(تجزيو) روسي هيئت پسندي: عنايت نھڙيو
روسي هيئت پسندي بہ اهڙو ئي نظريو هو، جيڪو ويھين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ سامھون آيو، هن نظريي مان ساختيات ۽ نئين تنقيد اثر ورتو، پر خود هي نظريو ٽئين ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري ادبي دنيا جي منظر تان الوپ ٿي ويو. سنڌي ادب جي اها خوش قسمتي آهي جو سنڌي ادب ۾ ٻاهرئين ادب کي پڙهندڙ نقاد ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ اڪبر لغاري روسي هيئت پسنديءَ جو شروعاتي تعارف ڪرائي چڪا آهن.
تاريخي طور ڏٺو وڃي تہ جيڪي بہ روسي هيئت پسند هئا، انھن مان گهڻن جي پيدائش 1900ع کان اڳ جي آهي، مطلب انھن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ (1918 - 1914) کي پنھنجي جوانيءَ ۾ نہ صرف اکين سان ڏٺو هوندو پر ان دور جي انھن حالتن جا بہ اکين ڏٺا شاهد هئا. انھن ليکڪن جي ٻن گروهن پاڻ ۾ ملي ادب جي نئين سر پرک ڪرڻ لاءِ تنظيمون ٺاهيون، پھرين تنظيم ’ماسڪو لئنگسٽڪ سرڪل‘ جي نالي سان 1914ع ۾ منظر عام تي آئي، جنھن جو بنياد تہ روسي ماهر لسانيات ’فلپ فورتُناتوف‘ وڌو پر انھي ئي سال سندس وفات ٿيڻ کان پوءِ انھي گروھہ جي سرواڻي ’رومن جيڪب سن‘ جي هٿ ۾ آئي. هن گروھہ ۾؛ گريگوري وينوڪور، پيٽر بوگاتيريوف ۽ ٻيا شامل هئا.
جڏهن تہ ٻيو گروھہ ’OPOYAZ‘ جي نالي سان ظاهر ٿيو، جيڪو روسي ٻوليءَ جو مخفف آهي. جنھن کي انگريزيءَ ۾The society for the study of the poetic language چيو ويندو آهي. هي گروھہ (پيٽروگراڊ) هاڻوڪي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ 1916ع ۾ قائم ٿيو. هن تنظيم جو بنياد روسي نظريا ساز ۽ نقاد ’وڪٽر شڪلووسڪي‘ وڌو. وڪٽر سان گڏ سندس ٻانھن ٻيلي بورس آئخن بام، يوري تينيانوف، پروفيسر بورس توماشيووسڪي ۽ ٻيا هئا. انھن مان ڪجهہ اهڙا ليکڪ بہ هئا، جيڪي هڪ ئي وقت ٻنھي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ هئا. انھن مان ئي ڪيترن ليکڪن اڳتي هلي روسي هيئت پسنديءَ جا نوان اسڪول بہ منظم ڪيا، جيئن ’ماسڪو لئنگسٽڪ سرڪل‘ جو روحِ راون رومن جيڪب سن، سويت يونين کي سال 1920ع ۾ الوداع چئي چيڪو سلوواڪيا هليو آيو ۽ چيڪ ٻوليءَ جي لساني ماهر ’وليم ميٿيوز‘ پاران ٺاهيل تنظيم ’پراگ لئنگسٽڪ سرڪل‘ کي منظم ڪيو.
هيئت پسندي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ ميخائل ميخائيلووچ پاران ’باختن سرڪل‘ جو قيام عمل ۾ آيو، جنھن مارڪسيت ۽ هيئت پسندن کي هڪ صف ۾ بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي.
روسي هيئت پسندن کي تنقيد نگاريءَ ۾ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکندڙ تصور متعارف ڪرائيندڙ چيو ويندو آهي، هنن، متن جي روايتي پڙهڻي جيڪا تاريخي ۽ ثقافتي طريقي سان ڪئي ويندي هئي، تنھن کي ڇڏي نئين انداز سان متن جي پرک ڪرڻ شروع ڪئي. هُو متن کي گهرائيءَ سان پڙهڻ تي زور ڏيڻ سان گڏ فن پاري جي متني تجزيي جي اهميت کي اوليت ڏيندا هئا.
هيئت پسند ادبي فن پاري جي معنيٰ نہ صرف ان جي لساني عنصرن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺي قائم ڪندا هئا، پر انھن جي نظريي موجب ان جي ساخت جي عنصرن جو بہ مطالعو نھايت ضروري آهي. فن پاري ۾ موجود مواد جيڪو متن جي مختلف رخن کان سمجهاڻي پيش ڪري ٿو، جنھن کي ان وقت تائين اوليت ڏني پئي وئي تنھن کي هيئت پسندن ثانوي جڳھہ ڏني.
