منافقت
“نه..” عاطف اکيون جهڪائيندي سگريٽ جو ڪش هڻندي ٿورو پريشانيءَ مان چيو. “ڇا مطلب؟ تون ۽ نتاشا ته روميو ۽ جوليٽ هئا،” عادل جي ان جملي ۾ ڪيترائي سوال ڀريل هئا، عادل جي چهري تي عجيب پريشاني هئي ته آخر شادي نتاشا سان نه ته پوءِ ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڪيئن، جڏهن ته عاطف نتاشا سان ڪمٽيڊ هو. اها ڳالهه سڀني دوستن کي به خبر هئي سندن گڏ اٿڻ ويهڻ، يونيورسٽي ۾ گڏجي امتحانن جي تياري ڪرڻ. هوءَ هڪ مڊل ڪلاس جي ڇوڪري هئي، تمام گهڻي حسين ته نه هئي پر پُرڪشش شخصيت جي مالڪ، سندس خود اعتمادي سندس شخصيت جو حسن هو. هوءَ هر وقت مسڪرائيندي رهندي هئي. سندس هلڪا ڀورا وار جن ۾ اس تي ٻه ٽي برائون شيڊ پيا نظر ايندا هئا. گهڻو ڪري کليل وارن سان ئي هوءَ ڪلاس ۾ ايندي هئي. قد پورو پنو ۽ ڊريس هميشه اهڙو ئي پائيندي هئي جيڪو واقعي کيس سونهندو هو. هوءَ ڪلاس جي هر ڇوڪري سان جيڪو ساڻس ڳالهائڻ جي ڪنهن به طرح ڪوشش ڪندو هو، کيس جواب ڏيندي نه گهٻرائيندي هئي. هن جي چهري تي ڪوئي خوف نظر نه ايندو هو ۽ نه ئي هوءَ ڪنهن مشرقي ڇوڪري جيان شرميلي نظر ايندي هئي. سندس انهن خوبين جي ڪري هوءَ ڪيترن ئي ڇوڪرن جي اکين جو خواب به هئي پر سندس اکين ۾ عاطف جا ئي خواب هئا. هوءَ پنهنجي ان رشتي کي ڪنهن کان به نه لڪائيندي هئي. شايد کيس عاطف تي پنهنجو پاڻ کان به وڌيڪ ڀروسو هو. عادل جو دماغ ٿوري دير لاءِ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ۾ ٻنهي کي ڏسڻ لڳو، جتي هو ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم وانگر نظر ايندڙ جوڙو هئا جنهن لاءِ هر دوست کي اها پڪ هئي ته اهي هڪٻئي کان ڪڏهن به الڳ نٿا ٿي سگهن...
پوءِ هي ڇا ٿي ويو ۽ ڇو..؟؟ عادل پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳو.
“يار آخر مون کي ٻڌائي ته سهي ته تون شادي ڪٿي پيو ڪرين ڇا توکي وري ڪو ٻيو عشق ٿي ويو آهي جنهن جي خبر مون کي نه پئي..” عادل شرارت مان مسڪرائيندي ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريندي پنهنجي جاءِ تي سڌو ٿي ويهندي چيو.
“يار ڇڏ انهن ڳالهين کي، پيار ۽ شادي به الڳ الڳ شيون آهن.” عاطف لاپرواهيءَ سان هٿ جي آڱرين سان ميز وڄائيندي چيو.
“چڱو ڀلا اهو ته ٻڌائي شادي ڪٿان پيو ڪرين ۽ اها خوش نصيب ڇوڪري ڪير آهي ۽ ڇا ٿي ڪري.”؟
“بابا جي دوست جي ڌيءَ آهي” عاطف سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو. “عالما جو ڪورس ڪيو اٿس.” هن پنهنجون نظرون عادل کان چورائيندي ٻئي پاسي ڏسندي چيو، هو ڄڻ پنهنجي اندر جي ان مرد کي لڪائڻ چاهيندو هجي جنهن جا ٻه چهرا هئا ۽ هو خود به انهن ٻنهي چهرن جي منافقت کان خوفزده ٿي لڳو.
