ڪھاڻيون

احساس نگر

احساس نگر جون ھي ڪھاڻيون نہ صرف نئين دور جون ڪھاڻيون آھن پر ڪھاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آھن. ھي ڪھاڻيون اسان جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آھن. ھن مجموعي ۾ سنڌ جي سينيئر ۽ جونيئر چونڊ ڪھاڻيڪارن جون چونڊ ڪھاڻيون شامل ڪيل آھن، جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر، زاھدہ ابڙو، نور حسين ڪلوڙ، ھدايت قريشي، مجيب اوٺو، يوسف جميل لغاري ۽ طالب ڀنڀرو شامل آھن.

Title Cover of book احساس نگر

مرچو

جون جي ڪاڙهي ڄڻ ٽانڊا ٿي اُڇليا. ڳوٺ جون ڀتيون تپي ٽامون ٿي ويون هُيون. گرميون سهندي ساڻيون ٿي هنڌان هنڌان ڏري پيون هيون. پيدا ٿيل سنهين وٿين بي پردگي ڪري ڇڏي هئي. مرد مايون سارين جي رونبي تي ويل هئا ۽ ٻار مال سان ويل هيا. پوڙهو ونجڻو هڻندي ننڊ ۾ الوٽ ٿي کونگهرا هڻڻ لڳو. سندس جواڻ جماڻ پوٽي زرينه گهر جو ڪم ڪار لاهڻ سبب، ٿڪجي پگهر ۾ شُم ٿي وئي. گهر ۾ ٻي ڪا به پهر نه هئي. وهنجڻ ۽ ڪپڙا مٽائڻ لاءِ پاڻي جو مٽ کڻي غسل خاني پهتي. سندس جرڪندڙ جسم گهڻن کي موهت ڪري وڌو هيو. سندس ويڙهي جي جوان مائٽن هن کي ماڻڻ لاءِ شرطون لڳايون. مرچو انهن ۾ سر فهرست هيو. مرچو ٻن شادي شده ڀائرن جو دادلو ننڍو ڀاءُ هيو. ٽي بي هن جو ماس روڙي ڇڏيو هيو. هُلا هڻي هلندو هيو ته سهڪي ڳالهائيندو هيو. رومال ويڙهي مٿي سان ڇڪي ٻڌندو هيو. سدائين گوڏ قيمص، هن ڪانچ ڪڏهن به نه پاتي هئي. پيرن ۾ کرڪڻ هوندا هيس. قد جو لاٻڙ ۽ رنگ جو ڪارو هيو. منهن تان ماس روڙيل، ڦڪا ڏند سندس شبيهه کي ويتر بدتر ڪندا هيا. هن جو خاندان پئسي ڏوڪڙ، رزق مال ۾، پاڻ ڀرو هيو. حد درجي جا ڪنجوس ۽ روپئي تي ساهه ڏيندا هيا.
تڏهن ته ٽي بي سندس جسم ۾ گهر ٺاهي ويٺي هئي. ڪمزور، ڏٻل هيڻو، پر ڪاني جي سيپٽي سان روز ڏاڙهي چٽ ڪندو هيو. مڇون ڍنگر وانگر هيس. اکيون چچيون ۽ لڪل هيس. پر گهڻي سرمي پائڻ سان ماڻڪيون چمڪنديون هيس. بي حساب بخيل ۽ ڦڏئي هيو. ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هيو. بي رُخي ۽ شوخ طبعيت جو مالڪ هيو. حرص ۽ ڊاڙ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. هن زرينه کي ماڻن جو پڪو پهه ڪيو. زرينه هن کان شديد نفرت ڪندي هئي. زرينه کي ماڻڻ، مڃائڻ ۽ هيٺ ڪرڻ لاءِ هن ڪيئي ٽڪ ساٺ جوڙيا. ڀائرن سان ساندهه گهپي ، پِٽڪو ۽ مانڌاڻ هيس ته منهنجي شادي زرينه سان ڪرايو. سڀ ملڪيت جهليو، نه ته مان خودڪشي ڪندس. ڀائر مجبور ٿيا. ڪيئي هيلا هلايا پر هر دفعي کين کُتو جواب ٿي مليو. زرينه اهڙي رشتي جو ٻُڌي وٺي کڻي پيءُ مان پار ڪڍندي هُئي. جيڪو نانگ ڏنگڻ سبب فوت ٿي چُڪو هيو.
