هڪ ڪردار جو اثر (يار محمد چانڊيو)
نئون انُ، نيون اميدون:
”زندگي! “نئين شادي شدہ جوڙي سارين جي ڇل کي اٿل ڏيندي سس پس ڪئي.
” جِيءُ ڪيانءِ.“
”پاڻي پيار، ٿورو دم بہ کڻان...“
”خالي ھيانوَ تي ھر ھر پاڻي نہ پِيءُ!... ٻہ گراھه مانيءَ جا بہ ھڻ..!“
”نہ وڻندي...“
”ھڪ اڌ گراھہ، جيڪو وڻي!“
” صفا نہ وڻندي! کائيندس تہ اصلئون اوڪارا اچي ويندا.“
” لڳي ٿو بخار ٿو نڪرئي.“
”نڪري نٿو، بلڪ آھي بخار.“
” چڱو ٻانھن وڌاءِ... ڏسان واقعي بخار آھي يا ٿڪاوٽ جي ڪري.“
ھن ٻانھن وڌائَي پنھنجي زندگيءَ جي اکين ۾ جهاتي پاتي.
”اڙي توکي تہ تيز بخار آھي؟“ زندگي، پنھنجي گهوٽ شھزاد جي طبيعت جي اچانڪ ڦيري تي فڪرمند ٿي پئي، ”رات اتر جي ھوا سيءُ ڪيو نہ... ان ڪري توکي ٿڌ لڳي ھوندي.“
”زڪام بہ ٿيو آ!“ شھزاد اچانڪ نِڇ ڏني تہ سندس زندگي، پاڻيءَ جو وٽو ڀري واپس موٽي آئي، ”ھان وٺ... ڍُڪ پاڻيءَ جو بہ ڀر ۽ ھٿ منھن ڌوئي دم بہ کڻ... مان ڇَلِ لاھي ٿي وٺان.“
”اڪيلي ڇا ڪري سگهندينءَ؟ ڏاند ھڪليندينءَ يا پلال ڇل کي ھلڪو ڪندينءَ؟!“
”سڀ ڪم ٿيندا... تون رڳو لڪڻ پڪڙي ڏاند ھڪل.“
جوانيءَ جي چائنٺ تي اچي بيٺل زندگيءَ، انگوڙو پڪڙي اچي ڇل کي پاسو ڏنو.
ڏسندي ئي واڙا نڪتا. ٽوپان آيون، ڍورن جا ٻوٿ ٻڌا ۽ ڌڙي جي صفائي ٿي.
”ٻڌ تہ...“ زندگي، اَنَ جي ڌڙي کي ڏانداريءَ سان صفايو ڪندي، شھزاد ڏي سُري آئي، ”ول ۾ ان گنج آھي!“
”شڪر آ!“ بخار ڪري، شھزاد نماڻائيءَ مان وراڻيس، ”قرضَ بہ تہ آھن ني...!“
”منھنجي دل ٿي چوي قرض بہ لھندا... اڃان اَنُ بچندو ڀي.“
”داڻا بچندا تہ ٻارنھن مھينن لاءِ گذران بہ ڪرڻو آ.“
”ان گنج ٿيندو شھزادا.“
”تنھنجي وات ۾ مصري زندگي!“ شھزاد وراڻيو، ”اڃا داڻا وڌيڪ آيا تہ توکي واليون ٺھرائي ڏيندس.“
زندگيءَ جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ چمڪ تري آئي. ھن ھٿ جي چئن آڱرين سان پنھنجي مٿي تان لھي آيل پوتيءَ کي ٺاھي شھزاد جي اکين ۾ اکيون ملائي گهوري ڏٺو.
”ڇا پيو ڏسين؟“
”ڏسان پ...يو...“
”ڇا؟“
”تون مرڪندي ڪيئن آن؟... ٽھڪ ڪيئن ڏيندين آن؟؟... ڳالھائيندين ڪيئن آن؟؟“
سارين جو ڳاھ ڳاھيندي ھنن ۾ پيار جا پيچ پختا ٿيندا رھيا...
