ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ڪتابن جي قسمت (عابد اُنڙ)

شھر ۾ ادبي ڪتابن جي هڪ وڏي دوڪان جو مالڪ منھنجو پراڻو دوست آهي. اُن ڏينھن ٻڌايائين تہ، ”ڪنھن پراڻن ڪتابن جو وڪرو ڪندڙ همراھہ کان پراڻن ڪتابن جا ٻہ ٽي کوکا هٿ آيا آهن. سودو ڪري کوکا کڻائي پنھنجي دوڪان تي اچي کوليم. ڏاڍا سٺا ۽ صاف ڪتاب نڪتا. ڪتابن جي وچ مان زرعي زمين جو هڪ ڪاغذ بہ نڪتو، جنھن ۾ مالڪ جو تفصيل، فوٽو ۽ گهر جي ايڊريس بہ لکيل آهي. مون سوچيو تہ هِن ئي شھر جي ايڊريس آهي تہ ڪاغذ، پنھنجي اصل مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏيان. سو ڄاڻايل ايڊريس تي وڃي نڪتم، پر اهو بنگلو ڪافي وقت کان بند پيل معلوم ٿيو.
پاڙي واري کان پڇيم، جنھن ٻڌايو تہ، ”هِن بنگلي جا پراڻا مالڪ گهڻا سال اڳ هي گهر کپائي هتان هليا ويا هئا. هينئر هتي رهندو ڪير بہ ڪونھي.“
دوست، ميز جي خاني مان ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو تہ، ”هي ڏس... توکي ان ڪري ٿو ڏيکاريان جو تون بہ هِن شھر جو پراڻو رولو آهين، متان هِن ادبي ڪتابن جي شوقين همراھہ کي سڃاڻندو هجين تہ هيءَ امانت اُن جي حوالي ڪري ڇڏيون.“
مون ڪاغذ هٿ ۾ جهلي ڏٺو. اُن تي نوجوان جو فوٽو لڳل هو. مون کي ڏٺل وائٺل لڳو. نالا پڙهيم تہ سمجهي ويس. هيءُ تہ نينا جو ڀاءُ هو. وڏو ڀاءُ، ادا الفت..! ايڊريس پڙهيم تہ هانءُ هٿ اچي ويو. اِن ايڊريس تي، نينا جي اسرار تي، هڪ دفعو ادا الفت سان ملڻ ويو هئس. هڪ دفعو اِن ڪري ويو هئس تہ من قسمت مھربان ٿئي ۽ بار بار اُتي وڃڻ جو موقعو ملندو رهي! پر مان پنھنجي مالي حيثيت جي ڪري ادا الفت وارن جي معيار تي پورو لھي نہ سگهيو هوس... سو اُهو درُ، مون لاءِ وري نہ کُليو هو....
مون پنھنجي دوست تي اِهو ظاهر نہ ڪيو تہ مان ڪو هنن کي سڃاڻان ٿو. بس ايترو چيم تہ، ”مون کي لڳي ٿو تہ مان هنن جي ڪنھن مائٽ کي سڃاڻان ٿو. گهڻو وقت ٿي ويو آهي، پر مان پنھنجي ڪنھن ڪامن فرينڊ کان هُن جو نمبر وٺي، اُن سان ڳالھائي، هِن مسٽر الفت جي باري ۾ پڇي ڏسندس.“
مون سوچيو تہ هي دوست اِن ايڊريس تان ٿي آيو آهي ۽ اُتي هينئر ڪير بہ نٿو رهي، سو هِن ڪاغذ جي بھاني، ادا الفت وارن کي ڳولي سگهجي ٿو ۽ نينا جي باري ۾ ڪا خبر پئجي سگهي ٿي!
