اورڻ اِهو ئي ٿيو
بلقيس ڀٽو
ساختيات اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ايجاد ڪرڻ، گهڙڻ يا ٺاهڻ آهي. لفظ ’ساخت‘ ڍانچي يا بناوٽ جي معنيٰ بہ ڏئي ٿو. ساخت لفظ سان ئي ’ساختيات‘ جو اصطلاح ٺاهيو ويو آهي ۽ ساختيات مان مراد آهي تہ ساخت جو علم يا مطالعو. ان منجهان ئي ساختياتي تنقيد ڦُٽِي نڪتي آهي. ساختياتي تنقيد جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ فن پاري جي ثقافت، رسم ۽ رواج سان گڏ زبان جي قاعدن جي تناظر ۾ پرک ڪئي وڃي.
سادن لفظن ۾ جيڪڏهن اسين ساختيات کي بيان ڪنداسين تہ ائين چئي سگهجي ٿو تہ ساختيات ڪنھن بہ مظھر جو هڪ تجزياتي سائنسي علم آهي. هن سائنسي علم جي ذريعي ڪنھن بہ تحرير جي ساخت جو مطالعو ڪري ان مان معنويات کي اخذ ڪيو ويندو آهي. هي هڪ قسم جو زبان جي داخلي نظام جو مطالعو بہ آهي. ساختيات، اڳين مروج نظرين جي ردِعمل ۾ هڪ اهڙو علم آهي جيڪو ڪنھن بہ فن پاري جي سطحي معنيٰ يا هيئت کي بحث جو موضوع بڻائي تخليق کي وحداني ۽ مستقل معنيٰ ڏيڻ تي اصرار ڪندو آهي. ساختيات، نہ صرف ٻوليءَ جي لڪيل لفظن تائين خود کي محدود ڪري ٿي پر متن جي اندر لڪيل معنيٰ ۽ معنوي نظام جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪري ٿي. ساختياتي دانشورن جي راءِ آهي تہ زبان جي سطحي واقفيت سان پوري سمجهہ جو تقاضو ممڪن نہ آهي، پر متن جي اصل معنيٰ تائين رسائي حاصل ڪرڻ سان ئي فن پاري بابت مڪمل سمجهہ اچي سگهي ٿي. ساختيات ۾ فن پاري جو تجزيو ثقافتي تناظر ۾ ڪيو ويندو آهي. اهو ان ڪري جو ساختياتي دانشورن جو خيال آهي تہ هڪ ليکڪ جيڪا بہ تخليق ڪندو آهي سا پنھنجي دؤر جو ثقافتي مظھر هوندي آهي يعني جنھن سان ثقافت جي ڪيترن ئي پھلوئن کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي سگهجي ٿو. ساختيات جا دانشور متن جي معنيٰ پراڻين ڏندڪٿائن، روايتن، لوڪ قصن کان ويندي اٿي ويٺي ۽ رهڻي ڪھڻيءَ جي نموني مان اخذ ڪندا آهن.
