’درد ميڙي مون رکيا‘ تي هڪ نظر (آزاد زنگيجو)
(صوفي امتياز ٻلال جي مجموعي ’درد ميڙي مون رکيا‘ جو جائزو)
تخليقي ادب جا پنھنجا پنھنجا ماڻ ماپا هوندا آهن، پوءِ اُهو ادب نثر جي صورت ۾ هجي يا نظم جي صورت... پر اُن جي لِکڻ جو انداز هر ليکڪ وٽ پنھنجو هوندو آهي، جنھن بہ ليکڪ جي شعوري سگهہ جيترو ڪم ڪندي، اُهو ليکڪ اوتري سگهاري تخليق سَرجي سگهي ٿو.
عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي شاعرن سنڌيءَ سان گڏ عربي ٻوليءَ ۾ پڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. جيتوڻيڪ اُها شاعري اڃا تائين محققن کي لِکت ۾ هٿ اچي نہ سگهي آهي. جنھن جي هٿ اچڻ سان يقيناً سنڌي ادب جي تاريخ جا نوان دروازا کلندا. انھيءَ دؤر ۾ شاعرن ۾ پنھنجي نالن سان گڏ تخلص جوڙڻ جو پڻ رواج پيو. شاعرن پھريون ڀيرو سنڌ سان محبت جي اظھار طور سنڌيءَ کي تخلص طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. محققن، عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي مشھور شاعرن، اديبن ۽ عالمن جا نالا، ابو معشر سنڌي، ابو عطا سنڌي، ماڻڪ بن صالح، ابو عبدالمالڪ، حافظ ابو محمد، ابو نصر سنڌي، ابو عبدالله، ابو اسحاق، منصور سنڌي، هارون داٻيلي، ابو جعفر سنڌي ۽ ٻيا ڄاڻايا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت تائين انھن جون لکڻيون لکت ۾ نہ ملي سگهيون آهن، جيڪي هٿ اچڻ سان سنڌي ادب جي تاريخ نئين سِر لکڻ ۾ محققن کي ڪافي مدد ملي سگهندي.
سنڌي ادب جو شروعاتي دور:
عربن جي حڪمرانيءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ سن 1050ع کان سنڌي سومرن جي حڪمرانيءَ جو دؤر شروع ٿيو. هن دؤر کي سنڌي ادب جو بنيادي دؤر چيو ويندو آهي. عمر مارئي، سسئي، پنھون، مومل، راڻو ۽ ٻين مشھور رومانوي داستانن جو تعلق پڻ سومرن جي دؤر سان ئي آهي. هن دؤر جي شاعرن جي آڌار محققن پاران سنڌ جي ادبي تاريخ لکي وئي آهي. هن ئي دؤر جي هٿ آيل شاعريءَ کي سنڌ جي بنيادي يا اوائلي شاعري قرار ڏنو ويو آهي. سومرن جي دؤر ۾ شاعري ڳاھہ، گِنان ۽ بيت جي صورت ۾ چئي ويندي هئي.
اڪثر ڳاهون رومانوي يا جنگي داستانن تي چيل آهن. سومرن جي دؤر ۾ ئي سنڌ ۾ پير شھاب الدين، اسماعيلي فرقي جي دعوت لاءِ سنڌ ۾ آيو، سندس فرزند پير صدرالدين، گنان جي صورت ۾ شاعري ڪئي. اُنھيءَ ئي دؤر ۾ خواجڪي سنڌيءَ جو بنياد پيو. سومرن جي دؤر کي ڀَٽن ۽ ڀاتن جو دؤر پڻ چيو ويندو آهي. هن دؤر ۾ اصلاحي ۽ مذهبي شاعريءَ سان گڏ رومانوي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنياد پيو. هِن دؤر جي مشھور شاعرن ۾ پير صدرالدين شاھہ، پير نورالدين، سَمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، هانُ فقير، بابا فريدالدين گنج شڪر ۽ ٻيا شامل آهن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دؤر:
ترخانن کان پوءِ سن 1700ع کان سنڌ تي ڪلھوڙن جي حڪمراني جو دؤر شروع ٿيو. ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ واري دؤر کي سنڌي ادب جو سونھري دؤر چيو ويندو آهي. اِهو انھيءَ ڪري جو ڪلھوڙن جي دؤر ۾ شاعرن جو سرتاج ’شاھہ عبداللطيف ڀٽائي‘ سنڌي ادب جو وڏو نالو هيو، جنھن پنھنجي شاعريءَ سان سنڌي ادب کي سدائين لاءِ مالا مال ڪري ڇڏيو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌي ادب توڙي شاعري بلڪل اَڻھوند برابر آهي.
