ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

هن شماري جي فلم (اسڪاءِ فال) رِوِيُو: حُميرہ گُل

23 آڪٽوبر 2012ع تي جاري ٿيل ’اسڪاءِ فال‘ جيمز بانڊ سيريز جي 23هين فلم آهي، جنھن ۾ ڊينئل ڪريگ ٽيو ڀيرو جيمز باند جو ڪردار ادا ڪيو آهي، آئن فلمنگ جي ناول جيمز بانڊ جو اسڪرين پلي نيل پروس، رابرٽ واڊي ۽ جان لوگن ڪيو، جڏهن تہ هدايتڪاري سام مينڊيس ڏني. هن فلم جي موسيقي ٿامس نيومئن ۽ سئنيما ٽو گرافي راجر ڊيگن جي حوالي هئي.
فلم ۾ ڊينئل ڪريگ، جيويئر بارڊيم، رالف فينيس، نومي هارس، بيرينيس لم مارلو ۽ جوڊي ڊينچ اداڪاري ڪئي. 143 منٽن جي دورانيي واري هن فلم 2 آسڪر ايوارڊ حاصل ڪيا. جڏهن تہ ٻيا بہ ڪيترائي ايوارڊ کيس پلئہ پيا. 20 ڪروڙ ڊالرن جي خرچ سان ٺھندڙ هن فلم 10 ارب ڊالرن کان مٿي رقم ڪمائي.
جڳ مشھور ڪردار، جيمز بانڊ جي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو سفر طئہ ٿيل آهي، جنھن ۾ سئن ڪونري، راجر مُور، پيئرس براسنن، ڊينيئل ڪريگ، ٽموٿي ڊالٽن ۽ جارج ليزن باءِ جي نصيب ۾ اهو ڪردار ادا ڪرڻ آيو. شروعات سئن ڪونري ڪئي هئي ۽ سڀ کان وڌ راجر مُور، جيمز بانڊ سيريز جون فلمون ڪيون، پر پنھنجي بلوري اکين ۽ سخت ڏيکاءَ سبب ڊينئل ڪريگ، جيمز بانڊ جي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ الڳ جاءِ ماڻي، جنھن جي ڪري چيو وڃي ٿو تہ هن فلم جي ڪاميابيءَ ۾ سندس بہ وڏو هٿُ آهي.