مس آڪسيجن
مون کيس رپلاءِ ۾ صرف “ آڪسيجن “ لکيو،
حيران ٿيندي چيائين ته “ اهو به ڪو نالو آهي جيڪو تو مون تي رکيو آهي“
مون فلسفانه انداز ۾ کيس سمجهائڻ شروع ڪيو:
“ اڙي اوه چري! ڳالھه کي سمجھه، نالي کي نه ڏس، نالي جي اندر جيڪو پيغام آهي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، تون مون لاءِ بلڪل ائين آ، جئين جئيڻ لاءِآڪسيجن... آڪسيجن کان سواءِ ڪو به جاندار زندھ نه ٿو رهي سگهي، تئين توکي ته خبر آ، آءُ تونکان سواءِ زندھ نه ٿو رهي سگهان، ان لاءِ هڪ رات، پنج ڪلاڪ، ۽ پنجويھه منٽن جي گهڻي غور و ويچار کان پوءِ مون تنهنجي لاءِ اهو نالو مناسب سمجهي ڪري چونڊيو آهي.“
منهنجي سنجيدگي کي مدنظر رکندي سندس نازڪ لبن مان شايد زوردار ٽهڪ نڪتا، بي ساخته ٿي ڪري کلڻ لڳي تڏهن ته موبائل تي ايموجي جا سمائل موڪلي ڪري کن پل لاءِخاموش ٿي وئي،
ڪجھه لمحن کان پوءِ سندس ميسيج آيو “ تون پاڳل آهي صفا پاڳل، ايترو پاڳل جيترو مون سوچيو به ڪونه هو“.
مان مٺي مرڪ مرڪي خاموش ٿي پيس، اهڙي نموني اسان ٻنهي جي وچم ڪافي قرب واريون ڪچهريون ٿينديونهيون، اڪثر ميسيجن تي ۽ آمهون سامهون باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪال تي، ڪال تي به تڏهن جڏهن سڪ لڳي ڪري انتها واري درجي تي وڃي پهچندي هئي، رات گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳندي هئي ۽ ننڊ نيڻ مان رسڻ جا رمز ڪندي هئي ته پوءِ کن پل لاءِ هڪ ٻي سان ڪال تي ڳالهائي دل کي تسڪين عطا ڪري وٺندا هياسين، اهڙي نموني وقت گذرندو رهيو ۽ اسان هڪ ٻي سان وفا جا وچن، محبت جا مٺاس ڀريا لفظ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳاسين، پهريون سال هڪ ٻي جي اُڪير ۾ گذاري سين، ٻيو سال هڪ ٻي کي سمجهڻ ۾ ، ٽيون سال هڪ ٻي سان قرب جون ڪچهريون ڪندي ۽ آخري سال هڪ ٻي کان جدا ٿيڻ جي غم ۾ مبتلا ٿي ڪري، اڄ اسان جو آخري پيپر هو، صرف آخري پيپر نه هو بلڪ يونيورسٽي کي الوداع ڪرڻ جو به آخري ڏينهن هو، اڄ هو اداس هئي مان به ڪنهن قدر اداس هيس، جئين پيپر ختم ٿيو ته مون امتحاني حال جي ٻاهرانهن جو انتظار ڪيو، ڪجھه منٽن کان پوءِ هُو به پيپر مڪمل ڪري امتحاني حال کان ٻاهر آئي، اچڻ شرط مونکي چيائين “ اڄوڪو ڏينهن انتهائي ڳنڀير آهي، هر پل هر سيڪنڊ جي گذرڻ جو احساس شدت سان ٿئي پيو، ڪاش !! وقت جي وهڪري جا واڳ پنهنجي هٿن ۾ هجن ها، وقت کي روڪي رکو ها، يقين ئي نه پيو اچي ته اڄ چار سال مڪمل ٿيڻ تي آهن،“
منهنجي خاموشي کي ڄڻڪ ڪو طوفان وڪوڙيو پئي ويو، مون کيس چيو” اڄ ته لطيف جي نگري جو هڪ آخري چڪر هڻو، وري گڏ گهمڻ جو شرف حاصل ٿئي الائي نه “
فيڪلٽي جي بلڊنگ کان نڪري ڪري، اسپورٽس ڪامپليڪس جي اڳيان گذرندي اسين بي بي اي جي بلڊنگ وٽان ٿيندي، ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ، مئٿ ڊپارٽمنٽ، فزڪس، باٽني ۽ فارميسي ڊپارٽمنٽ کان ٿيندي سڌو ايس ايس سي تي وڃي چانھه جي چسڪي وٺڻ لاءِويٺاسين، هر ڊپارٽمنٽ کان گذرندي مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ هر ديوار، هر وڻ، هر ڪرسي، هر ٽيبل اسان کي آخري ساعتن ۾ گڏ ڏسي اسان وانگر ان مونجهاري جو شڪار هيا ته گهڻي کن پل ۾ هنن جو ساٿ سلامت ناهي رهڻو، مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ پوري يونيورسٽي اسان سان ٿيڻ واري وارتا کان اڳ واٽ واقف آهي، هر نظر تجسس ۽ رسَڪ مان اسان ڏي نهاري پئي.
ايس ايس سي ۾ چانھه پي ڪري سڌو اسين محبتن جي گلستان هربيريم ۾ اچي ويٺاسين، جتي چئو طرف رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي، هڪ هو هربيريم جيڪو سڄو سارو سائو، ٻيو هيو اسان جو من جيڪو وڃي پيو سُڪندو، الاءِ ڇو لفظ مون کان رُسڻ لڳا، مون ۾ همت باقي نه رهي جو مان سيما سان وڇوڙي جي عنوان تي ڪي لفظ ڳالهائي سگهان، مون پنهنجي پاڻ کي تقدير جي اڳيان بلڪل ڪمزور محسوس ڪيو، بلڪل ايترو ڪمزور جيترو ڪِوَلي پاڻ کي هاٿي جي اڳيان ڪمزور محسوس ڪندو آهي، مون ڄاتو پئي ته هاڻ هو ڪجھه ساعتون مون سان گڏ آهي پر پوءِ به دل اها ڳالھه مڃڻ لاءِتيار ئي نه هئي ته اسين جدا به ٿيڻا آهيون.