مهرو
مولوي اهو اعلان ٽي دفعا دهرايو مان ته پنهنجي کٽ تي ئي اٿي ويهي رهيس پوءِ بس هڪ هڪ ڪري اهي سڀ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون ته ڪيئن ننڍپڻ ۾ گڏجي گهٽين ۾ راند کيڏندا هئاسين، شام جو جيئن ئي سج جا پاڇا لڙندا هئا ته آئون سڀني ٻارن کي پاڙي مان وڃي سڏ ڪري جمع ڪندي هئس ۽ آخر ۾ مهرو کي سڏيندي هئس ڇو ته هوءَ اسان کان عمر ۾ مڙئي سال ٻه وڏي هئڻ ڪري ٿورو گهٽ نڪرندي هئي پر ان هوندي به منهنجي سڏ ڪرڻ تي هوءَ ايئن ٻاهر نڪري ايندي هئي ڄڻ ته ڀت جي پٺيان بس منهنجي سڏ جي انتظار ۾ بيٺل هوندي هئي. راند کيڏندي کيڏندي هن جو چهرو گلابي ٿي ويندو هو، هوءَ رنگ جي ڳوري هئي وري وار ڪارا ۽ ٻن چوٽين ۾ ٻڌل صفا ٻاگهُل ٻائي لڳندي هئي. راند کيڏندي جڏهن هن جي نظر پنهنجي پيءُ سِلو چاڪيءَ تي پوندي هئي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن جلدي گهاڻي تان واپسيءَ ۾ مٿي تي کڙ ۽ هٿ ۾ کير جي بالٽي کڻي گهر ڏانهن پيو موٽندو هو ته ڄڻ هن کي نانگ سونگهي ويندو هو. هوءَ هڪدم پنهنجي گهر ڏانهن ڀڄندي هئي ۽ ٿوري دير ۾ سندس در تي ٻوريءَ جو لڳل پردو ساڪن ٿي ويندو هو. منهنجي دل ۾ اڻ تڻ هوندي هئي ته هوءَ ايئن ڇو ٿي ڪري؟؟
آئون سڄي پاڙي ۾ ڪنهن ڪامريڊ وانگر پئي گهمندي هئس ۽ پوءِ جتي به مانيءَ جو وقت ٿيو اتي ماني کائي وٺندي هئس ايئن هڪڙي ڏينهن مهرو جي ماءُ ماسي خيران مون کي چانورن جي مانيءَ تي مکڻ هڻي ڏنو، ٽماٽن جي چٽڻي به ڏني جيڪا مون کي اڄ به ياد ايندي آهي پر ان سان گڏ مون هڪڙو دل ڏڪائيندڙ منظر ڏٺو جيڪو مو نکان ڪڏهن به وسري نه سگهندو. ماني کائيندي مهرو ڪِري پئي هن جا هٿ پير ڦري ويا وات مان گجي نڪرڻ لڳس اکين جا ڪارا تارا مٿي غائب ٿي ويس. ان ڏينهن کانپوءِ مون کي هن کان خوف اچڻ لڳو ۽ هوءَ سست نظر اچڻ لڳي ۽ راند لاءِ به گهٽ ايندي هئي پوءِ آهستي آهستي هن گهٽيءَ ۾ راند لاءِ اچڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو. سڀني جي وات ۾ اها ئي ڳالهه هلڻ لڳي ته مهرو تي جن ٿو اچي، ماسي خيران پنهنجي سمجهه آهر کيس مختلف درگاهن تي وٺي ويندي هئي. ماسي خيران اڪثر منهنجي ماءُ وٽ اچي سڄا قصا ٻڌائيندي هئي ۽ پنهنجي جوان ڌيءَ جي حال تي ويهي روئندي هئي. هن جي ڳالهين مان خبر پوندي هئي ته هوءَ مهرو کي مختلف درگاهن تي وٺي ويندي هئي اتان ڌاڳا ڦيڻا ڪرائيندي هئي پر ماسي خيران جو چوڻ هو ته هن جي ڌيءَ کي ڪنهن ڪافر جن قابو ڪيو آهي جيڪو هن کي جيئڻ نٿو ڏئي. مهروءَ جو گهر ۽ اسان جو گهر لڳو لڳ هئا وچ ۾ هڪڙي ڀت هئي. هاڻي هن کي بيهوشيءَ جي دورن سان گڏوگڏ الائي ڇا ٿيندو هو جو رڙيون ڪرڻ لڳي هئي ۽ رڙيون به اهڙيون هونديون هيون جو ڄڻ ڪنهن