نينا، يونيورسٽيءَ ۾ منھنجي ڪلاس فيلو هئي. نينا پنھنجي والدين ۽ ٻن ڀائرن جو ذڪر ڪندي رهندي هئي. هڪ کائنس ننڍو ڀاءُ هو ثاقب! شھر جو هڪ وڏو ڪاروباري ادارو، نينا وارن جو هو. وڏو بنگلو، وڏيون گاڏيون، پر نينا ۾ وڏماڻائپ جو ڪامپليڪس ڪونہ هو. نينا کي منھنجي مالي حيثيت جي خبر هئي، پر هُوءَ مون سان پيار ڪرڻ لڳي هئي. نينا کي ادبي ڪتابَ پڙهڻ سان گهڻو لڳاءُ هو. شاعري، ڪھاڻيون ۽ ناول پئي پڙهندي هئي. مان کيس گُلَ ڏيندو هئس، هُوءَ مون کي مرڪون ڏيندي هئي. ويھندا هئاسين تہ ڳالھين جا وڏا ٿانَ کُلندا ويندا هئا. هڪ ٻئي کي ادبي ڪتابَ ۽ رسالا پيا پڙهائيندا هئاسين.
مون نينا تي شاعري ڪئي ۽ نينا جي لکيل شاعريءَ جي اصلاح ڪئي ۽ ڪجهہ رسالن ۾ ڇپرائي. ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، فيڪلٽيءَ وٽان پوائنٽ بس ۾ ڪونہ چڙهندا هئاسين. اُتان پنڌ ئي پنڌ ڪڏهن سنڌالاجي تہ ڪڏهن اسٽيشن تائين اچي، اُتان بس ۾ چڙهندا هئاسين تہ جيئن ڪجهہ وقت وڌيڪ، گڏ گذاريون!
ائين ڪيئي سيارا اونھارا گڏ گذريا. جهُڙ ڦُڙ، مينھن ۾ هلندا هياسين.
فائنل ايئر جي فائنل امتحان کان اڳ، نينا چيو تہ، ”آئون توهان کان سواءِ رهي ڪانہ سگهنديس. توهان پنھنجي گهر وارن کي منھنجي گهر موڪليو، منھنجو رشتو گهرو نہ...!“
مون چيو، ”مان تو سان ايترو پيار ڪريان ٿو، جو مان بہ تو کان سواءِ رهي ڪونہ سگهندس... پر اسان کي رهڻو پوندو نينا... ها، بس... خوش رهي نہ سگهنداسين..!“
نينا چوندي هئي، ”منھنجي گهر وارا الاهي سٺا آهن. توهان هڪ دفعو هنن سان ملو تہ سھي.“
مان چوندو هئس، ”بلڪل نينا، اهي الاهي سٺا ماڻھو آهن. هوُ تنھنجي لاءِ ضرور سٺو ئي سوچيندا. هُو مون کي تنھنجي لاءِ سٺو ڪونہ سمجهندا. هُو شھري ماڻھو آهن، مان ڳوٺ جو رهڻ وارو آهيان. هُو وڏا ڪاروباري ۽ سيٺ ماڻھو آهن. مان بس ٻہ ٻارا ٻنيءَ جا ۽ مڙئي مڇي مانيءَ وارا ماڻھو. هن وقت مان شاگرد ۽ بي روزگار آهيان مون کي جيستائين سٺي نوڪري ملي، ان کان اڳ تہ توکي سٺو رشتو ملي ويندو..! تنھنجا والدين واقعي ايترا سٺا آهن، جو هُو تنھنجي لاءِ سٺو گهر ڏسندا، منھنجي نوڪريءَ جو انتظار نہ ڪندا.!“
نينا کي منھنجي اهڙين ڳالھين سان الجهن ٿيندي هئي.
هڪ ڏينھن نينا چيو تہ، ”مون پنھنجي اميءَ سان ڳالھائي ڇڏيو آهي. اميءَ منھنجي وڏي ڀاءُ سان ڳالھايو آهي. هُو چون ٿا تہ توهان ادا الفت سان اچي ملو، پوءِ ادا ۽ امي جن بابا سان ڳالھائيندا. توهان اسان جي گهر اچو، ٿوري ڪوشش تہ ڪيو نہ..!“
مون چيو، ”نينا، ڪوشش مان ڪريان ٿو پر تنھنجي گهر وارن لاءِ مون ۾ ڪا ڪشش نہ آهي...“
منھنجي هڪ ڪھاڻيڪار دوست ٻڌايو هو تہ، ”الفت صاحب وارن سان منھنجي، ڪجهہ ڪامن دوستن جي ڪري سلام دعا آهي. مان تو سان گڏجي ٿو هلان، نينا جي خواهش آهي تہ ڀلا ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪو حرج نہ آهي.“
پوءِ ٿيو ائين هو تہ مان نينا جي گهر وڃي، ادا الفت سان ملي آيو هوس. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ منھنجي دوست چيو هو تہ، ”جي تون نينا کان سواءِ خوش رهي نہ سگهندين تہ تون نينا سان شادي ڪري بہ خوش رهي نہ سگهندين!“
اِها راءِ هُن، منھنجي ۽ نينا جي وچ ۾ طبقاتي فرق ڏسي ڏني هئي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ نينا مون کي ٻڌايو تہ هُن جو رشتو پنھنجي ڪنھن ويجهي عزيز سان طئہ ٿي ويو آهي. ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر آهي.
