چنگل
انن جا انبار لهندي به هاري ان داڻي کان وانجهيل رهندو هيو. وڏيري جي کنڌن ۽ واڻين جي بندين ۾ پورهيت قيد هيو. وڏيرن جي ٿاڦيل کنڌن ۽ واڻين جي بندين ماڻهن کي محتاج بڻائي ڇڏيو هيو. رياستي قانون به وڏيري پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا هيا. هُو ڪنهن به غريب هاري کي ڇهه مهينا پنهنجن ٺاهيل جيلن ۾ واڙي ڇڏيندو هيو. هڪ اوندهه، بربريت، ظلم ۽ جهالت جو دور هيو. ٻه ٽي درجا تعليم ڪنهن کي نصيب ٿي ته واهه، نه ته جهالت ڪاريهر نانگ وانگر ڪر کنيون بيٺي هوندي هئي. تنهن وقت مئٽرڪ به بمبئي مان ڪرڻي پوندي هئي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي وڏيري جون موجون هيون. وڏيرو پنهنجي اولاد کي بمبئي تائين پهچائيندو هيو ۽ غريب جي ٻار کي صرف ديني تعليم تائين پابند بڻايو ويندو هيو. سرڪاري تعليم غريبن لاءِ مهانگي ، اڻ لڀ ۽ مهڻي آب هئي. نتيجي ۾ ماڻهن ۾ غربت، مفلسي، لاچارگي انتها تي پهتل هئي. اهڙي اونده، اذيتناڪ ۽ ناانصافي جي دور ۾ چنگل پنهنجي ڳوٺ سنگهڙ ۾ اک پٽي. بچپن کان جواني تائين هو وڏيرن جي ظلمن کي ڏسندي ۽ سهندي وقت گذاريو. هن ۾ تعليم نه هئي. البته شعور جي بُلندي هئي. هو ناانصافيت کي برداشت نه ڪري سگهندو هيو. هن ڪيترائي ڀيرا هڪ جيڏن، وڏڙن بزرگن ۽ ڳوٺاڻن کي ظلم خلاف اُٿي پوڻ لاءِ چوندو رهيو، پر سڀ ڪو کيس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو هيو. هو ماڻهن جي احساس محرومي، ڪجهه چئي نه سگهڻ، ڪجهه ڪري نه سگهڻ تي افسوس ڪندو هيو. وڏيرو ڳوٺاڻن کي هيٺاهيون، مٿاهيون هڻي کين هڪٻئي سان ويڙهائي حڪومت ڪندو رهيو. ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته وڏيري جي اجازت کان بغير سرڪار وٽ دانهين ٿئي. جيڪو بنا پڇا دانهين ٿيو تنهن تي ڏنڊ پوندو هيو. ٿاڻا وڏيرن جي حڪومت جي ماتحت هيا. سچن گيهن جا دٻا، سگداسي چانور وڏيرن طرفان ٿاڻن تي سوکڙي ٿي پهچندا هيا. وڏيرو هٿ سان چوريون ڪرائي جهيڙا جهٽا ڪرائي، غريب مفلس پورهيت ڦاسائي پنهنجا ڀڀ ڀريندو هيو ۽ پوليس جا کيسا گرم ڪندو هيو. هميشه غريب ۽ مفلس پورهيت نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳيندا هيا. لوفر، چور لُچ ۽ رهزن وڏيرن جي هٿ هيٺ هيا. ڏوهارين کي ڄڻ ڇُوٽ مليل هوندي هئي. اهڙن گهڻ طرفي ظلمن، بي واجبين ۽ ناانصافين خلاف چنگل بغاوت جو اعلان ڪيو.
ڳوٺاڻن جوئر جي لابارن ۽ ڳاهن مان مس جان ڇڏائي هئي ته مٿان ڪڻڪن جي لابارن ۽ ڳاهن منهن ڪڍيا هيا. مئي مهيني جي ڪاڙهن ويتر هارين جون متيون منجهائي ڇڏيو ن هيون. ڪاڇي ۽ سنڌو جي پاڻي تي جڏهن جاڙا فصل اُڀري پوندا هيا تڏهين هارين جي بيخ نڪري پوندي هئي. پوکائي، سنڀالي، ڳاهه ٻار بٽايون ساهي ڏيڻ نه ڇڏيندا هيا. مال متاع، گاهه پٺا، دنيا داري، گهر گهاٽ جون ذميواريون، پورهيتين کي ٿڪائي وجهنديون هيون. مٿان وڏيرن جون بيگرون هارين لاءِ ڪمهلي مصيبتون ثابت ٿينديون هيون. ڪڏهن پلال پڄائڻ جي بيگر، ڪڏهن بهه گاهه ۽ ڪاٺين پڄائڻ جي بيگر....!!!