ڳاھُ ڳاهيندي زندگي اک ٽيٽ ڪري شھزاد ڏي نھاريو، چيائينس، ”تون رڳو ڪم ٿو ڏسين ... اهو پيو هلندو... ڪجهہ مون ڏي بہ ڏس!!...“
”توکي ڇو ڏسان؟؟“
”مَنَ ڏسڻ ۾ ڪس لڳندئي ڇا؟“
”نہ تہ...“
”باقي؟“
”توکي ڏسندس تہ سيارو وسري ويندو... گرميءَ جي آڙاھ ۾ جلندس!!“
”سو وري ڪيئن؟؟“
ھن جي زندگي مُرڪندي ھن کان موڪلائي اچي ڳاھ سان نبري ۽ ھي سندس ڀريل جسم کي ڏسندو ٺرندو رھيو... ننڍڙين جادوئي اکين، سنھڙن چپن، ويڪري چھري ۽ ٻوھُ ڪارن وارن واري ڪنوار ھن جي جوانيءَ ۾ محبت جا چنڊَ اڀاريا ھيا!!
جواني جي چانئُٺ تي بيٺل زندگي اَنگُوڙو پڪڙي جڏھن اچي ڇَلِ کي پاسو ڏنو تہ دير ئي نہ ڪيائين.....
ڏسندي ئي: ول جا واڙا نڪتا، ٽوپان آيون، ڍورن جا ٻوٿ ٻڌا ويا، ڌڙي جي صفائي ٿي ۽ پوءِ وري ڦيڙھي مان وَلِ ڪڍي نئين سر ڇَلِ پئي...
”ٻڌ ته!...“ ٻپھريءَ جي آذان وقت گهر ڏي واپسي ڪندي زندگي، شھزاد ڏي سري آئي“ ول ۾ ان گنج آھي!“
”شڪر آ!“ بخار ڪري نماڻائي مان وراڻيائين، ”قرض بہ تہ آھن ني!!“
”منھنجي دل ٿي چوي قرض بہ لھندا ...اڃان ان بچندو ڀي...“
”داڻا بچندا تہ ٻارنھن مھينن لاءِ گذران بہ ڪرڻو آ!!“
”اَنُ گنج ٿيندو شھزادا!“
”اڃا داڻا وڌيڪ آيا تہ توکي سونيون واليون ٺھرائي ڏيندس!!“
زندگيءَ جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ چمڪ تري آئي. ھن ھٿ جي چئن آڱرين سان پنھنجي مٿي تان لھي آيل پوتيءَ کي ٺاھي شھزاد جي اکين ۾ اکيون ملائي گهوري پڇيوـ
”ڇا پيو ڏسين؟“
”ڏسان پ...يو...!!“
”ڇا؟“
”تون مرڪندين ڪيئن آن؟... ٽھڪ ڪيئن ڏيندين آن؟؟... ڳالھائيندين ڪيئن آن؟؟!...“
شھزاد جي پيار ڀرين ادائن، زندگيءَ جي اکين ۾ خوشيءَ جون ريکائون اڀاريون، چيائينس، ”مان ايتري پياري آھيانءِ؟“
”ھا!“
”ڇو آھيانءِ؟“
”سونھن دلين ۾ گهر ٺاھيندي آ... اکين ۾ رقص ڪندي آ!!“
”مان سونھن تہ نہ آھيان، مان تہ زندگي آھيان!!..“
گهر ايندي زندگي گهر جي ڪم کي لڳي وئي. چانور چاڙھي ھن شھزاد سان گڏجي ٻہ چار گراھہ ھنيا ۽ پوءِ ٿانوَ آگهارڻ مان جيئن ئي واندي ٿي تہ ھن صابڻ کڻي پنھنجي ويڪري اجري چھري کي وڌيڪ اجرو ڪري ڪپڙا مٽايا تہ شھزاد بہ نلڪو ھلائي گيڙو کائي ڪپڙا مٽايا، وارن کي ڦڻي ڏني ۽ پوءِ ھُو پاڻ کي ٿورو ھلڪو محسوس ڪري الماڙيءَ ۾ رکيل پين پنا کڻي واپس ديري تي اچي اَنَ جي واھُتَ ڪرڻ لڳو.