ساختيات جي فڪري اسڪول جو جنم ويھين صدي ۾ ٿيو، فرينچ ماهر لسانيات ’فريڊينڊ سوسيئر‘ کي هن نظريي جو باني سمجهيو ويندو آهي. ٻولي ۽ ان جي معنيٰ جي گهري ڇنڊڇاڻ سبب اسان اهو چئي سگهون ٿا تہ ساختيات جو جنم لسانيات مان ٿيو آهي. ساختيات جي نظريي کان اڳ زبان جو مطالعو صرف تاريخي پسمنظر ۾ ڪيو ويندو هو، پر سوسيئر جي خيالن لسانيات سان گڏ ادبي تنقيد جي دنيا ۾ بہ وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. سوسيئر کان سواءِ جن لسانياتي ماهرن سندس ڪم کي اڳي وڌايو تن ۾، رومن جيڪب سن، تروبتز ڪائي، نوم چومسڪي، ڪلاڊي ليوي اسٽراس ۽ رولينڊ بارٿ جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. سوسيئر پنھنجي لسانياتي ماڊل کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو. هن پھرئين حصي کي ’نشان‘ ۽ ٻئي حصي کي ’زبان‘ چيو آهي. زبان جو تصور وري ٻن طريقن سان ڪيل آهي، جنھن ۾ ’لئنگ‘ ۽ ’پارول‘ اچي وڃن ٿا. لئنگ ٻوليءَ جي گرامر جڏهن تہ پارول مان مراد ڳالھہ ٻولھہ يا مڪالمو آهي. ان کان بعد ٻيو حصو يعني نشان اچي وڃي ٿو، جنھن ۾ ’سگني فائير‘ ۽ ’سگني فائيڊ‘ اچي وڃن ٿا. سوسيئر جي مطابق سگني فائير ۽ سگني فائيڊ هڪٻئي لاءِ لازم آهن. سوسيئر لساني نشان کي تصور ٺاهيندڙ سڏي ٿو، مثال جي طور اسين بورڊ تي اسڪول جو لفظ لکنداسين تہ خودبخود اسڪول جو تصور اسان جي ذهن ۾ اچي ويندو. سگني فائير کي لفظ جي معنيٰ ۽ سگني فائيڊ کي لفظ جو تصور سمجهيو وڃي.
سوسيئر جي نظريي کان اڳ زبان جو مطالعو صرف تاريخي پسمنظر ۾ ڪيو ويندو هو، جيئن اڳي ادب ۾ صرف پڙهندڙ ۽ ليکڪ جو ئي رشتو اهم سمجهيو ويندو هو، پر سوسيئر پنھنجي نظريي ۾ هڪ ٽڪنڊو ٺاهي ڏنو، جنھن ۾ هن متن کي بہ شامل ڪيو ۽ هن اهو ٻڌايو تہ صرف ليکڪ ۽ پڙهندڙ جو رشتو ناهي هوندو پر ان ۾ متن کي بہ شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏ ساختياتي تنقيدي نظريي ان ڳالھہ کي بہ رد ڪيو آهي تہ انساني ذهن معنيٰ جو ماخذ آهي، ساختياتي دانشورن جي نظر ۾ انساني ذهن معنيٰ کي خودبخود پيدا نٿو ڪري پر اهو لساني ۽ ثقافتي نظام ئي آهي، جنھن جي ڪري متن جون ڪيتريون ئي نيون ۽ پراڻيون معنائون جنم وٺن ٿيون.
ساختيات، جديد تنقيدي نظريو آهي، ٻين جديد تنقيدي نظرين جيان سنڌ ۾ هن نظريي جي لکندڙن جو تعداد آڱرين جي ڳڻڻ جيترو يا بنھہ نہ هئڻ جي برابر آهي. هن مضمون ۾ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختيات جي نظريي مطابق پرک ڪرڻ کان پوءِ اسين اهو ڏسنداسين تہ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي متن جون لساني ۽ ثقافتي لحاظ کان ڪھڙيون ڪھڙيون معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون. شاھہ لطيف جي ’سُر ڪاموڏ‘ جو هڪ بيت آهي:
تون سمو آئون گندري، مون ۾ عيب اپار.