عروضي سنڌي شاعري:
عروضي شعر اُهو آهي، جيڪو علم عروض جي قانون پٽاندر جوڙيل هجي يعني شعر ۾ مصرعون، وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر اُن سان گڏ اُهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هُئڻ کپن، اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ رديف بہ ڪم آندو ويندو آهي. هِن قسم جي شعر ۾ حمد، نعت، قصيده، غزل، نظم، مثنوي، قافيو، پنجڪڙو، ڇھہ سٽا، ٽيڙو، ڏيڍ سٽا، ترائيل، سانيٽ وغيره اچي وڃن ٿا.
سنڌي شاعري برزبان يا اهڃاڻن طور اوائلي دؤر کان وٺي موجود رهي آهي. شاعري هڪ احساس آهي، اندر جي اڌمن کي دنيا وارن جي اڳيان ظاهر ڪرڻ جو... جنھن وٽ انسان ۽ انسانيت لاءِ پيار محبت جو جذبو سنڌو جي وَهَڪَ جيان اُڇلون هڻندڙ هوندو، اُهو زماني ۽ زماني وارن جي دردن اُڌمن، صدمن جي عڪاسي پنھنجي شاعريءَ وسيلي ظاهر ڪري سگهي ٿو.
سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ جا ابتدائي اُهڃاڻ ڪلھوڙن جي دور کان مِلن ٿا، شاعرن جي سرتاج شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ميون شاھہ عنايت رضوي جون وايون توڙي جو هندي ڇند تي لکيل آهن، پر اُنھيءَ باوجود سندن چيل وايون علم عروض جي اصولن ۽ قاعدن تي مڪمل ٺھڪن ٿيون، محققن جو خيال آهي تہ، شاھہ عنايت رضويءَ کان اڳ ۾ وائيءَ جو ڪو نمونو نٿو ملي. سو چئي سگهجي ٿو تہ شاھہ عنايت، وائيءَ جو قالب گهڙيو ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ان ۾ روح ڦوڪيو.
شيخ اياز لکي ٿو تہ، ”وائيءَ جو گهاڙيٽو بُلا شاھہ جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي، اُن ۾ نئين جان پيدا ڪئي.“
شاھہ عنايت رضويءَ جي وائيءَ جو نمونو هيءُ آهي:
چانگي چڙهيو چکيو،
ڪِي جو ڪاڪ تڙاءُ
ڪرهو سرهو ڏيھہ ۾
تنھين ڊپ نہ ڊاءُ
ڪِي جو ڪاڪ تڙاءُ
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر سريراگ جي هڪ وائيءَ جو نمونو پيش آهي:
سھسين شڪرانا
ڪَوڙيين ڀالَ ڪُرِيمَ جا
حمد چِئج حڪيم کي
جورِ هڻِي جانا؛
سھسين شڪرانا.
سنڌي شاعريءَ ۾ وائي هڪ ڪلاسيڪي صنف آهي، جنھن سان نڀاءُ ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. موجودہ وقت ۾ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، اديب آهن، جيڪي وائيءَ جي صنف کي بچائيندا اچن پيا.
موجودہ نوجوان شاعرن ۽ انھن جي شاعريءَ تي نظر وجهنداسين تہ اُهي نوجوان شاعر ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تمام گهڻو لکي رهيا آهن.
سنڌي غزل، 1723ع نور محمد خستہ کان 1923ع پوڻين ٻن صدين جو سفر طئہ ڪري جڏهن ’شيخ اياز‘ وٽ پھچي ٿو تہ، شيخ اياز بہ غزل کي ٺيٺ سنڌي لباس پھرائڻ ۾ جُنبي وڃي ٿو... پر! غزل کي جيڪو ٺيٺ سنڌي لباس ’وفا ناٿن شاهيءَ‘ اهو ڪمال آهي:
سنڌڙيءَ سُور الاهِي ڙي،
ڏيندو ڏيھہ گواهِي ڙي.
ڪونہ ڇڏيندو سنڌ ’وفا‘
ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي.