غسل خاني کي ڇت ڪانه هئي. ڪاٺ جي پراڻي دروازي جي ڪُنڊي هڻي. ڪپڙا لاهي زرينه وهنجڻ لڳي. مرچو جي نظر ڀت تي رکيل ڪپڙن تي پئي. لِڪ وٺي گهر ۾ داخل ٿيو. رومال جو پلاند منهن ۽ ڏندن ۾ ڏيئي. غسل خاني جي ڀتين جي وِٿين مان تڪڻ لڳو. سونهن تجلا ڏئي ڀتين جي سنهين ڏارن مان ٿي نڪتي. سهڪي سان مرچو جي دل ڦٿڪڻ لڳي. خشڪي وٺي وئي هُيس. مرچو ڀتين جي سنهين وٿين مان سُرٻاٽ ڪري کيس سڏڻ لڳو. زرينه کي جيئن کُڙڪ پئي، سَٽ ڏئي ڪپڙا پائي دروازو کولي ٻاهر نڪتي، مرچو ڀڄي غائب ٿيو. زرينه ويچارڻ لڳي ته ڪير منهنجي پويان پيل آهي. گهر ۾ سرناٽو هيو. هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ڏسڻ لڳي. پرکيس ڪجهه به نظر نه آيو. پريشاني ۽ پڇتاءُ ۾ جهڄڻ لڳي ته ڪنهن منهنجي اوگهڙ ته نه ڏسي ورتي...!؟ رونبي تان واپس ايندي ماءُ کي ڪنڊ پاسي وٺي، سڄي ماجرا ٻڌائي. ماڻس هڪي ٻڪي ٿي وئي. هاڻ سندس ماءُ هن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏڻ گوارا نه ڪيو. پٽن کي چيائين: ٻنين جا ڪم ڪار وڃي پاڻ سنڀاليو. منهنجي طبعيت خراب آهي. مان گهر کان نڪري نه ٿي سگهان. ماءُ ڌي کي اچي اُڻ تڻ ورايو ته ... آخر اها حرڪت ڪنهن ڪئي.....!؟”
اڃان مهينو مس گذريو ته مرچو جا ڀائر ۽ مائٽ رنين آهرين، ڊنب ماڻهن جا ميڙ وٺي زرينه جي گهر ۾ داخل ٿيا. آزيون، نيازيون، قرآن مصاف، ميڙ منٿون... ته زرينه جو سنگ مرچو لاءِ ڏيو. جيئن چئو تيئن ڪيون. زرينه ماءُ کي ڀاڪر وجهي اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳي. ماءُ جو هنيانءُ جهڄي جهري پيو. گهر جي ڪُتن مرچو جي مائٽن تي ڀونڪڻ شروع ڪيو. ماين ٻار هنجهه ۾ هڻي کٽن تي ٽُٽيون. ڪتا کين کائڻ ٿي آيا. زرينه جي ماءُ پٽن کي رئو لاهي پيرن تي وڌو. چار چڱا مائي تي جُهلون ڪرڻ لڳا. ويهاري کارائيندين ڇا؟ نياڻي جو بار لاهي جان ڇڏائي. کين وراڻيائين. منهنجي نياڻي سان اهڙو ظلم نه ڪيو. اهو رشتو اسان کي ڪڏهن به قبول نه آهي.