هتي سمو (سمون) لفظ تي معنوي رخ کان غور ڪنداسين تہ اسان جي اڳيان هڪ ذات ’سمون‘ اچي بيھندي، پر سنڌي ثقافتي پسمنظر ۾ جيڪڏهن سمون لفظ جي سماجي ۽ لساني رشتي کي ڏسنداسين تہ اسان جي سامھون سمون لفظ سان لاڳاپيل هڪ مڪمل تاريخ سامھون اچي بيھندي، جنھن ۾ سڀني کان پھرين سمن جو دور اچي وڃي ٿو، جيڪو 1350ع کان 1520ع تائين پکڙيل آهي، جنھن کي سنڌي ٻوليءَ جو ’جوڙجڪ وارو دؤر‘، جڏهن تہ تاريخي حوالي سان سنڌ جي ’خوشحاليءَ وارو دؤر‘ چيو ويو آهي. سمون، ڄام تماچي جي ذات هئي، جيڪا ان وقت حاڪماڻي ذات هئي يعني سمون هجڻ ان وقت وڏي فخر جي نشاني سمجهيو ويندو هو. هتي نوري پنھنجو پاڻ کي گندري سڏي ٿي ۽ ڄام تماچي کي وڏي ذات وارو سڏي ٿي. سمون لفظ تي غور ڪرڻ سان هن ذات سان لاڳاپيل ڪيترائي تاريخي ڪردار اسان جي ذهن ۾ اچي سگهن ٿا، جن ۾ لاکو ڦلاڻي، ڄام ابڙو، ڄام نندو، ڄام فيروز جيڪو آخري سمون حڪمران هو. ٻئي پد ۾ هُوءَ يعني نوري مھاڻي پنھنجو پاڻ ۾ ڪيترن ئي عيبن جي ڳالھہ ڪري ٿي. هاڻ پھرئين پد ۽ ٻئي پد کي غور سان پڙهڻ سان خبر پوندي تہ سمون عيب کان پاڪ، جڏهن تہ گندري ۾ کوڙ عيب آهن. هن جي هڪ معنيٰ هيءَ بہ ٿي سگهي ٿي تہ سمون هجڻ جي سڃاڻپ اها آهي تہ هُن ۾ عيب نہ هجن، نہ تہ هُو سمون نہ هوندو ۽ گندري اها آهي جنھن ۾ عيب هجن، جنھن ۾ عيب نہ هوندا اها گندري نہ هوندي.
سُر مومل راڻي جو هيءُ بيت بہ اهڙي ئي مثال طور ڏئي سگهجي ٿو، جنھن مان ثقافتي طرح ڪيتريون ئي معنائون نڪرن ٿيون:
موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب.
هن سِٽَ ۾ هڪ لفظ ’موٽ‘ ساختياتي حوالي کان انتھائي اهم آهي، سنڌيءَ ۾ معنوي لحاظ کان موٽ ڪيترن ئي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. جيئن ڪنھن سامھون ويندل شخص کي سڏ ڪرڻ مھل اسين کيس چوندا آهيون تہ جلدي موٽ، پر هتي مومل جي سامھون راڻو نہ آهي پر پوءِ بہ هُوءَ موٽ لفظ کي استعمال ڪري، پنھنجي اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ٿي ڪري. سنڌيءَ جي لغت ۾ ’موٽ‘ جي معنيٰ واپسي ورڻ لکي وئي آهي، ائين ئي سنڌي سماج ۾ وري ڪنھن جي وفات ٿيڻ تي بہ ’موٽ‘ جو لفظ استعمال ڪندا آهيون، هتي حياتيءَ جو خاتمو ٿيڻ ۽ پنھنجي اصل دنيا ڏانھن موٽ کائڻ ورتي وئي آهي. موٽ جي ٻي معنيٰ اها بہ آهي تہ ماڻھو ڪنھن کان ناراض ٿي وڃي ٿو، پوءِ وري رُساما ۽ ناراضگيون ختم ڪري ان طرف موٽ کائي ٿو، تہ ان مان سندس راضپو ٿيڻ آهي، تنھن کي بہ موٽ چيو ويندو آهي. راڻو لفظ بہ سنڌ ۾ ڪيترن ئي معنائن ۾ ورتو ويندو آهي. هتي تہ راڻي مينڌري کي مومل منٿون ڪري رهي آهي پر راڻو خوبصورتي يا ڪردار طور سٺي هجڻ جي استعاري طور بہ استعمال ٿيندو رهيو آهي. جيئن فلاڻو ماڻھو دلين جو راڻو آهي. مطلب هُو ماڻھن تي حاوي آهي يا دليون کٽڻ ڄاڻي ٿو. ايئن بہ چيو ويندو آهي تہ فلاڻو ماڻھو راڄن جو راڻو آهي. ان مان مطلب اهو ورتو ويندو آهي تہ هُو پنھنجي ڪردار، گفتار ۽ اٿي ويٺي ۾ وڏماڻھپي وارو آهي ۽ ڳوٺن راڄن ۾ سٺي هلندي اٿس.
