ڪھاڻيون

احساس نگر

احساس نگر جون ھي ڪھاڻيون نہ صرف نئين دور جون ڪھاڻيون آھن پر ڪھاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آھن. ھي ڪھاڻيون اسان جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آھن. ھن مجموعي ۾ سنڌ جي سينيئر ۽ جونيئر چونڊ ڪھاڻيڪارن جون چونڊ ڪھاڻيون شامل ڪيل آھن، جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاھدہ ابڙو، نور حسين ڪلوڙ، ھدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو شامل آھن.

Title Cover of book احساس نگر

سُڪي ويل گل جي خوشبو

هُو گهڻي عرصي کان چپ چاپ ۾ ان رستي تي هلي رهيو هو جنهن جي منزل خودڪشي هئي. پر، هن پاڻ کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو گذريل رات ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجي ڊائري ۾ خودڪشي جو ڪو به واضع سبب نه لکيو هو.
هن ڊائري ۾ لکيو هو ته؛
“مان ان جي ڪري پنهنجي خودڪشي جو فيصلو ملتوي نه ٿو ڪيان ته منهنجي مري وڃڻ تي منهنجون ٻه محبوبائون اداس ٿي وينديون ۽ زال بي واهه ٿي ويندي‘‘
“مان انڪري به خودڪشي جو فيصلو ملتوي نه ٿو ڪري سگهان ته؛ منهنجي پڄاڻان دفتر ۾ فائلن جي لاشن جا ڍير لڳي ويندا ۽ سندن وارث انهن جي لاءِ روز فاتحه تي ايندا پر هُو ڪڏهن به بخشيا نه ويندا.‘‘
“ منهنجي پٺي ۾ لڳل دوست جي خنجر وارو زخم ناسور ضرور ٿي چڪو آهي پر ان گهري زخم جي تڪليف سبب به مان خودڪشي نه ڪري رهيو آهيان‘‘
هُو نه غمِ روزگار جي موضي مرض ۾ مبتلا هو، نه ئي محبت کان محروم هجڻ جي احساس جو گهايل هو. شهر جون ڪيتريون ئي عورتون مٿس موهت هيون. پر هن جي دل لڳي ڪنهن سان به گهڻو عرصو رهي نه سگهندي هئي.
هُو هاڻ هڪ رنگ برنگي پوپٽ جيئن هو جيڪو ڪنهن مهل ڪنهن گل تي ويهي رهي ته ٻئي پل اڏامي وڃي ڪنهن ٻئي گل تي ويهي. کيس اس نه وڻندي هئي ۽ جڏهن آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو هو ته هُو ان وقت کليل آسمان هيٺان تنها ويهڻ پسند ڪندو هو، ۽ جڏهن بارش ٿيندي هئي ته ڪو وقت پيو ڀڄندو هو.
پر الائي ڇو کيس تازن ٽڙيل گلن جي خوشبو نه وڻندي هئي، هُو هميشه هڪ پراڻي خوشبو جو متلاشي هو جيڪا کيس ڪڏهن مهينن تائين محسوس نه ٿيندي هئي يا ڪڏهن ته اها خوشبو ايتري وڌي ويندي هئي جو هن کي ننڊ مان به اٿاري ڇڏيندي هئي. ۽ پوءِ هُو ان خوشبو ۾ واسجي مدهوش ٿي ويندو هو کيس ڏسي ايئن لڳندو هو ڄڻ ڪنهن درويش کي خدا جي خوشبو ملي وئي هجي.
هُو ايندڙ ڪنهن به شام جو اداس ٿي ويندو هو، سندس دل بي چين ٿي پوندي هئي کيس ايئن لڳندو هو ڪو هانءُ ڦاڙ حادثو ٿيڻ وارو آهي. هن کي پنهنجي وجود کان به الجهن ٿيڻ لڳندي هئي ته روح جي ويجهي عورت کان به پري ٿي ويندو هو.