مون کي ڏک ڏاڍو ٿيو هو پر حيرت بلڪل نہ ٿي هئي.
مون هن کي رڳو ايترو چيو هو تہ، ”ڏس... مون چيو هو نہ، تہ تنھنجا گهر وارا تنھنجي لاءِ ائين ئي سوچيندا..!“
نينا مون کي شاديءَ جو ڪارڊ ڏئي. اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هو.
مان دل وڏي ڪري. شاديءَ ۾ شرڪت ڪري آيو هوس، اِهو شھر جو هڪ وڏو ڪلب هو. مون هن جو ڊاڪٽر گهوٽ اسٽيج تي ويٺل ڏٺو هو. نينا ليڊيز پورشن ۾ هئي. مون کيس ڪنوار جي روپ ۾ ڪونہ ڏٺو. سندس ساهيڙيءَ جي معرفت مون نينا کي پنھنجي هڪ وڏي پينٽگ گفٽ ڪئي هئي.
شاديءَ کان اڳ، اسان جي آخري ملاقات علامہ آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا جي مزارن وٽ پارڪ ۾ ٿي هئي. اُن ملاقات ۾ ٻئي چُپُ چُپُ هئاسين. فقط هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا هئاسين. جيئن هڪ ٻئي کي اکين سان ڪيپچر ڪري دل جي خاني ۾ هميشہ لاءِ محفوظ ڪري رهيا هجون..! اسان ڪيڏي ڪيڏي مھل مرڪي بہ رهيا هئاسين. دليون شايد رنيون هجن، پر ظاهر ڪونہ پئي ڪيوسين. مُرڪ کي بہ ڄڻ محفوظ ڪري رهيا هئاسين. مون هن جي مرڪندڙ ۽ مھڪندڙ چَپن کي ڏٺو ۽ سوچيم، ’نينا جا چَپَ ڪيڏا نہ خوبصورت آهن..!‘
منھنجي چپن کي اِنھن جو لمَس، ڪڏهن بہ نصيب نہ ٿيو.
اڄ کان پوءِ اسان ڪڏهن بہ ڪونہ ملنداسين..! ڪاش مان سندس چَپن کي پھريون ۽ آخري ڀيرو چُمي سگهان ها...! منھنجا چَپ ٿورو ڦرڪيا. هُن چپن جو ڦرڪڻ ۽ دل جو تڙپڻ، محسوس ڪري ورتو... هلڪي مُرڪَ سان چيائين، ”اڄ مان توهان کي سيڪسي ٿي لڳان ڇا...!!؟“
هُن جو سوال ڇرڪائيندڙ هو!! ڪجهہ لڄي ٿيندي چيم، ”ڪيئن...!! اهو ڪھڙو سوال آهي!؟“
چيائين، ”پھريان ڪڏهن اهڙين نظرن سان ڪونہ ڏٺو اٿوَ نہ...!“
سوچيم تہ ڇا چوان... چوي تہ سھي پئي...!
چيم، ”ها...! شايد...!!“
هُوءَ ٿورو سِرڪي وڌيڪ منھنجي ويجهو ٿي. پنھنجو چھرو، منھنجي چھري کي اڃا بہ ويجهو ڪندي چيائين، ”جَي توهان جي دل چوي ٿي تہ...!!“ هُنَ جملو اڌ ۾ روڪيو، پر مطلب پورو ٻڌائي وئي...! ڏٺم تہ هن جا چَپَ بہ ڦرڪيا... مون پنھنجا ٻئي هَٿَ هُن ڏانھن وڌائي، هُنَ جي چھري کي ٻنھي هٿن جي پيالي ۾ ائين جهليو، جيئن ڪا دعا جهلجي...!