سنڌي شاعريءَ جي فن ۾ جتي ٻين صنفن کي جوڳي جاءِ ملي آهي، اُتي سنڌي غزل جو فن ۽ اسلوب بہ ڏاڍو شاندار ۽ نرالو رهيو آهي. هر شاعر جي سوچ طبقاتي شعور رکندڙ شاعر واري هجڻ گهرجي، تڏهن ئي شاعر پنھنجي سمورين محرومين، پيڙائن ۽ اُٻاڻڪاين کي رڳو پنھنجي ذات ۽ پنھنجي انفرادي وجود جي حوالي سان ڏسي ڪنھن خارجي سوچن جو شڪار نٿو ٿي سگهي.
ڇو ته!؟ انساني سماج جي ترقيءَ جي پنھنجي جدليات آهي، اُن جي ڌرتيءَ جا بنيادي قانون معروضي آهن، يعني اُهي انسان جي شعور کان ٻاهر وَجود رکن ٿا.
موجودہ وقت ۾ اسان وٽ ڳنڀير مسئلو ’ڪارو ڪاري‘ جو آهي، جيڪو سماج ۽ سماج وارن جي وجود کي اڏوهيءَ جيان اندران ئي اندران کائيندو رهي ٿو. اُن جي حقيقت ’عارف شفيق‘ پنھنجن لفظن ۾ هيئن بيان ڪئي آهي:
چاندی سجا کے بالوں میں بیٹھی ہیں لڑکیاں
مفلس کو پھربھی آس ہے بارات آئیگی
نو امیر شہر کی بیٹی پر اس کا کیا
لیکر طلاق باپ کے گهر بیٹھ جائیگی
موجودہ وقت ۾ جيڪا شاعري لکجي پئي ۽ خاص طور مشاعرن ۾ جيڪا پڙهجي پئي، اُها بہ توهان ۽ اسان جي اڳيان آهي. شاعري ڏات آهي، ڪٿي اَڏ جيتري اوت، ڪٿي واهُڙ وارا وهڪرا، تہ ڪٿي بنھہ مھراڻ جون موجون.
ساهتي پرڳڻي جو هڪ خوبصورت ۽ سنڌ جي دل طور مشھور شھر آهي مورو. جنھن جي زرخيز مِٽيءَ مان ماضيءَ کان موجودہ دؤر تائين تمام سگهارن تخليقڪارن جنم ورتو آهي، ’صوفي امتياز ٻلال‘ جو تعلق بہ اُنھيءَ ئي موري شھر سان آهي.
صوفي امتياز ٻَلال جي ڪتاب ’درد ميڙي مون رکيا‘ تي هڪ نظر وجهڻ لاءِ سندس شاعريءَ ڏي نگاھہ کڻون ٿا:
ڪيئن سنگهرون وجهي، سج کي روڪجي؟
ڪو رُلي پيو مسافر، ڪنھن فڪرات ۾.
-
يار مون کي وڇوڙن ونگي آ ڇڏيو،
زرد هر شام ٿي، ساھہ سڪرات ۾.
صوفي امتياز ٻلال جو هيءُ غزل علم عروض جي وزن، چار ڀيرا فاعلن جي بحر متدارڪ مثمن سالم تي لکيل آهي:
سنڌ سان ساھہ جي تند آهي جڙيل،
پر ڇو مورو اکين ۾ رهي ٿو سدا.
صوفي امتياز ٻلال جي غزل جو هيءُ بند بہ ساڳئي وزن فاعلن ۽ بحر متدارڪ مثمن سالم تي لکيل آهي، هن بند جي مٿين سِٽ پنھنجي وزن، فاعلن تي پوري آهي، پر هيٺين سِٽ اڻپوري آهي. انھيءَ ڪري صوفي امتياز ٻلال کي غزل جو بند هيئن لکڻ گهرجي ها:
سنڌ سان ساھہ جي تند آهي جڙيل،
پو بہ مورو اکين ۾ رهي ٿو سدا.
شاعريءَ جو ٻيو نالو ڀڃ گهڙ آهي. انھيءَ ڪري شاعري لکڻ وقت شاعر کي شاعريءَ جي وزن، بحر جو خاص خيال رکڻ گهرجي. شاعريءَ ۾ هڪ لفظ جي واڌاري سان يا هڪ لفظ جي کٽائڻ سان شاعريءَ جو رِڌم ٽُٽي پوي ٿو ۽ اها پنھنجي رڌم سان گڏ پنھنجو حُسن بہ وڃائي ويھي ٿي.
