سائي چادر جو ڏُک
هُو بي خوف ۽ چپ چاپ ۾ اتان نڪري ويو.
مگر ٻن ڏينهن جي اندر کيس ڳولي ڳولي گرفتار ڪيو ويو. هن جو هڏ هڏ جهري رهيو هو، سندس جسم تي ڪتيرن ئي زخمن جا نشان هئا. ايئن، جيئن دل ۾ زال جي جدائي جو زخم تازو هئس. زال جي جدائيءَ جو زخم ٽڙي مهڪندڙ گلاب ۾ بدلجي ويو هو جنهن جي خوشبو جي سحر هن کي عجيب چريائپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. هن کي مار کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو هو ته؛ ‘‘ڪنهن به قسم جي پڇا ڳاڇا کان سواءِ کيس ايڏي بيدرديءَ سان ماريو ويو هو.’’
‘‘ اڄ ڏينهن تائين، جيترا به ڪتا ماريا اٿم هاڻ سڀني جي سزا ملنديم.’’ هن سوچيو ۽ پوءِ هُو هڪ خوبصورت تصور ۾ هليو ويو.
‘‘سندس زال هن جي زخمن تي پها پئي رکيا ۽ کيس چئي رهي هئي تنهنجي زخمن جو سمورو درد توکان وٺڻ چاهيان ٿي’’ زال سندس پيشاني تي چمي ڏني، هن زال جي اکين ۾ نهاريو ته ڇرڪ ڀريائين ۽ تصور مان ٻاهر نڪري آيو. ’’ کيس زال جي اکين ۾ حيوانيت نظر آئي هئي.
ننڍڙي روشندان مان چانڊوڪي جيل جي ڪوٺيءَ ۾ ڦهلجي رهي هئي ۽ هُو ڀت کي ٽيڪ لڳايو بک تي ويٺو هو. سندس سند سند ۾ سور جون لهرون کيس تڪليف ڏيئي رهيون هيون. جت قيديءَ کي وقت تي ماني به نه ڏني وڃي اتي ڀلا قيديءَ جي زخمن تي ملم پٽي ڪرڻ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. ساڻس ڪنهن به قسم جي ڀلائي جو کيس ڪو ڪرڻو نظر نه آيو ته هُو مڪمل مايوس ٿي ويو.
هُو ٻه ڏينهن اڳ ماريل ڪتي تي سوچڻ لڳو هو ته؛ اهو ڇتو به نه هو پوءِ کيس مارڻ نه گهرجيم هان هن کي کن پل جو پڇتاءُ ٿيو. ڪو فينسي ڪتو هو جيڪو مري ويو خبر نه آهي ڪيتري دير کان پوءِ بند گٽر ۾ سندس ساهه ويو هوندو.
يا اڃان جيئرو هوندو. . !؟؟؟
نه جيئرو ڪٿان هوندو مري ويو هوندو! ٻاهر نڪرڻ جي ڪٿان ڪا واهه ئي نه ملي هونديس. شايد، ڪنهن آفيسر جي ڌيءَ جو پالتو ڪتو هو تڏهن مون کي ان جي مارڻ جي سزا ملي رهي آهي. نه ته هونهنءَ به ڪيترائي ڪتا ماريا اٿم ڪنهن جي مارڻ جي ڪائي سزا به نه ملي اٿم.
هُن جو خيال هوندو هو ته اگر ڪنهن ڇتي ڪتي شهر جي ٻين عام ڪتن کي چڪ هنيا ته ان سان ٻيا ڪتا به ڇتا ٿي ويندا ۽ ڇتن ڪتن جو تعداد وڌي ويندو پوءِ ايترا سارا ڇتا ڪتا ماڻهن کي زوري کائيندا جنهن سان شهر جا ڪيترائي ماڻهو به بتالجي سگهن ٿا ممڪن آهي هڪ ڏينهن سارو شهر بتالجي وڃي.
سو هُو چاهيندو هو ته شهر ۾ ڪو به ڪتو زنده نه ڇڏي! زال کان پوءِ شهر جي ماڻهن سان کيس بيحد محبت ٿي وئي هئي.
