ڪھاڻيون

احساس نگر

احساس نگر جون ھي ڪھاڻيون نہ صرف نئين دور جون ڪھاڻيون آھن پر ڪھاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آھن. ھي ڪھاڻيون اسان جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آھن. ھن مجموعي ۾ سنڌ جي سينيئر ۽ جونيئر چونڊ ڪھاڻيڪارن جون چونڊ ڪھاڻيون شامل ڪيل آھن، جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاھدہ ابڙو، نور حسين ڪلوڙ، ھدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو شامل آھن.

Title Cover of book احساس نگر

ساهيڙي

اڄ صبح جو رڌڻي ۾ نيرن ڪندي امان ۽ چاچي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي رهيون هيون، مون به ٿورو ويجهو رڙهي وڃي سندن ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي ڄڻيون اوپراٺا، تريل پٽاٽا به مزي مزي سان کائينديون پئي ويون ۽ لسيءَ جا ڍڪ ڀريندي، چاچي نبن ڪاسائيءَ جي زال چاچي مئنا جي ڳالهه ڪندي ڏکويل به لڳي رهيون هيون. مون وجهه وٺندي کانئن پڇيو ته:
“چاچي مئنا کي ڇا ٿيو آهي؟”
جنهن تي ٿوري دير لاءِ هو ٻئي چپ ٿي ويون ۽ ڪجهه سوچيندي چاچيءَ وراڻيو ته: “مئنا نبن ڪاسائيءَ واري زال چري ٿي وئي آهي، کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ گدوءَ واري اسپتال کڻي ويا آهن.”
هوءَ چري ڇو ٿي آهي؟ مون هڪ ٻيو سوال پڇندي چيو، جنهن تي امان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چڙ مان دڙڪو ڏيندي چيائين ته: “توکي سوالن پڇڻ کانسواءِ ٻيو ته ڪو ڪم آهي ئي ڪونه!هر وقت سوال مٿان سوال..”
مان ٿورو هيسجي چپ ڪري ويهي رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته چاچي نبن ڪاسائيءَ جي زال ڇو چري ٿي؟ سندن گهر اسان جي گهرن جي پٺيان هو. ڪنهن وقت ۾ هوءَ ڏاڍي سهڻي هوندي هئي، سندس ڳورو رنگ، ڪارا ڊگها وار ۽ نشيلا نيڻ، سنهڙو سيپڪڙو سڊول جسم مٿان وري قيامت جهڙو قد مٿس سڀ عورتون رشڪ ڪنديون هيون. مان ننڍي هوندي جڏهن به سندن گهر ويندي هئس ته هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ئي هوندي هئي. سندس ڪمري ۾ جنڊيءَ جي جڙيل کٽ ۽ ڪرسيون رکيل هونديون هيون پاڻ ڪمرو بند ڪري گهڻو تڻو کٽ تي وڇايل نرم هنڌ مٿان ڪنهن نئين نويلي ڪنوار وانگي ليٽيل ئي هوندي هئي. سندس مڙس جي اچڻ وقت سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماسي جيڪا اڌ وهي کائي آئي هئي پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي مون کي ٻاهر ڌڪو ڏيندي چوندي هئي “هاڻي وڃ نبن اچڻ وارو آهي اهو ڪنهن کي به ڪونه سهي.” ذهن ۾ سوال اٿندا هئا ته “ڇو؟”
هو اهڙو ڇو آهي جو ڪنهن کي به گهر ۾ نٿو سهي. اسان ٻار سڀني پاڙيوارن جي گهرن ۾ ايندا ويندا ۽ کيڏندا رهندا هئاسين پر هن گهر ۾ پابندي “ڇو؟”.
ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو ته چاچا نبن جنهن جو ڊگهو قد، بُت ڀريل، رنگ ڪڻڪائو، هيبت طاري ڪري ڇڏيندو هو جڏهن گهر ۾ گهڙندو هو سندس هٿ ۾ ڪات ۽ ڇريون هونديون هيون ۽ لباس رت سان ڀريل، ائين لڳندو هو ڄڻ ته ڪنهن جو خون ڪري آيو هجي يا اڃان به خون جي پياس اجهائڻ چاهيندو هجي. سندس چهرو هميشه سنجيده ۽ جذبات کان خالي هوندو هو. سندس ٻيا ڀائر جيڪي هڪ ئي ويڙهي ۾ رهندا هئا، اهي کانئس بلڪل مختلف هئا. پنهنجن ٻارن ۽ زالن سان رلجي ملجي رهڻ وارا کل ڀوڳ ڪندي پيا گهر ۾ گهمندا هئا پر چاچي نبن جي ايندي ئي اڱڻ تي راڪاس گهمي ويندو هو ۽ ٻار ٻچا ڪنڊن ۾ لڪي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مان، امان ۽ چاچيءَ سان گڏجي سندن گهر گهمڻ ويندي هئس اتي منهنجي عمر جي ڇوڪرين سان راند کيڏڻ ۽ پينگهي ۾ ويهي لڏڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هئم سو گڏجي ويهي راند کيڏنديون هيون سين.