“ڇا؟؟ تون هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندين جيڪا عالما آهي.” عادل پنهنجي جاءِ تان ٽپ کائيندي حيرت وچان چيو.
“هوءَ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ اسلاميات جي استاد به آهي” عاطف ٿورو هٻڪندي چيو ۽ ان کانسواءِ گهر ۾ درس به ڏيندي آهي، پردو به فُل ڪندي آهي.” عاطف پنهنجي چهري تان هر تاثر لڪائيندي هڪ ئي ساهيءَ ۾ عادل کي جواب ڏنو ۽ کيس وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو.
“يار اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي...؟ عاطف ٺونٺ ميز تي رکي پنهنجي کاڏيءَ کي پنهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏيندي ڳڻتيءَ مان چيو. تنهنجو مذهب سان نه ڪو لڳ نه لاڳاپو، تون هميشه مذهبي سوچ رکندڙن کان پري ڀڄڻ وارو... يار اهو سڀ ڪيئن؟؟” عادل هاڻي ٻئي ٺونٺون ميز تي کپائيندي پنهنجي کاڏي پنهنجن هٿن ۾ جهليندي ڳڻتيءَ مان چيو.
“مون کي سمجهائي...” عادل هڪ گهري نظر عاطف جي چهري تي وجهندي عاطف سان نظرون ملائيندي سوال ڪيو.
عاطف جيڪو مسلسل سگريٽ مٿان سگريٽ ساڙي رهيو هو، ائش ٽري ۾ سگريٽ رکندي سڌو ٿي ويٺو ۽ چيائين: “يار ٻڌ، پيار جي حد تائين ته نتاشا تمام سٺي ڇوڪري آهي. مان اڄ به هن سان پيار ڪيان ٿو پر اهڙيون ڇوڪريون سٺيون زالون نٿيون ٿي سگهن.” هن ٿورو ساهي کڻندي چيو.” هوءَ انتهائي ترقي پسند سوچ رکندڙ آهي مرد ۽ عورت جي انتهائي درجي تائين برابريءَ جي قائل پر يار هي جيڪي مذهبي ڇوڪريون هونديون آهن نه..” هن ٿورو هٻڪندي ۽ نظرون جهڪائيندي چيو، “اهي سٺيون زالون ٿي سگهن ٿيون، هو پنهنجي مڙس کي وڏو مان ڏين ٿيون ڇو ته هو پنهنجي عقيدن ۾ ڏاڍيون پڪيون هونديون اٿئي. ڪنهن غير مرد سان لهه وچڙ ۾ ناهن اينديون. پنهنجو پاڻ کي بچائي، لڪائي ۽ ڍڪي هلنديون اٿئي. مان ڪيترو به سيڪيولر هجان پر هڪ غيرتمند سنڌي به ته آهيان باقي اڄڪلهه ٻين ڇوڪرين جي ته ڪا به خبر ئي نٿي پوي.” عاطف پنهنجي ڳالهه پوري ڪندي چيو. عادل پنهنجي دوست جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ ڪجهه دير خاموشيءَ سان کيس تڪيندو رهيو ۽ پوءِ مسڪرائيندي چيائين “اسان نالي ماتر ترقي پسند ته ٿي ويا آهيون پر اسان کي مغرب جي ماڻهن وانگر سيڪيولر ۽ پروگريسوو ٿيڻ لاءِ اڃان صديون گهرجن.”
عاطف هٿ سان اشارو ڪندي ويٽر کي سڏ ڪندي چيو “بل کڻي اچ” ٿوري دير ۾ ويٽر ٽيبل تي بل آڻي رکيو، عاطف بل جا پئسا ٽري ۾ رکندي عادل کي اٿڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي مسڪرائيندي ڪيفي کان ٻاهر نڪري ويا.