ديري تي ويٺي شھزاد پنھنجي پراڻي لکيل ڪھاڻيءَ تي نظر ڦيري ۽ پوءِ لکڻ لڳو:
”معصوم مارئيءَ، ساھيڙيءَ جي محبت خاطر ڇا ڇا نہ ڪيو!... پنھنجي ساھيڙي وينگس جي دل رکڻ لاءِ شوڪت کان جدائي قبولي... پر شوڪت دل جي ھٿان مجبور ھو. شوڪت ڪيتريون راتيون مارئيءَ جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ جدائيءَ جي راز کان بي خبر ٿي تنھايون قبوليون، پر پوئتي ھڪ نگاھ سان واجهايو بہ نہ!! رستي ويندي منتظر بيٺل وينگس کي ڪيئي ڀيرا چيو ھيائين، ”وينگس! مون کي تنھنجي محبت جو قدر آھي... ليڪن مان مجبور آھيان. مـنھنجي دل تو سان نٿي ڀيچي... مون کي معاف ڪجانءِ. مان مارئيءَ لاءِ ماندو آھيان.“ وينگس، مارئي وٽ ميڙ بہ ڪري وئي، پر شوڪت نہ جهڪڻو ھو نہ جهڪيو. ضد تي بيھي رھيو تہ مارئي کان بہ رسي ويو... ۽ مارئي...
شھزاد قلم سنڀالي ڪردارن جي عڪاسي ڪري مسلسل لکي پنھنجي اڻ پوري ڪھاڻيءَ کي جيئين ئي مڪمل ڪيو تہ سج لٿي جي اونداھڙي ٿيندي دير ئي نہ ٿي ۽ پوءِ ھُو پين پنا سنڀالي گهر موٽي آيو.
”زندگي!“ گهر پھچندي ھن سڏ ڪيو.
”جي... جي... اچي وئين!“
”ھا!“
”دير ڇو ڪيَئي؟“
”ڪھاڻي اڌوري رھيل ھئي، لکيم!...“
”ڪھاڻيون اڃا بہ لکندو آن ڇا؟“
”ھا!“
”پوءِ ٽي ويءَ جي ڪنھن ڊرامي ۾ آيو تہ ناھين ڪڏھين؟“
”ڪھاڻيڪار صرف ڪھاڻيون لکندا آھن... انھن کي ڊرامن جو روپ ڏيڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ وري ٻين جو ڪم ھوندو آھي.“
”پوءِ اھڙي سکڻي ڪھاڻي لکڻ مان ڪھڙو فائدو! ماڻھو ڪھاڻي لکي تہ غزل صديق، فضيلا قاضي ۽ قيصر نظاماڻيءَ جي ڊرامن جھڙي ... ھُو ڪراڙا تہ ڏس..!“
”ڪھڙا ڪراڙا؟“ شھزادَ، ڪھاڻي لکڻ جي ڳالھ ڪري ڄڻ ڦاسي پيو.
”سڪينہ سمون ۽ نورمحمد لاشاري ڏس...“
شھزاد کان ٽھڪ نڪري ويو، پڇيائينس، ”رات جي ماني پچائي اٿئي ڀلا؟“
”ھا!“
”ھاڻي ڇا ڪندينءَ“
”سومھڻيءَ جي نماز پڙھنديس!“
”ڇڏ نماز کي حالي!“
”ڇو؟“
”سومھڻيءَ جي اذان ۾ اڃا ڪجهہ وقت پيو آ... تيسيتائين اچ تہ توکي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌايان.“
شھزاد، زندگيءَ کي ھٿ کان پڪڙي اندر ڪمري ۾ وٺي آيو.
”تون بتي ٻاري وٺ تہ مان ڪھاڻيءَ جا وکريل پنا گڏايان!“
ڪمري جي انڌيري ۾ بتي روشن ٿي تہ ٻئي ڄڻا گڏجي وڇايل بستري تي سوڙھا ٿي اچي ويٺا.
”ڪھاڻيءَ جو نالو آھي قرباني!“ شھزادُ پنا کولي شروع ٿي ويو.