نہ کولي گُهم چري واسينگ وارن کي
ڏنگي هِن ڏيھہ کي وِجهندا کپرَ ڪارا
-
دريءَ مان شام جو جهاتي نہ ڏيندي ڪر
گهمن ٿا جو هتي ماڻھو نظر ڪارا
صوفي امتياز ٻَلال جو هيءُ غزل علم عروض جي وزن ٽي ڀيرا مفاعيلن جي بحر هزج مسدس سالم تي آڌاريل آهي. انھيءَ ئي غزل جي ٻئي بند ۾ صوفي امتياز ٻلال جي تخيل جو اظھار اجهو هيئن آهي:
هوائن جو شھر آ حادثو مون لئہ،
ٻھر اُجرا اندر جا سڀ بشر ڪارا.
صوفي امتياز ٻَلال پنھنجي غزل جي هن بند جي هيٺين سِٽ ۾ لفظ ’سڀ‘ جو استعمال ڪيو آهي، چوي ٿو تہ ’سڀ بشر ڪارا‘ توڙي جو شاعر پاڻ بہ ’بشر‘ آهي تہ انھيءَ لفظ ’سڀ‘ جيڪو جمع جي صيغي ۾ اچي ٿو، تہ انھيءَ مان ڇا مراد ورتي وڃي، اهو پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن... صوفي امتياز ٻَلال کي غزل جو بند هيئن لکڻ گهرجي ها:
هوائن جو شھر آ حادثو مون لئہ،
ٻھر اُجرا اندر جا ڪجهہ بشر ڪارا.
صوفي امتياز ٻَلال کي غزل جي انھيءَ بند جي هيٺين سِٽ ۾ لفظ ’سڀ‘ جي جاءِ تي لفظ ’ڪجهہ‘ استعمال ڪرڻ گهرجي ها.
رهي رات هڪڙي وڃين ها تہ ڇا هو،
اچي حال هيڪر پڇين ها تہ ڇا هو؟
صوفي امتياز ٻَلال جو هيءُ غزل علم عروض جي وزن چار ڀيرا فعولن ۽ بحر تقارب مثمن سالم تي لکيل آهي، انھيءَ ئي غزل جو هڪڙو ٻيو بند آهي:
وسِي خوب برسات نيڻن مان آهي،
اچي لڙڪ لالڻ اگهين ها تہ ڇا هو؟
صوفي امتياز ٻَلال جي غزل جي هن بند جي هيٺين سِٽ تہ پنھنجي وزن ۾ پوري آهي، پر مٿين سِٽ ۾ جهول آهي، انھيءَ لاءِ صوفي امتياز ٻَلال کي اهو بند هيئن لکڻ گهرجي ها:
وسي خوب برسات نيڻن منجهان آ،
اچي لڙڪ لالڻ اُگهين ها تہ ڇا هو؟
شاعريءَ ۾ جتي وزن بحر جي خاص ضرورت هوندي آهي، تہ اتي شاعريءَ ۾ خيال جي قوت اُها قوت آهي، جيڪا جيتري بہ شاعري منجهہ اوتيل هوندي، اُن شاعر جي شاعري اوتري اُوچي پَدَ تي اُڏام ڪندي. جيڪڏهن شاعر جي ذات ۾ اُها ڏات موجود آهي ۽ باقي شرطن ۾ شاعريءَ جي ڪمال لاءِ ضروري شيون علم عروض جي ڄاڻ هجڻ بہ لازمي آهي.
علم عروض، انھيءَ علم کي چوندا آهن، جنھن ۾ نظم جي درستگي ۽ جوڙجڪ جي قاعدن جو بيان تفصيلوار ڏنل هجي. انھي علم وسيلي شعر جا وزن ۽ اُن جا بحر چڱيءَ طرح سمجهہ ۾ اچي سگهن. انھيءَ علم جي تاريخ هيءَ آهي تہ، سڀني کان پھرين عربي لغت جي امام خليل بن احمد بصري انھي علم کي ايجاد ڪيو.
صوفي امتياز ٻَلال جي شاعري سادي ٻوليءَ جي پيرائي ۾ سادن لفظن جي آڌار لکيل شاعري آهي، صوفي امتياز ٻلال ۾ شاعراڻو انداز آهي، وڌيڪ مطالعي سان سندس شاعري اڃا وڌيڪ نکري ويندي.