وري هڪ دفعو امان ۽ چاچيءَ جي ڳالهين تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ منهنجو چاهه ان ڳالهه ۾ هو ته چاچي مئنا چري ڇو ٿي وئي؟ کيس چرين جي اسپتال ۾ ڇو داخل ڪيو ويو آهي؟ “مئنا به ته ڪونه مُڙي نه” چاچيءَ جي لفظن ۾ ڏک به هو ته گهري سوچ به. گرهه کي آهستي آهستي چٻاڙيندي چيائين “ان ڪاري دونهي جهڙي نڀاڳي ڦاپو کي ڪونه ڇڏيائين سندس ساهيڙائپ هڻي سندس گهر ۽ الهه تلهه چٽي ڇڏيو.” مٿان وري امان به چاچيءَ کي سُر وٺرائيندي چيو ته:
“ها نبن ڪاسائي گهڻا ئي وس ڪيا ته ڦاپوءَ جي گهر ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي پر هيڏانهن هو نڪتو ناهي هوڏانهن ڦاپو گهر ۾ اندر گهڙي ناهي،” مون وري وچ ۾ هڪ سوال اڇلايو “امان ڦاپو ڪهڙي؟ اها ئي شيدياڻي جيڪا شادين ۾ نچندي ۽ ڳائيندي آهي.” تنهن تي سندس شادين ۾ رقص ڪندڙ لچڪدار جسم، ڪاري رنگ مٿان ڳاڙهي سرخي، گهرو ميڪ اپ، ڀڙڪيلو ۽ چُست لباس منهن تي موڙا، وات ۾ سوپاريءَ جو ٽڪر ۽ ان جا چاٻا منهنجي اکين اڳيان ڦري ويا. تنهن تي امان مون کي اک ڏيکاريندي چيو ته: “ڏاڍو ٿي ڳالهائين!” آخر ۾ مون فيصلو ڪيو ته چپ ڪري ويهان ۽ چپ چاپ معلومات گڏ ڪندي وڃان ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيم.
“نبن مئنا کي هڙئي سُک به ڏنا پر مٿس شڪ ڪرڻ جي عادت ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿس مار موچڙي هڻي کيس دنيا جهان کان وڃائي ڇڏيو.” امان مانيءَ جو گرهه ٺاهيندي چيو. “مرد جي ذات ئي اهڙي آهي جو هو عورت کي پنهنجي ملڪيت ڀانئين ٿو، پاڻ ٻاهر ڀلي ڇا به ڪري پر کيس عورت جي عورت سان ويجهڙائپ به قبول ناهي پوندي.” چاچي لسيءَ جي گلاس مان ڍڪ ڀريندي چيو. “مرد ته هميشه کان عورت سان ائين ئي ڪندو آيو آهي.” ها ڪڏهن ڪڏهن رات جو مئنا جون رڙيون ۽ ڪوڪون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته سندس مڙس مٿس ڪيڏو نه جسماني ۽ ذهني تشدد ڪندو هو، ويچاريءَ کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو.” امان خالي ٿانو هڪٻئي جي مٿان رکندي بورچيخانو صاف ڪندي چيو.
مون کي ڄڻ پنهنجن سڀني سوالن جا جواب ملي ويا هئا جو اڪثر چاچي مئنا ۽ ڦاپو نچڻ واريءَ کي گڏ ويهي کلندي ۽ هڪ ئي پن واري ٻيڙيءَ مان گڏ دونهان ڪڍندي ڏٺو هيم. شادين ۽ ڪاڄن ۾ ساڻس سوانگ ڪندي به ڏٺو هو. گهور جي نوٽن کي سندس ڳلن تان چهنڊڙي پائي کڻندي به ڏٺو هئم سندن ايتري محبت ۽ ويجهڙائپ سڄي پاڙي اوڙي ۾ ڪنهن باهه جي خبر جيان پکڙيل هئي ۽ سندس مڙس تائين به خبرون پهتل هيون پر ڇا هڪ عورت کي ايترو به حق نه آهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن عورت کي پنهنجي زندگيءَ ۾ عزيز رکي. ٻئي هڪٻئي کي “ساهيڙي” ڪري سڏينديون هيون ڇا ساهيڙائپ سندس گناهه عظيم هو جو کيس جسماني ۽ ذهني اذيت جو شڪار بڻايو ويو ۽ اڄ هوءَ حسين عورت هڪ جهنم جي واديءَ ۾ ڌڪجي وئي آهي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هوءَ اتان ڪڏهن واپس به ورندي يا اتي ئي دفن ٿي ويندي.