مون پنھنجي چَپن کي هُن جي چَپن ڏانھن وڌايو..! هُن اڳواٽ ايندڙ سُرور مان اکيون بند ڪري ڇڏيون..!
مون پاڻ کي روڪي ورتو. هُن جي بند ٿيل اکين ۽ کليل چَپن کي ڏسندو رهيس. مان چميءَ جي چانئٺ تي سَر بَسجودُ ٿي ويس..! هُن جي مقدس چَپن کي پنھنجي چَپن سان گدلو ڪرڻ کان روڪي ورتم..! اُن هِڪَ سجدي سان، سموريون عبادتون سَر ڪري ورتم..!
هن جي ڳلن کي لال ٿيندي ڏٺم. هن جي چپن جي چاشنيءَ کي اکين سان چکي ورتم. هُن جي رس ڀريل چپن کي اکين ۾ ئي اوتي ڇڏيم. چند لمحن کان پوءِ هن اکيون کوليون. اسان ٻنھي جي چھرن ۾ بس ساھہ جيترو فاصلو هو. هن هڪ ڊگهو ساھہ کنيو... پنھنجي ۽ منھنجي ساهن جي گرميءَ کي گڏائي، هن ڄڻ هڪَ ڳِيتَ ڏني..! مون پاڻ کي ٿورو وٿيرڪو ڪيو ۽ هن جي چھري کي هوريان هوريان پنھنجي هٿن جي ٻُڪَ مان آزاد ڪيو. هن جي چھري تي هڪ لازوال مُرڪَ ٽڙي آئي. هن پاڻ کان پري ٿيندڙ، منھنجي ٻنھي هٿن کي پنھنجي نرم ۽ نازڪ هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيو.
آهستي پڇيائين، ”ايئن ڇو...!؟“
چيم، ”پھرين ۽ آخري چُمي، ڪٿي زندگيءَ ڀر لاءِ تنھنجي هيانوَ ۾ چَڪُ نہ بڻجي پوي..!“
هُوءَ مرڪي.. چيائين، ”خبر ٿي! مون کي هڪ چُميءَ کان سڪايو تہ سھي پر منھنجي سِڪَ جي ٿانوَ کي، بي شمار چُمين سان ڀري ڇڏيوَ! اِهو هِڪَ پلُ ئي منھنجي زندگي هو! توهان جي ڏنل چمي، ٿي سگهي ٿو تہ مون کان ڪڏهن، وسري بہ وڃي ها، پر نہ ڏنل چمي، مون کان ڪڏهن بہ وسري نہ سگهندي..! مون اکيون بند ڪري، تنھنجي چُميءِ لاءِ پنھنجن چپن کي تيار ڪري ورتو..! مون اِنَ هڪَ پَل ۾ پنھنجي مڪمل جنسي لذت ماڻي ورتي...!“
نينا پيار جي تالاب ۾، ڪپڙن سميت پسيل پئي لڳي..!
مون کي هڪ ڀوڳ ٺھي آيو. چيومانس، ”معنيٰ تون هاڻي ڪنواري نہ رهي آهين...!“
هن ٽھڪ ڏنو، ”ها...! ۽ منھنجي خوشنصيبي جو تنھنجي هٿان...!“
هِن هڪ ننڍرو ٽھڪ ڏئي، ٿورو شرمايو...!
”مون جيڏي مھل توهان کي چُمي آفر ڪئي، مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ مان هي ڇا پئي ڪريان!؟ توهان مون ڏانھن هَٿَ وڌايا تہ منھنجيون اکيون، بي اختيار بند ٿي ويون...! مون سوچيو تہ هي مرد آهي، اگر منھنجي چَپن کي چميائين تہ ڳالھہ اِتي بس ڪا نہ ڪندي...! ڪيتريون ئي چميون ۽ الاءِ ڪٿي ڪٿي، مون کي سھڻيون پونديون..! آئون بہ پاڻ کي ڪنٽرول ڪري سگهنديس الاءِ نہ...! توهان جي ساهن جي گرميءَ کي مون محسوس ۽ پنھنجي ڪنوارپ جو قيمو ٿيندي محسوس ڪيو..! توهان پاڻ کي بريڪ هڻي، وڏو بريڪ ٿرو ڪري ورتو...!“
منھنجا هٿَ، اڃا بہ هُن جي هٿن ۾ هئا. هُن ڇڪي اڃا ٿورو پاڻ ڏي سوريا...! چيائين، ”اڄ توهان مون کي پيار جو هڪ نئون روپ ڏيکاريو آهي، اهو روپ مون کان ڪڏهن ڪو نہ وسرندو...!“
اسان جڏهن موڪلايو، هميشہ جي لاءِ...! تہ هُن ويندي ويندي چيو، ”توهان جي اڻ ڏنل چُمي، منھنجي چپن سان چُھٽي پئي آهي...! ٿينڪ يو ويري مچ...!“
هُوءَ وئي هلي...!