مرچو جي ڀائرن 14 جريب ٻني بدلي ۾ سڱ ڏيڻ جو چيو. زرينه جي ڀائرن لالچ ۽ حرص ۾ هار مڃي. ڏنڊو کڻي ماءُ ڀيڻ تي بيهي رهيا. ڪڇندؤ ته ٻئي مرندؤ. بي وسي جي عالم ۾ ماءُ ڌي روئنديون رهيون. ڀائرن ها ڪئي..... ڏاج ڏيوڻ گڏ ٿيا. سُتت ئي شادين جي تاريخ طئي ٿي. ڪنوارن کي ونواهه ۾ ويهاريو ويو. هيڏانهن سهرا شروع ٿيندا هيا. هوڏانهن زرينه جا پار شروع ٿيندا هيا. مال، رزق رنڀون ڪندا هيا. دُهل وڳا، ڦنڊريون ڪُٺيون، وڏا ڀت ٻاٽ ٿيا. اچي خلق لٿي پر ڪنهن به ماءُ ڌي جي دانهن جو ازالو نه ڪيو.
شادي رات جلال چانڊيئي جا ڪلام لائوڊ اسپيڪر تي گونجي اُٿيا. گهور مبارڪون ۽ بندوقن جا ٺڪاءُ شروع ٿيا. زرينه جا پار لائوڊ جي پڙاڏن ۾ گم ٿي ويا. شاديون ۽ نيکيٽون ٿيون. زرينه مرچو کي ويجهي نه ٿي ڇڏيو. مرچو جي ڀائرن زرينه کي لٺين جي ڦيهه ڏني.
“ڇوڪري جو دماغ خراب آهي. 14 جريب ٻني ڏنيسين، سڱ ڏنوسين ته به ڇوڪري نه ٿي بيهي....!” زرينه جي ڀائرن مارڪٽ جي داد رسي نه ڪئي. اڃان به کيس چيائون ته “گهر اهو اٿئي، مڙس اهو اٿئي” زرينه جون آسون، نراسون، خواب ۽ خيال سڀ ڌُوڙ ٿي ويا. زرينه وٽ مرچو کي قبولڻ کانسواءِ ٻي ڪابه واٽ نه بچي. ڦوهه جواني جهرڻ لڳي. مرچو جو گهر زرينه لاءِ قيد خانو ثابت ٿيو.
اڃان ڇهه مهينا نه گذريا ها ته.....!!؟ مرچو ٽي بي جي مرض جي شدت ۾ اچي دم ڌڻي حوالي ڪيو. چاليهه ڏينهن عِدت ۾ گذريا. هر ڏينهن هڪ صدي وانگر گذريو. عِدت پوري ٿيڻ کانپوءِ مرچو جي وڏي ڀاءُ خُدن لٺ کنئي. 14 جريب ٻني ۽ سنڱ ڏنو اٿم. ڀاءُ به ويو. هاڻ انهي ڇوريءَ زري سان پاڻ شادي ڪندس. زرينه جي ڀائرن ۾ سُتل غيرت جاڳي پئي. خدن جي ڏاڍ مڙسي کي للڪار ڪيائون. سڄو ويڙهو دشمني جي دنگ تي پهتو. جهيڙا ٿيا. ڪهاڙين، ڏنڊن، لٺين ۽ سروٽن جا وسڪارا ٿيا. مايون مرد رت ۾ ڳاڙها ٿيا. سڄو ويڙهو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڪيس فرياد، ڪورٽ ڪچهريون، ۽ جيلن کانپوءِ برادرين جا ڪٺ وچ ۾ پيا. جرڳائي وڏيري جرڳي ۾ فيصلو ڏنو.
“14 جريب ٻني خدن کي واپس ملندي، زرينه خدن کي نه ملندي ته ڪنهن کي به نه ملندي.” ڌرين فيصلو قبول ڪيو. زخميل زرينه واپس پنهنجي پيڪن پهتي. ڀائرن جي گهرن جا ڪم ڪار سر تي کنيائين، ڀاڄاين کيس ڄڻ نوڪر جي حيثيت ڏني. زرينه پنهنجي جواني، پنهنجو جوڀن، پنهنجو حُسن، پنهنجي زندگي، ڀائرن ۽ برادرين جي فيصلن لاءِ وقف ڪئي. زرينه پنجاهه سال کي پهتي آهي. سندس اکيون سدائين آليون هونديون آهن. ڳوٺ ۾ ڪٿي به ڪنهن جو قضيو ٿيئي. زرينه ۽ سندس پوڙهي ماءُ اوسيرا ڪڍي پٽينديون آهن. ڄڻ قضيو ئي هنن جو ٿيو آهي...!؟