رات جو جڏهن شهر سارو سمهي رهندو هو ۽ ڪٿي ڪنهن دريءَ ۾ روشني هوندي هئي. آواره ڪتا شهر جي اسٽريٽ لائٽس جي روشنيءَ ۾ هن کي روڊن تي ۽ گهٽين ۾ نظر ايندا هئا ته هي کين گوشت جي لالچ تي گٽر جي قريب تر ڪري ويندو هو. هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت گٽر جو ڍڪڻ اڳ ئي کولي ڇڏيندو هو پوءِ بس ڪنهن ڦڙتيءَ سان ڪتي کي گٽر ۾ ڪيرائي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ ڪُتي جون ڀونڪون گٽرن ۾ ئي پڙاڏا بڻجي وينديون هيون.
ڪتا مارڻ جا هن وٽ ڪيترائي طريقا هئا ڪڏهن هُو مانيءَ جي ڊڳڙ ۾ سُيون وجهي آوره ڪتن جي اڳيان ڇڏي ويندو هو، ڪتا جيئن ئي ماني کائيندا هئا ته سُيون سندن وات ۾ ٽنبجي وينديون هيون ۽ پوءِ اهي سيون ڪو به ڪڍڻ وارو نه هوندو هو ڪتن جي وات ۾ گهرا زخم ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ نيٺ تڙپي تڙپي مري ويندا هئا. يا هُو اڪثر شهر جي ڀرپاسي ۾ مئل جانورن تي زهر هاري ڇڏيندو هو، رُولو ڪتا جيئن ئي گوشت کائيندا هئا ته مرڻ لڳندا هئا ايئن هُو ڪتن جا ڌڻ مارڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. مئل جانور جي زهر زده گوشت کي ٺونگا هڻدڙ ڪي پکي به مري ويندا هئا جنهن جو کيس وڏو افسوس ٿيندو هو. هُن جڏهن به ڪٿي ڪو پکي مئل ڏٺو ته پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳندو هو، هڪ ڀيري جڏهن هُن مئل پکين جو جوڙو ڏٺو ته ان پل سندس دل ۾ پاڻ کي به زهر ڏيڻ جو خيال آيو پر هُو ايئن ڪري نه سگهيو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين اداس رهجي ويو هو، نيٺ هُن مئل جانورن تي زهر هارڻ ڇڏي ڏنو.
جڏهن به سرنهن ڦلاربي هئي ته سندس ڪاروايون تيز ٿي وينديون هيون. کيس ننڍي هوندي کان ئي خبر هُئي ته سرنهن جي گلن جي خوشبو سان واسجي ئي ڪتا ڇتا ٿي پوندا آهن. هن جي دماغ ۾ اڪثر اهو سوال رهندو هو ته آخر ڪنهن گل جي خوشبو ايتري خطرناڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿي.؟ هُو جڏهن به سرنهن جو فصل پوکيل ڏسندو هئو ته سندس هانءَ ۾ ڌڪ لڳندو هو. هُو چاهيندو هو ته انهيءَ فصل کي باهه ڏئي ڇڏي.
هُن جي ڪوشش رهندي هئي ته کيس وئايل ڪُتي نظر اچي وڃي ۽ ڪهاڙيءَ سان کيس ڳٻا ڳڀا ڪري ڇڏي ڇو ته ننڍڙن گلرن جي ڪري ڪتي هر راهه ويندڙ تي ڀونڪندي آهي ۽ ڪنهن جي پٺيان لڳي کائڻ جي ڪوشش به ڪندي آهي انهيءَ خوف کان ته ڪٿي هُو سندس گلر نه کڻي وڃي. اهڙي ڪُتي اڪثر ننڍڙن ٻارن کي آساني سان چڪ هڻي سگهندي آهي ڇو جو ٻار پوپٽن جيئن گلرن کي پڪڙڻ چاهيندا آهن، هُو شهر جي ٻارن لاءِ سڀ کان گهڻو فڪرمند نظر ايندو هو.
زال جي موت کان پوءِ هُو خاموش خاموش رهندو هو، گهٽ ڳالهائيندي ڏٺو ويو هو، هُو چپ چپ ۽ گم گم رهندو هو. زال جي جدائي جي صدمي ۾ هُو معمول جي زندگيءَ کان فرار ٿي ويو هو هُن جڏهن به ڏٺو ته ڪُتو ڪنهن گاڏيءَ جي اڳيان اچي مري ويو آهي ته اندر ئي اندر ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳندو هو. هاڻ ڪنهن ڪُتي جو موت ئي سندس خوشي جو سبب بڻجندو هو، پر سندس دل جي موسم ڏهين محرم جي شام جهڙي هوندي هئي.