(هُو دوستن کان ته هونءَ به گهڻو پري رهندو هو، هُو چوندو هو ته اڪثر دوستن جون اکيون زالن ۾ هونديون آهن ۽ سندن دل ۾ دوکي جو ڪنڊيدار وڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.)
هُن کي زال جي ٻڌايل هڪ ڪهاڻي ياد آئي؛
“ سندس هڪ سهيلي هوندي هئي جنهن کي هفتن جا هفتا ننڊ نه ايندي هئي، ميڊيڪل جا غير معمولي فارمولا ڪجهه ڪلاڪن تائين کيس بي هوش ڪري ڇڏيندا هئا پر کيس اها ننڊ واپس نه ملي سگهي جيڪا هن ڪنهن ڇوڪري جي محبت ۾ وڃائي هئي. . .‘‘
هڪڙي شام جو جڏهن هُو ٻئي مليون ته هوءَ گهري خاموشي جي گهيري ۾ هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ کيس ڀاڪر پائي، اڇگارون ڏيئي روئڻ لڳي سندس اکين مان ڳوڙها اوڙڪون ڪري وسڻ لڳا. جڏهن هنن موڪلايو ته کيس ايئن لڳو ڄڻ سندس سهيلي جو روح جسم مان نڪري هن سان گڏ هلڻ لڳو آهي.
ان شام کان پوءِ کيس خبر پئي ته هوءَ چري ٿي پئي آهي. سندس وجود سراپا اذيعت بڻجي ويو آهي. کيس ننڊ بلڪل به نه ٿي اچي. مگر پوءِ هڪ رات جڏهن کيس ننڊ آئي ته ان کان پوءِ وري ڪڏهن سجاڳ نه ٿي‘‘
کيس زال جي اها سهيلي ڏاڍو ياد آئي، هن سندس عڪس تصور ۾ چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ان اداس سنهڙي ڇوڪريءَ جا ڪيترائي عڪس چٽا ڪيائين، هر عڪس ۾ اداسي ۽ ميار هئي.
کيس لڳندو هو ته اها ڇوڪري ان تنها خوفزده مسافر عورت جيئن هئي جيڪا پنهنجو رستو ڀلجي وڃي ۽ ان صدمي ۾ چري ٿي پئي ته هر راهه ويندي کان پنهنجي منزل جو پڇندي رهي. مگر، ڪوبه کيس سندس منزل جا پتا پار نه ڏئي ته بي وس ٿي روئڻ لڳي.
هُو گهڻي عرصي کان هڪ ئي خواب ڏسندو هو ته؛
“ هُو اونهي پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي، اهو پاڻي جڏهن سندس وات ۾ ويندو هو ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پوندو هو، ۽ اوڪارا ڏيڻ لڳندو هو. زال جي پڇڻ تي چوڻ لڳندو هو؛ ‘‘ پاڻي جي ڪڙاڻ سندس وات ۾ ڦهلجي وئي آهي، جنهن سان سندس گلو سڙيو ٿو وڃي.‘‘ پر، حقيقت ۾ اهو کارو پاڻي سندس زندگي کي لڳل هڪ روڳ هو جنهن جي ڪري سندس زندگي اداس ۽ بي معني ٿي وئي هئي.‘‘
هُن جڏهن نجومي کان ان خواب جي تعبير پڇي ته نجوميءَ کيس چيو؛ ’’ تون سمنڊ ۾ ٻڏي خوڪشي ڪندي’’ نجوميءَ جي اهڙي تعبير ٻڌائڻ کان پوءِ هُو خوفزده ٿي ويو ۽ سمنڊ کان دوستي ٽوڙي ڇڏيائين‘‘
هُو سمنڊ جو شهر ڇڏي پنهنجي پراڻي شهر ۾ موٽي آيو هو، جتي سندس زال جي سهيلي دفن ٿيل هئي. الائي ڇو اهو شهر کيس پنهنجو شهر لڳندو هو. کيس هن شهر سان بي نام الفت هوندي هئي، هتي جي هوائن مان وڻندڙ خوشبو ايندي هئيس.
