(امرتا جو شاعر) عبدالقيوم ’زخمي‘ هالائي: ڊاڪٽر سليمان شيخ
_______________________________
’امرتا‘ جي هنن صفحن ۾، ڪنھن شاعر جي حياتي ۽ سندس چونڊ اسمن جو اظھار شامل هوندو آهي. سال 2023ع جي آخري شماري ۾ پنھنجي دؤر جي هڪ منفرد اسلوب سائين عبدالقيوم ’زخمي‘ هالائيءَ جي خيال جي سونھن شامل ڪندي، ’امرتا‘ کي هڪ سرخوشي ٻي بہ نصيب ٿي رهي آهي تہ سائين زخمي هالائيءَ بابت ايندڙ ڪجهہ سِٽون، پنھنجي دؤر جي هڪ سدا سيبائتي وجود محترم ’ڊاڪٽر سليمان شيخ‘ صاحب لکيون آهن.
_______________________________
هالا نوان جي مجاور گهٽيءَ جو رهواسي ’عبدالقيوم‘ هالا جو مشھور مزاحيہ شاعر هو. هُو علم و ادب جي محفلن جي جان هو. 1960ع جو ڏهاڪو هالا جي ادبي ماحول جو يادگار دؤر هو. هن دؤر ۾ مشاعرہ ۽ ادبي علمي محفلون عام طور ٿينديون هيون جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ روح روان هو، اسان چند دوستن ان دور ۾ ’انجمن فروغِ ادب هالا‘ جو بنياد وڌو هو.
جناب عبدالقيوم صاحب اسان جي ان سَٿَ جو سرگرم ڪارڪن هو. ان وقت هالا جي موجودہ طارق روڊ تي عبدالمجيد صاحب جي هوميو ڪلينڪ هوندي هئي. عشاء نماز کان پوءِ اتي محفل مچندي هئي جنھن ۾ في البديع مشاعرا مشھور ٿيا. اتي جو اتي مليل ’طرح‘ تي شعر لکبو هو ۽ پڙهبو هو. اها مشغولي خصوصاً اسڪول/ڪاليج جي موڪلن واري عرصي دوران ٿيندي هئي. عبدالمجيد صاحب پڻ ان ۾ سرگرم رهندو هو.
هليو اچ هالين جتي محبوب جو ماڳ،
جت آستانو..... جو صوفين سندو راڳ.
اسان انجمن پاران ’محبوب علي چنا‘ صاحب پرنسپال ’سروري ڪاليج‘ جي سربراهيءَ ۾ ماهوار ادبي محفلون منعقد ڪندا هئاسين عجيب دور هو. اسان جا اهي ساٿي گهڻو ڪري عدم جا راهي ٿي ويا، ڪي داڻا بچيا آهن جيڪي پنھنجي واري جو انتظار پيا ڪن.
اڄ ڪلھہ هالا ادبي لحاظ کان رُڃ جو ڏيک ٿو ڏئي بقول زخمي:
هن درد و غم ۽ رنج والم کي وداع ڪجي،
مدت ٿي ويئي آهي ڪا محفل بپا ڪجي.
ان وقت رفيق ڪمپني هالا ۾ هڪ سرگرم ادارو هو جيڪو ماهوار وڏي پيماني تي هالا ۾ مشاعرا ڪرائيندو هو. ان وقت شايد زخمي هيءَ دعا ڪئي هئي تہ:
غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي،
سڄي جھان سان هالا نوان جو خير هجي.
عبدالقيوم صاحب پنھنجي زندگي لوڪل گورنمينٽ شعبي ۾ يونين ڪائونسل سيڪريٽري طور گذاري. ون يونٽ دوران کين لالا موسيٰ ۾ رکيو ويو جتان ڏاڍا زبردست ادبي خط لکندا هئا. اهي جي هٿ اچن تہ هڪ ادبي دستاويز طور شايع ڪجن.
عبدالقيوم صاحب پنھنجي ڪتاب ”واڌو ادب حدِ ادب“ ۾ پنھنجي پاران وسيلي پنھنجو تعارف هن ’زو معني‘ تحرير وسيلي ٿو ڪري:
’ڪجهہ اهتمام نذرِ گلستان ڪيو اٿم،
ڪجهہ روح جي رهاڻ جو سامان ڪيو اٿم،
ڪجهہ درد دل ڏنو غمِ دوران دوست،
ڪجهہ زخم در جگر غمِ جانان ڪيو اٿم.
کولي پٽيون جگر تان وري دل مٿان رکيم،
ان طرح پنھنجي درد جو درمان ڪيو اٿم.