جھڙي ريت ساختيات جو تصور تجريدي آهي، تيئن ئي ساختيات کي سمجهڻ سَوَلو بہ نہ آهي. ساختيات جو نظريو ڪنھن بہ شعر يا فن پاري جي تشريح کان وڌيڪ ان جي معنيٰ پيدا ڪندڙ نظام تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو چئي ٿو. ڪنھن لفظ جي معنيٰ ٻڌائڻ تہ لسانيات جي ماهر جو ڪم آهي پر لفظ جي ساخت جو تجزيو ساختيات جو فڪر ڪري ٿو. ’ڊاڪٽر گوپي چند‘ نارنگ پنھنجي مشھور ڪتاب ’ساختيات پس ساختيات ۽ مشرقي شعريات‘ ۾ اهڙو ڪارائتو مثال ڏئي، ساختيات جي نظريي کي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻي سوَلائي پيدا ڪئي آهي تہ ڪيئن ٽريفڪ جي بتي ۾ نظر ايندڙ رنگ ڪھڙو ڪھڙو مقصد رکن ٿا. مٿيان رنگ صرف ٽريفڪ بتيءَ ۾ ئي وڃڻ، بيھڻ يا وڃڻ لاءِ تياريءَ جي معنيٰ طور ورتا وڃن ٿا، سو نہ صرف هڪ سماج ۾ پر دنيا جي مختلف سماجن ۾ انھن رنگن جي ساخت يا معنيٰ پنھنجي پنھنجي الڳ سُڃاڻپ رکي ٿي. ڳاڙهو رنگ انقلاب جي نشاني سان گڏ ڪنوار جي وڳي جو بہ رنگ هوندو آهي. ڦِڪو رنگ سرءُ جي علامت آهي، ايئن ئي سائو رنگ زرخيريءَ جي علامت آهي. شاھہ جي شاعريءَ مان اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال بہ آهي تہ:
اکين ۾ ٿي ويھہ تہ واري ڇپر ڍڪيان. ]سُر آسا[
هي بيت جيڪڏهن ٻي ٻوليءَ واري ماڻھو کي ٻڌائبو، تہ هُو ان مان صرف ظاهر معنيٰ ئي وٺندو تہ هتي ڪنھن کي اکين ۾ ويھارڻ جي ڳالھہ هلي پئي، پر ڇا اک جيڪا خود واريءَ جو ننڍڙو داڻو بہ برداشت نٿي ڪري سگهي، اُها ڪيئن ڪنھن ايڏي وڏي انساني وجود کي پاڻ اندر سمائي سگهي ٿي؟ اکين ۾ ويھارڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ خوبصورت اصطلاح آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڪنھن کي عزت ڏيڻ يا مانَ مرتبي سان نوازڻ. مٿئين لفظ جي ساخت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ثقافتي نظام اسان کي اهو ٻڌائي ٿو تہ ان مان مراد عزت ۽ مان ڏيڻ آهي. ڇپر وارڻ جي ظاهري معنيٰ اها ئي ٿيندي تہ اکين کي پورڻ، پر ساختياتي اصولن کي مدِنظر رکندي لفظ جي ساخت تي غور ڪنداسين تہ اسان کي خبر پوندي تہ هتي ڇپر ڍڪڻ مان مراد ڪنھن کي لڪائڻ آهي، مطلب تہ ان کي لڪائڻ جي ڳالھہ ڪيل آهي جنھن کي مانُ ۽ عزت ڏني وئي آهي.