ان ڏينهن هُو پنهنجي هڪ ننڍپڻ جي دوست سان به ملڻ ويندو هو. جيڪو کيس ڪتا مارڻ تان روڪيندي چوندو هو ته؛
‘‘ ساسين کي نه مار هُنن جي به هڪ دنيا آهي سندن به هڪ خاندان آهي، کين جيئڻ ڏي’’
ته هي جواب ۾ چوندو هو؛ ‘‘ موت جو هڪ گهر ڪتي جي وات ۾ آهي. ڪتو انسان جي اذيعتناڪ موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو ان کي مارڻ غلط نه آهي’’
سندس زخمن وڌ سُور ڪيو هُن آهه ڀري ۽ اٿي شيخن کان ٻاهر ڏسڻ لڳو؛ پريان گيٽ وٽ هن کي ٻه سپاهي ڪرسين تي ويٺل نظر آيا. هُن کين سڏ ڪيا پر سندس سڏ انهن ٻڌا اڻ ٻڌا ڪري ڇڏيا ته سندس آواز بي چين صدا ٿي آسمان ڏانهن وڃڻ لڳو..
هُو ڪيئي پل حسرت سان کين ڏسندو رهيو اهڙي حسرت جي نگاهه سان اڪثر شهر جي انهن ماڻهن کي ڏسندو هو جيڪي گٽر بند ڪرڻ جو سبب بڻجندا هئا. هُو کين ڪجهه به چوندو ڪونه هو پر کين صفائيءَ جا آداب سيکارڻ چاهيندو هو.
هُو پوئتي هٽي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ۽ سندس خيالن جو سلسلو ماضي سان جڙي ويو.
‘‘ کيس ياد آيو زال جي هوندي سندس زندگي ڪيڏي حسين هوندي هئي، ننڍڙو صاف سٿرو گهر، آڳند ۾ گلاب جا چند ٻوٽا جيون گلزار هوندو هو. کيس ڏک ٿيو ته هاڻ زال جا پوکيل اهي گلاب جا گل ڪومائجي ويندا ۽ ٻوٽا سڪي ويندا کين پاڻي ڪير ڏيندو؟ هن جي دل ۾ فڪر جو هڪ طوفان هيءَ به ڀرپا ٿيو ته هاڻ ڪتا ڪير ماريندو!؟؟؟
هڪ دفعي ميونسپل ڪميٽي جي آفيس ٻاهران ساٿي ڀينگين سان گڏ هُو اداس ويٺو هو، جتي سارا ڀنگي ڪم جي انتظار ۾ ويهندا هئا ۽ هڪٻئي سان پيا ڳالهائيندا رهندا هئا. هڪ عمر رسيده ڀنگي پراڻي فلم جو گيت جهونگاري رهيو هو. هن کي پنهنجي زال ڏاڍو ياد اچي رهي هئي هُو خيالن خيالن ۾ ئي زال سان ڪچهري ڪري رهيو هو ان وقت هن ٻڌو هڪ ساٿي چئي رهيو هو ته؛
‘‘ اڳ ڍيرن تي ۽ گٽرن ۾ رڳي تازن ڄاولَ ٻارن جا لاش ملندا هئا پر هاڻ ڪتن جا لاش به ملي رهيا آهن.’’
‘‘ گٽرن تي ڍڪڻ نه آهن نه تڏهن ڪتا انهن ۾ ڪري ٿا پون’’ هڪٻئي وراڻيو هو.
۽ پوءِ انهن جي ڳالهين ۾ ۽ گاڏين جي شور ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو هو ته يادگيرين جو پراڻو گيت به ڀانت جي ماحول ۾ دٻجي ويو هو، ماحول ۾ صرف گيت دٻجي نه ويو هو پر هُو پاڻ به دٻجي ويو هو.