ٽريڪٽر ٽرالين، ٿريشرن ۽ مشينرين اڃان منهن نه ڪڍيا هيا. پوکي راهي ماڻهن جي هٿن ۽ ٻانهن جي ٻل تي ٿينديون هيون. هرلا ۽ ڪاٺوڙا نار چينگهٽ ڪري مڌر آواز پکڙيندا هيا. ماڻهو ڪڻڪن جي ڳاهن ۽ ديرن تي ڦاٿا پيا هيا. اهڙي هڻ وٺ ۽ ڀڄ ڀڄان جي موقعي تي وڏيرن شاخن ۽ واهن جي کاٽين جا پڙها گهمايا هيا. ڳوٺ جا هاري انهي اڻ تڻ ۾ هيا ته کاٽي جي بيگرن تي وينداسين ته پويان انن جا ديرا رُلي ويندا، يا چور چڪارن جي نظر ٿي ويندا. هارين وڏيري کان مهلت ملڻ جا وڏا هيلا هلايا، پر وڏيري خانڻ ڪنهن جي هڪ به نه ٻُڌي. وڏيرن آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري کاٽين جا پئسا ڦٻايا هيا. وڏيري جي دٻدٻي ، جيل جي ڀؤ، ڳوٺاڻن ۾ خوف جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي.
سرڪاري پشت پناهي، ڪاري پاڻي موڪلڻ جي دڙڪي ڳوٺاڻن جو ڄڻ ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو هيو. پرپُٺ هر ڪنهن اهڙي انڌي فيصلي جي مخالفت پئي ڪئي. پر ڪنهن ۾ دم نه هيو ته وڏيري کي بيگاهه بيگارين کان جواب ڏئي سگهي. ڳوٺ جي هڪ دلير، شهزور ۽ اڙٻنگ جوان چنگل اهڙي انڌي فيصلي ۽ حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ وڏيري سان ٻه پاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن سِر تريءَ تي رکي انفرادي بغاوت جو ا علان ڪيو. رات جي اونداهي ۾ هن شاخ جو ڳنڍو لوڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو. هن کي خبر هئي ته ڳنڍو لوڙهڻ سان شاخ پاڻي ۾ اچي ويندو. ڪي پندرنهن ڏينهن ان پاڻي کي سُڪڻ ۾ لڳندا، تيسيتائين انن جا ديرا ۽ ڪڻڪن جا ڳاهه نڪري ويندا. ڪوڏر ڪهاڙي کڻي، اوطاق تي ٻڌل ڪميت تي سنج رکي لانگ ورائي سوار ٿيو. پويان عزيز پڇڻ لڳس ته ڪيڏانهن پيو وڃين. پر ڪنهن کي ڪجهه به نه ٻڌايائين.
ڪاري رنگ جي ڪميت گهوڙي جي ٽاپن، رات جي سرناٽي کي چيري وڌو. گهوڙي جي ٽاڙهيا ٻاريندڙ هڻڪار تي گدڙن اونايون ڪرڻ بند ڪيون. گهوڙي جي تيز رفتار ڊوڙ چند ميلن جي مفاصلي کي ختم ڪيو. اچي راڄوڻي ڳنڍي تي پهتو. گهوڙي تي شفقت جو هٿ گهمائي کيس شاخ جي ڪناري واري نم جو وڻ سان ٻڌائين. ڪوڏر کڻي شاخ جي ڳنڍي جو بند ٽوڙيائين. پاڻي ڊوڙڻ جي انتظار ۾ بيٺو هيو. بيٺل پاڻي ڇڇڪا مچائي شاخ ۾ ڪلٽيون کائڻ لڳو. هاڻ بند ۽ ڳنڍي جا ڪي به نشان نه رهيا. پاڻي سرپور ٿي شاخ جي ڪنارن سان ڪلها هڻڻ لڳو. صبح ٿيڻ تائين شاخ ۽ واه جا ڪنارا پاڻي سان ڀرجي چڪا هيا. ماڻهن ۾ خوشي جا هوڪرا مچي ويا. ماڻهن کي ڪم ڪار مان نڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا ڏينهن ملي ويا.