جانور کي ذبح ڪرڻ لاءِ زوري زبردستي دسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي پر هڪڙي ڏينهن ته ظلم جي انتها ٿيندي ڏٺم مهرو جو پيءُ ڪنهن جن لاهڻ واري فقير کي وٺي آيو، جيئن ته منهنجو مهروءَ جي گهر اچڻ وڃڻ ائين هو ڄڻ ته اهو منهنجي ڪنهن چاچي يا مامي جي گهر ويندي هجان، آئون در جي اوٽ وٺي اندر گهڙي ويس ڏٺم ته اڱڻ جي وچ تي باهه پئي ٻري ۽ فقير ڪجهه عمل پڙهڻ ۾ مصروف هو ۽ ٿوري ئي دير ۾ هن رڙ ڪري جن کي للڪارڻ شروع ڪيو ۽ مهروءَ جي ننڍي ڀيڻ سڪينه کي ٽڦڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو جيڪا هن باهه ۾ وجهي ڇڏي. ٿوري دير ۾ ٽڦڻي گرم ٿي وئي ۽ مهرو کي به آندو ويو جنهن کي فقير وارن کان پڪڙي باهه ۾ وجهڻ جو ناٽڪ ڪيو ان تي مهرو رڙيون ڪرڻ لڳي منهنجي حالت اهڙي هئي جو اتان ڀڄڻ چاهيندي به پنهنجي جاءِ تان چُري نه سگهيس! ان فقير گرم ٽڦڻيءَ جو ڏنڀ مهرو جي پيشانيءَ تي ڏنو جنهن ۾ هوءَ بيهوش ٿي ڪري پئي. شايد ان وقت هن کي دورو پيس جنهن تي فقير ڏاڍي فخر سان گهروارن کي خوشخبري ڏيندي چيو ته هاڻي هن جو جن ڀڄي ويو آهي ۽ مون کي هديو ادا ڪريو ته جيئن آئون پنهنجي آستاني تي پهچي سگهان. اهو ڏينهن پوءِ مهروءَ کي مون ڳالهائيندي نه ٻڌو مان جڏهن به راند لاءِ کيس سڏڻ ويندي هئس ته هوءَ کٽ تي هڪ لاش وانگر پئي هوندي هئي ۽ سندس اکين مان لڙڪ پيا وهندا هئا ۽ مان اهو ڏسندي رهندي هئس ته هوءَ ڏينهون ڏينهن ڪيئن سُڪندي ۽ سڙندي پئي وئي، هن جو رنگ ۽ روپ سڀ غائب ٿي چڪا هئا، هوءَ هاڻي ڪنهن سڙيل ڪاٺيءَ جي ٽڪري جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي هئي پر گهر ۾ سڀ خوش هئا ته هاڻي هن کي جن ايترو تنگ نٿو ڪري. مان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ رکيل ڪجهه يادگيرين کي اٿلائي پٿلائي پئي ڏٺو ته در تي کڙڪو ٿيو پڇيم ته بابا سائين چيو، “مان آهيان” بابا مهروءَ جي جنازي نماز پڙهي اچڻ کانپوءِ اچي ڪمري ۾ پاسي تي رکيل ڪرسيءَ تي ويٺو. ڪرسيءَ جي پاسي تي رکيل گلاس مون کي ڏيندي چيائين، “امان پاڻي ته پيار”. مان جلدي سان بابا لاءِ پاڻي کڻي آيس ۽ کيس ڏنم. بابا پاڻيءَ جو گلاس هٿ ۾ جهلي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، “نياڻيءَ کي هٿن سان ماري ڇڏين، جهالت جي ڪري کيس اهڙي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪين جتان نڪري نه سگهي. الائي ته ڪيتريون نياڻيون ائين روز مرنديون هونديون.” سندس اکين ۾ آلاڻ هئي ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ گلاس چپن تي رکيائين ۽ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيائين ته جيئن مان سندس اکين ۾ ڳوڙها نه ڏسي سگهان.