مصر جي ٻڍڙي مائيءَ وانگر منجهيل سُٽ جي ڦوري کڻي، يوسف جي خريدارن ۾ نالو لکائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم... سو ڪالھہ اچي کُٽيءَ کنيم جو ڏينھن تَتي جو يوسف جي در تي پھچي وڃي گهنٽي وڄايم... نالو تہ ڪونہ لکيائين... اُٽلندو چيائين تہ مون کي خبر هجي ها تہ تون آهين تہ ڪتو بہ ڪاهيو اچان هان... سو يوسف کي فقط بادشاھہ ئي خريد ڪيو... باقي منزلِ مراد تہ هر ڪنھن جي پنھنجي آهي. جن کي ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار منجهائي ماريو آهي... انھن جي عاقبت بہ اها ئي ٿي رهي آهي.‘
نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گاجڻي گهٽيءَ ۾ هوميو پيٿڪ ڪلينڪ کوليائين، جتي غريب غربي جو علاج ڪندو هو. باگڙي وڏي تعداد ۾ هن ڪلينڪ مان فيضياب ٿيا، ان ڪري ان کي ’باگڙين جي ڪلينڪ‘ سڏيندا هئا. جناب مخدوم صاحب جن 1987ع ۾ هالا ۾ مشاعرو ڪرايو ان جي طرح هئي:
’مئڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو!‘
زخمي صاحب ان طرح کي هن ريت نڀايو:
ديڳ يارهين جي هئي پنڌ ۾،
ٻارنھن ٿي ويا ذاڪرن روئي ڏنو.
زخمي صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ سيلف انٽرويو ڇاپيو آهي. ان جو مھاڳ اجهو هيئن آهي:
”هيڏانھن ٻڌين ٿو؟“..... ”هون“
”جيڪا ڳالھہ پڇ ان جو جواب..... هون.... اهو لکڻ کُٽندو يا نہ.... پُٽهين کي بخار ٿي پيو آهي.... دوا آڻي ڏيندي يا ايڌيءَ وارن کي فون ڪرڻي پوندي؟“
”بس باقي ٻہ صفحا آهن، اجائي ڪاوڙ نہ ڪر....“
”هيءَ سرڪاري لکپڙهہ؟... ڏسان؟“
”تون ڏسي ڇا ڪندينءَ؟“
”هي ڪھڙا اُبتا سبتا مضمونَ ۽ شعر لکيا اٿئي؟ اهي سيٺ وڏا ڪير آهن جن اناج، گيھہ، کنڊ ۽ چانور جا چاليھہ ڀانڊا ڀري رکيا آهن تہ اجهي ٿا وارا نيارا ٿين!... ڀلا وڏي وَرَ ڌڻيءَ اهو ڪھڙ واڻيون کڻايو آهي. جنھن جي خبر صوبيدار سڻڀي خان کي اڃا تائين پئجي ڪانہ سگهي آهي؟“
سندس عمر جي آخر ۾ زخمي صاحب جا دوست هليا ويا، جن ۾ خصوصا سوز هالائي، حميد شھيد ۽ يعقوب انيس جي وڃڻ جو هن کي ڏک هو. هُو بلڪل اڪيلو ٿي ويو ۽ دوڪان بند ڪري گهر ۾ قيد ٿي ويو.
اسان لاءِ ملاقات مشڪل بڻجي وئي ان کانپوءِ سڃاڻڻ بہ ڇڏي ڏنائين پاڻ ان لاءِ لکيائين:
جنھن کي سڀئي ڇڏي ويا محبوب يار دوست،
تارا تڪيندي رات گذاريندو ڇا ڪندو؟
ديوانہ وار چاڪِ گريبان ڪير گُهمي،
’زخمي‘ الاجي پاڻ کي ماريندو ڇا ڪندو!
چئجي ٿو کپي کپي کپي ليڪن کپئي نہ ٿو،
سو پاڻ کي بہ نيٺ کپائيندو ڇا ڪندو!.