هُن کي پاڙي جي هڪ دوست کان خبر پئي هئي ته؛
“جنهن ڇتي ڪتي سندس زال کي ڏاڙهيو هو ان ڪتي شهر جي ٻين به ٽن ماڻهن کي کاڌو هو، جن مان هڪ مرد ته ٽئي ڏينهن ئي بتالجي جهنگ منهن ڪري نڪري ويو جنهن جي ڪا خبر ئي نه پئجي سگهي هئي ته ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي”
ان ڇتي ڪتي کي ته ماڻهن فائر ڪري ماري ڇڏيو هو، پر پوءِ به الائي ڇو کيس هر ڪتو اهُو ڇتو ڪتو لڳندو هو توڙي جو هن اهو ڪتو ڏٺو به نه هو، هر ڪتي کي ڏسڻ سان کيس خوف ٿيندو هو ته هڪ ڏينهن اهو ڪتو به ڇتو ٿي پوندو ۽ شهر جي ماڻهن کي کائيندو تنهن ڪري ان ڪتي کي جلد مارڻ گهرجيم.
گهر جا ٻيا ڀاتي سندس زال کان ڪٽيل ڪٽيل رهندا هئا هُن جڏهن به ٻڌو ته سندس ذڪر ‘‘ڇتي جي کاڌل’’ سان ڪندا آهن ته سندس زخم تازا ٿي ويندا هئا ۽ هُوءَ اداس ٿي ويندي هئي. پر هن کي زال پهريان کان وڌيڪ پياري ٿي وئي هئي. هُو شهر مان پنهنجي حصي جي صفائي ڪري جلد گهر موٽي ايندو هو.
زال جي موت جي هانءُ ڦاڙ حادثي کان پوءِ هُو پاڻ به گهر نه رهندو هو. هُو جڏهن به رات جو گهر ويو ته کيس زال جي ياد تڙپايو. روز ٻوٽن کي پاڻي ڏئي پوءِ ڪنهن مهل ڪٿي ته ڪنهن مهل ڪٿي پيو وقت ڪٽيندو هو. زال جي بتالجي مرڻ کان پوءِ هُو به ڄڻ بتالجي ويو پر حقيقتن ۾ هو ٻين ماڻهن کي بتالجڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
هُوءَ مڙس سان بيحد محبت ڪندي هئي. هُن جي هڪ وڏي خواهش مڙس کي پٽ ڄڻي ڏيڻ هئي. هُوءَ چاهيندي هئي ته چانڊوڪين ۾ ويهي مڙس سان ڊگهيون ڪچهريون ڪري! هن کي بارش وڻندي هئي هُوءَ اڪثر بارش ۾ مڙس سان ڀڄڻ چاهيندي هئي! مگر هر بارش جي دوران مڙس کي شهر جا اٿلندڙ گٽر سنڀالڻا پوندا هئا، هُن تقريبن بارشون پنهنجي زال کان جدا گذاريون هيون هُو هڪ فرض شناس ڀنگي هو هُن ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ لاپرواهي نه ڪئي هئي.
گهر جي ڀاتين کي ان ڳالهه جي خاطري هئي ته؛
ڇتي جي کاڌل جي بتالجڻ جو مدو، ٽئين ڏينهن جي منجهند، اڍائي مهينا، اڍائي سال آهي يا ڪنهن به وقت جڏهن کيس ڇرڪ پيا، جڏهن به هُن آئينو ڏٺو يا جڏهن هن جي نظر اولڙن تي يا پاڻيءَ جي بوڙين تي پئي يا هُن جهرڻن جو آواز ٻڌو ته بتالجڻ ۾ ويرم ئي نه ٿينديس. سو هُن کي هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو هئائون. ٻن مهينن ۽ ٻن هفتن کان هُن سج جا ڪرڻا نه ڏٺا هئا صرف هڪ اڌ ڀاتي ساڻس گهڻي احتياط ۽ نرميءَ سان پيش ايندو هو پر هُوءَ سمجهي تڏهن ئي وئي هئي جڏهن کيس پائخاني ۾ ننڍين ننڍين ڏيڏرين مثل عجيب ننڍڙا گُلر اچڻ لڳا هئا جن جي ڪيڪٽن جي ڊيڄاريندڙ آوازن گهر جي سمورن فردن جي دل ۾ خوف جا ڪيئي روپ پيدا ڪري ڇڏيا هئا.