سالن پڄاڻان، جڏهن هڪ مينهنوڳي شام جو هُو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ سمنڊ تي ويو هو ته دوست کي چيائين؛ ‘‘ ڪڏهن به هي کارو پاڻي ئي منهنجي موت جو سبب بڻجندو.’’
دوست گهڻي حيرت مان ڏانهنس تڪڙو نهاريو ۽ ڪيتري دير سندس منهن ۾ ڏسندو رهيو هو، ۽ پوءِ کائنس پڇيائين؛ خبر اٿئي سمنڊ جو پاڻي کارو ڇو آهي؟’’
“ نه‘‘ هُن مختصر جواب ڏنو ۽ سمنڊ ۾ دور دور تائين نهاريندو رهيو هو، سندس نهار ۾ گهري اداسي هئي.
“محبت ۾ روئندڙن جا لڙڪ سمنڊ جي پاڻي ۾ شامل آهن تڏهن هي پاڻي کارو آهي ‘‘ سندس دوست کيس چيو ته هن کي لڳو ان خواب جي تعبير ايئن ته ناهي جو مان به هڪ محبت ڪندڙ جي لڙڪن ۾ ٻڏي رهيو آهيان. ڪٿي ايئن ئي ته نه ٿيندو جو مان ڪنهن جي لڙڪن ۾ ٻڏي مري ويندس!
ان شام کان پوءِ هن ڪڏهن به اهو ساڳيو خواب وري نه ڏٺو. سندس اکيون ان خواب کي ڳولينديون رهيون هيون، پر آخر ۾ هن کان ننڊ به رسي وئي هئي.
مان ڇو ڏينهن جو ان ڇوڪري جي قبر تي گل رکڻ به ناهيان وڃي سگهندو؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو، مان گل ڏيڻ جي معاملي ۾ اڃان به گهڻو بزدل آهيان! هن پاڻ کي چيو.
هُن پنهنجون بي خواب اکيون کوليون ۽ تصور جي دنيا مان موٽي ڪمري جي دنيا ۾ آيو. هن سگريٽ دکايو ۽ هڪ ڪش هڻي، پنهنجو ڪنڌ آرام ڪرسي تي لاڙي ڇڏيو.
ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن سگريٽ اڌ کان گهڻو سڙي چڪو هو، تڏهن هن ٻيو ڪش هنيو ۽ دونهون هوا ۾ اڏائي ڊائري ۾ لکيو ته؛
“ جن جي خودڪشي جو سبب ڪوبه نه هوندو آهي درحقيقت انهن جي ئي خودڪشي جو سبب دنيا جو سڀ کان وڏو سبب هوندو آهي. هڪ خاموش سبب جيڪو موجود هوندي به ڪنهن کي نظر ناهي ايندو‘‘
“ مون کي ائين لڳي رهيو آهي، جيئن ڪو بي چين روح مون کي سڏي رهيو آهي، اتي جتي صرف روح ئي رهندا آهن‘‘
هُو ڪرسي تان اٿيو ۽ ٻاهر وڃڻ لڳو. دروازي تي پهچي سندس قدم رڪجي ويا هئا، ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويس. هُن مڙي ستل زال ڏانهن ڏٺو. هُوءَ سندس سوچ کان بي نياز ننڊ جي وادي ۾ هئي. هن جي نظر زال جي پيٽ تي پئي ته سندس بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس. ڪيتري دير هُو انهيءَ جاءِ تي بت بڻيو بيٺو رهيو، کيس تازي ٽڙندڙ گل جي خوشبو آئي. اکين مان وهيل ڳوڙها سڪي ويس.
هُو سالن کان سانڍيل هڪڙي گل کي ڳولڻ لڳو. جڏهن کيس سڪل گل هٿ آيو ته هُو سراپا خوشبو بڻجي ويو ۽ پهرين پيار جي اظهار جي موسم محسوس ڪري مهڪڻ لڳو.
هُو اهو سڪل گل کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.