زخمي صاحب اردو ۾ بہ شاعري ڪئي آهي، هڪ مثال هن ريت آهي:
جب بھی گرھن لگا قمر میں ہے،
درد اٹھا میرے جگر میں ہے،
پتلیون کا یہ کھیل ہے 'زخمی'
ڈور ھلتی بڑے شھر میں ہے۔
*****
غزل
هن وٽ جام تي پئي جام آيو
اسان وٽ تنھنجو مٺڙو نام آيو
عدؤ ڀانيو تہ ٿي آهي عنايت
مگر هن لاءِ پي فرجام آيو
پڪاريو دار وارن ڪير ايندو
صنم کي ياد منھنجو نام آيو
سڀئي صياد آڏو سر نِگُون هئا
نظر پئي نينھن جو نيلام آيو
وري پيو محتسب توکي سڏائي
وري ڪو تو مٿان الزام آيو
جنونِ زر جي ٿي پئي ڪاميابي
جنونِ عشق پئي ناڪام آيو
چيائين زر جي ناهي ڪا ضرورت
۽ غربت جو ڏيڻ الزام آيو
وري ’زخمي‘ ڪمايو ننگ ۽ نام
وري بي ننگ ٿي بي نام آيو
سڀئي مئخاني مان پُرباش نڪتا
مگر ’زخمي‘ آ تشنہ ڪام آيو
*****
غزل
اسان جا تہ پنهنجا بہ پنهنجا نہ ٿيا
پرايَن کي پنهنجو ڪري ڪير ٿو؟
چڻا لوهہ جا شاعري ۽ ادب
چرين کا سوا ٻيو چري ڪير ٿو؟
وٽي وه سندي آه موکيءَ مُڪي
متارن سوا ٻيو مري ڪير ٿو؟
چُڪي جن چَکي سي کرڻ کي کريا
کرين کان سواءِ ٻيو کري ڪير ٿو؟
سڀئي آلو ڪمبل ڍڪيو پيا هلن
سڪل ڪاٺ بنجي ٻري ڪير ٿو؟
ڀڳل آه انصاف جي ساهمي
ڪري ڪير ٿو ۽ ڀري ڪير ٿو؟
سڀن کي ضرورت آ ’زخمي‘ ڪيو
هتي محبتن لئه مري ڪير ٿو؟
*****
غزل
ڪيئن تنھنجي دل جو يار درِ بند وا ڪجي
هن آهِ نارسا کي ڀلا ڪئين رسا ڪجي
هن درد و غم ۽ رنج و والم کي وداع ڪجي
”مدت ٿي ويئي آه ڪا محفل بپا ڪجي“
هڪ منھنجو ٿي رهين ۽ ٻيو وسري وڃئي رقيب
ان کان وڌيڪ ٻي ڀلا ڪھڙي دعا ڪجي
گر تو آ پاڻ ڪئي دلِ عشاق نيم نيم
دو نيم تنھنجو ڇو نہ پو زلفِ دوتا ڪجي
راضي هجين خفا هجين تو ساڻ دل لڳي
توکي ڇڏي ٻيو ڪھڙو وڃي آشنا ڪجي
خونِ جگر سان پھرين هلي سارجي وضو
پوءِ دار تي نمازِ محبت ادا ڪجي
واعظ وياج کي آ منافعو بنائيو
هاڻي انھي منجهان ئي ٿو عمرو ادا ڪجي
گيھہ، چانورن ۽ کنڊ جا ڀانڊا ڪري بليڪ
پوءِ ماربل جي مرمرين مسجد بنا ڪجي
ٻيو ڪو هجي تہ ڦوڪ سان ئي واءُ ٿي وڃي
’زخمي‘ اڳيئي مست سو مستن کي ڇا ڪجي
*****
غزل
غريب غربي ۽ پير و جوان جو خير هجي
سڄي جھان سان هالا نوان جو خير هجي
اٺن جو خير هجي ساربان جو خير هجي
غبارِ راه جو ۽ ڪاروان جو خير هجي
چمن کي چئني ڪنڊن کان آ دشمن گهيريو
’گلن جو خير هجي گلستان جو خير هجي‘
هجي ڪراچي يا ڪشمير چيچنيا يا عراق
الٰهي خير هجي ڪل جھان جو خير هجي
جڏهن محافظِ گل خود ئي ٿي پوي صياد
تہ امن ڪھڙو ٿئي ۽ ڪٿان جو خير هجي
بندي کي بم هڻو ۽ خدا کي سجدو ڪريو
زمين کي باھہ ڏيو آسمان جو خير هجي
اسان جا نالہءِ شب ۽ اوهان جي خاموشي
زبان جو خير ۽ اذنِ گران جو خير هجي
پياسا موٽي ويا بند ڇو آ مئخانو
صبو، صراحي ۽ پيرِ مُغان جو خير هجي
*****
غزل
آه رندن جي موج مستيءَ جو
محتسب کي ملال ڇا چئجي
عشق وارن مٿان هڻي فتويٰ
ٿيو آ واعظ بتال ڇا چئجي
دوستن کي سدائين ڪم آيو
ميمڻن جو هي مال ڇا چئجي
چيئين ته ايندس مگر اچان ڇالئه؟
هيءُ جوابي سوال ڇا چئجي
توکي پڻ بدگمان بنايو ويو
تھمتن جو ڪمال ڇا چئجي
تو بنا زنده ’زخميءِ‘ خسته
آه امرِ محال ڇا چئجي
*****
غزل
ڪٿي مصلحت ۾ لنوائي ڇڏيو آ
ڪٿي موقعي کي ملھائي ڇڏيو آ
ڪڏهن دل جو دروازو کولي رکيو آ
ڪڏهن ان کي تالو لڳائي ڇڏيو آ
جا ٻاري هيم لختِ دل سان جگر سان
انهي آگ کي مون اُجهائي ڇڏيو آ
سهي ڪيتري سهبي آخر ملامت
چريو پاڻ کي مون
چوائي ڇڏيو آ
الاءِ ڇو حلاج کي هاج پئي هئي
مون ’زخمي‘ چپن کي سبائي ڇڏيو آ