”ڪھاڻي نہ چئو!“
”باقي ڇا چوان؟“
”ڊرامو چئو!“
”ھا ڊرامو سمجهه!“
”چڱو ھاڻي ٻڌاءِ؟“
”مارئي، شوڪت جي دل جو آئينو ھئي. آئينو! جھڙي مھل دل ڪڍندي ھيس. تھڙي مھل آئيني ۾ ليئو پائي مُرڪي وٺندو ھو. پنھنجي خوبصورت ماسات مارئيءَ جي پيار ۾ ھن ڪيترائي جتن ڪٽيا. ٻَگه پکي ماري ان جي خون سان سيد صالح شاھ کان تعويذ ڪرايائين. تعويذن اثر نہ ڪيو تہ ھن ماسيءَ سان قرب جي بھاني سندن خدمت چاڪري شروع ڪئي. مليريا جو تيز بخار نڪرندي، شوڪت ھڪ ڏينھن مارئيءَ کي شھر ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو. رت جي ٽيسٽ ٿيندي. جڏھن شوڪت اکيون ٻوٽي ڇڏيون ھيون تہ تڏھن مارئيءَ ڏسي ورتو ھيس. شھر کان واپسيءَ تي ھن پنھنجي مارئيءَ کي کوڙ ساريون شيون وٺي ڏنيون. شيشي جون چوڙيون، سرخي، پائوڊر، ڪانٽا، بڪلَ ۽ کائڻ لاءِ گرم پڪوڙا ۽ سموسا بہ ورتا ھيائين!
”ماسات!“
”جي!“ شھر کان واپسيءَ تي ھنن جي گفتگو شروع ٿي ھئي.
”جڏھن ڪمپائوڊر رت جي ٽيسٽ لاءِ سُئيءَ سان منھنجو رت ٿَي ڪڍيو، تڏھن تو اکيون ڇو بند ڪيون ھيون!؟“
”مون کي ايذاءُ ٿَي آيو!“
”ڇو؟“
”ڇو تہ تون مون کي ھر شئي کان وڌيڪ آھين. پنھنجي جان کان بہ وڌيڪ.“
”پوءِ مان تو کان ڪجهہ گهران تہ نھڪر نہ ڪندين!“
”ڪڏھن بہ نہ!“
”سوچي وٺ... متان ڦري وڃين!!“
”آزمائي ڏسجانءِ ڪڏھن؟“
”ڪڏھن ڇو؟ مان اڄ ئي توکي آزمائي ڏسنديس تہ تون منھنجي حڪم کي مڃين ٿو يا نہ؟“
”مڃان تہ؟“
”تنھنجي محبت سچي!!“
”۽ نہ مڃان تہ پوءِ...؟!“
”تون ڪوڙو... تنھنجي محبت ڪوڙي...“
ان پل ڪيترين اداس نگاھن سان شوڪتَ، مارئيءَ جي اکين ۾ تَڪيو ھو، ڄڻ کيس پنھنجي محبت جو يقين ڏياريندو ھجي.
