصوبا ٺاهي رهيو ته هنن جي ڪنن تي ايمبولنس جو آواز پيو ته سڀني جي مُرڪ حيرت ۾ تبديل ٿي وئي. سڀئي رب پاڪ کي ٻاڏائڻ لڳا ته يا رب العالمين تون خير ڪجان، هرڪو ايمولنس جي طرف ڍڪڻ لڳو ته ايمولنس وڃي رابيل جي در تي بيٺي، ڳوٺ وارن جي رڙين سان گڏ رابيل جا پيءُ ماءُ ۽ مهوش زندھ لاش ٿي ويا. ڳوٺ ڀرسان ئي رابيل کي دفنايو ويو، هن جي مٿان گلاب جي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ اڄ رابيل نه چاهيندي به مهوش جا گل قبول ڪيا هئا.