ايڊيٽر وٽان: قُدر وارا ڪَم ٿيا، کُٽا خريدار
سال 2023ع جي آخري شماري سان اوهان جي خدمت ۾ لاڳيتي نائين حاضري آهي. هر ڀيري ڪوشش ڪئي اٿئون تہ وقت سِر حاضري ڀرجي، پر وري بہ ائين ڪري نہ سگهياسين ۽ هن سال ٽي شمارا گڏيل نڪتا، جن جو ڪارڻ هڪ ڀيري فقير جو زيارتن لاءِ اُسرڻ ۽ باقي ٻہ ڀيرا هٿ مُنجهہ هيو، ترتيب ڪجهہ هن ريت هئي:
1. 127: جنوري، 2. 128: فيبروري/مارچ، 3. 129: اپريل/مئي، 4. 130: جون، 5. 131: جولاءِ،
6. 132: آگسٽ، 7. 133: سيپٽمبر/آڪٽوبر، 8. 134: نومبر، 9. هيءُ شمارو 135: ڊسمبر 2023ع....
صاحبانِ عقل و فھم!
وقتِ حاضر ۾ الاءِ ڇو فقير کي هر زماني جي هر ڪُنڊ پاسو معيار کان وانجهيل نظر اچي ٿو. جھانِ رنگ و بُو ۾ معيار کي ڄڻ تہ زنگ لڳي ويو آهي يا وري اهو ڪَسجِي ويو آهي، جنھن کي قَلعِي گَر جي سخت ضرورت آهي، پر افسوس جو قَلعِي گَر وجودَ هاڻ وقت جي دز ۾ وڃائجي چڪا آهن.
’امرتا‘، پنھنجي معيار کي قائم رکڻ لاءِ، ميمبرشپ بہ ڪندو رهيو آهي ۽ ميمبرن تائين يقيني حد تائين رسالي جي پھچ جي پڪ ڪندو رهيو آهي. هن مھل تائين سئو سوا خريدارن تي منحصر هئاسين، جن کي رجسٽرڊ ٽپال رستي امرتا روانو ڪبو هو، گذريل ڇھن مھينن ۾ ٽپال خرچ 55 روپين کان وڌندو 70... پوءِ 90 ۽ پوئين مھيني 110 روپين تائين وڃي پھتو تہ هٿ مٿي تي اچي ويا... اها مدد بہ جھڙوڪر کسجي وئي، پر مالڪ مٺو ڪندو تہ همٿ ڪونہ هاربي...
الاءِ ڇو اڄ بزرگن جي چوڻي ياد اچي وئي آهي تہ، ’قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار...‘ هاڻ ائين ئي آهي اسان جي سماج مان اهي قدر شناس ڪُوچ ڪري ويا آهن ۽ خوش پوش خريدارن جي کوٽ ٿي پئي آهي، پر تنھن هوندي بہ، ان فڪر کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏبو... ’حال حبيبان پيش پِريان‘ ڪندي، ڪوشش جاري رهندي تہ درمھينو ملاقات وارو سلسلو هلندو رهي. اڄوڪي هن شماري جي اختتامي صفحن تي نگاھہ ضرور وجهجو، هٿُ، هٿَ ۾ ڏينداسين تہ گهڻا ئي ڪاڄ سَرِي پوندا. ان ڏِس ۾ ادارو، ادا عبيدالله صدر، سائين منظور جوکيو ۽ محترم مٺل جسڪاڻيءَ جو هٿ همراهيءَ لاءِ بيحد ٿورائتو آهي.
سال 2023ع کان موڪلائيندي، ’امرتا‘ اچڻ واري سال 2024ع لاءِ اوهان سڀني جو خيرخواه، گهڻگهرو ۽ دعاڳو آهي تہ شل ڪوسو واءُ نہ لڳيوَ... وڌو وِيجهو ۽ ٻين لاءِ سوَلائين جو بندوبست ڪندا رهو- آمين.
نيازمند:
فقير محمد ڍول