ساختيات جو نظريو اسان کي اهو بہ ٻڌائي ٿو تہ پڙهندڙ پنھنجي ذهن ۾ ثقافتي پسمنظر رکندڙ هوندو آهي، تنھن ڪري ئي اُهو لکيل متن کي سمجهي سگهندو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾بہ اهڙا ڪيترا ئي مثال آهن جن ۾ ڪيترا ئي لساني پسمنظر يعني ڪوڊ رکيل آهن، جن کي پڙهندڙ ۽ لکندڙ يعني صرف سنڌي سماج جو فرد ئي ان جي معنيٰ جي تھہ تائين پھچي سگهي ٿو. سُر رامڪلي مان هيٺيون مثال ساختياتي تجزيي لاءِ پيش ڪجي ٿو:
جوڳيئڙا جھان ۾، نوري ۽ ناري؛
ٻري جن ٻاري، آئون نہ جئيندي ان ريءَ. ]سُر رامڪلي[
سنڌي لسانيات جي لحاظ کان هتي جوڳيئڙا لفظ اسم تصغير آهي، جيڪو جمع جي شڪل ۾ آهي، جوڳي جو اسم تصغير جوڳيئڙو ٿيندو. ظاهري لفظ جوڳي يعني جوڳ پچائيندڙ ۽ مخصوص مراقبن تحت پنھنجي عبادت ڪرڻ واري شخص کي چيو ويندو آهي، پر سنڌي سماج ۾ هي لفظ ڪيترن ئي معنائن ۾ ڪم آيو آهي، جيئن جوڳي مرشد کي بہ چيو ويندو آهي. قاضي قادن پنھنجي شاعريءَ ۾ جوڳيءَ جو لفظ مرشد طور استعمال ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ جوڳي ٿيڻ معنيٰ ڪنھن ڪم جي پٺيان ڏينھن رات ڪوشش ڪرڻ بہ سمجهيو ويندو آهي. ان سان گڏ شڪل جي ڪاري انسان کي بہ طنزيه طور جوڳي چيو ويندو آهي. هيٺين سٽ ۾ ٻري جن ٻاري جو اصطلاح سمجهڻ جھڙوآهي. ٻري جن ٻاري جي عام فھم معنيٰ اها آهي تہ جن پنھنجو پاڻ کي جلائي بہ باھہ کي اجهامڻ نہ ڏنو، پر ان اصطلاح جي رائج معنيٰ يا مطلب هيءُ بہ آهي تہ جيڪي حق سچ جي واٽ تي هليا ۽ سچ جي مشعل کڻي سماج ۾ ان کي سرخرو ڪيو.
سنڌي سماج جي لساني سرشتي ۾ بہ ڪيترين ئي لوڪ روايتن جو ذڪر ملي ٿو. انھن لوڪ روايتن ۾ ڪم آندل لفظ پنھنجي پنھنجي ڌار معني رکن ٿا، جن جي ساختياتي جائزي کان پوءِ خبر پوندي تہ ان لفظ سان سلھاڙيل ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون سماج ۾ رائج هيون يا آهن. اهڙين ئي لوڪ روايتن ۾ جو هڪ لفظ ’چيئن‘ آهي، جنھن کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي، سُر سامونڊيءَ جي بيت جي سِٽَ آهي:
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
هتي ’چيئن’ لفظ جي معنيٰ لغت نويسن ۽ شارح نويسن ’چکيا تي چاڙهڻ‘ يا ’جيئري باھہ ۾ ساڙڻ‘ لکي آهي، پر اها صرف ظاهري ۽ هڪڙي معنيٰ آهي. چيئن لفظ سان سنڌي ثقافت ۾ علاج جو طريقو لاڳاپيل آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪاري نانگ، بلا يا وڇونءَ جي ڏنگيل مريض کي پھرين جهاڙ جي ذريعي زهر جو اثر زائل ڪيو ويندو هو، تنھن کان بعد بہ جيڪڏهن مريض چڱو ڀلو نہ ٿيندو هو تہ ان کي مُڃ جي کٽ مٿي سمھاري ان هيٺ ڪڻاھہ ۾ تيل گرم ڪرائي ان جي ٻاڦ ان جي جسم کي ڏني ويندي هئي، جنھن سان زهر جو اثر تہ ختم ٿي ويندو هو، پر جسم ۾ ڪجهہ مھينن تائين جَلن پئي ٿيندي هُئي. ان کي چيئن چاڙهڻ چيو ويندو آهي. پڇا ڪرائڻ مان خبر پوندي هئي تہ ”مريض جهاڙ مان بچيو يا چيئن چڙهي بچيو.“ تہ چوندا تہ، ”چيئن چڙهي بچيو.“