زرعي زمين جي ڪاغذ جي بھاني نينا جي ننڍي ڀاءُ ۽ منھنجي هڪ پراڻي گڏيل دوست کان سندس متعلق پڇيم تہ هُن بہ ڪنھن ٻئي دوست کان هِن جو نمبر وٺي ڏنو. نمبر ڊائل ڪري کيس پنھنجو مختصر تعارف ڪرائي، زرعي زمين جي ڪاغذ متعلق ٻڌايم تہ هِن چيو، ”بلڪل اهي ڪتابَ ۽ ڪاغذ اسان جا ئي آهن پر ان ڪاغذ جي اسان کي هاڻي ضرورت ناهي، توهان ڀلي ضايع ڪري ڇڏيو.“ مون هن کان ڪتابن جي کوکن جي وڪري متعلق پڇيو تہ هِن ٻڌايو، ”اسان جي ڀيڻ ڪتابن جي ۽ مطالعي جي شوقين هئي. اُها شاديءَ کان پوءِ ڪراچي هلي وئي هئي. هُوءَ ڪتاب اڃا کڻي ئي ڪونہ وئي هئي تہ اسان پنھنجو اُهو بنگلو سَيل ڪري ڇڏيو هو. اسان بہ گهر خالي ڪرڻ وقت، ڪتاب ڪونہ کنيا هئا. سو اُهي ڪتاب هاڻي شايد نوَن مالڪن ڪڍي کپايا هوندا..!“
مون پڇيو تہ، ”هيترن سالن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي شوقينَ، پنھنجا ڪتاب ڪونہ سنڀاليا...!؟
”ادا ايڪچوئلي، اسان جي اُها ڀيڻ جلد ئي انتقال ڪري وئي هئي، نہ تہ سندس ڪتابَ ائين دربدر نہ ٿين ها...!!“
منھنجي سامھون زمين گهمي وئي... اکين آڏو اونداھہ ڇانئجي وئي... پيرن مان ساھہ ڇڏائي ويو... ڪَنن ۾ سانئيَي سانئيَي ٿيڻ لڳي.
پاتال مان ڪو آواز اڀريو... نينا، نينا وئي هلي...!!! اهو جملو منھنجي زبان مان نڪتو هو الاءِ آسمان مان لٿو هو...! سمجهہ ۾ نہ آيو.!! منھنجو آواز نہ پيو اُٿلي... هُن هيلو هيلو ڪري فون بند ڪري ڇڏيو... جڏهن سامت ۾ آيس تہ سوچيم، ”نينا جي دنيا، پنھنجي خوبصورتي وڃائي ويٺي هوندي، تڏهن نينا وئي هلي..!! نينا کي بدصورتي بلڪل پسند نہ هئي... تڏهن نينا وئي هلي....
خيال آيو تہ وڃي نينا جي ڀاءُ سان تعريف ڪري اچان...! پر ڪيئن! ۽ ڇو!!
نينا کي مرحوم سمجهي، هُن جي مغفرت لاءِ وڃي دعا ڪيان..؟
نہ نہ... هرگز نہ...
هُوءَ زنده آهي... پنھنجي بي پناھہ پيار سان.... پنھنجي معصوميت سان... پنھنجي خوبصورتيءَ سان.... هوُءَ مون سان گڏ آهي...
جيئري جاڳندي... زنده سلامت... بي شمار يادن جي خزاني سان... مون سان گڏ آهي...
پر مون کي افسوس ٿيو تہ... هُن جا ڪتابَ...!
الاءِ ڪيترا هئا...! الاءِ ڪيڏانھن ويا...!!
جيڪا قسمت ڪتابن جي...!!!