ڪنهن لوڙهيو؟ ڪنهن لوڙهيو؟ پيرا چنگل جي گهر تي پهتا. چُغل خورن، لاٺڙين وڏيري کي سربستو احوال ٻڌايو. وڏيرو واٺن سميت اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيو. چنگل منهنجي حوالي ڪريو. ان کي سيکت ڏئي پوليس حوالي ڪرڻو آهي. ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويا. وڏيرو ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪتل هيو. هر ڪنهن تي دونالي بندوق ٿي تاڻيائين. وڏيري واٺن سان چنگل جي گهر ڏانهن وڌڻ لڳو. بزرگ پورهيت آزيون نيازيون ڪرڻ لڳا، پر وڏيري ڪنهن جي به نه ٿي ٻڌي. چنگل ٽپ ڏيئي ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي وڏيري سامهون ٿيو.
“وڏيرا همت اٿئي ته بندوق هلاءِ، ها .... ها... ڳنڍو مون ٽوڙيو آهي. اڳي يا پوءِ ڪنهن کي ته تنهنجي ظلمن خلاف للڪار ڪرڻي هئي، هاڻ هڪ وک به اڳتي وڌئين ته ڪهاڙي سان ڪنڌ ڪپيندو سانءِ”
وڏيري جي واٺن، بندوق جا گهوڙا چاڙهيا. ماڻهن جا ميڙ وچ ۾ اچي ويا. وڏيري هٿ سان پنهنجي واٺن کي بندوقون هيٺ ڪرڻ لاءِ چيو. هاڻ وڏيرو ڳوٺاڻن جي گهيري ۾ هيو. ڳوٺاڻن وڏيري کي چيو: “ٻڌي ڇڏ وڏيرا ! اگر چنگل کي ڪجهه به ٿيو ته تنهنجي سر جو به خير نه هوندو. خانڻ وڏيرا تو ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. اسان جي هڙ رلي پئي آهي. ۽ توکي بيگار جي لڳي پئي آهي. هاڻ چنگل ۾ وڌيڪ حوصلو مضبوط ٿيو. وڏيري کي للڪاريندي چيائين:
“خانڻ وڏيرا ! توسان هاڻ حساب ٿيندا. ٻڌي ڇوڙي، واٺن ۽ ڪاري پاڻي جي دڙڪن ۽ داٻن سان تو ڳوٺاڻن کي هيسائي مظلوم ۽ محڪوم بڻايو آهي. سرڪار کان پئسا وٺي، اسان کان بيگاريون پيو ڪرائين. هاڻ بيگاريون نه هلنديون، کاٽين جي مزدوري جا پئسا ملندا ته کاٽيون ٿينديون نه ته کاٽيون نه ٿينديون...! اڃان ته ڳنڍو لڙهيو آهي. پر جڏهن تنهنجو پٽڪو ڌُوڙ ڪنداسين ته تڏهن توکي خبر پوندئي.... هاڻ چنگل هڪ نه آهي، سڄو ڳوٺ تنهنجي ظلمن خلاف گڏ ٿيو آهي”
وڏيرو ڪاوڙ ۾ ٽامڙجي ويو. ۽ سڄي ڳوٺ کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳو. ڳوٺاڻن مڇرجي ڏنڊن ۽ ڪهاڙين ۾ هٿ وڌا. وڏيرو خوف ۾ وٺجي ويو. ڳوٺاڻن جي غضب جي غصي کي ڏسي. وڏيرو ڏڪڻ لڳو. هاڻ وڏيري جو عقل ماڻهپي ۽ انسانيت تي پهتو. وڏيري صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندي کاٽي کڻڻ جي مزدوري جي پئسن تي رضامند ٿيو ۽ ڳوٺاڻن کان معذرت گهرڻ لڳو. ان ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ تي بيگر لڳڻ بند ٿي. تڏهن کان ان ڳوٺ ۾ پهاڪو جڙيو:
“چنگل ٻوڙائي ڇٽو راڄ ڇيڙ کان”