هيئت پسند پنھنجي نظريي ۾ ان ڳالھہ جا قائل هئا تہ، متن ۾ معنويت ان جي مخصوص هيئت جي ڪري ئي ممڪن آهي. تنھن ڪري متن جي هيئت مطالعي سان ئي معنويت جي رمز سمجهي سگهجي ٿي. هي هڪ نئون نظريو هو، جيڪو ادب جي پرک لاءِ هيئت پسندن متعارف ڪرايو. روسي هيئت پسند پنھنجي تحريڪ جي شروعات کان آخر يعني سينٽ پيٽرسبرگ ۽ ماسڪو کان چيڪو سلوواڪيا تائين پنھنجي نظرياتي سفر ۾ ’ڇا آهي‘ جي بجاءِ ’ڪيئن آهي‘ واري نظريي جي پرچار ڪندا رهيا. هنن جي خيال ۾ هيئت کي معروضي انداز سان جاچڻ کان پوءِ ئي متن ۽ ان بابت مختلف رُخ بھتر انداز ۾ سمجهي سگهجڻ جھڙو ٿي سگهن ٿا. مثال طور جتي جمالياتي نقاد فن پاري ۾ حسن، رومانويت پسند نقاد عشق ۽ مارڪسي نقاد طبقاتي فڪر کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اتي وري هئيت پسند فن پاري جي هيئت کي بحث جو موضوع بڻائيندو آهي.
روسي هيئت پسندن زبان جي استعمال کي ٻن خانن ۾ ورهايو، جنھن کي ’عملي زبان‘ ۽ ’ادبي زبان‘ جو نالو ڏنو ويو. عملي زبان اها زبان آهي جيڪا روزمره جي استعمال ۾ ايندي آهي، جنھن جو ڪوبہ ادبي ڪارج ناهي هوندو، پر ادبي زبان اها آهي جيڪا اسين ڪنھن فن پاري يا خاص طور شاعريءَ ۾ پڙهندي محسوس ڪندا آهيون، جيڪا اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. هنن جو نظريو هو تہ، اسين ڪنھن بہ شاعريءَ جي هڪ اسم مان ڪا سٽ ڪا ڪو بند، توڙي ڪنھن ڪھاڻي يا ناول جي هڪ ٽڪري کي بہ ادبي زبان قرار نٿا ڏئي سگهون، ڇو تہ اها هڪ جزو آهي. مثال اسين ڪنھن ڪھاڻيءَ جي هڪ پئراگراف کي تيستائين ادبي زبان ۾ شامل نٿا ڪري سگهون، جيستائين ان ڪھاڻيءَ جي ٻين جزن يعني مختلف پئراگرافس کي کڻي پاڻ ۾ ملايون. تنھن کان پوءِ ئي اها ادبي زبان قرار ڏئي سگهجي ٿي.
ان کان علاوه روسي هيئت پسندن پنھنجي نظريي ۾ نثر کان وڌيڪ شاعريءَ کي اهميت ڏني. هنن جي نظر ۾ شاعري ئي پنھنجي تعميري معيار سبب اسان جو ڌيان ڇڪائيندي آهي، تنھن ڪري ان کي ئي اعلي ادبي زبان قرار ڏئي سگهجي ٿو. واضح رهي تہ روسي هيئت پسندن سان گڏ ان وقت مستقبل پسندن ’فيوچر ازم‘ جي بہ هڪ تنظيم هئي، جيڪا جدت جي حامي هئي. شھري زندگي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي حامي هن تنظيم هر شئي کي سائنسي انداز ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. مستقبل پسندن پراڻي تھذيب جي مدي خارج ڳالھين کي ختم ڪرڻ سان گڏ ايجادن ۽ مشيني ترقيءَ کي فوقيت ڏني. روسي هيئت پسندن ۾ ادب جي پرک بابت سائنسي انداز انھن جي اثر جي بدولت ئي آهي.
جنھن وقت روسي هيئت پسندن جو اڀار ٿيو، ان وقت سويت يونين ۾ ڪميونسٽن جي حڪومت هئي. مٿين ليکڪن جي ادب بابت اهڙي تشريح ڪميونسٽ حڪومت جي نظريي سان بلڪل بہ ٺھڪندڙ نہ هئي، تنھن ڪري کين نظرياتي طور روس ۾ قبول نہ ڪيو ويو.
ٽراٽڪسي پنھنجي ڪتاب ’ادب ۽ انقلاب‘ ۾ روسي هيئت پسندن تي ڇتي تنقيد ڪئي، جنھن جي جواب ۾ روسي هيئت پسند رومن جيڪب سن ۽ ٻين جوابي مقالا بہ لکيا، پر ان وقت جي سويت يونين ۾ ادب بابت سماجي حقيقت پسندي زور وٺڻ ڪري جملي هيئت پسند مايوس ٿي ويا ۽ نتيجي طور انھن کي سويت يونين کي الوداع ڪرڻو پيو. انھن مان جيڪي هيئت پسند آمريڪا ويا، انھن اتي وڃي ’نئين تنقيد‘ جي نظريي کي زور وٺرايو. نہ صرف ايترو پر جديد لسانيات ۾ ’فرڊي ننڊ ڊي سوسيئر‘ جي پيش ڪيل ساختيات واري نظريي سان گڏ جديد اسلوبيات جي نظريي کي بہ روسي هيئت پسنديءَ اتساھہ ڏنو.