”تون اگر مون سان محبت ڪندو آھين تہ منھنجو چوڻ مڃجانءِ!“
”تون چئي تہ ڏس!“
”تون وينگس سان شادي ڪر... ھُوءَ تو سان پيار ڪندي آ. تو سواءِ ھُوءَ مري ويـندي.“
”۽ مان جو تو سان پيار ڪندو آھيان؟!“
”مان تہ ناھيان ڪندي نہ!“
”ڪوڙ!“
”سچ!“
”پوءِ مون ڏي ڏسي ٺرندي ڇو آن؟... گهر اچان تہ فرج مان ٿڌو پاڻي ڀري ڇو بيھي رهندي آن؟ جلديءَ ۾ بوتل ڇو گهرائي وٺندي آن؟ بوتل کان پوءِ چانھہ ڇو پياريندي آن؟ ۽ پوءِ موڪلائڻ مھل منھنجو بوٽ ڇو صاف ڪندي آن؟“
”ماساتُ آن، ان جي ڪري. رت جا رشتا آھن آخر!“
”تون مون سان پيار ناھين ڪندي؟“
”ڪڏھن بہ نہ!“
”باقي ڪنھن سان پيار ڪندي آن؟“
”ڪنھن سان بہ نہ!“
”ڇو؟“
”پيار آھي ڇا؟ مون ان بابت ڪڏھن سوچيو بہ ناھي...“
”مان انتظار ڪيان! جڏھين تون سوچين؟“
”نہ!“
”ڇو؟“
”مان شادي نہ ڪنديَس!“
”مان بہ نہ ڪندس!!“
”شادي توکي ھر صورت ۾ ڪرڻي آ!“
”نہ ڪندس!“
”اگر تون مون سان محبت ڪندو آھين تہ منھنجو چوڻ وٺ! نہ تہ سمجهنديس تنھنجي محبت ڪوڙي.“
”وڌيڪ نہ چئہ! مان شادي ڪندس. تنھنجو حڪم اکين تي...توکان ڏور ھليو ويندس. پنھنجي ويجهو وري نہ ڏسندينءَ مارئي! ليڪن شادي وينگس سان ڪيان، اھو ضروري تہ ناھي نہ.“
”ضروري آھي!“ مارئيءَ جو ضد برقرار ھو، ”ڇو تہ مان وينگس کي تو سان شادي ڪرائڻ جي پڪ ڪرائي چڪي آھيان.“
ٻيو ڏينھن ٿيندي، شوڪت پنھنجي ماءُ کي وينگس جي گهر وارن ڏانھن وٺي پنھنجو رشتو پڪو ڪري آيو. وينگس خوشيون ملھايون.
شوڪت، مارئيءَ کان دور ھليو ويو ۽ پوءِ سندن شاديءَ جي رات بہ اچي پھتي. شاديءَ رات مارئيءَ جيئن ئي وينگس جي گهران موٽي تہ ھن جو اکيون ڇُلڪي پيون. ڪي پل وِھاڻي ۾ منھن لڪائي سُڏڪندي رھي ۽ پوءِ دير سان ھڪ چٺي لکيائين، ”مون ڇا ڪيو؟ پنھنجي محبت جو ڳلو پاڻ گهٽيو. مون وينگس جا ڳوڙھا اگهندي، پنھنجي دل جي درد کي ڇو لڪايو؟“
...۽ پوءِ شاديءَ جي ان ئي رات مارئيءَ زھر پي خودڪشي ڪري ڇڏي. ھن جي ارمانن ۽ حياتيءَ جو ڏيئو ھميشه لاءِ وسامي ويو..!
”بس ڪر!... ھاڻي بس... ڪر.“ زندگي ڪھاڻي ٻڌندي سڏڪي پئي. احتجاچ وارَي چيائين، ”ٽي وي ڊرامن وارن ڏي ڪھڙو ڏوھ؟ تون بہ تہ ظلم ڪيو. مارئيءَ آپگهات ڇو ڪيو؟ ھن جي سچي محبت ڪامياب ڇو نہ ٿي؟؟ تنھنجو ڊرامو ڪوڙو آھي! تون بہ ڪوڙو آن! ھَٽ پري مون کان... نہ لاءِ ھٿ مون کي ۽ نہ ئي ويجهو اچ!!“
”ڇو؟“
”مَٽائي ٻيھر لک!“
”ڇا لکان!؟“
”لک تہ مارئيءَ جي محبت سچي ھئي!“
”اھو ئي تہ لکيو اٿم!“
”ڪٿي لکيو ٿِي؟“ تون لکيو آ تہ مارئي خودڪشي ڪري ڇڏي!“
”ھا!“
”نہ... مارئي نہ مرندي!“
”مري بہ وئي!“
”نہ! مارئيءَ کي جيئار!“
”مُئا ڪڏھن بہ جيئرا ناھن ٿيندا... ھن خودڪشي ڪئي... ھاڻي ھن کي ڪير بہ موٽائي نہ سگهندو... نہ تون... نہ مان.... ۽ نہ ئي منھنجو قلم..!“
زندگيءَ جا ڳوڙھا سڄي رات نہ سُڪا!
ٻيو ڏينھن ٿيو تہ سويري ڳاھ تي ويندي زندگي بيمار ٿي پئي. سموري ڇَلِ جو ڪم شھزاد کي ڪرڻو پيو!!