هُن کي وهم به ٿي پيو هئو ته؛
بتالجڻ کان پوءِ زال پهرين هُن کي ئي کائي سگهي ٿي. پر پوءِ به زال سان محبت هجڻ ڪري هُو کائنس جدا ٿي نه سگهيو ۽ نه کيس چوريءَ زهر ڏيئي ماري سگهڻ جو خيال سوچي سگهيو هئو. کيس ماءُ جو چيل هڪ جملو ياد ايندو هو ته؛ ‘‘ڇتو ڪتو به پنهنجا سڃاڻيندو آهي.’’ ۽ پوءِ هُو اِهو سوچيندو هو ته اگر جي سندس زال بتالجي به وئي ته گهر وارن کي ضرور سڃاڻيندي ۽ پوءِ هُو پاڻ تي اطمينان جي بارش وسندي محسوس ڪندو هو ڪنهن ڪنهن پل هُو سوچيندو هو ته ڪُتي ۽ انسان ۾ وڏو فرق آهي وري ٻئي پل خيال ايندو هئس ته بتاليل انسان ۽ ڇتي ڪُتي ۾ ڪوبه فرق ناهي هوندو.
تن ڏينهن به گهڻيون بارشون وسيون هيون ۽ هُو شهر ۾ اٿلندڙ گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ لڳل هوندو هو، ته هڪ ڏينهن سندس زال جي مزاج ۾ تبديلي اچي ويئي، هيڏان هوڏانهن لوهون ڏيئي رهي هئي. سندس وار کلي وکرجي ويا هئا ۽ اکين ۾ رت لهي آيو هئس، ڪنهن ڪنهن مهل سندس وات مان گڦ به ڳڙي رهي هئس ته ڪنهن مهل هوءَ معصوميت مان ايئن چوندي هئي ته؛
‘‘ مان سڀني کي سڃاڻان پئي، ڇتي ناهيان ٿي. اچو مون سان اچي ويهو، ڇو ڀلا سڀڪو مون کان پري ٿي ويو آهي..!؟ مگر سندس ويجهي ڪو به نه ويندو هو هُوءَ روئي ڏيندي هئي ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اداس رهجي ويندي هئي!’’
سڀ کان پهرين هن پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ هر وقت پاڻي پيئڻ لاءِ صدائون ڪندي رهي هئي، ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪا مڇي ملاح کي واپس پاڻيءَ ۾ ڇڏڻ لاءِ ليلائيندي هجي! هُن جي حالت نهايت خراب ٿيندي وئي هوءَ رکي رکي ڪمري ۾ بل کائيندي رهي ڄڻ موت سان وڙهي رهي هجي! ٻئي ڏينهن جي پرهه ڦٽيءَ کان سندس اهڙي خوفناڪ حالت هئي جو هر ماڻهو کائنس ڊڄي رهيو هو. سندس اهڙي حالت کي شام ٿي وئي هئي سندس اهڙي زندگي ڀيانڪ صورت اختيار ڪري گهر جي سڀني ڀاتين کي پريشان ڪري رهي هئي.
نيٺ هُنن ڀرجي آيل اکيون اگهيون ۽ دل تي پٿر رکي ڇڏيو. سڀني محسوس ايئن ڪيو ڄڻ هُو هن کي نه پر پاڻ کي ماري رهيا هجن! کيس پڪڙي کٽ سان ٻڌائون ته هُن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون! نه ماريو! نه ماريو! ڇتي ناهيان. . . . ڇتي ناهيان. . . . . مگر هنن پسيل سائو ڪپڙو سندس مٿان وجهي ڇڏيو.
اهي ڏهه ٻارنهن منٽ نه هئا اها هڪ مختصر قيامت هئي. جنهن سموري پاڙي ۾ خوف حيراث ڦهلائي ڇڏيو هو! گهر جا ٻار رڙيون ڪري رهيا هئا ايئن پئي لڳو ڄڻ سندن دليون خوف کان ڦاٽي پونديون ۽ عورتون روئي رهيون هيون مگر مرد هن کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺا هئا ۽ هوءَ مسلسل دانهون ڪندي رهي هئي، سسڪيون سسڪيون سندس وجود بڻجي ويو هو! ۽ آخر اهي سسڪيون به هڪ ماٺ ۾ بدلجي ويون هيون! موت جي ماٺ ۾ . . . .