سنڌي سماج ۾ چيئن چاڙهڻ ان ڪاٺيءَ کي بہ چيو ويندو آهي، جنھن تي ڇيلي کي ذبح ڪري کل لاهيندا آهن. ٻيو تہ جڏهن ٻيلي ۾ ٿلھو وڻ وڍبو آهي تڏهن اهو اڌ کان وڌيڪ وڍجڻ تي ڪارائيءَ تي الڙي پوندو آهي، تڏهن ان کي ڌڪ هڻي ڪارائيءَ کي آجو ڪبو آهي. ان ڌڪ هڻڻ کي بہ چيئن چاڙهڻ چئبو آهي. چيئن لفظ جي ٻي معنيٰ هيءَ بہ آهي تہ کاڌي واري مانيءَ کي بہ چيئن چاڙهيو ويندو آهي. ٿڌي ماني اهڙي هلڪي باھہ تي رکڻ جيڪا نہ ٻري نہ اُجهامي، جنھن جو صرف هلڪو تاءُ هجيس تنھن کي چيئن چاڙهڻ چئبو آهي. جنھن ۾ انتظار جي خطرناڪ ڪيفيت لڪيل هجي تہ کائڻ وارو ڪڏهن ايندو؟ ۽ ڪڏهن ماني چيئن تان لاهبي.
هيٺ ڏنل شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر مارئيءَ جي سِٽَ ۾ هڪڙو ثقافتي ڪوڊ لِڪَل آهي:
منھنجي اِها آھہ، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
هن بيت ۾ بہ ثقافتي ڪوڊ ’آھہ‘ لڪيل آهي، هيءَ آھہ دل جي پُڪار آهي. ظاهري معنيٰ ’آھہ ڪرڻ‘ جو مطلب آهي تہ ڪنھن بہ ڏاڍ يا جبر خلاف پنھنجو احتجاج ڪرڻ، پر آھہ لفظ جون بہ ڪيتريون ئي معنائون آهن. غم يا ڏک ۾ نڪتل آھہ، بددعا هوندي آهي، جڏهن تہ خوشيءَ مان نڪتل آھہ دعا طور بہ ورتي ويندي آهي. هيءَ حق ۽ سچ جي جي جنگ ۾ حق جي فتح بابت هڪ اميد آهي. هن لفظ تي غور ڪرڻ سان خبر پوندي تہ ان جون ٻہ معنائون نڪرن ٿيون. هڪ سواليہ يعني اهو ڪم ڪڏهن ٿيندو؟ ان جي ڪا بہ خبر نہ آهي. ٻيو زمان مستقبل ۾ ڪنھن اميد جي پورائي جي ڳالھہ آهي، تہ اهو ڪم ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور ٿيڻو آهي. ڪوٽ ڪيرائڻ جو اصطلاح بہ انياءُ ۽ ظلم واري اونداهيءَ جي پڄاڻيءَ طور ورتل آهي. ظاهري معنيٰ ۾ تہ هن اصطلاح جي هيءَ معنيٰ ٿيندي تہ ڪنھن جنگ کي کٽڻ يا ڪنھن قلعي کي فتح ڪرڻ، پر هن اصطلاح جي ٻي معنيٰ ڪنھن جي ڏاڍ جو خاتمو آهي. ان سان گڏ ڪوٽ ڪرڻ جو مطلب ڪنھن ماڻھوءَ جو پردو لھي وڃڻ بہ ورتو ويندو آهي. انھيءَ کان علاوه ڪوٽ ڪيرائڻ جي معنيٰ وڏا وڏا ڏکيا ڪم ڪرڻ بہ آهي.
ساختيات بابت علمي ۽ فڪري بحث ۽ دليلن طور هيءُ مضمون پيش ڪرڻ ڄڻ تہ سورج کي ڏيئو ڏيکارڻ آهي، ڇاڪاڻ تہ هن علم کي آشڪار ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.